سائنس، علم ۽ رسالا

ڪَڻي مان ڪيچَ

پروفيسر رشيده ڀٽي جو لکيل هي ڪتاب انتهائي ڪارائتو آهي. جيڪو عام ماڻهوءَ کي غذا جي فائدي ۽ علاج جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ ڏيئي ٿو. قدرت جو ڪارخانو عجيب آهي. هتي شين جو پاڻ ۾ مضبوط لاڳاپو آهي. اُهي چاهي گڏوگڏ هلنديون هجن يا بنهه هڪٻئي جي اُبتڙ هجن. گرمين جون ڀاڄيون ۽ ميوا مزاج ۾ معتدل ۽ جسم ۾ پاڻي جي مقدار کي گهٽ ٿيڻ نه ٿا ڏين. ساڳيءَ ريت سياري ۾ پيدا ٿيندڙ غذا گرم ۽ جسم جي مدافعتي مزاج کي فعال بڻائي ٿي. ساڳي وقت موسمي اثر ۽ بيمارين کان بچائي ٿي. رشيده پنهنجي هن ڪتاب ۾ ڪافي حد تائين غذا متعلق انيڪ پهلو واضع ڪيا آهن.
Title Cover of book ڪَڻي مان ڪيچَ

ڪُڪڙِ جو انڊو (بيضو)

الله تعاليٰ انسانن لاءِ بي شمار ۽ بي مثل مختلف انواع جا کاڌا، ”خوراڪ“ لاءِ عطا ڪيا آهن. جن ۾ لاتعداد نباتات ۽ ڪجهه قسم حيوانات جن ۾ ڪجهه زمين تي رهندڙ ۽ ڪجهه پکي، هوا ۾ اڏرندڙ ته ڪي وري پاڻيءَ منجهه رهندڙ هر ڪنهن جي پنهنجي اهميت افاديت آهي. اسان روزمره جي زندگيءَ ۾ مختلف کاڌا استعمال ڪندا رهون ٿا، جن ۾ ڪُڪڙ جو بيدو به شامل آهي. دراصل هڪ سڄو بيضو کائڻ سان به هڪ مڪمل غذا بخش ڪئلوري ملي ٿي.
ماهرين جي راءِ مطابق بيضو انساني صحت لاءِ بي انتها فائديمند آهي. هڪ بيضي ۾ وٽامن ڊي (D)، بي (B-12) ۽ سيلينيم (Selenium) تمام گهڻي مقدار ۾ موجود هوندا آهن. هڪ انڊي ۾ 18 ڪئلوريز موجود هوندا آهن. غذائي ماهرين جي مطابق روزانو، هر انسان کي هڪ انڊو (بيضو) ضرور کائڻ گهرجي. ڇو ته هن منجهان تمام بهترين غذائيت حاصل ٿي سگهي ٿي. انڊو صحت جو ضامن ۽ ٿولهه (موٽاپي) کي ڪنٽرول ڪري ٿو. ”انڊو ۽ مرغي“ هڪ مڪمل کاڌو، جيڪو اسان کي هڪ ”پکي“ مُهيا ڪري ٿو. سو انسان ذات لاءِ اڄ ڪلهه جي مصروف زماني ۾ ”نيرن لاءِ بهترين ”غذا“ طور استعمال ٿئي ٿو. هڪ انڊو، ڪيلو ۽ کير جو گلاس ٻارن ۽ وڏن لاءِ مڪمل غذا آهي.
* * *