مڇيءَ جي تيل سان صحتيابيءَ جو عمل تيز ٿئي ٿو
ڪجهه مريضن تي تجربا ڪري اهو ڏٺو ويو ته جن مريضن مڇيءَ جو تيل استعمال ڪيو، سي ٻين مريضن جن استعمال نه ڪيو، جلد اسپتال مان فارغ ٿي ويا. استعمال ڪندڙ مريض منجهه سوزش جو عمل به جلد گهٽجي ويو ۽ ڦڦڙن ۾ آڪسيجن جو مقدار به گهڻو ڏٺو ويو. ماهرين جي مطابق مڇيءَ جو تيل استعمال ڪندڙن کي جيئن ته تيل ۾ موجود اوميگا ٿري فيٽي ائيسڊ (Omega three fatty acid) وافر انداز ۾ مليو ته اهي مريض جلد صحتياب ٿي ويا.
[b]مڇي ۽ اُن جو تيل [/b]
متوازن غذا ۾ مڇيءَ جو استعمال بي انتها لازمي آهي. مڇي روزمره جي زندگيءَ ۾ هر روز باقاعدگيءَ سان واپرائڻ گهرجي. ڀاڄين کان پوءِ ٻئي نمبر تي مڇيءَ جي اَهميت ۽ افاديت تمام گهڻي آهي. سائنسي بنيادن تي ڪيل تحقيق دوران اِهو ثابت ٿي چڪو آهي ته ڀاڄين جي اِستعمال سان گڏوگڏ مڇيءَ کي به واپرائڻ گهرجي، ڇو ته مڇيءَ جو گوشت ٻئي گوشت جي مقابلي ۾ وڌيڪ فائديمند آهي. مڇيءَ کائڻ سان نه صرف جسماني نشوونما تي اثر پوي ٿو پر خاص طور تي اکين جي بينائي لاءِ تمام بيحد ضروري آهي. جن ماڻهن جي اکين جي بينائي ڪمزور هوندي آهي اُنهن کي خاص طور تي ڊاڪٽر مڇي ۽ گجر (ڳاڙهي) کائڻ لاءِ چوندا آهن. هڪ طرف مڇيءَ جو اِستعمال روزانه ضروري قرار ڏنو ويو آهي، ٻي طرف مڇيءَ جو تيل به تمام اهميت جو حامل آهي. جديد طِبيّ تِحقيق جي مطابق وڏيءَ عمر وارن ماڻهن منجهه نظر جي ڪمزوري ۽ نظر ختم ٿي وڃڻ جي صورت ۾ اُن جي خاتمي لاءِ مڇيءَ جي تيل جو استعمال تمام مفيد قرار ڏنو ويو آهي. اک جي اندر موجود پتليءَ منجهه پيدا ٿيندڙ مختلف بيمارين کي ختم ڪرڻ لاءِ مڇيءَ جو تيل استعمال ڪندڙن جي هڪ سروي دوران ڏٺو ويو ته مڇيءَ جي تيل جي استعمال سان تمام مثبت نتيجا حاصل ڪيا ويا آهن. اکين جي بيماريءَ جي شرح گهٽائڻ ۾ مڇي ۽ مڇيءَ جو تيل بيحد اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. آمريڪن جرنل آف پيٿالاجي ۾ شايِع ٿيندڙ هِڪَ تحقيق دوران اِهو پڻ ڏٺو ويو آهي ته مڇي ۽ مڇيءَ جي تيل جو استعمال نه صرف قُوّتِ بَصَارت کي وڌائي ٿو ۽ قائم دائم رکڻ ۾ مددگار ٿئي ٿو. پر گڏوگڏ جسم ۾ اندر جيڪڏهن ڪو سوزش وغيره جو عمل شروع ٿي وڃي ٿو ته اُن کي پڻ ڪنٽرول ڪري ٿو. غِذائي ماهرين جي راءِ مطابق مڇي هر عمر جي انسان لاءِ هڪ بهترين غذا آهي، ۽ هر ماڻهوءَ تي لازم آهي ته روزانو هڪ ٽائيم مڇي ضرور واپرائي.
* *