سائنس، علم ۽ رسالا

ڪَڻي مان ڪيچَ

پروفيسر رشيده ڀٽي جو لکيل هي ڪتاب انتهائي ڪارائتو آهي. جيڪو عام ماڻهوءَ کي غذا جي فائدي ۽ علاج جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ ڏيئي ٿو. قدرت جو ڪارخانو عجيب آهي. هتي شين جو پاڻ ۾ مضبوط لاڳاپو آهي. اُهي چاهي گڏوگڏ هلنديون هجن يا بنهه هڪٻئي جي اُبتڙ هجن. گرمين جون ڀاڄيون ۽ ميوا مزاج ۾ معتدل ۽ جسم ۾ پاڻي جي مقدار کي گهٽ ٿيڻ نه ٿا ڏين. ساڳيءَ ريت سياري ۾ پيدا ٿيندڙ غذا گرم ۽ جسم جي مدافعتي مزاج کي فعال بڻائي ٿي. ساڳي وقت موسمي اثر ۽ بيمارين کان بچائي ٿي. رشيده پنهنجي هن ڪتاب ۾ ڪافي حد تائين غذا متعلق انيڪ پهلو واضع ڪيا آهن.
Title Cover of book ڪَڻي مان ڪيچَ

جگر/جيرو Liver

جيرو يا عرفِ عام ۾ جگر سڏجندڙ هڪ اِهڙو غدود آهي، جيڪو پنهنجي ڪم ڪار جي لحاظ کان تمام گهڻو پيچيده آهي.(Reddish- brown in color, weight about three (3) pund and feels rubbery to touch. Large meaty organ, secreting chemical, it produces bile, a substance needed to digest fats. هي ڳاڙهي مائل ناسي رنگ جو وڏي ۾ وڏو غدود سڏيو وڃي ٿو. جسم اندر ڀڃ ڊاه واري عمل دوران هيءُ پروٽين، ڪاربوهائيڊريٽ ۽ چرٻيءَ وارن جزن جي غذائي اهميت کي برقرار رکندي، نظام هضم سان گڏجي ڪم ڪري ٿو ۽ ساڳي وقت رت لاءِ اِهڙا جزا تيار ڪري ٿو جيڪي رت کي ڄمڻ ۾ مدد ڪن ٿا. وٽامن اِي (A) پڻ تيار ڪري ٿو. هِن جو وزن ڏيڍ کان ٻه سير کن هوندو آهي. هيءُ پيٽ جي سڄي پاسي پاسراٽين جي هيٺان، ۽ معدي جي مٿان هوندو آهي. جيري جو هڪ وڏو ۽ اهم ڪم آهي رس (juice) پيدا ڪرڻ جنهن کي اسان پِت يعني بائل جوس (Bile juice) سڏيندا آهيون. بک لڳڻ مهل پِت يعني رس جيري منجهان نڪري پتي اندر (Pancreas) ۾ جمع ٿيندو آهي ۽ هاضمي جي دوران اُتان نڪري ڪري آنڊي منجهه اچي ويندو آهي ۽ آنڊن جي ڪم ۾ مدد ڏيندو آهي. جيري جو ٻيو وڏو ۽ اهم ڪم آهي حيواني نشاستو ٺاهڻ (Glycogen) آنڊي اندر غِذا وارو نشاستو، گلوڪوز ۾ (Glucose) تبديل ٿي جڏهن خون جي وسيلي جيري منجهه پهچندو آهي تڏهن جيرو گلوڪوز کي گلائيڪو جن ۾ تبديل ڪري پنهنجي اندر محفوظ ڪري ڇڏيندو آهي. پوءِ بدن جي ضرورت مطابق هِن حيواني نشاستي يعني گلائيڪو جن کي کنڊ ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو آهي. اِها کنڊ (Sugar) رت جي وسيلي بدن ۾ پهچي ڪري توانائي ۽ حرارت يعني (گرمي) پيدا ڪندي آهي. جيري جو ٽيون اهم ڪم آهي ”يوريا“ يعني، (لحمياتي جزن جو ڪچرو) ٺاهڻ. جڏهن غِذائي جُزا معدي جي اندر هضم ٿي ڪري پيپٽون (Peptone) ٺاهيندا آهن جيڪي ننڍي آنڊي ۾ پهچي ڪري وڌيڪ هضم ٿي ڪري امائنو اِئسڊ (Amino-acid) ٺهي پوندا آهن، ته پوءِ اِهي امائنواِئسڊ رت جي ذريعي جيري اندر پهچندا آهن ۽ جيرو اِنهن کي رت منجهان الڳ ڪري ”يوريا“ منجهه تبديل ڪري ڇڏيندو آهي. جيڪي پوءِ بڪين ذريعي پيشاب سان گڏ بدن منجهان خارج ٿي ويندا آهن. دراصل جيرو اسان جي بدن جو هڪ ڪيمائي گهر يعني (Power House) آهي، جنهن اندر بدن جو هر قسم جو گند ڪچرو (زنده يا مُئل، مثال طور رت جا ناڪاره بڻيل ڳاڙها جزا، غِذا ۽ مشڪن جو گند) رت جي وسيلي پهچي ڪري تباه و برباد ٿي ويندو آهي. هِن سڄي عمل دوران مزي جي ڳالهه هيءَ آهي ته تباه وبرباد ڪرڻ واري هِن عمل ۾ جيرو بدني حرارت کي قائم رکڻ جو هِڪ مفيد ۽ اهم ڪم به سرانجام ڏيئي ٿو. دلچسپ ۽ مزيدار ڳالهه هيءَ آهي ته هِن سڄي تباهي واري عمل دوران، جيرو بيڪار جزن کي ته چونڊي چونڊي تباه ڪري ڇڏي ٿو، پر ٻي طرف ضروري ۽ مفيد جزن کي الڳ ڪري پنهنجي اندر محفوظ ڪري ڇڏي ٿو. جيرو رت جي بيڪار بڻيل ڳاڙهن جزن کي ته تباه ڪري خارج ڪري ڇڏي ٿو پر اُن جي اندر موجود فولاد (لوه) يعني آئرن (Iron) ۽ پت (Bile) اندر موجود لوه کي چونڊي چونڊي پنهنجي ساخت واري گهرڙن اندر محفوظ ڪري ڇڏي ٿو ۽ پوءِ ضرورت جي وقت لوه (آئرن) کي رت جي اندر شامل ڪندو رهي ٿو. اهو لوه رت جي وسيلي هڏن جي ڳاڙهي گودي (Red Bone marrow) ۾ پهچي ٿو جتي رت جا نوان ڳاڙها جزا ٺهندا رهن ٿا اِهڙيءَ طرح جيرو نئون رت بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. بعض جانورن منجهه خاص طور تي جيڪي سرد عِلائقن ۾ رهن ٿا، اُنهن جو جيرو پنهنجي اندر چرٻي جو ذخيرو ڪري ڇڏيندو آهي، جيڪو پوءِ سردين جي موسم ۾ يا وري هائبرنيشن (Hybernation) يعني سرد خوابي وارن ڏينهن ۾ جانورن لاءِ ڪارآمد ثابت ٿيندو آهي.
جيرو غِذائي زهريلن مادن يعني (Toxic Particals) کي پڻ ڇاڻي صاف ڪرڻ جو ڪم ڪري ٿو اِن ڪري بدن اندر هي هڪ وڏي ڇاڻي طور به سڃاتو وڃي ٿو. جسم جي غِذائي حصن ۽ آنڊن جو سمورو رت پهريان جيري ۾ ايندو آهي ۽ پوءِ وري اُتان جسم جي ٻين حصن ڏانهن پهچندو آهي. آنڊن اندر ڪافي نامناسب مُضرِ صحت ماده رت اندر شامل ٿي ويندا آهن.. جڏهن اِهي زهريلا مادا رت جي وسيلي جيري اندر پهچندا آهن ته پوءِ جيرو اُنهن زهِريلن مادن کي چونڊي الڳ ڪري وٺندو آهي ۽ وري پت يعني (Bile juice) سان گڏ خارج ڪري آنڊن ڏي موڪلي ڇڏيندو آهي. اِهڙيءَ طرح صاف ٿيل رت جسم جي بقايا حِصن خاص طور تي دماغ ڏانهن پهچي ويندو آهي. حلال جانورن جي جيري کي غِذا طور استعمال ڪيو ويندو آهي. عام طور تي بهادر ماڻهو لاءِ چئبو آهي ته ڪيڏو نه وڏي جگر وارو آهي.
صحتمند جيرو نه صرف جسماني طور مدد گار ثابت ٿئي ٿو پر صحت سان گڏو گڏ اِنساني سوچ ۽ ويچار تي اثر انداز ٿئي ٿو جيترو صحتمند انسان ڏسڻ ۾ سٺو لڳندو آهي، اوترو ئي ذهني طور تي به هو هوشيار فهم و فراست ۾ عقل وارو ۽ رويي ۾ بي مثل ۽ بهادر نظر ايندو آهي. صحيح رخ ۾ ڪم ڪرڻ وارا عضوا ئي اسان جي جسم لاءِ اندروني توڙي بيروني مسائل کي منهن ڏيڻ جي قابل هوندا آهن.
* * *