سائنس، علم ۽ رسالا

ڪَڻي مان ڪيچَ

پروفيسر رشيده ڀٽي جو لکيل هي ڪتاب انتهائي ڪارائتو آهي. جيڪو عام ماڻهوءَ کي غذا جي فائدي ۽ علاج جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ ڏيئي ٿو. قدرت جو ڪارخانو عجيب آهي. هتي شين جو پاڻ ۾ مضبوط لاڳاپو آهي. اُهي چاهي گڏوگڏ هلنديون هجن يا بنهه هڪٻئي جي اُبتڙ هجن. گرمين جون ڀاڄيون ۽ ميوا مزاج ۾ معتدل ۽ جسم ۾ پاڻي جي مقدار کي گهٽ ٿيڻ نه ٿا ڏين. ساڳيءَ ريت سياري ۾ پيدا ٿيندڙ غذا گرم ۽ جسم جي مدافعتي مزاج کي فعال بڻائي ٿي. ساڳي وقت موسمي اثر ۽ بيمارين کان بچائي ٿي. رشيده پنهنجي هن ڪتاب ۾ ڪافي حد تائين غذا متعلق انيڪ پهلو واضع ڪيا آهن.
Title Cover of book ڪَڻي مان ڪيچَ

پاڪستان ۾ بيمارين جي وڌڻ جو سبب ماڻهن ۾ ڄاڻ جو نه هئڻ آهي: انٽرويو

هيپاٽائيٽس جي خاتمي لاءِ پاڪستان ۾ ڪيترائي ريسرچ اسڪالر، ڊاڪٽر، فزيالاجسٽ ۽ هيماٽالاجسٽ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. انهن مان سنڌ يونيورسٽي جي فزيالاجي شعبي جي چيئرپرسن ميڊم رشيده ڀٽي هڪ فزيالاجسٽ ۽ هيماٽالاجسٽ هجڻ جي ناتي پنهنجون خدمتون گذريل 32 سالن کان سرانجام ڏئي رهي آهي. رشيده ڀٽي تعلقي روهڙيءَ ۾ سنه 1953ع ۾ پيدا ٿي. هن مئٽرڪ روهڙيءَ جي گرلز هاءِ اسڪول مان ۽ انٽر گرلز ڪاليج سکر مان ڪئي. تعليم سان چاهه رکندڙ رشيده ڀٽي 1973ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان گريجوئيشن ۽ 1975ع ۾ ماسٽرس ڊگري حاصل ڪئي. جنهن کان پوءِ 1976ع ۾ فزيالاجي شعبي ۾ ليڪچرار طور مقرر ٿي ۽ هن وقت سنڌ يونيورسٽي جي فزيالاجي جي شعبي ۾ چيئرپرسن جي عهدي تي فائز آهي.
رشيده ڀٽي فزيالاجيڪل سوسائٽي آف پاڪستان ۽ زولاجيڪل سوسائٽي آف پاڪستان جي ميمبر پڻ آهي.
س: هيپاٽائيٽس ڇا آهي ۽ ان جا اثرات ڪهڙا آهن؟
ج: هيپاٽائيٽس دراصل جگر جي سوزش آهي. عام طور تي هيءُ مرض وائرس جي ذريعي ڦهلجي ٿو. جگر، رت منجهان نقصان ڏيندڙ جزا مثلاً: مرده سيل، زهريلا مادا، سڻڀ، رطوبتن جي زيادتي ۽ پيلو مادو وغيره کي فلٽر يعني ڇاڻي صاف ڪرڻ جي ذميواري ادا ڪري ٿو. هاڻي جيڪڏهن جگر وڌي وڃي يا وري سوزش جي ڪري سُڄي پوي ته يقيناً هي عضوو پنهنجو ڪم نارمل طريقي سان سرانجام نه ڏئي سگهندو. نتيجي طور جن زهريلن مادن کي فلٽر ڪري الڳ ڪرڻو هوندو آهي سي الڳ نه ٿي سگهندا آهن ۽ سڌو سنئون رت ۾ موجود هجڻ ڪري جسم ۾ داخل ٿي ويندا آهن، جنهن جي ڪري هيءُ مرض جنم وٺي ٿو.
س: هيپاٽائيٽس جا گهڻا قسم ٿين ٿا؟
ج: سائنسدانن اُن جا ٽي اهم قسم دريافت ڪيا آهن جيڪي مختلف قسمن جي وائرس جي ڪري ٿيندا آهن.
1. هيپاٽائيٽس ”اي“ 2. هيپاٽائيٽس ”بي“ 3. هيپاٽائيٽس ”سي“.
هيپاٽائيٽس جا ٻه قسم ايترا عام نظر ڪونه ايندا آهن جن ۾ هيپاٽائيٽس ”ڊي“ ۽ هيپاٽائيٽس ”اي“ شامل آهن.
س: هيپاٽائيٽس ڪهڙن ماڻهن کي ٿيڻ جو خطرو هوندو آهي؟
ج: هيپاٽائيٽس اڪثر ڪري انهن ماڻهن کي ٿيڻ جو خطرو هوندو آهي، جيڪي اڳ ۾ ڪنهن سبب جي ڪري يا وري ڪنهن بيماري جي ڪري جيري جي تڪليف ۾ مبتلا رهيا هجن يا وري تمام گهڻا ڪمزور ۽ ناتوان هجن تن کي اها بيماري ٿيڻ جو وڌيڪ انديشو رهي ٿو.
س: پاڪستان ۾ هيپاٽائيٽس جي شرح ڪيتري آهي؟
ج: ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي رپورٽ مطابق پاڪستان ۾ 10 ملين ماڻهو هن بيماري جو شڪار آهن جن مان 4.5 ملين ماڻهو هيپاٽائيٽس ”بي“ ۽ هيپاٽائيٽس ”سي“ جو شڪار آهن.
س: پاڪستان ۾ هن بيماري جي وڌڻ جا ڪهڙا مکيه ڪارڻ آهن؟
ج: پاڪستان ۾ هن بيماري جي وڌڻ جا مکيه سبب هي آهن، هڪ ته ماڻهن ۾ هن بيماري بابت خاص ته ڄاڻ ڪونه آهي، ٻيو ته هيءَ بيماري هڪ وچڙندڙ بيماري آهي، جيڪا مختلف سببن جي ڪري ڦهلجندي رهي ٿي. ٽيون اِهو ته هن بيماري جي ظاهر ٿيڻ کان پوءِ مسلسل علاج نه ڪرڻ ۽ پرهيز ۾ ڪوتاهي ڪرڻ جي ڪري ته هيءَ بيماري وڌندي رهي ٿي.
س: هيپاٽائيٽس کي روڪڻ لاءِ حڪومت ڪهڙا ڪهڙا اُپاءُ وٺي رهي آهي؟
ج: هيپاٽائيٽس کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ حڪومت ته ڪافي سٺو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، جنهن ۾ مختلف ريسرچز، معلوماتي پروگرامز ۽ ويڪسينيشن وغيره شامل آهن، پر سڀ کان بهتر ٿيندو ته ماڻهو پنهنجي حفاظت پاڻ ڪري.
س: هيپاٽائيٽس جي وڌندڙ شرح ۾ ڪمي آڻڻ لاءِ عام ماڻهو کي ڪهڙو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي؟
ج: هيپاٽائيٽس جي وڌندڙ شرح ۾ ڪمي آڻڻ لاءِ عام ماڻهو جو اهو فرض هئڻ گهرجي ته هو هيپاٽائيٽس جي متعلق سٺي ڄاڻ رکي ۽ ٻئي ماڻهو تائين پهچائي جنهن کي ڪا خبر ئي ڪونهي. ان کان پوءِ مختلف پروگرامز ۽ سيمينارز ۾ شرڪت ڪرڻ سان هن بيماري جي آگاهي وڌندي رهندي جنهن کان پوءِ ماڻهو احتياط ڪري ۽ مسلسل ٽيسٽ ڪرائي جنهن لاءِ هر ماڻهو پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪري.
س: عام طور هيپاٽائيٽس کان بچڻ لاءِ ڪهڙا اُپاءُ وٺڻ جي ضرورت آهي؟
ج: هيپاٽائيٽس کان بچڻ لاءِ سڀ کان پهريان ڪنهن اسپيشلسٽ ڊاڪٽر يا هيماٽالاجسٽ کان پنهنجي چڪاس پابندي سان ڪرائي. جيڪڏهن خدانخواسته ڪو ماڻهو هن بيماري جو شڪار ٿي پوي ته پوءِ ڊاڪٽر جي ٻڌايل نسخي سان گڏوگڏ غذائي ترتيب تي عمل ڪري ڇو ته هن بيماريءَ ۾ صرف دوا اثر نه ڪندي آهي بلڪه غذائي ترتيب دوا کان وڌيڪ فائديمند آهي.
س: بين الاقوامي سطح تي هيپاٽائيٽس تي جيڪا تحقيق ٿي چڪي آهي. توهان ان جي باري ۾ ڪجهه ٻڌائيندا؟
ج: آمريڪا جي فوڊ اينڊ ڊرگ جي اداري (FDA) جي تحقيق مطابق هيپاٽائيٽس ”سي“ جا 7 سيڪڙو ڪيس خون جي منتقلي جي ڪري ٿيندا آهن. ماهرن جي مطابق 1992ع کان خون جي منتقلي دوران ڦهلجندڙ بيماري هيپاٽائيٽس جي مرض ۾ واضع ڪمي آئي، ڇو ته ان کان پوءِ جلد ئي رت جي اسڪريننگ متعارف ڪرائي وئي. ٽيسٽ ۽ اسڪريننگ جي فقدان جي ڪري 1992ع کان اڳ ماڻهن جو هڪ وڏو تعداد هن بيماري کان متاثر ٿيو.
س: هيپاٽائيٽس جي مريضن کي ڪهڙيون شيون وڌيڪ کائڻ کپن ۽ ڪهڙين شين کان پرهيز ڪرڻ گهرجي؟
ج: هيپاٽائيٽس جي مريضن لاءِ خاص طور تي ميوا، ڀاڄيون، خشڪ ميوا ۽ معدني جزن وارو پاڻي ۽ جڙي ٻوٽين جي چانهه استعمال ڪرڻ جي صلاح ڏني ويندي آهي. اهڙن مريضن کي الڪوحل، نڪوٽين، سڻڀ ۽ روغني تيزابيت وارين شين کان سخت پرهيز ڪرڻ گهرجي.
س: عام ماڻهن ۽ هيپاٽائيٽس جي مريضن لاءِ اوهان ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهيندا؟
ج: عام ماڻهن لاءِ منهنجو اهو پيغام آهي ته پنهنجي صحت جو وڌ ۾ وڌ خيال رکن ۽ وقت سر پنهنجي چڪاس ڪنهن ماهر ڊاڪٽر کان ڪرائيندا رهن، ڇو ته تندرستي کان بغير جيئڻ جو مقصد فضول ٿيو پوي. هيپاٽائيٽس جي مريضن لاءِ آءٌ اهو چوڻ چاهيندس ته دوا دعا ۽ کاڌي کائڻ جي ٻڌايل غذائي ترتيب تي عمل ڪن ته انشاء الله ربّ پاڪ جي طرفان ضرور ڪامل شفا ٿيندي. ان کان علاوه پرهيز جو خاص خيال رکن ڇو ته علاج کان وڌيڪ پرهيز آهي جيئن عام طور چيو ويندو آهي ته ”احتياط علاج کان وڌيڪ بهتر آهي.“ (Prevention is better than cure)