منهنجو شهر روهڙي شهر
عورتن ۽ مردن لاءِ بيهڻ جو الڳ الڳ انتظام ٿيل آهي. سڄي پاڪستان منجهان ماڻهو ايندا رهندا آهن. وار مبارڪ جو روضو مبارڪ ايران جي بادشاهه نادر شاهه ٺهرايو هُيو. هر جمعي تي رش رهندي آهي. وار مبارڪ جي روضي جي ڀرسان هڪ عاليشان مسجد جيڪا 1545ع ۾ ٺهي راس ٿي پڻ موجود آهي. هڪ ٻي عاليشان جامع مسجد پڻ روضي مبارڪ جي ڀرسان ٺهيل آهي. اها عاليشان مسجد شهنشاهه اڪبر جي گورنر فتح خان 1583ع ۾ ٺهرائي هُئي. اُن مسجد جو ڪم وڻندڙ ڳاڙهين سِرن سان ٿيل آهي. جنهن کي ٽي عاليشان گنبذ آهن. پر هاڻي اها زبون حالت ۾ آهي. ٽين عاليشان مسجد ”عيد گاهه“ آهي. جنهن کي پڻ ٽي ”قبا“ آهن. جيڪا سن 1002ع ۾ مير معصوم شاهه بکري تعمير ڪرائي هئي. ان کان علاوه هڪ ٻي مسجد مير يعقوب علي شاهه جي آهي، جيڪا سن 1677ع ۾ جوڙي وئي. هيءَ مسجد تمام وڏي وسيع، قلعي وانگر ٺهيل آهي.
سنڌو درياءَ جي ڪپ تي هڪ ٽڪريءَ مٿان ”ستين جو آستان“ ٺهيل آهي، جنهن کي اڪبر نامي ۾ ”ڪوهه هفت دختر“، لکيو ويو آهي. ڪجهه روايتن منجهان معلوم ٿئي ٿو ته اُتي معصوم بيبين جي رهائش هئي، ۽ پوءِ اُتي ئي مدفون آهن. ستين جي آستان جي ٻن فرلانگن جي پنڌ تي لئنسڊائون پل ۽ سامهون درياءَ جي ڪناري تي سکر شهر آباد آهي. جتان قدرتي منظر صبح توڙي شام جو پري پري تائين ڏسي سگهجن ٿا. هتان جي قبرستان جون سڀ قبرون پٿرن جون ٺهيل آهن، جن تي ڪاشي، چٽسالي ۽ اُڪر جو ڪم ٿيل آهي. قبرن مٿان ڪتبا، چبوترا ۽ ننڍا ننڍا مينار ٺهيل آهن، جيڪي خوبصورت سنگتراشيءَ جو مجموعو آهن
روهڙيءَ جو شهر اوڻهين صدي تائين هميشه علم ۽ فضل جو مرڪز رهيو آهي. هن شهر جي ڏکڻ ۾ درياءَ جي ڪناري تي ستين نالي هڪ جاءِ آهي. جنهن جي باري بزرگن جو چوڻ آهي ته هتي ست بيبيون دفن ٿيل آهن، جيڪي پاڻ ۾ ڀينرون هُيون جن پنهنجي عزت بچائڻ لاءِ دُعا گهري هُئي. اُتي مردن کي وڃڻ منع ٿيل آهي. صرف عورتون دُعا گهرڻ لاءِ وينديون آهن. اُن جي موجوده عمارت بکر جي گورنر مير ابوالقاسم نمڪين جوڙائي ۽ مٿس ”حُفهءِ صفا“ نالو رکيو. هو اُن وڻندڙ جاءِ تي اونهاري ۾ ويهي ڪچهريون ڪندو هُيو ۽ شهر ۾ محفلون ڪندو هُيو ۽ گڏوگڏ شاعرن جا ميلا لڳندا هُئا مير نمڪين پنهنجي حياتي ۾ دوستن، احبابن، اديبن، شاعرن ۽ عالمن سان گڏ چانڊوڪي راتين ۾ قدرتي نظارن کان ڀرپور لطف اندوز ٿيندو هُيو. ۽ گڏوگڏ شاعرن جا ميلا لڳندا هُئا ”ستين جو آستان“ درياءِ جي روهڙي شهر واري ڪناري تي بکر جي قلعي جي ڏکڻ اڀرندي ڪنڊ جي سڌ ۾ ننڍي ٽڪري تي موجود آهي، جنهن جي ٽن پاسن کان درياءِ جو پاڻي ۽ چوٿين پاسي کان خشڪ زمين آهي ان ٽڪري کي عام طرح ”ستين جو آستان“ سڏن ٿا. تاريخ جي ڪتابن ۾ ان کي ”قاسم خاني“ سڏيو ويو ۽ لکيو ويو آهي. بلا ڪمن صاحب (مترجم: آئين اڪبري، جلد اول ايشانڪ سوسائٽي بنگال) ماترالاامره ۽ ٻين ڪتابن جي حوالي سان لکي ٿو. ”لوهري جي قريب ڏکڻ طرف درياءِ جي ان شاخ تي (جنهن شاخ کي ”ڪرماتري“ جي نالي سڏين ٿا“) هڪ ننڍي ٽڪري آهي جنهن تي مير ابوالقاسم ”نمڪين“ چانڊوڪي راتين ۾ مشاعرو ڪرائيندو هيو، هن وصعيت ڪئي ته مرڻ کان پوءِ کيس اتي دفنايو وڃي، هينئر مير ابوالقاسم نمڪين جي خاندان جو اتي قبرستان آهي. نارٽن پنهنجي گزيٽيئر ۾ لکي ٿو ته روهڙي، سرسبز ۽ آباد شهر هيو. جو ٽالپري دور ۾ اتان جا شاهوڪار ماڻهو خوف سبب شهر ڇڏيندا ويا. 1521ع ۾ شاهه بيگ ارغون اتر سنڌ فتح ڪري بکر جي رضوي ساداتن کي اتان لڏائي روهڙيءَ ۾ جاگيرون ڏنيون جيڪي هينئر ”ڪوٽائي سيد“ سڏجن ٿا. شاهه بيگ سان گڏ وچ ايشا جا گهڻائي سادات سنڌ ۾ آيا. 999هه/91-1590ع ۾ اڪبر بادشاهه مير معصوم کي بکر شهر جاگير طور ڏنو، جنهن سکر ۽ روهڙي کي سينگارڻ ۾ ڪا گهٽتائي ڪانه ڪئي. روهڙي قيام پاڪستان تائين گهڻائي انقلاب ڏٺا. پر هر دور ۾ هن شهر جي اهميت برقرار رهي آهي. هتي روهڙي سيمنٽ فيڪٽري آهي. روهڙيءَ جي ٽڪرين مان هزارين ٽن چن جو پٿر ملي ٿو. هتي جي کجين جي باغن مان ساليانو هزارين مڻ ڪَتَلَ ۽ چوهارا ديسان ديس وڃن ٿا. هتي کجيءَ جي وڏي ۾ وڏي ڇوهارا منڊي آهي. روهڙيءَ ۾ پاڪستان جي وڏي ريلوي جنڪشن اسٽيشن ۽ انجڻ شيڊ به آهي. هي شهر لئنسڊائون پل ۽ ايوب پل ذريعي سکر ۽ پوري پنجاب سان ڳنڍيل آهي.
هتي وڏي ريلوي جنڪشن آهي. هر ريل گاڏي گهٽ ۾ گهٽ اڌ ڪلاڪ بيهندي آهي هتي وڏو سيمنٽ جو ڪارخانو آهي ۽ کجي، مٺي ۽ گهڻي مقدار ۾ ٿئي ٿي.اوليائين جا آستانه به گهڻا آهن. صدر الدين بادشاهه، لئنسڊائون پل جي پرين ڀر واقع آهي. ان کان علاوه حاجانا شاهه، دادو شاهه، بولان شاهه، خواجه بادشاهه ۽ علي عثماني وغيره جن جا مقبرا اڏيل آهن.
روهڙيءَ جي سامهون درياءَ جو ٻيٽ آهي، جنهن کي خواجا خضر جو آستان ڪري سڏيو ويندو. جتي اچڻ وڃڻ لاءِ ٻيڙن جو استعمال ڪيو ويندو آهي.
هن ٻيٽ تي هڪ مسجد سن 1011ع ۾ بکر جي نواب سعد خان جوڙائي جيڪا هينئر صفا ڊهي وئي آهي.
روهڙي شريف سنڌ جو هڪ تاريخي شهر آهي، روهڙي شهر جو قديمي نالو ”لوهري“ آهي. مٿس اهو نالو ڪيئن پيو؟ تنهن لاءِ به مختلف روايتون آهن. اسٽينڪونو ۽ ٻين عالمن روهڙي کي ”روڊي“ به لکيو آهي. جيڪو پڻ ڏکڻ ايشيا جو قديم ترين شهر آهي، هي سنڌو درياهه جي الهندي ڪناري تي واقع آهي، جنهن جي ڀرپاسي ۾ هزارين سالن کان تخت ۽ تاج جي راند ٿيندي رهي آهي، اروڙ اُتان کان پنج ڪلوميٽر پري آهي ته وري بکر ٿوري فاصلي تي اٿس، حسن و جمال جو هيءُ مرڪز روهڙي سب ڊويزن جي سڀني شهرن کان وڌيڪ آڳاٽو آهي. ڪنهن به (خطي) جي ادبي توڙي ثقافتي تاريخ جي مشاهدي کان سواءِ لکڻ ڏکيو ڪم آهي، سنڌ جي تاريخ ۾ روهڙيءَ کي ڪهڙي اهميت حاصل آهي، تنهن کان هر سنڌ واسي ڀلي ڀت واقف آهي، هي شهر اڄ به واڪا ڪري چئي رهيو آهي ته، منهنجو ذڪر شايان شان نموني ٿيڻ کپي. روهڙي سب ڊويزن جي تاريخ پڙهڻ وقت هڪ نيم ويران خطي ذري گهٽ، اڌ حصي کي واريءَ جي ڀٽن ۽ دڙن لاءِ وقف ڪندڙ ايراضي بک و افلاس ۽ غُربت جي تصوير پيش ڪندڙ سرزمين کي خيال ۾ رکڻ بدران، سندس شاندار ماضيءَ جا آثار ڌيان ۾ رکڻ گهرجن، هن خطي جي جيڪڏهن شاندار تاريخ آهي ته جاگرافي لحاظ کان به ڪو گهٽ نه آهي، قدرتي طرح سب ڊويزن ٽن حصن ۾ ورهايل آهي، (1) ڪچو (2) پڪو (3) ٿريا پٽ.
ڪچي جي ايراضي يعني (ڪچو) درياهه جي ويجهڙائپ سبب گهاٽن ٻيلن ۽ وڻڪار سان سينگاريل آهي، روهڙي شهر ٽڪرين جي هڪڙي شاخ تي اڏيل آهي، سکر بئراج تي جيڪو پٿر ڪم آيل آهي سو پڻ سکر ۽ روهڙي جي ٽڪرين مان کنيو ويو آهي، ستين واري آستان واري ٽڪري جيڪا روهڙي واري ريلوي پل (درياهه مٿان اڏيل آهي) جي ڀر ۾ الهندي پاسي کان آهي، جيڪا پڻ نظاري دار ٽڪري آهي ۽ اروڙ وارين ٽڪرين جي شاخ آهي. خواجه خضر جو آستان ۽ بکر جو مضبوط قلعو به درياهه جي وچ ۾ موجود ٻن ٽڪرين تي آهي. بکر وارين ٽڪرين جي ڪري مهراڻ ٻن شاخن ۾ روهڙي ۽ سکر وٽان وهي ٿو، بکر واري ٽڪري لنگهڻ کان پوءِ اهي ٻئي مهراڻ جون ٽڪريون پاڻ ۾ ساڌ ٻيلي وٽ گڏجن ٿيون، سکر ۽ بکر واري شاخ وِيڪر ۾ ٻه سو وال کن آهي ۽ ”کرڙي“ نالي سان سڏجي ٿي. بکر قلعي جي اولهندي ۾ ٻه ننڍيون ٽڪريون آهن، جيڪي ساڌ ٻيلو ۽ ”دين“ ٻيلو جي نالن سان سڏبيون هيون، شاهه ٻيلو هينئر ڦري ”ساڌ ٻيلو“ ٿي ويو آهي ۽ دين ٻيلو به ”ساڌ“ سان ڳنڍجي ويو آهي، جنهن کي اڳ ۾ سيتاس سڏبو هو، اڄ به ساڌ ٻيلي ۾ جون مهيني جي پهرين تاريخ تي ميلو لڳندو آهي ۽ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان هندو برادري جا ماڻهو اچي ميڙو مچائيندا آهن.
اروڙ جي ٽڪرين مان هندڪي دور ۾ سون ۽ چاندي کاڻين منجهان نڪرندا هئا پوءِ آهي کاڻيون ختم ٿي ويون هن وقت صرف ميٽ جون کاڻيون آهن. چُن ۽ ٽڪرين جي واري جهجهي انداز ۾ هجڻ ڪري روهڙي ۾ سيمينٽ فيڪٽري (ايسوسيئيٽ سيمينٽ فيڪٽري) جي نالي سان آڳاٽي وقت کان قائم آهي، جيڪا ملڪي ضرورتن جي پورائي ڪرڻ سان گڏ دلفريب، تفريحي ۽ معلوماتي ماڳ پڻ آهي. مهذب ملڪن ۾ پنهنجي تهذيب ۽ ريتن رسمن يا وري اهڃاڻن کي محفوظ ۽ قائم دائم رکڻ جو رواج هوندو آهي پر اسان سنڌي جيڪي لکڻ جي حد تائين موهن جي دڙي جي تهذيب سان پاڻ کي ڳنڍي ويٺا آهيون، سي پنهنجين قديم روايتن ۽ ڳالهين کي برقرار رکڻ لاءِ ڪو به اُپاءَ نه پيا وٺون ۽ ڏينهون ڏينهن اهي يادگار اُهڃاڻ ۽ نِشانيون سڀ آهستي آهستي ميساربا پيا وڃن.
پاڪستان ريلوي جي وڏي ۾ وڏي جنڪشن اسٽيشن پڻ روهڙي اسٽيشن آهي، سندس دلڪش ڊزائن ٽڪري تي ٺهيل خوبصورت ڏيک ڏيندڙ ويٽنگ روم ۽ مسافرن جي لهڻ چڙهڻ لاءِ سهڻو ڏيک ڏيندڙ پل پڻ توجهه لائق آهي. ريلوي پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو تيل ڊيپو پڻ هتي آهي، انهن سببن جي ڪري جنگ جي دوران 1965ع ۽ 1971ع واري ڏينهن ۾ روهڙي شهر مٿان گهڻا ئي ڪارا ڪڪر ڇانيل رهيا، سڄي ملڪ جي چئن صوبن کي ڳنڍيندڙ هن ريلوي اسٽيشن کي وري هڪ اهڙي مسجد آهي، جيڪا وري هوبهو لاهور واري شاهي مسجد جهڙي آهي فرق صرف ايترو آهي جو هي مسجد ٿوري ننڍي آهي، هن مسجد جو نالو عالمگير مسجد آهي، شاهي مسجد وانگر چار مينار ۽ اهي ئي ساڳي نموني جا پاسن کان حجرا دروازي وٽ به ساڳي ڊزائن هي مسجد عالمگير بادشاهه جي ياد تازي ڪيو ڇڏي. مسجد ڪچين سرن جي ٺهيل آهي، ڪچين سرن جو استعمال صرف ٽڪري جي گرمي ۽ تپش سبب ڪيو ويو آهي، ڪجهه سالن کان هن مسجد جي قديمي ساخت مسمار ڪري ان جاءِ تي هڪ نئين جديد طرز جي مسجد ۽ مدرسو قائم ڪيو ويو آهي. روهڙي شريف ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي مغليه دور جون ٺهيل مسجدون آهن، مثلاً آخوند واري مسجد، وڏن قاضين واري مسجد، ننڍن قاضين واري مسجد، سخي دين شاهه جي درگاهه جي ويجهو خواجه محمد حسن نالي ڪنهن ماڻهو پٿر ۽ پڪين سرن سان گڏ ٽن گنبذن واري عاليشان مسجد تعمير ڪرائي هئي عالمگير مسجد جي ڀرسان ريلوي اسٽيشن جي لڳو لڳ هڪ ”ڪوٽ“ نالي مير يعقوب علي شاهه آهي، مير يعقوب علي شاهه عالمگير جي زماني ۾ بکر جي نوابي ماڻي ۽ نواب مقرر ٿيو. هيءُ ڪوٽ سڄو مِٽيءَ جو ٺهيل هو، جيڪو نهايت ئي وسيع ۽ اونچو (ڊگهو) هو، سندس ٿولهه 14 فوٽن کان مٿي هئي، ڪيترن ئي هنڌن تان وقت گذرڻ سان گڏ ڀري به ويو آهي هيءُ ڪوٽ 1018 هجري کان 1085 هجري جي وچ واري عرصي ۾ جڙي راس ٿيو، هن ڪوٽ ۾ رهندڙ سيدن کي ”ڪوٽائي سيد“ سڏجي ٿو، ڪيترائي ڪوٽائي سيّد عالم ۽ شاعر ٿي گذريا آهن، مثال طور سيّد هِمّت علي شاهه، سيد امير علي شاهه ۽ لَکَڻ شاهه جن جي شاعري تي روهڙي کي ناز آهي، حقيقت ۾ هي ڪوٽ ٺهرايو ئي شهنشاهه عالمگير جي رهائش لاءِ ويو هو پر ڪن سببن جي ڪري پاڻ اتي رهائش پذير نه ٿيو موجوده وقت ۾ ڪوٽ جي پراڻي چار ديواري ختم ٿي چڪي آهي ۽ وري ٻي اڏاوت ڪچين سِرن سان ڪئي وئي آهي. ڪوٽ مير يعقوب علي شاهه جي ويجهو اُتر ۾ بزرگ ”حاصل شاهه“ جو قبو آهي، سائين حاصل شاهه کي ”جبل ڌڻي“ به سڏيندا آهن، چون ٿا ته ڄڃ سميت هتي ماريو ويو هو، پاسي ۾ سندس گهوڙي جي قبر به آهي.
درياهه ڪناري تي ”وار مُبارڪ“ واري درگاهه جي ويجهو نواب فتح خان سن 992هه ۾ جامع مسجد تعمير ڪرائي. روهڙي شهر جي اولهه ڏکڻ ڪنڊ طرف ٽڪري تي ”عيد گاهه“ موجود آهي، جيڪا تقريبن ٻن ايڪڙن تي مشتمل آهي، سڄي عيدگاهه جي چوڌاري ڀت نڪتل آهي، جنهن جي ٻن ڪنڊن ۾ ننڍا ننڍا گنبذ ٺهيل آهن، هڪ گنبذ هيٺان محراب آهي جنهن جي ٻاهرين پاسي مٿان هڪ اڇو پٿر لڳل آهي. جنهن تي ٽن سٽن ۾ هڪ ڪُتبو به اُکريل آهي. عيد گاهه مير معصوم شاهه بکري جوڙيو هو. بکر جي قديمي آثارن ۾ قدامت جي لحاظ کان روهڙيءَ واري عيد گاهه سڀ کان وڏي ۽ پهرين تي نمبر آهي. هِن کي 1002ع ۾ تعمير ڪيو ويو هيو. هِن عيد گاهه ۾ هزارين ماڻهو عيد نماز ادا ڪندا آهن. روهڙي شهر جي تاريخي ۽ جاگرافيائي اڀياس ڪرڻ کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو ته، هي شهر نه صرف هڪ تاريخ ساز حيثيت رکي ٿو پر پُر لطف نظارا ۽ کوڙ سارا مشهور ماڳ پڻ موجود آهن. ان سان گڏوگڏ روهڙي پيرن، فقيرن جو پڻ مرڪز رهيو آهي، هتي هڪ روايت مطابق سوا لک پيرن جا مقبرا ۽ گمنام قبرون آهن، شهر ۾ قدم قدم تي گنبذ وارا مقبرا ۽ مقام ڏسي اها ڳالهه مڪمل طور تي سچ لڳي ٿي ته، ان ڪري ئي روهڙي شهر کي ”روهڙي شريف“ لکجي ۽ پڙهجي ٿو، هن سلسلي ۾ جڏهن روهڙي شهر جي مشهور ۽ معروف بلند پايه تعليمدان ۽ اديب سيّد عطّا حُسين شاهه موسوي جن کان ڪنهن ڳالهه ٻولهه دوران پڇيو ويو ته ان سلسلي جي حقيقت ڇا آهي؟ ته جواب ۾ پاڻ مشڪي پيا ۽ فرمايائون ته شمع جي چوڌاري پروانن جا اڻ کٽ ۽ اڻ ڳڻيا جٿا پيا ڳارو ڏيندا آهن سو هت به اهو حال آهي، رسول مقبول حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جن جو وار مُبارڪ جو هتي آهي پوءِ پروانا ڇو نه اچي گڏ ٿيندا، ان ڪري ئي هي شهر صوفين ۽ درويشن، پيرن، فقيرن ۽ ولين جو شهر آهي، وار مُبارڪ جي عام زيارت لاءِ پهرين ذوالحج کان نائين ذوالحج تائين پري پري کان ماڻهو ڪهي اچن ٿا. جن منجهان اڪثر ڳوٺاڻا زيارت کي حج جو نالو ڏين ٿا. (حالانڪه ان کي حج چئي نٿو سگهجي) پر سندن عقيدت ۽ احترام قابل رشڪ آهي. وار مُبارڪ هڪ انتهائي ننڍڙي خوبصورت دٻي ۾ ڪپڙي ۾ بند هڪ موتين ۽ هيرن سان جڙيل (لٽي ۾) ويڙهيل آهي، وار مُبارڪ ڏيکارڻ لاءِ مقرر ٿيل مخدوم خاندان جو خليفو هٿن تي سفيد ڪُوري ڪَپڙي جا دستانا چاڙهي ۽ منهن تي خصوصن وات، سامهون رومال رکي عام ماڻهن کي وار مُبارڪ جي زيارت ڪرائي ٿو. درياهه جي ڪناري وار مُبارڪ واري درگاهه جي ويجهو نواب فتح خان سن 992هه ۾ جامع مسجد تعمير ڪرائي، ساڳي ئي ڪناري سان گڏ سُڪ پُل ويجهو هڪ بزرگ نالي حاجن شاهه عُرفِ عام ۾ ”حاجن شاهه حضوري“ بزرگ جي نالي سان مشهوري ماڻيندڙ مزار شريف آهي، جنهن کي تاريخ ۾ حاجي شاهه دريائي جي نالي سان سڏيو ويو آهي، جتي اندرين پاسي جيڪڏهن ٻنهي ديوارن کان ٻاهر ڏسبو ته، مهراڻ جون موجون سريلا سر آلا پيندي ٻڌبيون ڪجهه وکون اڳيان بلڪل سامهون لينسڊائون پل جو پر ڪيف نظارو ڏسڻ ۾ ايندو. هي پل جرمني جي ٻن ماهر ڀائرن جي ٺهيل آهي ۽ هن سان پڻ ڪيتريون ئي ڳالهيون وابسته آهن، حاجن شاهه حضوري پير تي عام ڏينهن ۾ به ميڙو متل رهندو آهي، هي درگاهه غريب، مفلس، بيمار ۽ دردمندن لاءِ ڄڻ شاهي شفا جو مرڪز آهي. مخصوص جڳهه تان مِٽيءَ جي دز چپٽي زبان تي رکندو ۽ تيل منجهان آڱر ٻوڙي سڄي جسم تي مليندو ۽ مهٽيندو اڳيان وڌندو ويندو آهي ۽ گڏوگڏ شفايابي لاءِ دعائون پڻ گهرندو ويندو آهي، هن پير جي اها خاصيت آهي ته، هتي هر ڪو نيازمند نِياز طور صرف تريل مڇي ۽ ماني آڻيندو آهي، عام طور تي ٻين بزرگن جي مزار تي مِٺايون، چانور وغيره نياز طور يا ڪا باس پوري ٿيڻ تي نذراني طور ڏني ويندي آهي. هتي ائين ڪونهي هر ڪو نيازمند صرف مڇي ماني آڻيندو آهي ۽ مزار تي ويٺل ”مجاورن“ کي ڏيندو آهي. ڪيترائي مريض مستقل طور تي اچي رهن ٿا، سادا ڳوٺاڻا عقيدن ۾ پختو ويساهه رکندڙ انسان هن بزرگ کي ”سول سرجن“ جو لقب ڏين ٿا، سندن خيال موجب هر ”مرض جي شفا هن مٽيءَ جي ذري ۽ تيل ۾ پوشيده آهي“. کيس ”مڇي ماني“ وارو پير ڪري به سڏجي ٿو. بکر ۾ شاهه صدرالدين خطيب ابنِ سيد مُحمد مَڪّي جي مزار آهي. جنهن جو اصل نالو امام الدين آهي، برگزيده بزرگِ دين آهي، اهڙين ڪرشما ساز هستين منجهان حضرت خواجه خِضر جو آستانو به هتي آهي، جنهن سان پڻ بيشمار روايتون منسوب آهن.
خواجه خضر کي مقامي ماڻهو ”زنده پير“ جي نالي سان به سڃاڻين ٿا، جيڪو آستانو بکر جي قلعي ويجهو سکر ۽ روهڙي طرف کان ويندڙ درياهه جي وچ ۾ آهي، خواجه واري آستاني جي ٻيٽاري تي هڪ مسجد سال 1011هجري ۾ نواب سعد خان بکراڻي/بکر جي علائقي جو حاڪم دور حڪومت 1007هه کان 1016هه) جوڙائي جيڪا ان ٻيٽ جي ڏاکڻي اولهه جي ڪنڊ تي شڪسته حالت ۾ موجود آهي، روهڙيءَ لڳ قديم وسندي اورڙ آهي، هتي راجا ڏاهر جو گادي وارو هنڌ هو، جنهن کي سِنڌ جي گاديءَ واري هنڌ جي حيثيت حاصل هئي، اروڙ جي ٽڪرين ۾ هندن جي ”ڪالڪان ديوي“ جا صفر مهيني ۾ مٺا لولا هر گهر ۾ پچايا ويندا آهن، نمڪين لولا، ٻڪري جي گوشت خاص طور تي پاون ۽ مُنڍي جي رهري سان کاڌا ويندا آهن، هن شهر جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي هڪ طرف آقاء نامدار حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جن جو وار مُبارڪ ٻي طرف سوا لک پيرن فقيرن، درويشن ۽ اولياء الله جون مزارون جيڪي روهڙي شريف ۾ آرامي آهن، انهن منجهان هڪ معتبر نالو آهي، حضرت فقير قادر بخش بيدل رحه جو پاڻ نه صرف الله وارا درويش ۽ صوفي فقير هئا پر اعليٰ درجي جا پڻ شاعر ٿي گذريا آهن، ريلوي لائين سان لڳو لڳ گورنمينٽ هاءِ اسڪول جي ڀرسان موجود مزار تي ذوالقعد مهيني جي 14 کان 16 تاريخ تائين ساليانو عرس مُبارڪ ۽ ادبي ڪانفرنس منعقد ڪئي وڃي ٿي. سندس عرس مُبارڪ جي موقعي تي ضلعي اندر عام موڪل ڪئي ويندي آهي.
هن بزرگ جي وفات 16 ذوالقعد سن 1285هجري ۾ ٿي. سندس لائق ۽ فائق فرزند محمد حسن جيڪو 23 سالن جي مختصر ڄمار ۾ فوت ٿي ويو هو، سو پڻ پنهنجي دور جو تمام وڏو شاعر ۽ الله وارو بزرگ ٿي گذريو آهي. درگاهه جي ٻاهران روڊ تي سيمينٽ فيڪٽري ۽ ٻين ڳوٺن ڏانهن وڃڻ لاءِ نيشنل هاءِ وي جي ڀرسان تمام خوبصورت ”بابِ بِيدل بِيڪس“ مان گذرڻو پوي ٿو، شهر جي مرڪز ۾ وقت جي وڏي وليّ ۽ غوثَ سيّد حِيدر شاهه حَقّاني جي مزار مُبارڪ به موجود آهي، ان جي ڀرسان صديون پراڻي ڪربلا مُعليّٰ جي تابوت نڪرڻ جو مَسَڪن ۽ مير جان الله شاهه عاشق جي مزار آهي، مير جان الله شاهه کي صوفي شاهه عنايت شهيد (لانگاهه) جهوڪ شريف واري بزرگ جي چوڏنهن (14) خاص خليفن ۾ مُنفرد مقام حاصل آهي، جيڪو پنهنجي وقت جو مُتقّي ۽ پرهيزگار شخص هو. جنهن لاءِ روايت آهي ته هٿ سان قرآن شريف لکي پنهنجو گذر سفر ڪندو هو، هتي صدين کان وٺي روايتي انداز ۾ محرم الحرام جا 10 ڏينهن ڏاڍي عقيدت ۽ اِحترام سان ملهايا وڃن ٿا ۽ بنا فرق جي هر طبقي جو ماڻهو ان ۾ شريڪ ٿي عقيدت جو اظهار ڪري ٿو، صوفياڻي رنگ ۾ رنڱيل عام ماڻهو پيار مُحبت امن ۽ آشتي جو مظاهرو ڪندي اڄ به هڪ ٻي جا ڏک ۽ سک جا ساٿي بڻجي هر مذهبي ڏهاڙو گڏجي ملهائين ٿا، وچ شهر کان ٿورو ٻاهر ۽ اسٽيشن ڏانهن ويندڙ روڊ کان اڳ ۾ هڪ خوبصورت باغ موجود هوندو هو، جنهن جو نالو ”باغِ جناح“ هو سو پڻ وقت جي بي رحم هٿن هٿان ماضي جو قصو بڻجي چڪو آهي، بجاءِ ان جي ته اتي وڌيڪ خوبصورتي آڻي باغ کي وڌايو وڃي ها پر ان جي برعڪس اُتي اڄ ”موٽر مڪينڪ“ ۽ ٻاهران آيل ”افغاني پٺاڻن“ جو وڏو ڪٽڪ ۽ يلغار ڏسي سچ پچ ته ماضي جو شاندار باغ صرف تصّور ۾ ئي آڻي سگهجي ٿو. منگي مل جتي اڳ ۾ ڪپڙو ۽ اليڪٽرانڪ پکا وغيره ٺاهيا ويندا هئا ۽ ٽن شفٽن ۾ سوين مزدور ۽ ڪاريگر ڪم ڪندا هئا سا پڻ هينئر کنڊرات ۾ تبديل ٿي چڪي آهي، رونقون وڃائجي ويون آهن، ساڳي ڪارخاني جي بلڪل سامهون قبرستان ۽ پهاڙ جي هيٺان هڪ ڪشادو گرائونڊ هو جتي پوري ملڪ جا رانديگر اچي راند کيڏندا هئا، پر افسوس جو اُهو به اڄ گندگيءَ جو ڍير ۽ مڪنيڪ جي دڪانن ۾ تبديل ٿي چڪو آهي ۽ گرائونڊ ڪٿي به نظر نه ٿو اچي شهر جي وچ ۾ ٻاهرين پاسي کان ريلوي اسٽيشن کان ايندي مهل ۽ شهر ڏانهن ويندي، وچ ۾ مين پرائمري اسڪول جي ڀرسان گانگوٽي گرائونڊ پڻ آهي، جتي اڳ ۾ فٽ بال ميچ ٿيندا رهندا هئا ۽ ملڪ جا ناميارا رانديگر حصو وٺندا هئا ۽ صحت تفريح جو پهريون ذريعو سمجهيو ويندو هو، اُتي به اڄ ساڳيءَ ريت گهماگهمي نظر نٿي اچي توڙي جو ميونسپل وارن مٽي وجهرائي چوديواري ڏياري آهي، بهرحال روهڙي نه صرف تاريخي اعتبار کان پر هر پهلو کان اهميت وارو شهر آهي.
* * *
تحقيقي مقالو
مددي ڪتاب
1. تاريخِ سکر (مير رحيمداد خان مولائي شيدائي)
2. سِري جا سِر مَوڙ (پروفيسر شيخ محمد فاضل) مقالو ايم اي سنڌي سال 1949ع سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو.
3. سکر ڏسڻي (ڊاڪٽر عبدالوحيد اِنڍڙ سکر، هسٽاريڪل سوسائٽي، سکر سال 2001ع)
4. روهڙي ”ماضيءَ ۽ حال“ جي آئيني ۾ (پرويز شمس الدين ڪلوڙ ، مئگزين گورنمينٽ عطا حسين شاهه موسوي ڪاليج روهڙي (2000ع کان 1999ع).
هميشه ياد رکڻ جون ڳالهيون
1. وضو نوجوانن وانگر ڪرڻ کپي
2. نِماز پوڙهن ماڻهن وانگر پڙهڻ کپي
3. دُعا هميشه ٻارڙن وانگر گهُرڻ کپي
رمضان شريف جي مهيني ۾، پهريون ڏهاڪو ”رحمت“ جي طلبي لاءِ، ٻيون ڏهاڪو ”مغفرت“ لاءِ دُعائون گهرڻ ۽ ٽيون ڏهاڪو ”نَجات“ لاءِ عاجزيءَ سان آزي نيزاري ڪرڻ لاءِ مقرر ٿيل آهي.