ڊڪشنري آف هيماٽولاجي
منهنجي راءِ اها آهي ته سائنسي علمن جا بيشڪ هزارين ڪتاب موجود آهن ۽ ڪيتري نئين تحقيق ٿي رهي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ پراڻن نظرين ۽ تصورن جي جاءِ تي نون تصورن وارا ڪتاب ڇپجن ٿا، انهن سڀني تي ترجمو ڪرڻ ممڪن ڪونهي، پر پڙهندڙن کي اهي ڪتاب سمجهڻ لاءِ ضرور ڪي مددگار ذريعا مهيا ڪري ڏئي سگهجن ٿا، جن ۾ ڊڪشنريون وڏو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. سنڌيءَ ۾ اڳ ۾ اهڙي هڪ سائنٽفڪ ڊڪشنري موجود آهي ۽ ٻين تي ڪم ڪري سگهجي ٿو.
ميڊيڪل سائنس هڪ وسيع دنيا آهي، ان جي هڪ شعبي بابت ڊڪشنري اوهان جي هٿن ۾ آهي، جيڪا سنڌ يونيورسٽيءَ جي فزيالاجي جي شعبي جي چيئرپرسن پروفيسر رشيده ڀٽيءَ تمام گهڻي محنت سان تيار ڪئي آهي. اسان کي اميد آهي ته اها لاڳاپيل مضمونن جي شاگردن لاءِ ضرور لاڀائتي ثابت ٿيندي. سندس ڊڪشنري متعلق:
Mazharul Haq Siddiqui
Ex-Vice- Chancellor
University of sindh jamshoro
لکي ٿو ته:
It certainly is Rashida`s love for her mother- tongue to accomplish a difficult task of compiling a dictionary of hematology- study of science of blood- in sindhi. Scholars and experts in the field of linguistics are of considered view that people understand more easily, concepts transmitted to them in their own language, whether orally or in writing. On the one hand there is so much scientific knowledge easily available in English which all doctors, practitioners and teachers read and understand; while on the other hand much erudition in sindhi is required in the part of the readers in scientific field before they start referring to dictionary of Hematology in sindhi.
پروفيسر رشيده ڀٽي لکي ٿي ته:
سنڌي ٻولي قديم ۽ جديد لفظن سان مالا مال ٻولي آهي. جَسُ لهڻي سنڌي ٻوليءَ جو ادارو جنهن جي طرفان اها ڪوشش ٿي رهي آهي ته سائنسي علمن کي دنيا جي مختلف ٻولين منجهان کڻي، سنڌيءَ ۾ منتقل ڪيو وڃي.
مختلف دانشورن ۽ ٻوليءَ جي ماهرن جي راءِ مطابق سڄيءَ دنيا ۾ اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته هر ماڻهو پنهنجي ٻوليءِ ۾ آسانيءَ سان ٻڌل ۽ پڙهيل ڳالهيون، سمجهي ۽ ياد رکي سگهي ٿو. ان جو مطلب اهو ٿيو ته هر انسان جو بنيادي حق آهي ته کيس پنهنجيءَ ٻوليءَ ۾ ابتدائي تعليم ڏياري وڃي ته جيئن هو پنهنجي لاشعور ۾ ويٺل مادري ٻوليءَ کي آسانيءَ سان سمجهي سگهي ۽ پوءِ جڏهن شعور جي منزل تي اچي رسي ته وڌيڪ ٻولين تي آسانيءَ سان دسترس حاصل ڪري سگهي.
اهو هڪ انتهائي اهم ۽ وقتائتو قدم آهي. مون کي جڏهن ان بابت آگاهي ڏني وئي ته مون ڪافي سوچ ويچار بعد ان ڳالهه جي حامي ڀري، ته مان پنهنجي سبجيڪٽ هيماٽولاجي جي ٽيڪنيڪل ٽرمينالاجيءَ (اصطلاحن) کي انگريزي ڪتابن منجهان کڻي آسان سنڌيءَ منجهه ترجمو ڪري آڻيان. هن ڊڪشنريءَ جي خاص خوبي هيءَ آهي ته هن ۾ انگريزيءَ منجهان نه صرف ”لفظ“ سنڌيءَ ۾ لکيا ويا آهن، پر گڏوگڏ ”اُچار“ (Pronunciation’s) به ڏنا ويا آهن. ان سان اسان جي شاگردن خاص ڪري جيڪي سنڌي ميڊيم مان پڙهي اچن ٿا ۽ صرف انگريزي ٻوليءَ تي مهارت نه رکڻ سبب مضمون تي ضابطو نٿا رکي سگهن. هن ڊڪشنري جي پڙهڻ سان کين تمام گهڻي مدد ملندي مون کي اميد آهي ته جيڪڏهن شاگردن، استادن ۽ عام ماڻهن هن منجهان ڪجهه لاڀ حاصل ڪيو ته سمجهندس ته منهنجو هيءُ پورهيو صاب پيو، هن سلسلي ۾ جيڪڏهن ماهرٖ تعليم پنهنجا رايا ۽ مشورا ڏيندا ته ايندڙ ايڊيشن ۾ انهن تي عمل ڪري هن ڊڪشنريءَ کي وڌيڪ لاڀائتو ڪبو.
ڊاڪٽر تنوير جوڻيجو لکي ٿي ته:
پروفيسر ڊاڪٽر رشيده ڀٽيءَ جو جنم سنڌ جي تاريخي ۽ ثقافتيءَ شهر روهڙي ۾ ٿيو. تعليمي سفر جو آغاز پڻ هن شهر کان ٿيو. جڏهن ته ميٽرڪ 1968ع ۾ گورنمينٽ گرلس اسڪول روهڙي شريف ۽ انٽر گورنمينٽ گرلس ڪاليج سکر مان پاس ڪئي ۽ ايم ايس سي سنڌ جي هوائن واري تعليمي علائقي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان 1975ع ۾ زولاجيءَ ۾ ڪئي، جتي فرسٽ ڊويزن ۾ سيڪنڊ پوزيشن حاصل ڪيائين. جڏهن ته پي ايڇ ڊي ۾ سندس هيٺيون موضوع آهي:
“STUDY OF HAEMATOLOGICAL PARAMETERS AND PREVALENCE OF ANAEMIA IN PREGNANT WOMEN AND GENERAL POPULATION OF HYDERABAD AND ADJOINING DISTRICTS (SINDH) PAKISTAN.”
پروفيسر رشيده ڀٽي، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ بطور ليڪچرار ٻاويهه اپريل 1976ع ۾ مقرر ٿي. جتان هن ترقيءَ جون منزلون ماڻيون. پروفيسر رشيده ڀٽي، سنڌ يونيورسٽيءَ جي باشعور، باخبر ۽ پاڻ پتوڙيندڙ استادن مان هڪ آهي، جيڪا هڪ طرف نه رڳو شاگردن کي پڙهائڻ ۾ دلچسپي وٺي ٿي. پر ٻئي طرف تحقيقيءَ ڏس ۾ به سندس ڪوششون نمايان آهن.
پاڪستان جي سڀني اهم يونيورسٽين توڙي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ پنجاهه کان وڌيڪ قومي ۽ بين الاقوامي ڪانفرنسن، سيمينارن ۽ ورڪشاپن ۾ نه صرف شرڪت ڪئي اٿس پر بين الاقوامي معيار جا مقالا پڻ پيش ڪيا اٿس. پروفيسر رشيده ڀٽي، جتي سائنس ۾ دلچسپي رکي ٿي، اتي سندس اهم خوبي سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ادب سان محبت به آهي. هن رشيده شيخ جي نالي سان لکڻ جو آغاز ”اديون“ رسالي سان ڪيو، جڏهن ته ”نئين زندگي“ ”عبرت ميئگزين“ ۽ ”سرتيون“ ۾ ڪيترائي مقالا ۽ مضمون لکيا اٿس. ان کان سواءِ تازوئي سندس ڪتاب ”ميون ۽ ڀاڄين سان علاج“ ڇپجي پڌرو ٿي چڪو آهي ۽ هينئر سندس سنجيده ڪاوش ”هيماٽالاجيءَ جي ڊڪشنري“ اوهان جي هٿن ۾ آهي، جتي نه صرف هن لفظن جي معنيٰ ۽ مفهوم بيان ڪيو آهي، پر شاگردن جي سهولت ۽ سمجهه لاءِ سنڌي ۾ انگريزي اُچار پڻ پيش ڪيا آهن ۽ سندس هي قلمي پورهيو نه رڳو زولاجي، فزيالاجي ۽ ميڊيڪل جي شاگردن لاءِ لاڀائتو ٿيندو، پر عام پڙهندڙن کي به هيماٽالاجيءَ جي باري ۾ ڄاڻ ملندي، رب پاڪ کيس ڪامياب ۽ ڪامران ڪري ۽ سندس قلم ۽ ذهن کي متحرڪ ڪري ته اڃا به وڌيڪ سندس ذهني پورهيو پڙهندڙن اڳيان اچي. آمين.
گلبدن جاويد لکي ٿي ته: ڊاڪٽر پروفيسر رشيده ڀٽي هڪ جاکوڙي استاد ۽ پنهنجي مضمون ٿي دسترس هجڻ سان گڏ. سنڌي ٻولي ڏانهن تمام گهڻي ڪميٽڊ آهن. اهوئي سبب آهي جو پاڻ ڏهاڪو سالن کان ”سرتيون“ ۾ سائنسي مضمون جن جو سنئون سڌو تعلق انساني صحت خاص ڪري ”ماءُ ۽ ٻار جي صحت سان آهي. باقاعدگيءَ سان لکندي رهي ٿي. سندس لکڻيون معلوماتي ۽ عام فهم هئڻ سبب پڙهندڙن خاص ڪري عورتن ۾ گهڻو مقبول آهن.
* * *