سائنس، علم ۽ رسالا

ڪَڻي مان ڪيچَ

پروفيسر رشيده ڀٽي جو لکيل هي ڪتاب انتهائي ڪارائتو آهي. جيڪو عام ماڻهوءَ کي غذا جي فائدي ۽ علاج جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ ڏيئي ٿو. قدرت جو ڪارخانو عجيب آهي. هتي شين جو پاڻ ۾ مضبوط لاڳاپو آهي. اُهي چاهي گڏوگڏ هلنديون هجن يا بنهه هڪٻئي جي اُبتڙ هجن. گرمين جون ڀاڄيون ۽ ميوا مزاج ۾ معتدل ۽ جسم ۾ پاڻي جي مقدار کي گهٽ ٿيڻ نه ٿا ڏين. ساڳيءَ ريت سياري ۾ پيدا ٿيندڙ غذا گرم ۽ جسم جي مدافعتي مزاج کي فعال بڻائي ٿي. ساڳي وقت موسمي اثر ۽ بيمارين کان بچائي ٿي. رشيده پنهنجي هن ڪتاب ۾ ڪافي حد تائين غذا متعلق انيڪ پهلو واضع ڪيا آهن.
Title Cover of book ڪَڻي مان ڪيچَ

اول االله، آخر االله

”م“سان محمد صلي الله عليه وسلم ”م“ سان محبت

هتي مان هن ”موضوع“ جيڪو منهنجي امڙ جي باري ۾ آهي ان جي ابتدا اِن لفظ ”م“ سان ڪري رهي آهي.”م“ سان مٺڙي ۽ ”م“ سان ”ماءُ“، اهڙو ته مٺڙو لفظ جنهن جو مٽ ٻيو ڪوبه لفظ نه آهي نه ٿي سگهندا. الله تعاليٰ پنهنجي محبوب لاءِ هيءَ ڪائنات جوڙي ان ڪائنات منجهه پنهنجي مخلوق، خلقي، انسان جي تخليق مڪمل ٿي وئي ته حضرت آدم عليه السّلام کي زمين تي موڪليو ويو. جيئن ته ڪائنات جي پالڻهار کي هونئن ته سڄي مخلوق پياري آهي، پر مٿانهون ۽ مُقدس کيس پنهنجو ”محبوب“، حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن اهن. جن لاءِ ڪائنات کي وجود ۾ اندو ويو آهي. سو اُن ”م“ لفظ جي مَانَ ۽ شانَ جي ڪهڙي ساراهه ڪري ڪهڙي ڪجي ۽ اُن فلسفي کي ڪيئن سمجهجي؟ پوءِ مختلف رشتا جڙندا ويا. مختلف رشتن کي الڳ الڳ نالا ڏنا. پر سڀني ۾ نمايان پيار ۽ محبت جو مجسمو بڻيو لفظ ”ماءُ“. الله تعاليٰ خود نه ڪنهن کي پيدا ڪيو، نه ڪنهن منجهان پيدا ٿيو. بلڪ رب تعاليٰ ته هن ڪائنات جو خالق مالڪ ۽ پنهنجي خلقيل مخلوق جو پالڻهار آهي. اهو رب العالمين آهي، هو پنهنجي ڪل خلقيل مخلوق سان پيار ڪري ٿو، سڀني جاندارن، ساهوارن، نباتات ۽ حيوانات، کي رزق پهچائي ٿو، اهڙو پيار ڪري ٿو، جيڪو بي لوث آهي. پنهنجي خلقيل مخلوق منجهان، ”انسان“ کي اشرف المخلوقات بڻايائين، انسان لاءِ، زمين، آسمان، وڻ ٽڻ، جبل، ميدان، سمنڊ ۽ درياء عطا ڪيائين، من و سلويٰ موڪليائين.
پر جڏهن اُن ”انسان“ حڪم عدولي ڪئي ته کيس سيکت ڏنائين ۽ پوءِ توبه تائب ٿيڻ تي کيس ”معافي“ ڏيئي حڪم ڏنائين ته زمين تي نيڪيءَ جو سبق عام ڪري ۽ انسان ذات کي پنهنجي پالڻهار جي اِطاعت ۽ بندگيءَ سيکاري، سڌي ۽ نيڪ راه تي هلڻ جي تلقين ڪري ۽ هڪ ”الله“ کان سواءِ ٻي ڪنهن جي به بندگيءَ نه ڪري. اهو ئي وحدهَ لاشريڪ له، واحد ۽ اَحدُ، هڪڙو رب هن سڄي ڪائنات جو مالِڪ المُلڪُ آهي.
اُن پهرين انسان کي پيغمبريءَ جو درجو عطا ڪري حضرت آدم عليه السّلام جي لقب سان نوازيو ويو ۽ پوءِ هڪ ٻي پويان وقتاً فوقتاً ڪيترائي نبي ۽ پيغمبر الله تعاليٰ جو پيغام آڻيندا ۽ پهچائيندا رهيا. ڪيتريون قومون ان دوران نافرماني جي ڪري برباد به ٿي ويون ۽ ڪيترائي نيڪ ٻانها سڌيءَ واٽ تي عمل پِيرا به رهيا. پر آخرڪار جڏهن دنيا ۾ جهِالت ۽ بُرائي تمام گهڻي چوٽ چڙهي وئي ته الله تعاليٰ آخرڪار پنهنجي پياري محبوب حضرت مُحَمّد مُصّطفيٰ، احمد مُجتبّيٰ کي نبيءَ آخرِ الزمان ۽ رحمَتُ اللعَالمين ڪري موڪليو. ته آخر رب تعاليٰ کي پيارو پنهنجو محبوب ۽ وري دنيا ۾ هر رشتي کان وڌيڪ ”اهم“ ۽ پيارو لفظ ”ماءُ“ ۽ ”ممتا“ جيئن رب پنهنجي مخلوق سان پيار ڪري ٿو، ساڳيءَ ريت هن زمين تي ”ماءُ“ به پنهنجي ”ٻچڙن“ تي ساڳي نموني ”ساه“ قربان ڪري ٿي. بنا ڪنهن تفريق جي سڀني ٻچڙن کي ساڳيءَ نظر سان ڏسي ٿي. اوجاڳا ڪري ان بيوس بڻيل ننڍڙي ٻارڙي جي پرگهور لهي ٿي، جنهن وقت اهو ٻچڙو اڃان پاڻ مرادو چرڻ پرڻ جي قابل به نٿو هجي. تنهن ”ماءُ“ جي ”مامتا“ کي لفظن ۾ ته بيان ڪري ئي نٿو سگهجي. الله تعاليٰ اِنسان ذات جي نيڪ عملن جي بدلي نيڪ جڳهه ۽ برن ڪمن جي بدلي بري جڳهه جو تعيّن ڪيو ويو آهي، پر ماءُ جي مامتا، اولاد طرفان ڪيتري به ڀوڳنا ڀوڳي پر ڪنهن به قسم جي سزا مقرر نه ڪندي آهي، پر اُلٽو وري به ”دُعائون“ ڏيندي رهندي آهي ته من الله تعاليٰ سنئين واٽ جي هلاين“ هن ڪائنات جي مالڪ، پروردگار پنهنجي پياري نبيءَ آخرالزمان کي ٻنهي جهانن لاءِ رحمت اللعالمين ڪري موڪليو آهي، اِهڙي نموني (”ماءُ جي ممتا“) قرباني ۽ اِيثار ڪوبه ڪو ”ثاني“ نه آهي. ڏک ۽ سُور سهندي به پنهنجن ٻارڙن لاءِ نيڪ تمنائون، نيڪ خواهشات ۽ دُعائون پئي گهرندي رهندي آهي. الف، الله جيڪو جزا ۽ سزا جو مالڪ آهي، ”م“ مُحمد جيڪو رحمت اللّعالمين آهي، ته رب تعاليٰ ”ماءُ جي صورت ۾ به اِهڙي ته لافاني خصوصيت سيني اندر سمائي رکي آهي ڇو، ڏسجي ته مرحلو ڪهڙو به هجي پر ”ماءُ“ جنهن جي اندر ۾ ”اسمائي حسنيٰ“ جون سڀ خاصيتون ۽ خصلتون موجود آهن، سا پنهنجن ٻارڙن لاءِ صرف ۽ صرف ”دُعاڳو“ ئي رهندي آهي. سندس ”زبان“ تان ڪوبه ڏکيو لفظ نه ورندو آهي.
لفظ ”م“ ۾ الله تعاليٰ اهڙيءَ ته لذت رکي آهي جيڪا ٻيو ڪو لفظ اُن جي مَدِ مُقابل اڄ تائين نه ٿي جو ۽ نه ٿي سگهيو آهي ۽ نه ٿي سگهندو. اسان جي پياري نبي حضرت محمد مصطفيٰ صَلي الله عليه وسلم جن جو اسم مبارڪ زمين تي ”مُحمد“ رکيو ويو ته آسمانن تي ”احمدُ“ ڪري پُڪاريو ويو. الله تعاليٰ پنهنجي محبوب، پنهنجي حبيب کي شرفِ ملاقات لاءِ گهرايو. مٿن ”دين اسلام“ کي مڪمل ڪري نَبيءَ آخرِالزمان بڻايو. جتي قرآن مجيد نازل ڪيو ويو. اتي الله تعاليٰ پنهنجي حبيب کي جيڪو ڪجهه عطا ڪيو. سو ”علم“ وري ”حديث“ شريف جي صورت ۾ انسانن کي بيان ڪري ٻڌايو ويو. الله جي حبيب دين توڙي دنياوي معاملات کي بي انتها کولي بيان ڪيو. خاص طور تي جهالت واري دور جي حالات پٽاندر عورتن جي باري ۾ بيشمار حديثون ۽ روايتون موجود آهن. اسان جي نبي سڳوري عورت جيڪا ”ماءُ“ آهي. ان جي درجي ۽ شان مان کي، ايترو ته بلند ڪيو جو جڏهن بيبي دائي حليمه جن اڳيان اينديون هين ته پاڻ سڳورا اُٿي بيهندا هئا. ”ماءُ“ جي صورت ۾ عورت جي عظمت جو عظيم مثال قائم ٿيو ته پوءِ وارو ڌيءَ (نياڻي) جو آيو. جڏهن بيبي فاطمة الزهرا ؓ جن تشريف فرما ٿينديون هيون ته پاڻ اُٿي بيهي استقبال ڪندا هئا. اها ئي عظيم تعليم الله تعاليٰ جي حبيب اسان انسانن لاءِ ڏٺي ته ”عورت“ جيڪا ”ماءُ“ آهي، ڀيڻ آهي، نياڻي آهي، ان جي عزت احترام ڪريو ڇو ته ماءُ جي پيرن هيٺان ”جنت“ کي رکيو ويو آهي.
جنهن عورت (امان حوّا) جي ڪري حضرت آدم عليه السلام جن کي جنت کان ٻاهر زمين تي اچڻو پيو، اُن جي ساٿ نڀائڻ جي طفيل ئي پوءِ الله تعاليٰ، اِنسان کي توبه تائب ٿيڻ جي ’دُعا‘ سيکاري ۽ معافي قبول فرمائي ۽ اِهڙي طرح ڪائنات جو وهنوار هلندو رهيو ۽ اِنسانذات جي تخليق ٿيندي رهي پئي. پوءِ ٿيو ائين ته جڏهن دين اسلام مڪمل ۽ ڪَامِلُ ٿيو ۽ پاڻ سڳورن تي قرآن مجيد نازل ڪيو ويو ته الله تعاليٰ جي حڪم سان عورت جا درجا به بلند ڪيا ويا. ۽ مانَ مٿانهون ڪيو ويو. سندس پيرن هيٺان جنت به رکي ويئي پر اِها خبر ضرور ذهن نشين ڪيو ته اِها جنت ملندي ضرور پر والد جي ’دُعا‘ سان ملندي يعني ته ان جي دُعا جو شامل هجڻ پڻ نهايت ضروري آهي ۽ ضروري ڪيو ويو آهي. صرف ماءُ جي محبت ۽ محنت ڪافي ناهي پر دل سان گهريل ۽ محبتن سان ٽمٽار ”والد“ جي دُعا کي به نهايت ئي ضرور بڻايو ويو آهي (سبحان الله) جيئن ته اسان کي معلوم آهي ته دين اسلام ڪائنات ۾ اولينّ ۽ قديم ترين مذهب آهي، پر مختلف وقتن ۾ مختلف مڪتب فڪر ماڻهو پنهنجون من پسند ترميمات ڪندا رهيا ۽ ان طرح عورت کي صحيح مقام نه ڏنائون، پر جيئن دين اسلام مڪمل ٿيو ته الله تعاليٰ جي پياري حبيب ”عورت“ جيڪا ماءُ، ڀيڻ، زال ۽ نياڻي هجي ٿي، تنهن جا به درجا بلند ڪيا ۽ فرمايو ويو ته ”ماءُ جي پيرن هيٺان جنت“ آهي. ماءُ جيڪا هڪ عورت پڻ آهي. تنهنجو رتبو ۽ مان شان جڏهن وڌيو ته معاشري ۾ مرد ۽ عورت جي وچ ۾ توازن پيدا ٿيو ۽ معاشري ۾ ترقيءَ جو راهون کليون. اسان جي پياري نبي جيڪو ڪجهه فرمايو تنهن تي عمل پڻ ڪري ڏيکاريو. اسلام ۾ عورت کي پردي جي تلقين سان گڏوگڏ باعزت طور تي تجارت ڪرڻ، علم حاصل ڪرڻ، جنگ جي ميدان ۾ پنهنجن مردن، پٽن ۽ ڀائرن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي زخمين جي مرد ۽ علاج ڪرڻ، علم و هنر حاصل ڪري، ذريعهءِ معاش حاصل ڪرڻ مطلب ته هر محاذ تي عورت جي نيڪ ڪم ڪار کي مڃتا ڏني وئي.
اسان جي پياري نبي ڪريم صَلعّم جي زوجه اُم المومنين بيبي خَديجة الڪُبريٰ جن بحيثيت تاجر، پاڻ مڃرايو، بحيثيت عظيم ماءُ جي بيبي فاطمه الزهرا جن گهريلو ڪم ڪار سان گڏوگڏ پنهنجي پياري اولاد جي وڏي ناز و نعم سان پرورش ڪئي. بحيثيت ماءُ جي دنيا ۾ عورت جڏهن بلند مقام تي فائز ٿي، ته پوءِ ماءُ جي عزت ۽ احترام سان گڏوگڏ عقيدت ۾ به اضافو ٿيو.
اڄ مان جڏهن پنهنجي امڙ، ماءُ جي باري ۾ ڪجهه سوچ ويچار ڪريان ٿي، ته مون کي ائين محسوس ٿئي پيو، ته مان پنهنجي امڙ جي باري ۾ ڇا ڇا عرض ڪريان، ڇا لکان، ڇا ٻڌايان، ڪٿان شروع ڪريان ۽ ڪٿي ختم ڪريان. ڪهڙن لفظن جي ڀيٽا ڏيان مان پنهنجي پياري امڙ کي، جنهن سڄي عمر پاڻ کي هر ڳالهه ۾ پوئتي ڪري به اسان جي ننڍين وڏين گهُرجن کي پورو ڪيو، ڪٿان آڻجن اهڙا لفظ، جن سان پنهنجيءَ مٺڙي امڙ کي خراج تحسين پيش ڪجي، منهنجي خيال ۾ ته هن ڪائنات ۾ اڃان تائين ڪنهن به اهڙا لفظ ڳولهي نه لڌا آهن، جن سان امڙ جي رتبي کي مڪمل ڪري سگهجي. هر دور جي عظيم کان عظيم تر دانشور ۽ فلاسافر پنهنجي پنهنجي طريقن سان ”امڙ“ جي رشتي جي تشريح ڪئي آهي ۽ ڀيٽا پيش ڪئي آهي. پر منهنجي خيال ۾ مان ته گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي امڙ جي محبت، پيار ۽ ساهه صدقي وڃڻ واري ڪيفيت جو ڪنهن به طريقي سان حق ادا نٿي ڪري سگهان. ماءُ جي مُحبت، اُوّنَ ۽ اوسيئڙي کي مان ڪيئن پنهنجن لفظن ۾ بيان ڪريان. هتي مون کي هڪ ڏاهي انسان جي بيان ڪيل گفتگو ياد اچي ٿي، بيان ڪري ٿو ته جڏهن هڪ ڏينهن صبح کان وٺي شام تائين سخت محنت ۽ مشقت کان پوءِ مان موٽي گهر آيم ته منهنجي ڀاءُ مون کان پڇيو ته تو سڄي ڏينهن ۾ ڇا ڪمايو! زال پڇيو، تو ڇا بچايو؟ وري اولاد فرمايو ته توهان ڇا آندو آهي؟
صرف ماءُ پڇيو ته تو سڄي ڏينهن ۾ ڪجهه کاڌو به آهي يا نه؟ اِنَ ”اوسيئڙي ۽ اون“ جو نالو آهي ”ماءُ“. سار ۽ سنڀار جو نالو آهي ”ماءُ“، ڏک ۽ تڪليف جي احساس کي سمجهڻ واري جو نالو آهي ”ماءُ“. بس اُها هستي ماءُ جي ئي آهي جيڪا اوجاڳا به ڪري ڄاڻي ٿي ته پنهنجي، جند جان تي جبر ڪري ٻچي جي وات ۾ گرهه وجهي وري سندس ئي منهن ۾ نهاري ٺري پوي ٿي. الله تعاليٰ بيشڪ پوءِ ان ئي هستيءَ جو مان به مٿانهون ڪيو ۽ جنت به پيرن هيٺان رکي.
ماءُ اهڙي خمير مان تيار ڪئي ويئي. جنهن ۾ ”مامتا“ ڪُٽي ڪُٽي ڀرپور انداز ۾ ملائي ويئي، اهڙي مامتا صرف اُن عورت جي حصي ۾ آئي جيڪا پوءِ ”ماءُ“ جو نصيب بڻي. دنيا ۾ ”ماءُ“ ۽ ”مامتا“ جا جذبا گڏوگڏ رهيا آهن ۽ هميشه لاءِ رهندا. جيڪڏهن اهو مامتا جو جذبو ماءُ منجهه موجود نه هجي ها ته هوند ”ماءُ“ به هڪ عام عورت ئي هجي ها. پوءِ ڪير مٺڙي ننڊ ڦٽائي تڙپي اٿي ها، ڪير پهرين وک کڻڻ کان وٺي رهندي زندگي تائين ”جي بسم الله“ پڙهندي رهي ها. ڪير صدقي وڃي ها. منهنجي امڙ به مٿي بيان ڪيل خصوصيات جو ڀرپور مجموعو هئي. سندس ڪهڙي ياد کي تازو ڪريان ۽ ڪهڙيءَ جو ذڪر نه ڪريان.
ڪجهه ٻاروتڻ جون ڳالهيون جڏهن ياد پون ٿيون ته محسوس ٿئي ٿو ته منهنجي امڙ نهايت ئي ساده طبيعت، نماز روزي جي پابند، وڏي رک رکاءُ واري خوش لباس ۽ خوش گفتار خاتون هئي. مون کي پنهنجي اسڪول ۾ وڃڻ جو پهريون ڏينهن صرف هڪ ڳالهه ڪري ياد آهي. اسان جي گهر جي بلڪل ويجهو اسان جو اسڪول جيڪو هن وقت به موجود آهي، تنهن ۾ اسان واري وقت ۾ بهترين استاد موجود هوندا هئا. توڙي جو انتظامي لحاظ کان گهڻين ڳالهين ۾ پٺتي پيل هئڻ باوجود، پابنديءَ سان پڙهائيءَ تي توجه ڏنو ويندو هو. مون کي ياد آهي ته ڪچي پهرئين ۾ داخل ٿيل ٻارن سان گڏ جڏهن مون کي منهنجي استاد صاحبه اسڪول جي پڌر/ صحن ۾ اوڪڙو ويهڻ لاءِ چيو ته مون فوراً پنهنجي استاد اڳيان بيهي ڪري چيو ته منهنجي ڪپڙا بلڪل نوان آهن ۽ بوٽ به پالش ٿيل آهي. هيٺ ويهڻ سان خراب ٿي ويندا، مان نه ويهندم ته منهنجي استاد مون کي دڙڪا ڏيئي چيو ته توهان پنهنجي بابا کي اسڪول ۾ موڪليو ته اچي هيڊمسٽريس سان ڳالهائي، مون جڏهن اها ڳالهه امان کي ٻڌائي ته الٽو امان مون تي نصيحتن جا دفتر کولي ڇڏيا. اسان جي امڙ سنڌي فائنل پڙهيل هئي ۽ گڏوگڏ ديني تعليم ۾ ماهر، قرآن مجيد جون ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون آيتون ۽ مڪمل سورتون کيس ياد هيون، درود تاج کان وٺي ٻيا ڪيترائي ننڍا وڏا درود شريف ۽ دُعائون وغيره، شاهه لطيف رحه جا بيت، مُناجاتون بر زبان ياد هوندا هئس. اُٿندي ويهندي پهاڪا، چوڻيون ۽ تشبيهون ڏيئي پئي سمجهاڻي ڏيندي هئي. شروع جي زماني ۾ بيشڪ تعليم ۾ منهنجي والد محترم جو هٿ رهيو پر امڙ به وسان نه گهٽايو. جيڪڏهن پهريون لفظ الف ۽ ب بابا پڙهايو ته مون لاءِ روزانو پٽي نيسارڻ ڪاري مس شيشيءَ ۾ ڀڄائي تيار ڪرڻ سان گڏوگڏ ڪلڪ ۽ قلم تيار ڪرڻ، پينسل ۽ رٻڙ سنڀالڻ کان وٺي صاف سٿرا ڪپڙا پارائي، نيرن ڌيان سان ڪرائي اسڪول موڪلڻ کان وٺي، ننڍين وڏين ضرورتن جو خيال رکڻ، روزانو قرآني آيتون ياد ڪرائڻ، قرآن شريف جون ڳالهيون ٻڌائي مثال ڏيڻ، عام آکاڻين جي بجاءِ قصص النبياء منجهان حضرت سليمان عليه السلام، بيبي بلقيس، حضرت دائود عليه السلام، بيبي زليخا ۽ حضرت يوسف عليه السلام ۽ ٻين نبين پيغمبرن، اوليائن، بزرگن جون نصيحت آموز ڳالهيون ٻڌائڻ ڪجهه به ته نه وسريو آهي. اڄ به ياد آهي . امان جي ڏکن وارا ڏينهن، جيڪي هن گوندر منجهه گذاريا، دُعائن وارا هَٿَ جيڪي ان مهل تائين دعائون گهرندا رهندا هئا جيستائين مان امتحان ڏيئي واپس نه موٽي اچان، پيپر ٿيندا هئا، ته دعا لاءِ امڙ جا هٿ کڄيل هوندا هئا. بي انتها شوق ۽ محبت سان هن اسان سڀني ڀائرن ۽ ڀينرن جي تعليم ۾ دلچسپي ورتي ۽ بهترين تربيت ڪئي.
حقوق الله سان گڏوگڏ حقوق العباد تي يقين رکندڙ ماءُ سڀني جي ڏک سک جي ساٿي ۽ همدرد هوندي هئي. سندس سڀاءُ اهڙو جو جنهن سان هڪ دفعو ملي ته ڄڻ هميشه ان ماڻهوءَ لاءِ ياد بڻجي ويندي هئي.
ڪجهه ڏانهن جي قولن مطابق ماءُ معنيٰ ڪڏهن به ختم نه ٿيندڙ ڏکن جي تصوير، سور، سڏڪا، ۽ لڙڪ. جڏهن ان جملي کي پڙهيم ته بلڪل حقيقت لڳي. جڏهن ڪابه ڇوڪري نوجوانيءَ واري زندگيءَ ۾ پير پائي ٿي ته پوءِ مائٽ سندس شادي ڪرائي سندس لاابالي زندگيءَ تي ڄڻ ته پابندين جا تالا هڻي ڇڏين ٿا. پوءِ جڏهن اها ڇوڪري، زال بڻجي، ماءُ جي رتبي تي پهچي ٿي ته سندس زندگي سکن ۽ ڏکن جي ڀري بڻجي پوي ٿي.
پوءِ ماءُ جي عظمت، صرف قرباني ڏي ڌيان ڏي ٿي. پنهنجو سک آرام ڦٽائي ٻچن کي نپائي وڏو ڪري ٿي ۽ جڏهن سندس ٻچا وڏا ٿين ٿا ته پوءِ هوءَ به ڪجهه لمحن لاءِ سوچي ٿي ته هاڻي شايد ايندڙ وقت صرف پنهنجي ٻچڙن لاءِ نه پر سندن ايندڙ نسلن لاءِ به وقف ڪرڻ گهرجي اِئين هَن دُنيا ۾ ”تخليق“ جو سلسلو قائم و دائم رهندو اچي ٿو. صرف ”ماءُ جي محبت“ جي بدولت.