سائنس، علم ۽ رسالا

ڪَڻي مان ڪيچَ

پروفيسر رشيده ڀٽي جو لکيل هي ڪتاب انتهائي ڪارائتو آهي. جيڪو عام ماڻهوءَ کي غذا جي فائدي ۽ علاج جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ ڏيئي ٿو. قدرت جو ڪارخانو عجيب آهي. هتي شين جو پاڻ ۾ مضبوط لاڳاپو آهي. اُهي چاهي گڏوگڏ هلنديون هجن يا بنهه هڪٻئي جي اُبتڙ هجن. گرمين جون ڀاڄيون ۽ ميوا مزاج ۾ معتدل ۽ جسم ۾ پاڻي جي مقدار کي گهٽ ٿيڻ نه ٿا ڏين. ساڳيءَ ريت سياري ۾ پيدا ٿيندڙ غذا گرم ۽ جسم جي مدافعتي مزاج کي فعال بڻائي ٿي. ساڳي وقت موسمي اثر ۽ بيمارين کان بچائي ٿي. رشيده پنهنجي هن ڪتاب ۾ ڪافي حد تائين غذا متعلق انيڪ پهلو واضع ڪيا آهن.
Title Cover of book ڪَڻي مان ڪيچَ

جڏهن نڙيءَ منجهه خارش ٿي پوي، ته ڇا ڪجي؟

عام طور تي نڙيءَ جي خارش کي انگريزيءَ منجهه اسين هيٺين ريت سمجهي سگهون ٿا، ته (Sore Throat) ڇا آهي؟ اصل ۾ گلي جي خارش کي ميڊيڪل سائنس ۾ اَڪيوٽ فيرنجائٽس (Acute Pharyngitis) سڏيو وڃي ٿو. گلي جي خارش ڪنهن بيماريءَ جو نالو نه آهي، پر اُهڃاڻ يا علامت ضرور آهي. (Symptom)، اِهڙو اُهڃاڻ يا علامت جيڪو بئڪٽيريا يا وائرل انفيڪشن جي موجودگيءَ جو احساس ڏياري ۽ خبردار ڪري. جيئن ته اسان کي خبر آهي، ته نڙي يعني ٿروٽ (Throat)، ۽ نڪ (Nose) اسان جي جسم جا سڀ کان پهريان ۽ ضروري عضوا آهن، جيڪي حفاظتي اُپاءَ وٺرائڻ ۾ مددگار ٿين ٿا ۽ ٻاهران هوا جي ذريعي، جيڪي مٽيءَ جا ذرڙا ۽ نظر نه ايندڙ ننڍڙا جيوڙا شامل هوندا آهن، تن کي يعنيAirborne organism کي اُتي جو اُتي روڪڻ ۾ مدد ڏيندا آهن، ڇو ته تنتي اوڄ (Tissues)، جيڪي اُتي موجود هوندا آهن، سي سڀ کان پهريان متاثر ٿي پوندا آهن. مثال طور: اوچتو سرديءَ جي لهر اچڻ سان، سردي ۽ زڪام يا وري نڪ جي اندر ناسن منجهه اِنفيڪشن پيدا ٿي پوندو آهي، جنهن ڪري گلي ۾ خارش محسوس ٿيندي آهي. هوا ۾ موجود جيوڙا، ۽ کَٽيِن شِين جي استعمال سان اچانڪ ايندڙ ٿڌن ڏينهن ۾ گلي ۾ خارش ٿي سگهي ٿي ۽ اهو عمل ننڍڙن ٻارن ۾ تڪڙو نظر ايندو آهي. جڏهن ته وڏن ۽ بالغ ماڻهن منجهه گهڻو ڪري وائرل اِنفيڪشن ان ڳالهه جو سبب بڻجندو آهي. سرديءَ جو لڳڻ ۽ زڪام جو پيدا ٿيڻ آهستي آهستي وڌي گلي جي خارش واري صورتحال پيدا ڪري وجهندو آهي، جنهن ڪري ڪنن ۾ پڻ خارش محسوس ٿيندي آهي ۽ ڳيت ڏيڻ ۾ ڏکيائي درپيش ايندي آهي. جڏهن ته ٻئي طرف بئڪٽيريل اِنفيڪشن جي ڪري تمام تڪڙو ۽ سُور سان گڏ هلڪو بخار به ٿي پوندو آهي. اهڙيءَ صورتحال ۾ هيٺيون علامتون نظر اينديون آهن:
(1) چڀندڙ، خارش محسوس ڪرائيندڙ احساس، جيڪو گلي (نڙيءَ) جي پوئين پاسي يعني (اندرين پاسي) محسوس ٿيندو رهڻ.
(2) سخت سور ۽ اندر ۾ گرميءَ جو احساس ڏيندڙ تڪليف، جيڪا گهڻو ڪري ڪنن ۾ به محسوس ٿيندي آهي.
(3) کاڌي کائڻ وقت، ۽ پاڻي پيئڻ وقت، يعني ڳيت ڏيڻ ۽ اُڳرڻ مهل بي انتها تڪليف محسوس ٿيڻ. مثال طور: گرهه کي اُڳرڻ مهل تڪليف محسوس ٿيڻ.
(4) آواز جو دٻجي وڃڻ.
گهڻي ڀاڱي جيڪڏهن گلي جي خارش هڪ وائرس سبب هوندي آهي، ته پوءِ ازخود ٽن کان ڏهن ڏينهن اندر خارش ختم ٿي ويندي آهي، ۽ نڙي بلڪل صاف سٿري محسوس ٿيندي آهي. پر جيڪڏهن توهان جي نڙيءَ منجهه بئڪٽيريل انفيڪشن ٿي پوي، ته پوءِ مٿي ڄاڻايل فرق واريون علامتون غور سان سمجهڻ جي ڪوشش ڪجي ۽ پوءِ جيڪڏهن پڪ سمجهجي، ته انفيڪشن بئڪٽيريل آهي، ته پوءِ لازمي طور تي توهان کي اينٽي بائيوٽڪس (Antibiotics) وٺڻيون پونديون. ادرڪ ۽ ٿوم اهڙن زخمن کي ڇٽائڻ جي صلاحيت رکن ٿا. اهي ٻيئي قدرتي طور تي ”ٽانڪ“ طور ۽ مزاحمت ڪندڙ ٻوٽا سمجهيا وڃن ٿا. جيڪڏهن توهان ادرڪ (تازي) کي چمچي وغيره تي رکي ٿورو زور ڏيئي ۽ عرق ڪڍي وٺو ۽ پوءِ ماکي (هم وزن) ملائي رات جو سمهڻ وقت کائي ڇڏيو، ته توهان کي انشاءَ الله تعاليٰ تمام جلدي آرام اچي ويندو. نڙيءَ جي خارش هجي يا وري خشڪ کنگهه ۽ ڪنن منجهه خارش محسوس ٿيندي هجي، توڙي جو گڏوگڏ نڪ منجهه خارش ۽ پاڻي ايندو هجي. بهرحال هر صورت ۾ انهن جو استعمال بي انتها فائديمند ٿئي ٿو، ڇو ته انهن جي استعمال سان نقصان ڪوبه ڪونه ٿيندو.
جيئن ئي نڙيءَ منجهه خارش شروع ٿئي، ته پاڻيءَ منجهه لوڻ ملائي، پوءِ نيم گرم ڪري، ”غراڙا“ (gargle) ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو، بنان ڪنهن سوچ ۽ ويچار جي ۽ بنان ڪنهن دير جي. پهرين ئي ڏينهن کان وٺي ان جو استعمال شروع ڪرڻ سان، ڪافي حد تائين تڪليف تي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو ۽ دوائن جي استمعال کان بچي سگهجي ٿو. نسخو هن ريت آهي: هڪ ”گلاس“ پاڻيءَ منجهه چانهه وارو اڌ چمچو ”لوڻ“ ملائي نيم گرم ڪري استعمال ڪرڻو آهي.
سموڪنگ (Smoking) يعني سگريٽ، ٻيڙي وغيره بند ڪرڻ گهرجي ۽ گهٽ ۾ گهٽ ڇهن کان اٺ گلاس پاڻي ۽ ٻيون پاڻياٺيون شيون مثال طور: سوپ وغيره، جن ۾ نه صرف ڪڪڙ (مرغي)، بلڪ دالين وغيره جو سوپ به شامل ڪري سگهجي ٿو. چوڻ جو مطلب هيءُ آهي، ته پاڻياٺ واري يعني پٽڙي غذا وڌيڪ استعمال ڪرڻ گهرجي. اسان سوپ (Soup) هر قسم جي غذا جو حاصل ڪري سگهون ٿا، اِنڪري سُوپَ جو استعمال وڌائي ڇڏجي، ته جيئن جسم منجهه پاڻياٺ جي ڪمي نه ٿي پوي ۽ اُن تي ڪنٽرول رکي سگهجي. اهڙا شربت جيڪي ڪيفين (Caffeine) تي مشتمل هجن، تن جو استعمال روڪي ڇڏجي ۽ سادا مگر گرم”سوپ“ استعمال ۾ رکي، پنهنجي ”صحت“ کي تمام سولائيءَ سان بهتر بڻائي سگهجي ٿو.
”صحت“ کي برقرار رکڻ لاءِ نه صرف ”غذا“ ۽ ”غذائي اهميت“ جي ڄاڻ ۽ سمجهه رکڻ ضروري آهي، پر گڏوگڏ اصلي ڳالهه آهي ”صفائيءَ“ جو خيال رکڻ. اسان جي نبي سڳوري حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جن جو فرمان آهي، ته ”صفائي نصف ايمان آهي“. سو ”صحت“ کي برقرار رکڻ لاءِ ”صفائي“ جو اهتمام ”گهر“ کان شروع ٿئي ٿو. توهان جو ”گهر“ صاف سٿرو هوندو، ته توهان ٻين لاءِ به نمونو بڻجي سامهون ايندؤ. جيئن چوڻي آهي، ته ”جيءُ خوش، ته جهان خوش.“ صحت آهي ته سڀ ڪجهه آهي. پنهنجي گهر جي رڌڻي کان وٺي، سڄو گهر گهاٽ ۽ پوءِ ٻاهر جو ماحول صاف سٿرو رکڻ سان ئي اسان صحتمند زندگي گذاري سگهون ٿا.
* * *