سائنس، علم ۽ رسالا

ڪَڻي مان ڪيچَ

پروفيسر رشيده ڀٽي جو لکيل هي ڪتاب انتهائي ڪارائتو آهي. جيڪو عام ماڻهوءَ کي غذا جي فائدي ۽ علاج جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ ڏيئي ٿو. قدرت جو ڪارخانو عجيب آهي. هتي شين جو پاڻ ۾ مضبوط لاڳاپو آهي. اُهي چاهي گڏوگڏ هلنديون هجن يا بنهه هڪٻئي جي اُبتڙ هجن. گرمين جون ڀاڄيون ۽ ميوا مزاج ۾ معتدل ۽ جسم ۾ پاڻي جي مقدار کي گهٽ ٿيڻ نه ٿا ڏين. ساڳيءَ ريت سياري ۾ پيدا ٿيندڙ غذا گرم ۽ جسم جي مدافعتي مزاج کي فعال بڻائي ٿي. ساڳي وقت موسمي اثر ۽ بيمارين کان بچائي ٿي. رشيده پنهنجي هن ڪتاب ۾ ڪافي حد تائين غذا متعلق انيڪ پهلو واضع ڪيا آهن.
Title Cover of book ڪَڻي مان ڪيچَ

ادرڪ Ginger

[b]بطور هڪ ديسي ٽانڪ
[/b]ادرڪ کي عربي زبان ۾ ”زنجبيل“ سڏيو ويندو آهي. ادرڪ عام طور تي ٻن طرح سان استعمال ٿئي ٿي. پهريون ٻوڙ ۽ ڀاڄيءَ وغيره ۾ ۽ ٻيو ”دوا“ طور. ادرڪ دراصل ٻوٽي جي جڙ/ يعني پاڙ (Root) هوندي آهي. ادرڪ کي انگريزي ۾ اسان (Ginger) جنجر سڏيندا آهيون. ادرڪ تازي به استعمال ڪئي ويندي آهي. جيڪا اڪثر ڪري ٻوڙ ڀاڄيءَ ۾ تازي مصالحي طور استعمال ڪجي ٿي. جڏهن ته ٻي پاسي خشڪ يعني سڪل ادرڪ جنهن کي ”سُنڍ“ ڪري سڏيو ويندو آهي. سا وري گهڻو ڪري ”دوا“ ۽ غذا طور استعمال ٿئي ٿي. ٻئي قسم بازار ۾ آسانيءَ سان ملي ويندا آهن. سورهين صدي عيسوي سن ۾ هن جي پوکائي آمريڪا ۾ ڪئي وئي، اسپين جا فاتح هن کي مشرق الهند مان اوڏانهن کڻي ويا ۽ هاڻي سڄي دنيا ۾ پوکي وڃي ٿي. هند و پاڪ ۾ گرم مرطوب علائقن ۾ موسم کان اڳ، ٻاهر تجارتي مقصدن لاءِ وڏي پيماني تي پوکي ويندي آهي. حڪيمن درجه بندي ڪندي، ادرڪ کي مزاج جي بنياد تي ٽئين درجي ۾ ”گرم“ ۽ پهرين درجي ۾ ”خشڪ“ تسليم ڪيو آهي. اسان وٽ عام طور تي خواتين ادرڪ کي ڪتري ٻوڙ ڀاڄيءَ ۾ استعمال ڪنديون آهن، جنهن ڪري ٻوڙ ۾ لذت اچي ويندي آهي. ان کانسواءِ ٻي طرف وري کٽاڻ وغيره ۾ به استعمال ڪئي ويندي آهي. ادرڪ ۾ هيٺين قسمن جا ڪيميائي جزا موجود هوندا آهن. جيئن ته تيل، کونئر نشاستو، ريشو، اِسيٽڪ ائسڊ ۽ گندرف وغيره. (Oil, Gum, Starch, Fiber, Acetic-acid and Phosphorus)
دوا جي طور تي ادرڪ ڪيترين ئي تڪليفن ۾ فائدو رسائيندڙ ثابت ٿي آهي. مثال طور هاضمي جي سرشتي کي تيز ڪري، غذا جي جذب ڪرڻ واري عمل کي وڌائڻ ۽ تيز ڪرڻ، گئس کي خارج ڪرڻ، آنڊي جي چرپر کي صحيح ڪرڻ، معدي جي عمل کي ٺيڪ ڪرڻ، دير هضم ۽ بادي غذائي شين کي هضم ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ وغيره بلغمي مزاج جي ماڻهن لاءِ پڻ ادرڪ بيحد مفيد ثابت ٿي آهي. جيڪڏهن ڪنهن کي بلغم جي مستقل شڪايت رهندي ايندي هجي ته اهو ماڻهو تازي ادرڪ جي رس جا ٻه ننڍڙا چمچا، ماکيءَ منجهه ملائي استعمال ڪري ته کنگهه کي تڪڙو آرام اچي ويندو. گلي ۽ سيني جو بلغم بلڪل صاف ٿي ويندو. ادرڪ جو استعمال سرديءَ جي احساس کي گهٽائي، حرارت جو احساس ڏياريندو آهي. تازي ادرڪ جي رس، بدهضمي، ڇڪ، گئس، مروڙ، ۽ اُلٽين ۾ بيحد فائدو رسائيندڙ آهي ۽ گڏوگڏ پيشاب آور به آهي. جيڪڏهن تازي ادرڪ جي رس ۽ ليمي جي رس ٻنهي کي ملائي استعمال ڪيو وڃي ته قوتِ هاضمو وڌي ويندو آهي. ٻي طرف وري ادرڪ ۽ ليمي جي رس ۾ هم وزن ڪارو لوڻ ملايو وڃي ۽ ٻه ٽائيم ٻن پهرن ۽ شام جو رات واري مانيءَ کان اڳ استعمال ڪيو وڃي ته اهڙي ڪيفيت جنهن ۾ بار بار بک لڳنديءَ آهي، ان تي ڪنٽرول حاصل ڪري وٺبو، اهڙي مرض کي حڪيم پنهنجي زبان ۾ جوع البقر (هر هر بک لڳڻ) وارو مرض سڏيندا آهن. وري ٻي طرف جيڪڏهن بک نه لڳندي هجي ته پوءِ وري ادرڪ جا ننڍڙا ننڍڙا ٽڪرا ڪري، مٿان لوڻ ٻرڪي کائڻ سان بک جي اشتها وڌي ويندي آهي، کاڌو جلد هضم ٿيندو آهي ۽ گئس به خارج ٿيندي آهي. ادرڪ جو استعمال الٽين کي روڪڻ ۽ دل خراب ٿيڻ يعني مونجهه (Nausea) وغيره کي ختم ڪرڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿئي ٿو.
ادرڪ جو تيل سَنڌن جي سور ۾ مفيد ثابت ٿيو آهي. ادرڪ جو تيل جيڪڏهن سَنڌن جي سور ۾ تڪليف واري جاءِ تي مهٽيو وڃي ۽ چڱي نموني مالش ڪئي وڃي ته تمام گهڻو فائدو ملندو. ادرڪ ۾ ٿوم وانگر رت کي پٽڙي ڪرڻ جي به صلاحيت موجود آهي ۽ ڪوليسٽرول کي پڻ گهٽائڻ ۾ مدد ڪري ٿي. رت، جڏهن نالين ۾ ڄمي ٿو ۽ شريانين کي ٿلهو ڪري ٿو، ۽ جڏهن خون جو دٻاءُ وڌي وڃي ته بلڊپريشر به وڌي وڃي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ پڻ ادرڪ جو استعمال فائدو رسائي ٿو ۽ رت کي ڇڊو ڪري ٿو ۽ عضون کي طاقت بخشي ٿو. طِبّ جي دنيا ۾ طبيّب هن جو مشهور مرڪب جوارش زنجبيل ۽ معجون صدين کان سردين ۾ سرديءَ کان بچڻ لاءِ استعمال ڪرائيندا رهيا آهن. ۽ گڏوگڏ پيٽ جي بدهضمي، ۽ بلغمي صورتحال کي پڻ فائدو رسي ٿو.
* * *