سائنس، علم ۽ رسالا

ڪَڻي مان ڪيچَ

پروفيسر رشيده ڀٽي جو لکيل هي ڪتاب انتهائي ڪارائتو آهي. جيڪو عام ماڻهوءَ کي غذا جي فائدي ۽ علاج جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ ڏيئي ٿو. قدرت جو ڪارخانو عجيب آهي. هتي شين جو پاڻ ۾ مضبوط لاڳاپو آهي. اُهي چاهي گڏوگڏ هلنديون هجن يا بنهه هڪٻئي جي اُبتڙ هجن. گرمين جون ڀاڄيون ۽ ميوا مزاج ۾ معتدل ۽ جسم ۾ پاڻي جي مقدار کي گهٽ ٿيڻ نه ٿا ڏين. ساڳيءَ ريت سياري ۾ پيدا ٿيندڙ غذا گرم ۽ جسم جي مدافعتي مزاج کي فعال بڻائي ٿي. ساڳي وقت موسمي اثر ۽ بيمارين کان بچائي ٿي. رشيده پنهنجي هن ڪتاب ۾ ڪافي حد تائين غذا متعلق انيڪ پهلو واضع ڪيا آهن.
Title Cover of book ڪَڻي مان ڪيچَ

صُوف ۽ اُن جي غِذائيت

”صوف“ بهترين ميوي ۾ شمار ٿئي ٿو، غذائيت سان ڀرپرو صوف جيڪڏهن صبح جو نيرانو کائجي ته هوند سڄو ڏينهن توانائي مُيسّر رهندي. سٺي قسم جو صوف روزانو ضروري طور تي هڪڙو کائڻ کپي. هڪ انگريزي ۾ مشهور چوڻي آهي ته ”روزانو هڪ صوف کائو ۽ پاڻ کي ڊاڪٽرن کان پري رکو.“ (Apple a day, keeps the doctor away) صوف جي ”غذائيت“ جي باري ۾ هڪ سائنسي جرنل نالي (BMI) برٽش ميڊيڪل جرنل جيڪو تمام مشهورو معروف پڻ آهي اُن ۾ هڪ تحقيق کي ڊسمبر 2013ع جي شماري ۾ شايع ڪيو ويو آهي. اِن کوجنا ۾ سائنسدان ايڊم ۽ اُن جي ٻين ساٿين، رت ۾ ڪوليسٽرول (چرٻي) کي گهٽائڻ لاءِ ”دوائن“ ۽ ”صوف“ جي افاديت کي چيڪ ڪيو، جڏهن ٻنهي جي فائدن کي ڀيٽيو ويو ته اِهو ثابت ٿيو ته جيڪڏهن روزانو هڪ صوف کائبو ته رت ۾ ڪوليسٽرول جو مقدار گهٽبو، نتيجي ۾ دل جو دورو ۽ ٻيو تڪليفون گهٽجي وينديون، جنهن سان ماڻهوءَ جا جسماني ٻيا به ڪيترائي مسئلا گهٽجي ويندا.
اِن تحقيق ۾ 50 سالن کان وڏي عُمر جا ماڻهو شامل ڪيا ويا. جن منجهان ڪجهه کي دوائون ڏنيون ويون ۽ ڪجهه کي 100 گرام وزن جو هڪ صوف روزانو کائڻ لاءِ ڏنو ويو. تحقيق ۾ اِهو ثابت ٿيو ته 150 سؤ سال چوڻي سچ آهي. يعني ته جن ماڻهن صوف کاڌو اُنهن کي دل جو دورو نه ٿيو يا وري گهٽ ٿيو ۽ اُهي اچانڪ دل جي دوري کان محفوظ رهيا، جڏهن ته جن دوائون واپرايون، تن منجهه دِل جي دوري جي شرح وڌيل رهي. ڇو ته ڪوليسٽرول گهٽائڻ واريون دورائون ماڻهوءَ جي مُشڪن (Muscels) کي ڪمزور ڪنديون آهن. برطانيه ۾ دل جي دوري ۽ ٻين بيمارين کي گهٽائڻ لاءِ هر 50 سالن کان وڌيڪ عمر وارن کي، ڪوليسٽرول گهٽائڻ واريون دوائون کائڻ لاءِ ڏنيون وڃن ٿيون. مٿين تحقيق 150 سال پراڻي چوڻي جي افاديت کي چيڪ ڪرڻ لاءِ ڪئي وئي. جنهن سان عام ماڻهو جو فائدو ٿيندو. پر افسوس ته اسان جي ملڪ ۾ اِهڙي تحقيق جي فائدن تي عمل ڪرڻ ۽ ڪرائڻ تمام ڏکيو آهي. حالانڪه دوائن واپرائڻ جي ڪري ماڻهن ۾ مشڪن جي ڪمزوري، مُشڪن جو ڀُرڻ، ٽٽڻ ۽ مِٺن پيشابن جهڙيون تڪليفون پيدا ٿي پون ٿيون.
* **