سائنس، علم ۽ رسالا

ڪَڻي مان ڪيچَ

پروفيسر رشيده ڀٽي جو لکيل هي ڪتاب انتهائي ڪارائتو آهي. جيڪو عام ماڻهوءَ کي غذا جي فائدي ۽ علاج جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ ڏيئي ٿو. قدرت جو ڪارخانو عجيب آهي. هتي شين جو پاڻ ۾ مضبوط لاڳاپو آهي. اُهي چاهي گڏوگڏ هلنديون هجن يا بنهه هڪٻئي جي اُبتڙ هجن. گرمين جون ڀاڄيون ۽ ميوا مزاج ۾ معتدل ۽ جسم ۾ پاڻي جي مقدار کي گهٽ ٿيڻ نه ٿا ڏين. ساڳيءَ ريت سياري ۾ پيدا ٿيندڙ غذا گرم ۽ جسم جي مدافعتي مزاج کي فعال بڻائي ٿي. ساڳي وقت موسمي اثر ۽ بيمارين کان بچائي ٿي. رشيده پنهنجي هن ڪتاب ۾ ڪافي حد تائين غذا متعلق انيڪ پهلو واضع ڪيا آهن.
Title Cover of book ڪَڻي مان ڪيچَ

سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ فزيالاجي شعبي جي اسسٽنٽ پروفيسر مسز رشيده ڀٽي سان مشتاق علي اڄڻ جي ڳالهه ٻولهه

مانواري محترمه رشيده ڀٽي صاحبه سنڌ يونيورسٽي جي فزيالاجي شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر جي اهم عهدي تي فائز آهن. پاڻ درس تدريس جي ذميوارين کان علاوه گهرو ذميواريون به تمام خوش اسلوبيءَ سان سرانجام ڏئي رهيون آهن. هڪ استاد جي حيثيت ۾ سندن وڏو تدريسي تجربو آهي. اسان ٻارن جي تربيت جي باري ۾ هڪ ماءُ جي حيثيت سان ساڻس ڳالهه ٻولهه ڪئي جيڪا هتي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪري رهيا آهيون. (عبرت اخبار)
* *
س: توهان هتي اسسٽنٽ پروفيسر جي عُهدي تي اَهم فرائض انجام ڏئي رهيون آهيو ۽ ان سان گڏوگڏ گهر ۾ هڪ ماءُ جون ذميواريون به سرانجام ڏئي رهيون آهيو؟ اسان کي ٻڌايو ته توهان ٻنهي ڳالهين ۾ توازن ڪيئن برقرار رکو ٿيون؟
ج: هر ڪم جو ”وقت“ ورهايل آهي. هر ڪم وقت تي ڪبو ته پاڻمرادو آساني پيدا ٿي ويندي آهي. توازن کي برقرار رکڻ پنهنجي هٿ ۾ آهي. جيڪڏهن خاتون ڪو جاب ڪري ٿي ۽ ذميواري محسوس ڪري، چاهي ته ٻنهي پاسي ڌيان ڏئي سگهي ٿي.
س: ڇا انهن حالتن ۾ توهان گهر، منهنجو مطلب آهي ٻارن ۽ جاب سان انصاف ڪريو ٿيون؟
ج: بلڪل انصاف ڪريان ٿي ۽ آرام سان نڀاهيان ٿي بلڪه خوش اسلوبي سان نڀاهيان ٿي.
س: ٻارڙن جي تربيت لاءِ اوهان ”آيا“ جون خدمتون وٺو ٿيون يا نه؟
ج: ٻارڙن جي ڪم ڪار لاءِ ته ”آيا“ جون خدمتون وٺي سگهجن ٿيو، پر ٻارن جي ”سنڀال ۽ تربيت“ ”ماءُ“ جي ذميواري آهي. ٻارن جي سنڀال لاءِ تربيت جو سوال آهي ته ان سلسلي ۾ منهنجو موقف اهو آهي ته ٻار جي صحيح تربيت لاءِ ان جي اخلاقي تعمير ضروري آهي ۽ ان لاءِ ماءُ ئي هڪ مؤثر ذريعو آهي. هڪ ”ماءُ“ ئي ٻارن جي بهترين تربيت ڪري سگهي ٿي
س: ٻار جي تربيت لاءِ ماءُ جو پڙهيل هجڻ ضروري آهي يا نه؟
ج: تعليم ته هر انسان لاءِ ضروري آهي ۽ هڪ ماءُ لاءِ به ضروري آهي، ليڪن هڪ سمجهدار عورت جيڪا پڙهيل نه آهي سان پڻ ٻار جي سٺي پرورش ڪري سگهي ٿي. ماضيءَ جا اِهڙا بيشمار مثال موجود آهن. پر جيڪڏهن ماءُ پڙهيل هوندي ته سمجهو ته هڪ خاندان پڙهيل هوندو.
س: صفائي ڏانهن ٻار جو لاڙو ڪيئن پيدا ڪجي؟
ج: حديث شريف ۾ آهي ته صفائي ”نصف ايمان“ آهي. جيڪڏهن ماءُ صفائي جي قائل هوندي ته اها چاهيندي ته سندس ٻار به صاف سٿرو هجي ۽ ظاهر آهي ته اهو ٻار جيئن عمر جي پختگي طرف وڌندو ته صفائي طرف سندس لاڙو وڌندو منهنجي خيال ۾ ان جو دارو مدار گهر ۾ موجود ٻين فردن جي صفائي طرف رجحان تي به آهي.
س: اڄڪلهه جي حالتن کي ڏسندي اهو ضروري ٿي ويو آهي ته ٻارن کي قومي ذميوارين کي اڳتي هلي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ڪيو وڃي، ان لاءِ انهن جي ڪهڙي قسم جي پرورش ضروري آهي؟
ج: اول ته ٻار کي انهن (قومي) ذميوارين بابت ڄاڻ ڏني وڃي ته اهي ڇو ضروري آهن ۽ ان بعد انهن کي نڀائڻ لاءِ ٻارن ۾ ذهني ۽ نفسياتي آمادگي پيدا ڪئي وڃي ته جيئن منجهس انهن ذميوارين کان نٽائڻ لاءِ ڪابه ڪسر نه رهجي وڃي. ٻارن ۾ مطالعي جو شوق پيدا ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته کين سٺا ۽ معياري ڪتاب ڏنا وڃن جن ۾ ٻارن لاءِ دلچسپ مواد هئڻ گهرجي. ائين نه هجي ته ٻار کي هڪ خشڪ ڪتاب ڏئي ليڪچر ڏجي ته هن ۾ سٺيون ڳالهيون آهن ۽ توکي ضروري پڙهڻو پوندو. ان سان ٻار جي ذهن تي الٽو خراب اثر پوندو ۽ مطالعي کان پري ڀڄندو. ان سلسلي ۾ ٻار کي شروع ۾ اهڙا ڪتاب ڏنا وڃن جن ۾ دلچسپ ۽ ننڍڙيون ڪهاڻيون وغيره هجن ڇو ته هر ٻار ڪهاڻين جو شوقين هوندو آهي تنهن ڪري شروعات ۾ جيڪي خشڪ مضمون هجن انهن ۾ ٿوري دلچسپي پيدا ڪئي وڃي ته ٻار کي اهي مضمون چڱي حد تائين ذهن نشين ٿيندا ويندا ۽ جيئن جيئن ٻار جي عمر وڌندي تيئن کيس معيار مطابق ڪتاب مطالعي لاءِ ڏنا وڃن. ان سلسلي ۾ کيس آزاد ڇڏيو وڃي ته اهو ڪهڙي موضوع طرف ڌيان ڏئي ٿو. مطالعي جي عادت سان ئي ٻار ۾ قومي ذميوارين جو اِحساس پيدا ٿي سگهي ٿو.
س: ٻارڙن کي سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ کپي يا نه؟
ج: بلڪل وٺڻ کپي، ڇو ته انسان سماج جو هڪ حصو آهي ۽ سماج ۾ هڪ نمايان مقام حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته سماجي سرگرمين ۾ حصو ورتو وڃي.
س: اڄڪلهه ويڊيو، گيمز وغيره جو زمانو آهي؟ اِن باري ۾ اوهان ڇا ٿا سوچيو؟
ج: اڄ جي ترقي يافته دور ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، تيزيءَ سان ڦهلاءُ ۾ آهن. زماني جي رفتار سان هلڻ ۾ ئي عقلمندي آهي. هر نئين ”ايجاد“ ۾ فائدن سان گڏوگڏ ڪجهه نقصان به آهن پر اِهو اسان تي منحصر آهي ته اسان مثبت انداز ۾ شين جو استعمال ڪريون. ريڊيو، ٽي وي (ٽيليوثرن)، ۽ وڊيو گيميز وغيره، اِستعمال فائديمند آهي. ضرورت صرف صحيح رخ ۾ اِستعمال جي آهي. جيڪڏهن مثبت انداز ۾ استعمال ڪيا وڃن ته ائين چئي سگهجي ٿو ته اسان انهن کي صحيح ڏس ۾ استعمال ڪري رهيا آهيون. اهي شيون انسان جي فائدي لاءِ ٺاهيون ويون آهن ۽ فائدو وٺڻ گهرجي.
س: جيڪڏهن ٻار ضد ڪري ته ان کي ڪيئن اُڪلائجي؟
ج: جيڪڏهن ٻار ضد ڪري ته ان کي صرف پيار سان ئي پرچائي سگهجي ٿو. پر جيڪڏهن پيار بدران ان کي ڇڙٻيون ڏنيون وينديون ته هو ويتر وڌيڪ ضد ڪندو ۽ نتيجي طور ان جي طبيعت ۾ هوڏ ۽ هٺ ڀرجي ويندو. تنهنڪري ٻار سان هميشه پيار سان پيش اچجي.
س: ميڊم! توهان پوسٽ گريجوئيٽس سطح تي پڙهائي رهيون آهيو؟ توهان ٻڌائيندا ته ڪا ڳالهه ٻار کي سمجهائڻ سولي آهي يا وڏن کي؟
ج: ننڍڙا ٻار گهڻو ڪري شرارتون ڪندا رهندا آهن. اها ذهانت ۾ شمار ڪئي وڃي ٿي. تنهن ڪري منهنجي خيال ۾ ٻار وڌيڪ ذهين هوندا آهن۽ انهن کي ڪا ڳالهه (ٻاراڻي انداز سان سمجهائڻ آسان آهي).
س: ٻار جي شروعاتي تعليم سندس مادري ٻولي ۾ هئڻ گهرجي ان سان توهان ڪيتريقدر مُتفق آهيو؟
ج: بلڪل، آءٌ ان سان سو سيڪڙو متفق آهيان. بلڪه اهو اسان جي ٻوليءَ جو اسان تي حق آهي ته اسان مادري ٻولي ۾ پنهنجي ٻارن کي تعليم ڏياريون. ۽ اسان کي گهرجي ته پنهنجي ٻارن کي ٻولي، وطن ۽ ثقافت سان پيار ڪرڻ سيکاريون ته جيئن هو اڳتي هلي سٺا فرد ۽ انسان بڻجي سگهن.
س: ٻارن لاءِ ڪو پيغام؟
ج: ٻارو! توهان مستقبل جا معمار آهيو، محنت ڪريو. علم حاصل ڪريو علم جي روشني سان ئي توهان جي زندگي پُر نور ٿيندي، ان سان گڏ پنهنجي ثقافت، وطن ۽ ٻولي سان پيار ڪريو. اهو توهان تي ديس جو فرض آهي.
* * *