سائنس، علم ۽ رسالا

ڪَڻي مان ڪيچَ

پروفيسر رشيده ڀٽي جو لکيل هي ڪتاب انتهائي ڪارائتو آهي. جيڪو عام ماڻهوءَ کي غذا جي فائدي ۽ علاج جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ ڏيئي ٿو. قدرت جو ڪارخانو عجيب آهي. هتي شين جو پاڻ ۾ مضبوط لاڳاپو آهي. اُهي چاهي گڏوگڏ هلنديون هجن يا بنهه هڪٻئي جي اُبتڙ هجن. گرمين جون ڀاڄيون ۽ ميوا مزاج ۾ معتدل ۽ جسم ۾ پاڻي جي مقدار کي گهٽ ٿيڻ نه ٿا ڏين. ساڳيءَ ريت سياري ۾ پيدا ٿيندڙ غذا گرم ۽ جسم جي مدافعتي مزاج کي فعال بڻائي ٿي. ساڳي وقت موسمي اثر ۽ بيمارين کان بچائي ٿي. رشيده پنهنجي هن ڪتاب ۾ ڪافي حد تائين غذا متعلق انيڪ پهلو واضع ڪيا آهن.
Title Cover of book ڪَڻي مان ڪيچَ

پنهنجي پياري بابا سان گڏ گُذاريل لمحن جو انمول خزانو

”لِکڻ ڏين نه لُڙڪَ، ڪِريو پَون قَلم تي“
پنهنجي پياري بابا سان گڏ گُذاريل لمحن جو انمول خزانو
(ڪڏهن به نه وِسرندڙ شيون: ڪاٺ جي تختي، ڪِلڪَ ۽ ڪاري مَسُ ڪُپُڙي)

الله تعاليٰ جي بيشمار عطا ڪيل نعمتن منجهان اشرف المخلوقات لاءِ ”ياداشت جو مرڪز“ يعني دماغ، ان لحاظ کان سَرِ فهرست آهي، جو ننڍپڻ کان وٺي، شعور جون منزلون طئي ڪندي انسان لاشعوري طور تي ڪجهه ”يادگار لمحن“ کي ائين ته محفوظ ڪري ڇڏي ٿو، جو هر وقت محسوس ڪبو آهي ته ڄڻ ڪالهه ڪلهوڪا واقعا هجن. توڙي جو پٺ ورائي ڏسبو ته سالها سالن جو وقت گذري چڪو هوندو آهي. ڪجهه واقعا ڪجهه ڳالهيون اهڙيون هونديون آهن جو بغير ڪنهن سوچ سمجهه ۽ ارادي جي ”عڪس بڻجي“ دماغ جي ياداشت واري خاني ۾ هميشه هميشه لاءِ محفوظ ٿي وينديون آهن. انسان ذات لاءِ اهو به ٺيڪ نه ٿي ها جو سڀ ڪجهه حرف بحرف ياد رکي ها ۽ وري ٻي پاسي اهو به ٺيڪ نه هجي ها جو ڪجهه به ياد نه رهي ها.. بهرحال رب تعاليٰ انسان ذات کي ٻين بيشمار نعمتن سان گڏوگڏ ”ياداشت“ جهڙي ناياب نعمت سان به نوازيو. يادن جا عڪس جڏهن به انسان چاهي ته بار بار دهرائي سگهي ٿو. خاص طور تي اُهي ننڍپڻ جا يادگار لمحا جيڪي پنهنجي والدين سان گڏ گذارجن ٿا. ۽ يڪسان طور تي هر ٻار جي زندگيءَ ۾ اچن ٿا. ٻارڙو جڏهن شعور جي منزل ڏانهن وڌڻ لڳندو آهي ته والدين به ٻار سان گڏجي اُن جي رهنمائي ۽ رهبري ڪرڻ شروع ڪندا آهن. ٻارڙو شعور جي منزل ڏانهن وڌندو رهندو آهي ۽ ٻالڪپڻ جا ڪجهه لمحا عڪس بڻجي سندس دماغ ۾ يادگار طور جمع ٿيندا رهندا آهن. اهڙا لمحا هر ننڍڙي ٻار جي زندگيءَ ۾ ايندا آهن ۽ پوءِ اهي ٻارڙا لمحا به لمحا سفر ڪندي جڏهن سمجهڻ، ڳالهائڻ ۽ سوال جواب ڪرڻ واري عمر تائين پهچندا آهن ته والدين پنهنجي پنهنجي استطاعت ۽ سمجهه مطابق ٻارڙي جي ”تربيت“ ڪرڻ شروع ڪندا آهن. دراصل سڀ کان پهريان علم حاصل ڪرڻ وارو معاملو ”تربيت“ کان شروع ٿيندو آهي. جيڪا سڀ کان پهريان پنهنجي گهر کان شروع ٿئي ٿي.”تربيت“ دوران اهم ڪردار جيتوڻيڪ ”ماءُ“ جو هوندو آهي، پر گڏيل طور ”والدين“ يعني ”ماءُ ۽ پيءُ“، ٻنهي جي ذميواري هوندي آهي. ڪنهن به هڪ فرد جي نه هئڻ جو به تربيت تي وڏو اثر پوندو آهي، پوءِ وارو اچي ٿو گهر جي ٻين ڀاتين جو. يعني ته ڏاڏو، ڏاڏي، پڦيون ۽ ماسيون يعني ته ڪٽنب جا ٻيا فرد. والدين ۽ ڪٽنب جي ٻين فردن جو پاڻ ۾ ”حُسنِ اخلاق“، اُٿڻ ويهڻ جا طور طريقا دُعا سلام جا انداز، اِهي سڀ ٻارڙي جي ترتيب تي سڌو سنئون اثر انداز ٿين ٿا.
پوءِ ”تعليم“ جو وارو ايندو آهي، جيڪا پوءِ ”اسڪول“ منجهان شروع ٿيندي آهي. ان جو مطلب اهو صاف ۽ چٽو ڏسڻ ۾ آيو ته پهرين ”تربيت“ جيڪا ٻار جي والدين ۽ ڪٽنب جي ٻين ڀاتين وغيره کان شروع ٿئي ٿي ۽ پوءِ ”تعليم“ جيڪا اسڪول منجهان پرائجي ٿي ۽ ”استادن“ جي رهبري ۽ رهنمائي حاصل ٿئي ٿي. ان ڳالهه مان صاف ظاهر آهي ته ٻار جي پهرين سکڻ واري جڳهه دراصل ٻار جو گهر، گهراڻو، خاندان، ماحول، ماءُ جي محبت ۽ والد جي شفقت ۽ نظرداري آهي. ٻار پنهنجي ماءُ جي مٺي ٻولي جنهن کي سڄي دنيا ”مادري زبان“ سڏي ٿي. سکڻ ۽ سمجهداري ۽ پوءِ قوت گويائي جو سبب بڻجي ٿي. ٻار جيڪو ٻاروتڻ کان ٻڌي ٿو، ان کي ئي سهڻي ۽ سٺي نموني سمجهي سگهي ٿو ۽ پوءِ ان تي سوچي سگهي ٿو. ۽ جڏهن سوچڻ وارو عمل شروع ٿئي ٿو ته پوءِ ان تي عمل پيرا ٿيندي ڳالهائڻ جي سگهه منجهس پيدا ٿئي ٿي. ان تجزيئي منجهان اهو صاف ظاهر آهي ته جيڪو سڀ کان پهريان سوچجي ٿو سو پنهنجيءَ ٻوليءَ ۾ سوچجي ٿو ۽ پوءِ ان کي اسان لکڻ لائق بڻايون ٿا. اهوئي سبب آهي جو سڄي دنيا ۾ ”مادري ٻولي“ کي يڪسان طور تي اهميت حاصل آهي. ماءُ جي ٻڌايل ”لولي“، ”ٻار“ کي سڄي عمر ”ياد“ رهي ٿي. ٻار وٽ وڌ کان وڌ لفظن جو ذخيرو پنهنجيءَ ٻوليءَ جو محفوظ هوندو آهي. جنهن کي بوقتِ ضرورت استعمال ڪندي. ٻارڙو وڌ کان وڌ سٺي سوچ جو مظاهرو ڪندي بهتر کان بهترين ”مضمون“ لکڻ جي لائق بڻجي وڃي ٿو.
ان ڪري هر ماڻهو کي پنهنجي مادري زبان سان پيار ۽ محبت وارو رشتو، قائم رکڻ گهرجي ڇو ته ان ريت پنهنجيءَ ڌرتيءَ سان رشتو ناتو قائم و دائم رهي ٿو. هتي مان پنهنجي بابا جي هٿ اکر لکيل هڪ مضمون بعنوان ”حُبِ وَطَن“ جو (عڪس) ڏيئي رهي آهيان. ”پڙهندڙ، پڙهي محسوس ڪندا ته ماضيءَ ۾ ٻارن“ جي ڪهڙي نموني تربيت ڪئي ويندي هئي ۽ ٻي پاسي تعليم تي ”اُستاد“ صاحبان ڪيتري نه محنت ۽ جفاڪشيءَ سان ڌيان ڏيندا هئا. ”ننڍپڻ“ کان ٻارن کي هڪ خاص لفظ ڏيئي چيو ويندو هيو توهان پنهنجي طرفان ڪجهه جملا لکو، جيڪي پوءِ پئراگراف ۽ مضمون جي شڪل اختيار ڪري وٺندا هئا. مضمون لکڻ جي عادت ٻارن کي اڳتي هلي، سٺن سهڻن لفظن ۽ جملن کي ”نوٽ“ ڪرڻ جي به پابند بڻائيندي هئي.
جنهن جو ثبوت پڻ بابا جي خوبصورت صورتخطي ۾ لکيل ڪيتريون ئي سٺيون چوڻيون پهاڪا، ۽ نصيحت ڀريل نڪتن سان گڏ، اقوال زرين ۽ انمول جملا وغيره آهن، جن جو پڻ هتي ”عڪس“ ڏجي ٿو. هٿ اکرن جو عڪس حُبِ وطن مضمون.
مان جيئن ته پنهنجي والدين جو پهريون ٻار هئم، ان ڪري پنهنجي والدين جي توجه جو مرڪز به رهيم. ائين هرگز نه آهي ته والدين صرف هڪ ئي ٻار تي توجه ڏين ٿا پر جيئن ته پهريون ”ٻار“، خاندان وارن لاءِ ڄڻ ته هڪ نئون مهمان هوندو آهي. ان ڪري گهر جو هر فرد پيار جي نظر سان ڏسندو آهي. منهنجين ”يادن“ منجهه منهنجي ”بابا“ جي ”محبت ۽ شفقت“ اِئين جڙيل آهي جيئن ”تسبيح جا داڻا“ جيڪي الڳ هوندي به هميشه گڏ هوندا آهن. پهرين ٻار هجڻ ڪري بابا جو پيار ۽ محبت ائين نه هيو ته مان ”ڇوڪري“ آهيان ته ”نياڻي“ وارو رويو روا رکيو وڃي، پر هر لمحي پاڻ سان گڏ رکڻ، گهمائڻ کان وٺي پڙهائڻ ڪڏهن به اهو محسوس نه ڪرايو ته ڪو مان سندن ”ڌِيءَ“ آهيان. روهڙي کان سکر سائيڪل جو سفر هجي يا دريا پار ڪرڻ لاءِ ٻيڙين ۽ انجڻ وارين ٻيڙين جو، روهڙي اسٽيشن کان سکر تائين ٽرين جو سفر هجي، يا وري شام جو پنڌ ڪندي بيدل بيڪس تائين وڃڻو هجي يا گانگوٽي گرائونڊ ۾ فوٽ بال مئچ ڏسڻو هجي. شام جو ”جناح پارڪ“ ۾ راند روند ڪرڻي هجي يا اڳيان پنڌ ئي پنڌ ريلوي اسٽيشن جو شام جو نظارو ڏسڻو هجي پنجاب ڏانهن ويندڙ رستي تي موجود ڍنڍ ۾ پٻڻ ۽ ڪنول جا گل ڏسڻا هجن يا وري گهمندي گهمندي، گهر ڏانهن موٽندي جا نعالم شاهه ۽ شاهه حيدر شاحقاني جي مزارن کان ٿيندي، ڪربلا جي ڏول کان ٿيندي، ”بجلي گهر“ جي آفيس وٽ موجود سندن دوست چاچا ابراهيم جو گهر هجي، مطلب ته جتي بابا هُجي اتي مان به ضرور هوندي هيم، هڪ دفعي ڪنهن دوست بابا کي ان ڳالهه تي مذاق ۾ ٽوڪيو ته نياڻي کي پٽن وانگر ٿو گهمائين ته بابا اُصل صفا چڙي پيو. جواب ڏنائين ته ائين نه سوچيو هيءَ نياڻي مون لاءِ پٽن وانگر آهي. جيڪڏهن ڇوڪرو هجي ها ته به مان سندس نالو وري به ”رشيد“ ئي رکانس ها.
ڏينهن مهينا ۽ سال ته پري آهن، مون کي ته ”بابا“ سان گذاريل لمحو لمحو ياد آهي. جيڪڏهن ذري ذري کي لکبو ته هوند وڏو ڪتاب ٺهي پوي. جيڪڏهن مختصر ڪجي ته پوءِ مون کي اهو بلڪل آواز گونجي رهيو آهي ته ”چئه اُڀي ليڪ، سُمهيل ليڪ، ڊگهي ليڪ، گول، اڌ گول“. بابا مون کي الف جو اُچار ڪاٺ جي تختي تي ڪاريءَ مس سان ڪلڪ ٻوڙي ڪري لکڻ ۽ اُچارڻ سيکاريو. اسان سليٽ تي ڪاري ۽ اڇي قلم سان لکڻ شروع ڪيو ۽ بار بار اُگهي وري پوءِ پيا لکندا ۽ پڙهندا هئاسي.
بابا تختي تي لکي ڏيندا هئا ان نقطن مٿان ڪلڪ ٻوڙي لکندا هئاسي. بابا جن هٿ کان پڪڙي آڱر جهلي جڏهن لکڻ سيکاريو ته شايد ان وقت اُهو عڪس اِئين چٽجي ويو جو اڄ به ياد اٿم. ايڏي پيار ۽ محبت جي باوجود مون کي اهو ياد ڪونهي ته ڪو مون بابا جن کان ڪڏهن حجت ۾ بلڪل نه ڪجهه گهريو نه ته، خرچيءَ طور ڪجهه پئسو پائي وغيره. پيار جي باوجود هڪ اهڙو رُعب ۽ دٻدٻو هيو جو شايد اجائي ڳالهه چوڻ مناسب ئي نه لڳندي هُئي. وري شايد مان هيم ئي ائين سادي، جو ڪڏهن به ڪجهه به فرمائش مون نه ڪئي. ”نه بابا سان نه امان سان“. شايد سبب اهو هجي ته گهر ۾ بابا هر شيءَ موجود رکندا هئا ۽ اسان سان گڏ پڦيون رهنديون هُيون، جيڪي کائڻ پيئڻ جو خاص وقت سان گڏ خيال ڪنديون هيون. گهُرڻ کان اڳ ملي ويندو هيو سڀ ڪجهه. الله تعاليٰ جي فضل و ڪرم سان عمر جون منزلون طئي ڪندي، پڙهائي جون منزلون به طئي ٿينديون رهيون. بابا جن جي همت افزائي ۽ ڪوشش سان جڏهن پهريان پنج درجا پاس ڪري مان هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيم ته به منهنجي روزمره جي مشغلن ۾ ڪوبه ڦيرو نه آيو. توڙي جو درسي ڪتابن سان گڏوگڏ ديني تعليم ۽ قرآن شريف پڙهڻ شروع ٿي ويو. پوءِ به بابا سان گڏ ٻاهر گهمڻ ڦرڻ ساڳيءَ ريت رهيو.
مون کي چڱيءَ ريت ياد آهي بابا پنهنجي گهر جي اوطاق ۾ جڏهن شام جو ويهندو هيو ته در جيڪو گهٽيءَ ۾ کلندو هيو، تنهن کي بابا کولي ڇڏيندو هيو. مان به بابا سان گڏ ويهندي هيم، بابا جا دوست وغيره ايندا ويندا رهندا هئا پر بابا ڪڏهن نه چيو ته وڃ اندر وڃي ويهه. توڙي جو پڦيون ناراض به ٿينديون هيون. اسڪول اندر رانديون هجن، يا تقريري مقابلا ۽ ڊراما وغيره ٿين. ڪنهن به ڳالهه تي روڪ ٽوڪ نه ڪندا هئا. ”ننڍڙي هوندي کان مون تي اعتبار ۽ اعتماد“ هُين، جنهن ڪري مون ۾، به اهائي عادت منتقل ٿي وئي ۽ مون به هر ماڻهوءَ تي اعتبار ۽ اعتماد ڪيو. پر هاڻي وارو زمانو ٿورو مختلف آهي.
اڄ جيڪو ۽ جيترو به ”اعتماد“ ۽ بولڊنيس (Confidence and Boldness) آهي ته بابا جن جي ڪري آهي. ها اها ٻي ڳالهه آهي ته بابا کي بحث کان چڙ هوندي هئي. هڪ دفعو ”ها“ ٿي ”ها“ ۽ نه ٿي ته نه. بس ڳالهه ختم. بابا کي گهر ۾ وڏي آواز ۾ ريڊيو ٻڌڻ پسند نه هيو. فلم ڏسڻ جي اجازت به ڪڏهن ڪڏهن هوندي هئي. ائين عام جام نه هوندي هئي. مون کي بابا جو ڏنل ڌڙڪو بلڪل به ياد ڪونهي. ننڍي هوندي مان شرارتي بلڪل به نه هيم، گهڻو ڪري ”سنجيده قسم“ جي ڇوڪري هيم. ڀيڻ جي خير خبر رکڻ لاءِ شڪارپور جي سفر ۾ هميشه مون کي گڏ رکندا هئا. شڪارپور سان وابسته تلخ ”يادون“ چٽيءَ طرح ياد آهن. منهنجي بابا مئٽرڪ تائين پڙهائي ۾ بي انتها مدد ڪئي. هر سبجيڪٽ پاڻ پڙهائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا.
مان جڏهن نائين ڪلاس ۾ آيم ته ٻين ڪلاس فيلوز کي ڏسي مون کي برقعي پائڻ جو شوق ٿيو. اها ڳالهه جڏهن بابا ٻڌي ته کلي پيو. ڪيئن لڳندين برقعو پائي، هلي سگهندين؟ متان ڪري پوين؟ بابا بيشمار سوال ڪيا. ۽ جڏهن مون گهڻو ضد ڪيو ته بابا چيو تنهنجي مرضي آ. پيار ۽ محبت ڪرڻ وارو ”بابا“ جو مون تي پورو پورو ڀروسو ۽ اعتماد هيو. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ جڏهن ڪاليج جو مرحلو آيو ته روهڙيءَ ۾ ڪاليج نه هئڻ ڪري بابا سکر ڪاليج موڪلڻ تي ڪو خاص راضي نه هئا، پر الله تعاليٰ جنت الفردوس ۾ بلند درجات عطا ڪندو (آمين) منهنجي پڦي مرحومه جا، جنهن بابا کي قائل ڪيو ۽ منهنجي تعليم اڳتي وڌي. پوءِ آهستي آهستي چار سال گذري ويا ۽ مون جڏهن گرلس ڪاليج سکر مان انٽر سائنس ۽ اسلاميه ڪاليج سکر منجهان B.Sc پاس ڪئي ته هاڻي وري سوال اُڀريو ته يونيورسٽي منجهان M.Sc ڪيئن ڪجي؟ ۽ شايد نصيب منجهه هيو. ۽ وري به منهنجي پڦي جي تائيد ڪرڻ ۽ قائل ڪرڻ سان گڏوگڏ امڙ جي دعائن رنگ لاتو ۽ يونيورسٽي ۾ اچي پهتم، حالانڪه خاندان ۾ مون کان اول منهنجون ڪيتريون ئي سؤٽ، ماروٽ ڊاڪٽر وغيره هيون پر هاسٽل ۾ رهڻ، اهو بابا لاءِ پهريون تجربو هيو. ان ڳالهه جي مخالفت ڏاڏڻن ۽ ناناڻن سڀني گڏجي ڪئي، پر پوءِ به بابا پنهنجي محبتن جا گل پکيڙيندي، مون لاءِ ننڍي کان ننڍي ضرورت جي شيءِ سکر مان آندي، منهنجي ضرورت جي هر شيءِ جي لسٽ ٺاهيائين ۽ منهنجيءَ پيتي منجهه سنڀالي هڪ هڪ سامان رکيو. اڄ به مون وٽ بابا جي هٿ جا آندل سامان اڃان تائين محفوظ آهن. بابا جنهن سامان کي هٿن سان آندو ان جو ”لمس“ اڄ تائين محسوس ڪندي آهيان ۽ ڪوبه سامان ڪنهن کي به نٿي ڏيئي سگهان.
هتي ڪهڙي ڪهڙي شيءِ جو ذڪر ڪريان ڪاغذ ڀرجي ويندا. پر بابا منهنجي حق ۾ فيصلو ڪيو. ڪڏهن ڪڏهن اهي شيون سامهون نظر اچي وينديون آهن ته ائين لڳندو آهي، ڄڻ بابا سامهون بيٺا هجن. بابا کي مطالعي جو تمام گهڻو شوق هيو، روزانو اخبار پڙهڻ، رسالن ۽ ڪتابن کي پڙهڻ سان گڏوگڏ ”ڊائري“ پڻ لکندا هئا. روزمره زندگي جا خاص واقعا ۽ مطالعاتي ڄاڻ نوٽ پڻ ڪندا هئا. بابا جن جي صورتخطي مضبوط ۽ هٿ اکر بيحد سهڻا جهڙا موتين داڻا هئا. بابا جن جي ڊائري منجهان ڪجهه عڪس هيٺ ڏجن ٿا.
بابا جن بي انتها دورانديش طبعيت جا مالڪ، ننڍي وڏي شيءَ کي سنڀالي رکڻ وارا، ته جيئن ”آئي ويل ڪم اچي“ جڏهن مون روهڙيءَ کان حيدرآباد جو سفر شروع ڪيو ته بابا مون کي سلامتي سان پهچڻ جو اطلاع ڏيڻ لاءِ نه صرف زباني ڪلامي تاڪيد ڪيو پر عمليءَ طور تي پوسٽ جي لفافن تي پنهنجي هٿ اکرن سان ائڊريس تائين لکي، مون کي ڏنا ته جيئن مان پهچڻ شرط پهريون ڪم اهو ڪريان ۽ خيريت جو اطلاع بغير ڪنهن عذر جي ته ”لفافو نه مليو“، جلدي خط لکي پوسٽ ڪريان ته جيئن والدين ”سک جو ساهه کڻن“. جتي امڙ جي هٿن اڌ رات ۾ کنيل ڪوپ ۽ ساسر ۾ چانهه کي ڦوڪون ڏيندي ٿڌو ڪندي چانهه پيئڻ لاءِ آماده ڪرڻ ۽ چوڻ ته ٻاهر رستي تي ٿڌ لڳندي، ٽرين جو سفر آهي. ڪڏهن به وسري نٿو سگهي. ساڳي نموني بابا جن جو موڪلائڻ مهل، خدا حافظ چوڻ وقت پوسٽ جي لفافن کي سنڀالي هٿ ۾ ڏيڻ ۽ گهر کان ٻاهر، گهٽيءَ منجهان نڪري پپل جي وڻ هيٺان بيٺل ٽانگي تي سوار ڪرائڻ تائين، بس هڪ ئي جملو ورجائيندا رهندا هئا. ته رشيده، هاسٽل پهچڻ شرط خيريت جو اطلاع لکجانءِ، هاسٽل منجهان ڪنهن سان به ٻاهر به نڪرجانءِ، سواءِ پنهنجي مائٽن جي ۽ اجايو سجايو شهر حيدرآباد ۾ نه وڃجان ڪٿي به نه، ۽ پوءِ اسان پنهنجي والدين جي ٻڌايل ۽ ڏسيل ڳالهاين تي عمل ضرور ڪندا هئاسي. مجال جو ڪڏهن ٻن سالن جي پڙهائي دوران نه شاپنگ لاءِ وياسي ۽ نه ئي وري ڪو فلم يا ڪنهن تفريحي جڳهه تي وياسي. ڇو ته ”بابا“ جن منع ڪن ۽ اسان عمل نه ڪيون، اهو وري ڪيئن ٿيندو؟ سال 75-1974ع ۽ 76-1975ع وارو عرصو مون مارئي هاسٽل ۾ گذاريو. يونيورسٽي منجهه ليڪچرار ٿيڻ بعد سال 1978ع-1976ع تائين پوءِ به مان هاسٽل ۾ ئي رهيم. اُهو عرصو هڪ مختلف زندگي گذري. جنهن جو ذڪر ڪٿي ٻي هنڌ ڪبو.
ننڍپڻ ۾ شوق سان پاتل برقعو يونيورسٽي ۾ پڙهڻ دوران ۽ شاديءَ کان پوءِ به زيرِ استعمال رکيو. پر پوءِ بدقسمتيءَ سان 1981ع کان پوءِ آهستي آهستي گائون ۾ تبديل ڪيو. اڄ محسوس ڪريان ٿي ته ائين نه ڪرڻ کپندو هيو. پردي ڪرڻ ۾ سڀ ڪجهه حاصل ٿئي ٿو. ان ڳالهه جو احساس مون کي عمرو ادا ڪندي مديني شريف ۾ ٿيو. توڙي جو تنبيهه ڪندڙ جو طريقو ۽ انداز بلڪل غلط هُيو پر پوءِ به مون کي پنهنجي غلطيءَ جو اِحساس ضرور ٿيو ته ”پردو“ عورت لاءِ بيحد ضروري آهي. شڪر الحمد الله جو منهنجي ڊاڪٽر نياڻي (پنڪي) پردي جي پابند آهي ۽ حجاب ڪري ٿي.
بابا جن ڪنهن حد تائين ”فقيري“ طبعيت جا مالڪ هئا، توڪل برخدا، ۽ ”جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي“ تي يقين رکندڙ، بيحد ساده، پر حسّاس طبعيت جا مالڪ ۽ پهرين نظر ۾ ماڻهو جي اصليت پرکڻ جي صلاحيت جا مالڪ هئا. سندن پهرين راءِ ئي ماڻهو لاءِ حتمي محسوس ٿيندي هئي. پنهنجي وقت جي بهترين استادن کان حاصل ڪندڙ تعليم، بابا جن سنڌيءَ ۽ سان گڏوگڏ انگريزي فارسي پڻ لکي ۽ سمجهي سگهندا هئا.
انگلش تي بي انتها عبور حاصل هُين. آفيس ۾ اڪثر ماڻهو کانئن انگلش ۾ لکڻ لاءِ مدد وٺندا هئا. جڏهن پاڻ اوچتو بيمار ٿي پيا ۽ اچانڪ بيهوش ٿي ويا ته پوءِ لڳاتار 16 ڏينهن بيهوش رهيا. بابا جن آغا خان هاسپٽل ۾ ايڊمٽ هئا ۽ ڊاڪٽرن جي ڪا خاص خاطر خواهي نه هئي. پر الله تعاليٰ منهنجو عرض آگهايو. مون کي بابا سان ڳالهائيندي ڪجهه مهينا ٿي ويا هئا. منهنجي پنهنجي رب کي اهائي التجا هئي ته هڪ دفعو بابا اکيون کولين، مون کي سڏين ۽ منهنجو نالو وٺن، جيڪو ڊاڪٽرن مطابق ناممڪن هيو ڇو ته سخت قسم جو ”برين هيمرج“ ٿيو هيو. پر الله تعاليٰ آڏو ڪابه ڳالهه مشڪل ڪونهي، ايڏي وڏي عرصي جي بيهوشيءَ کان پوءِ بابا جن صبح جي مهل جڏهن ڊاڪٽر وزٽ (Visit) تي آيا ۽ مان ڀرسان ويٺل هيم ته بابا جن انهن جي آواز تي رسپانس (Response) ڏنو ۽ جڏهن کانئن سوال ڪيو ويو ته توهان ڪير آهيو ۽ ڪٿان آيا آهيون سامهون توهان جي ڪير ويٺو آهي؟ ته بابا جن آهستي آهستي اکيون کوليون ۽ نه صرف سڃاتو، پر بلڪل صحيح نموني سان جواب پڻ ڏنو سو به انگلش ۾ جو سمجهي ويا ته مان هاسپٽل ۾ آهيان ۽ ڊاڪٽرن سان صحيح نموني ڳالهائجي، انهن کي جواب به انگلش ۾ ڏنائون ته I am Rahim Bux Shaikh, from Rohri sharif, she is my daughter Rashida. ۽ پوءِ وري اکيون بند ڪري ڇڏيائون. آهستي آهستي بابا جن ايتريقدر صحتياب ٿي ويا جو حال احوال پڇڻ لڳا. مون پنهنجي مالڪ جا بي انتها شڪرانه بجا آندا، جو پنهنجي بابا جو آواز ٻڌو ۽ ڳالهايو. هوش ۾ اچڻ کان پوءِ سندن پهرين نظر به مون تي پين، ڇو ته اُن وقت صرف مان ئي ويٺل هيم (صبح جو بابا سان مان ئي هوندي هيم ۽ رات جو ڀائر ويهندا هُئا)
واري واري سان سڀ بابا جي خدمت ۾ لڳا پيا هوندا هئا، پر قدرت رب جي جڏهن 16 ڏينهن کان پوءِ هوش ۾ آيا ته سڀ کان پهريان مان ئي سندن آڏو هيم ۽ مون سان ئي ڳالهايائون. زندگي جي يادگار لمحن منجهان اهو ”لمحو“ اڄ به ائين سامهون آهي ڄڻ هاڻي به بابا سامهون ليٽيا پيا آهن ۽ هٿ کي پڪڙي ڊاڪٽر کي ٻڌائن پيا ته she is my daughter Rashida بابا جي هن دنيا ۾ آخري رات ۽ ٽيليفون تي ڳالهائڻ، هڪ هڪ ٻار جو نالو وٺي اُن سان ڳالهائڻ تي بضد ته سڀني سان ڳالهه ٻولهه ڪراءِ، اها ڪهڙي خبر هئي هئي ته بابا جن هن دنيا ۾ بس اڄ رات ئي آهن، هڪ هڪ ٻار لاءِ دعائون ڏيندڙ بابا سڀني سان ڳالهايو خاص طور تي ٻي نمبر پٽ وقار علي کي ”فوجي“ چوندا هئا. پنهنجي Punctuality جي ڪري. کين داخلا جي دعائون ڏنائون ۽ منزل مراد حاصل ٿيڻ جي نيڪ خواهشات جو اظهار ڪيائون.
اُنهن ئي ڏينهن ۾ ٻارن جي داخلا ٿي نياڻيءَ جي ميڊيڪل ۾ ۽ وقار علي جي مهراڻ يونيورسٽي ۾ ۽ ڪامياب ٿيا بابا جي دعائن سان. اُن رات الائي ڇو اهو احساس ٿيو ته والدين کي وقتِ آخر بلڪل به نه چئجي ته مان فلاڻي تاريخ فلاڻي ڏينهن ايندم. مون بابا کي چيو هُيو بابا ٻارن جا انٽري ٽيسٽ (Entry Test) ٿيڻ وارا آهن مان جلدي ايندم توهان سان ملڻ پر روهڙيءَ نه ويم ۽ بابا جن هڀن فاني دُنيا منجهان انتظار ڪندي ڪوچ ڪري ويا. اِهو افسوس مون کي هميشه رهندو ايندو.
بابا جن ڪراچيءَ منجهان اهو چئي واپس روهڙي هليا ويا هئا ته هاڻي جڏهن گهمي ڦري نٿو سگهان ته پوءِ ڪهڙو فائدو؟ بس پنهنجي گهر ويندم. ۽ جڏهن ايمبولنس ۾ ڄامشوري مان لنگهيا ته منهنجي گهر اندر ته نه اچي سگهيا. بس مان کين ايمبولنس ۾ مليم ۽ چيومان ته مان جلد توهان ڏي روهڙيءَ ايندم، پر ائين نه ٿي سگهيو. بابا سڄو مهينو انتظار ڪيو ۽ روز ڪلئنڊر ڏسندو رهيو ۽ نيٺ 29 تاريخ گذري وئي مان نه ويم ته رات جو بابا فون تي ڳالهايو ۽ شڪايتي انداز ۾ چيائون ته ”اڄ 29 تاريخ گذري وئي رشيده تون نه آئين ان ڪري مون چيو ته فون تي ئي ڳالهايانس پوءِ رات ڪيئن گذري ۽ وري بابا جن جي زندگيءَ ۾ ٻيهر سِجُ طُلوع نه ٿيو. تقريباً صبح صادق کان پوءِ طبعيت بگڙي وين ۽ وڃي پنهنجي مالڪِ حقيقي سان مليا شل رب تعاليٰ جنت الفردوس ۾ بُلند درجات عطا ڪندو (آمين ثم آمين)
جيڪڏهن ٽيلي پيٿي آهي ته پوءِ يقيناً هوندي. ان رات جڏهن چار کن وڳا هئا، ننڊ ۾ ائين لڳو ته فون جي رنگ پئي وڄي پر اُٿان ته آواز نه دارد! ائين ٻن ٽن دفعن اٿڻ سان منهنجي گهرواري جي اک کلي وئي ۽ چيائون ته ڇو پئي هر هر اُٿين ويهن، سمهي پئه. ته مون پڇيومان ته توهان فون جي گهنٽي ٻڌي! چيائون نه ته! مون ته نه ٻڌي، بس شايد اهائي مهل هئي. شايد بابا مون کي شديد ياد ڪيو هوندو، شايد سوچيو هوندائين ته مان اُن جي سامهون هجان ها، پر مان ته ڏاڍو پري هيم، پنهنجين مجبورين ۽ پريشانين ۾ مبتلا مون هڪ دفعو به اِئين نه سوچيو ته مان پنهنجين مصروفيتن منجهان ٽائيم ڪڍي کين ملڻ وڃان ها. پر ڪڏهن ڪڏهن انسان تمام اڻڄائي ۾ مجبورين ۽ پريشانين کي پاڻ مٿان حاوي ڪري ڇڏيندو آهي. ائين ڪڏهن به نه ڪرڻ کپي مون کي اهو افسوس زندگي ڀر رهندو.
بابا جي خبر ته هن دنيا ۾ نه آهن هاڻي، پوءِ پئي جڏهن مون پهريون ڀيرو زور سان سڏڪو ڀريو ۽ بي ساخته زبان منجهان، نڪتو ته ائين نٿو سگهي ته بابا مون سان ڳالهائڻ بنا هن جهان منجهان موڪلايو. اهو بابا جيڪو ذري ذري ڳالهه لاءِ سڏيندو هيو تنهن آخري دفعو مون کي سَڏ بُه نه ڪيو يا شايد ڪيو به هوندائين مان سامهون جو نه هيم، ضرور ڪيو هوندائين ڇو ته اڄ به مان ائين روئي روئي ياد ڪندي آهيان، هن سٽن کي لکڻ مهل ائين ئي پيو محسوس ٿئي ته ڄڻ بابا رات ڳالهايو آهي هڪ هڪ لاءِ پڇا پيو ڪري، دعائون پيو ڏي، منهنجا لڙڪ هينئر به ائين ئي وهي رهيا آهن، ڄڻ ته بابا جن اڄ ئي هن دنيا منجهان موڪلائي ويا آهن. بابا جن جي مرتئي تي پهريون ڀيرو خبر پئي ته دل ڪيئن روئندي آهي؟ ان کان اڳ! ائين ڪڏهن به محسوس نه ڪيو هيو. اڄ به جڏهن 15 شعبان جي رات ايندي آهي ته روزي کولڻ مهل بابا جن جي سوئم جو ڏينهن اکين آڏو هوندو آهي. شايد شعبان جو مهينو منهنجي بابا جن جي حياتي ۾ تمام اهميت وارو هيو. ٻڌائيندا هئا ته سندن جنم جو مهينو، شادي جو مهينو ۽ منهنجي شادي جو مهينو شعبان جو مهينو هيا ۽ پوءِ سندن وفات جو مهينو به 13 شعبان ئي بيٺو.
اڄ به ڪڏهن ڪڏهن دل چوندي آهي ته بابا جن سڏي ڪري چون ته رشيده ”کارڪون“ پيون آهن، ٻه ٽي کڻي اچ ۽ ها پاپڙ آهي ته اهو به کڻي آ. ڄامشوري ۾ اچي به بابا کارڪون ۽ پاپڙ گهرندا هئا.
الله تعاليٰ کي عرض ۽ دعا آهي ته کين جنّتَ الفِردُوس ۾ بلند درجات عطا ڪندو ۽ ”روح“ کي راحت ۾ رکندو آمين ثم آمين
* * *