نه وسرڻ جهڙي شخصيت
سو اهڙي نموني مان پهريون ڀيرو ادي خير النساء جعفري سان مليم ڇو ته ڪجهه ڪهاڻيون مون پڙهيون هيون ۽ ڪجهه سندن باري ۾ ٻڌل هوم، سو بي انتها پرجوش نموني ساڻس ملاقات ٿي. پهريون ڀيرو ملڻ وقت پاڻ پنهنجي گهر ۾ هندوري ۾ ويٺل ملي ۽ اسان کي ڏسي بي انتها خوشي جو اظهار ڪيو ڇو جو مان اڪيلي نه هيم پر ادي تنوير گڏ هئي جيڪا سندن دوست هئي. ائين پهريون ڀيرو اديءَ تعارف ڪرايو مون ٻڌايو ته مان هن سوسائٽي ۾ سڀ کان پهرين اچي ويٺي آهيان. جڏهن اڃان ٻه يا ٽي گهر مس ٺهيل هئا. ادي خير النساء جعفري ملي مون کي ائين لڳو ته ڄڻ منهنجي پهرين کان واقفيت هجي نه ڪو ڳالهائڻ ۾ تصنع نه وري ڪو رک رکاءُ. بلڪل فري موڊ ۽ بيحد بيساخته لهجو ، بي انتها ساده دل ۽ سادگي پسند، سادو صاف، کرو لهجو، منهنجن ٻارڙن سان بي انتها شفقت ڀريو رويو. توڙي جو پاڻ نفسيات جي ماهر پروفيسر هئي، پر سندس طور طريقي مان بلڪل به نه پي لڳو ته ڪو ايڏي وڏي بهترين استاد ايترو پنهنجائپ واري انداز ۾ ملندي ۽ ڳالهائيندي.
ان بعد ٿيو ائين جو مان اڪثر پنهنجن ٻارڙن کي شام جو واڪ لاءِ سپر هاءِ وي ٽپي مهراڻ يونيورسٽي کان چڪر لڳرائي واپس ورڻ مهل ڪچو رستو وٺي جڏهن به سندس گهر وٽان لنگهندي هيم ته منهنجا ٻارڙا چوندا هئا. امي هُن آنٽي ڏانهن وٺي هلو ته اسان به هندوري ۾ لڏون. اِئين منهنجي سندن گهر ۾ چڱا ڀيرا اچ وڃ رهي ۽ سندن نياڻي صائمه جي به منهنجن ٻارڙن سان دوستي رهي. ان ننڍڙي عرصي دوران مون محسوس ڪيو ته ادي خيرالنساء، هڪ بهترين انسان، دوست ۽ اُستاد هئي. اهڙي شخصيت جيڪا ڳالهائڻ ۾ اڳيان ويٺل جي تربيت ڪري ۽ اڻمٽجندڙ نقش ڇڏي. سندس گفتگو بي حد دلچسپي سان گڏوگڏ ڪجهه لمحن لاءِ سندن چهري تي آيل ڏک ۽ درد ۽ اندر جي پيڙا جو تاثر اُڀرڻ ۽ وري جلدئي ان تي غالب اچڻ اها سندس شخصيت جي جداگانه ڪيفيت هئي. منهنجي يادن ۾ اديءَ جو ملڻ نه صرف سوسائٽي جي يادگيرين تائين محدود آهي. پر اتفاق سان تن ڏينهن ۾ سنڌ يونيورسٽي ٽيچرس اِئسوسيئيشن طرفان رٿيل پڪنڪ پروگرام ۾ جيڪو گڏيل پروگرام هو سائنس ۽ آرٽس فئڪلٽي جا ٽيچرس گڏجي پڪنڪ لاءِ ڪينجهر ڪناري ويا هئاسين. اُهي ڏينهن، اُهي لمحا، اُهي يادون ۽ يونيورسٽي جو اُهو سونهري دور وارو گذاريل ماحول هينئر ڪٿي آ؟ ڄڻ ته يونيورسٽي کي ڪا نظر لڳي وئي هجي، ڄڻ ته ڪا ڏائڻ صرف ان تاڙ ۾ هئي ته ڪيئن هن پُر رونق يونيورسٽي ۾ صرف راڪاس گهمي ۽ روڊ رستا ويران ۽ اُستاد شاگرد حيران و پريشان رهن. رب تعاليٰ خير ڪندو ۽ اسان دعا ڪريون ٿا ته رب سائين شل هن يونيورسٽي کي تاقيامت آباد رکي. آمين ثم آمين.
جتي اسان پڙهياسين، پڙهايوسين ۽ هينئر جڏهن وڃڻ جو وقت ويجهو اچي رهيو آهي ته شل اسان جي هيءَ يونيورسٽي هميشه خوشحال ۽ آباد رهي (آمين ثم آمين)
ها ته ڳالهه پي ڪئي سين، ان يادگار پڪنڪ جي جنهن ۾ سڀ استاد گڏ، بسن ۾ چڙهي جڏهن خير سان اچي ماڳ تي لٿاسين ته سڀني هيڏانهن هوڏانهن نهاريو سڀ ڪو پنهنجي پنهنجي مزاج مطابق پنهنجن دوستن ۽ ساٿين جي جهرمٽ ۾ ڪجهه وقت ويهي ٿڪ ڀڃڻ لاءِ جڳهه ڳولڻ لڳو. ۽ پوءِ ٿيو ايئن جو مان، ادي تنوير ۽ تبسّم، ادي خير النساء جعفري ۽ صائمه، سڀ گڏجي هڪ هنڌ اچي ويٺاسين ۽ مون کي هڪ لمحي کان پوءِ ادي خير النساء جعفري جو آواز آيو. مون کي سڏ ڪري چيائين ته منهنجي ڌيءَ صائمه ڏاڍي پاڻيءَ جي شوقين آهي ۽ ٻيڙي ۾ چڙهڻ هن جو بهترين مشغلو آهي، هاڻي ٻڌايو ته آهي ڪو اهڙو ٻيو جيڪو ساٿ ڏي ڇو ته اڪيلو ته مان صائمه کي وڃڻ نه ڏيندم ۽ نه مان بار بار ويندم، اهو سڀ ڪجهه ٻڌي منهنجي به خوشي جي انتها نه رهي ڇو ته مون کي پڻ Boating يعني ته ٻيڙي ۾ چڙهي سيرڪرڻ ۽ دريا جو نظارو ڪرڻ ڏاڍو وڻندو ته ڇا پر بي حد وڻندو آهي. ڀانيان ته جيڪر پري پري ميلن تائين دريا بادشاهه گهمان. ان شوق جي پويان به هڪ ياد آهي جيڪا ذاتي آهي ۽ ٻي ڪنهن هنڌ شيئر ڪبي.
هن وقت ته آهن ادي خيرالنساء جعفري جون يادون. اهو ٻڌي مون بي ساخته چيو ته ادي توهان فڪر نه ڪريو مان صائمه سان گڏ آهيان. ۽ جيترا دفعا چوندي ته مان ساڻس گڏ چڪر لڳائيندم. پوءِ ٿيو ائين جو پهريون دفعو سڀ گڏجي چڪر هڻي آياسين ۽ بعد ۾ ڪيئي دفعا ياد ناهي شايد (10) ڏهه دفعا يا ان کان به مٿي مان ۽ صائمه ٻيڙيءَ ۾ سير ڪندا رهياسين.
سو ان حوالي سان به اها پڪنڪ هڪ يادگار ٿي وئي. جنهن ۾ سڀ يونيورسٽي جا استاد گڏ هئا. کاڌوسين، پيتوسين گڏ، ڪچهريون ٿيون، سُر سنگيت سان دلچسپي رکندڙن ڪجهه سُر وکيريا، هر ماڻهو پنهنجي مزاج متعلق انجواءِ ڪيو ۽ منهنجي لاءِ اها پڪنڪ خاص اهميت جي حامل ٿي وئي ڇو ته مون سڄو ڏينهن پاڻيءَ ۾ گذاريو. سنڌوندي، سنڌودرياءِ بادشاهه، اهو جتان شروع ٿئي ٿو ۽ جتي ختم ٿئي ٿو، ڪنهن ٻيڙيءَ، ڪنهن غوراب، ڪنهن پاڻيءَ واري جهاز ۾ چڙهي سير ڪرڻ جو منهنجو خواب شايد منهنجي لاشعور ۾ لڪل اها خواهش آهي جيڪا شايد ڪڏهن پوري نه ٿي سگهي.
پر ماڻهوءَ کي پُر اميد رهڻ گهرجي ڇو ته دنيا اميد تي قائم آهي. خير، اُهي ته منهنجون ڪجهه يادگيريون ڪجهه لمحا جيڪي مون ادي خير النساء جعفري سان گذاريا، جيڪي مون کان ڪڏهن به وسري نٿا سگهن. آخر ۾ الله تعاليٰ کان دعا آهي ته الله تعاليٰ ادي خير النساء جعفري تي پنهنجي رحمت فرمائي ۽ سندس مرقد مُنور رهي. (آمين ثم آمين)
ڪجهه لمحن جون ياديون ڪڏهن ڪڏهن صدين جي ملاقاتن تي محيط ٿي وينديون آهن. ضروري نه آهي ڪو هڪ انسان ٻي کي ڪافي عرصي کان سڃاڻي ۽ پوءِ راءِ قائم ڪري، پر ڪجهه املهه ماڻڪ ماڻهو اهڙا هوندا آهن جو کن پلڪ جي ملاقات جو پهريون تاثر هميشه قائم دائم رهندو آهي، هڪ انگريزي چوڻي آهي ته:
First Impression is the Last Impression.
مان بذات خود ان اصول جي پوئلڳ آهيان ڇو ته انسان اُهو جيڪو ٻي لاءِ پهرين فرصت ۾ ڪا حتمي راءِ قائم ڪري سگهي، ڇو ته پهرين لمحي قائم ڪيل راءِ، پوءِ جي دليلن کان وڌيڪ ڀاري هوندي آهي.