حضرت بيبي خُديجةَ الڪُبّريٰرَضهِ بنتِ خويلد (پهرين مسلمان خاتون)
سندن پهرين شادي اَبو هاله بن زراه تميمي سان ٿيل هئي، جنهن مان ٻه پٽ هند ۽ هاله نالي پيدا ٿيا. سي ٻئي صحابي آهن. حضرت هند جي روايت سان آنحضرت صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جو حليو مُبارڪ بيان ٿيل آهي. ابو هاله جي وفات کان پوءِ ٻي شادي عتيق بن عائد بن عبدالله بن محمد بن مخزوم سان ٿي، جنهن منجهان هڪ ڌيءَ پيدا ٿين. جنهن جو نالو به هِند رکيو ويو هو. هيءَ مُشرف با اسلام ٿي ۽ پنهنجي سؤٽ حيفي بن اُسيه بن عائد مخزوميءَ سان شادي ٿين. هِن جي اولاد کي حضرت بيبي خديجهرضه جي تعلق/ نسبت سان ”بنو طاهره“ سڏيو ويندو آهي. عتيق جي وفات کان پوءِ سنه 26 محمدي ۾ جڏهن سندن عمر مُبارڪ چاليهه ورهيه (40) هئي، ته حضرت محمد صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي نڪاح ۾ آيون. ان وقت بيبي خديجة الڪبريٰرضه جي عمر مُبارڪ چاليهه سال هئي ۽ پاڻ سڳورا 25 سالن جا هئا. ٻئي پاسي بيبي صاحبه بيواه ۽ حضرت محمد صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن ڪنوارا هئا.
سندن پاڪدامنيءَ جي ڪري ماڻهو کين ”طاهره“ جي لقب سان سڏيندا هئا، آنحضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جو سمورو اولاد سواءِ سيد ابراهيم رضي الله تعاليٰ عنھ جي(سندن والده جو نالو ماريه قبطيه هو، اٺين هجريءَ ۾ پيدا ٿيو ۽ ڏهين هجريءَ ۾ وفات ڪئي) بيبي صاحبهرضه جن جي بطن مُبارڪ مان ٿيو. سندن اولاد ۾ چار پٽ نالي سيد قاسم رضه، سيد طيب رضه، سيد طاهر رضه، سيد عبدالله رضه پيدا ٿيا، جيڪي ننڍپڻ ۾ ئي فوت ٿي ويا، ۽ چار نياڻيون، سيّده زينب رضه، سيّده رقيه الزهرا رضه، سيّده فاطمة الزهرا رضه ۽ سيّده اُمِ ڪلثوم رضه پيدا ٿيون، جن تمام بلند مقام ماڻيو، پر سڀني ڀينرن منجهان وڌيڪ بلند درجات بيبي فاطمة الزهرا رضه جن جي نصيب ۾ آيا ۽ جنت جي عورتن جي سرداري حاصل ٿين. جيئن ته حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن 12 سالن جي عمر ۾ تجارت دوران سفر ۾ پنهنجي چاچي حضرت ابو طالب جي رفاقت ۾ ڪاميابيون ماڻيون، ته واپسيءَ تي حضرت بيبي خديجة الڪبريٰ رضه جن مال ڏيئي کين تجارت لاءِ شام جي سفر جي دعوت ڏني. بيبي صاحبه رضه مالدار خاتون هئي ۽ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وآلھ وسلم جي متعلق ”صِديق“ ۽ ”اَمين“ جي لقبن جي به ڄاڻ هُين، ۽ تجارت مان به سُٺو نفعو ڪمائي واپس وريا، ته کين پنهنجي مال سان گڏ تجارت جي ترغيب ڏني ۽ پيغام موڪليائين ته جيڪو معاوضو ٻين کي ڏيندي آهيان، توهان کي مضاعف ڏيندم. پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وآلھ وسلم دعوت قبول فرمائي. اُن سفر ۾ بيبي صاحبه رضه جن جو غلام ميَسّره پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وآلھ وسلم سان سندن خدمت لاءِ ساڻن گڏ رهيو. سفر دوران جڏهن بازار بصريٰ ۾ سندن ملاقات هڪ راهب سان ٿي، جنهن غلام ميسره کي سڀ حقيقتون ٻڌايون، جن جو عام ماڻهو يقين نه پي ڪري سگهيو. سفر دوران ڪيترائي عجيب و غريب واقعا به پيش آيا، جن جي متعلق تفصيل غلام ميسره پنهنجي مالڪه، خديجة الڪبريٰ رضه کي ٻڌايا. الله تعاليٰ تجارت ۾ گهڻو نفعو بخشيو ”گڏوگڏ اهڙين حقيقتن تان پردو کنيو، جيڪي غلام ميسره اچي ٻڌايون. حضرت بيبي خديجة الڪبريٰ رضه جي دورانديش نظر جيڪو ڏٺو ۽ ٻڌو ته مٿس اها ڳالهه واضع ٿي وئي، ته بيشڪ پاڻ سڳورا صلي الله عليھ وآلھ وسلم سڄي مخلوق لاءِ موڪليل الله تعاليٰ جا خاص ٻانها آهن. انهن سڀني ڳالهين کي ذهن ۾ رکندي تقريباً ٽن مهينن بعد لعيليٰ بن منيه جي ڀيڻ جي ذريعي پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وآلھ وسلم ڏانهن نڪاح جو پيغام موڪليو، جيڪو پاڻ سڳورن پنهنجن چاچن جي معرفت قبول ڪرڻ فرمايو. سندن چاچي حضرت ابو طالب نڪاح پڙهايو ۽ پنج سو درهم حق مهر مقرر ٿيو. هيءَ آنحضرت صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي پهرين شادي هئي. بيبي صاحبه رضه جن جي حياتيءَ ۾ پاڻ سڳورن صه ٻيو نڪاح نه ڪيائون. باقي بيبي صاحبه رضه جي انتقال کان پوءِ چند شاديون ڪيائون.
حضرت خديجة الڪبريٰ رضي الله تعاليٰ عنها (25) سالن تائين رحمت اللعَالمين صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي رفاقت ۾ گذارڻ بعد سنه 51 محمدي ۾ (65) پنجهٺ ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. انا الله واِنا اِليه راجعون. سندن تدفين مڪي مڪرم ۾ ٿي. بيبي صاحبه رضه دينِ اِسلام جي سرگرم خاتون، پاڻ سڳورن صه جن جي غمگسار ۽ خدمتگار ساٿياڻي هئي. بيبي صاحبه رضه جي مثالي ازدواجي زندگيءَ جا اثرات رسول الله صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي دل تي تمام گهرا نقش ٿيل هئا. پاڻ سڳورا صلي الله عليھ وآلھ وسلم اڪثر بيبي صاحبه جو ذڪر تمام سهڻن لفظن ۾ ڪندا هئا.
بِيبي خُديجة الڪُبريٰ رَضيّ الله تعاليٰ عَنها اُها پهرين عظيم خاتون هئي، جنهن سڀ کان پهرين اِسلام قبول ڪيو. يعني پهرين خاتون جنهن اسلام قبوليو، يا وري ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي، ته سڀ کان پهرين مردن توڙي عورتن ٻنهي منجهان اول نمبر تي بشرِ انساني جنهن رسالت ماب صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي پيغام تي لبيڪ چئي، ”تصديق ۽ تائيد“ فرمائي.
عورت جي راءِ ۽ مشوري جي قُدر ۽ اهميت جو ٻيو ڪهڙو ثبوت کپي، جو الله جي آخري رسول صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي رسالت جي تَصّديق جو اَوليّن شرف به عورت جي حصي ۾ آيو. هن شرف ملڻ سان اُم المؤمنين حضرت خديجة الڪبريٰ رضي الله تعاليٰ عنها جي، سڀني روحاني نياڻين جو ڳاٽ فخر سان اوچو ٿي ويو آهي. اهو هڪ عورت جو ئي اعزاز آهي، جنهن رسالت جي تصديق ۽ اسلام جي قبوليت ذريعي سڄي انسانيت تي فوقيت ۽ سبقت حاصل ڪري ورتي آهي. بيبي خديجة الڪبريٰ رضه الله تعاليٰ عنها ان اڪيلي عورت جي ئي شاهدي هئي، ته محمد صلي الله عليھ وآلھ وسلم، الله جو سچو رسول آهي. تڏهن کان اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به اهو سوال نه ورجايو ته هڪ عورت جي شاهدي اڌ هجڻ جي صورت ۾ ساقط الاعتبار آهي، يا وري هڪ عورت جي راءِ ۽ مشوري کي انڪري قبول نه ڪيو وڃي، ته هوءَ ڪمزور، ضعيف ۽ ناتوان يا وري گهٽ عقل ۽ گهٽ عمل واري هوندي آهي. حضرت خديجة رضي الله تعاليٰ عنها جن جي باري ۾ هن قسم جي سوچ هڪ مسلمان کي ڪفر جي ويجهو ڪري سگهي ٿي. مسلم دُنيا جي عالم ۽ بزرگ پاڻ ۾ اِن نقطي تي يڪراءِ آهن، ته سڀ کان پهرين حضرت خديجة رضه، پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وآلھ وسلم تي ايمان آندو. الزهري رحه، قتاديٰ رحه، موسيٰ بن عقبه رحه بن اسحٰق الواقدي رحه ۽ سعيد رحه بن يحييٰ ۽ ٻين ڪيترن وڏن عالمن سڳورن متفقه طور تي ان حقيقت کي تسليم ڪيو آهي، ته جڏهن وحي نازل ٿي، ته پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وآلھ وسلم گهر وارن کي فرمايو، ته مون کي ڪمبل ويڙهايو ۽ جڏهن ڪجهه سامت ۾ آيا ۽ سڄي ڪيفيت بيبي صاحبه رضه جن کي ٻڌايائون، ته هڪدم بيبي خديجة الڪبريٰ صاحبه رضه فرمايو. خدا جو قسم! توهان صلي الله عليھ وآلھ وسلم رحم ڪريو ٿا، بيڪسن، يتيمن ۽ فقيرن جا مددگار آهيو، مهمان نواز آهيو ۽ هر ڏک ۽ رنج ۽ غم ۾ حق جا علمبردار آهيو ۽ حق جي حمايت ڪريو ٿا. ائين چئي بيبي صاحبه رضه جن رسالت جي تصديق ڪئي. ”سيده خديجه رضه جي تصديق ڪا معمولي تصديق نه هئي، پاڻ هڪ سمجهدار ۽ معزز ترين خاتون هئي. سندن فهم و فراست، ۽ دانائي، سندن ڪردار جي پاڪيزگي مڃيل هئي. 15 سالن جي عرصي کان وٺي حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي شريڪ حيات هئڻ جو کين شرف حاصل هو. پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وآلھ وسلم جي ڪردار ۽ اخلاق کان بخوبي واقف هئي، انڪري سندن تصديق ۽ شاهدي هر معترض ماڻهوءَ جي وات کي هميشه لاءِ بند ڪري ڇڏيو.
حضرت بِيبي خديجة الڪبريٰ رضه جنهن جي بزرگي ۽ شرف هڪ مڃيل حقيقت آهي. رسول الله صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن، سندن خدمتن جو اعتراف ڪندي. کين خراج تحسين پيش ڪندا هئا، ۽ فرمائيندا هئا، ته خديجه رضه اُن مهل منهنجي تصديق ڪري مون تي ايمان آندو، جڏهن ٻين ماڻهن منهنجي تڪذيب ڪئي. حضرت جبرئيل عليه السّلام به حضرت خديجه رضه جن لاءِ الله تعاليٰ جو سلام کڻي ايندو هو. اهو به الله تعاليٰ جي طرفان عورت لاءِ هڪ اعزاز آهي ۽ عورت جي عظمت جو اعتراف به آهي.
صُلح حُديبيه جي موقعي تي حضرت اُمِ سلميٰ رضه جي راءِ هجي، يا حضرت خديجه رضه جي تصديق - رسالت جو واقعو، حضرت حفصه رضه جو مشوره هُجي يا وري ٻين صحابياڻين جا رايا. مطلب ته هر موقعي ۽ مهل تي، دينِ اسلام جي ابتدائي دؤر کان وٺي، بيبين سڳورين جو بي انتها اهم رول رهيو آهي. دِين جو مسئلو هجي يا ميدانِ جنگ، گهر اندر توڙي ٻاهر، هر لحاظ کان بيبين سڳورين پنهنجو پاڻ موکيو آهي. مطلب ته تصديقِ نبوت کان وٺي قرآن شريف کي طِباعت تائين سنڀالي رکڻ جهڙيون اَهم ذميواريون بيبين ئي سرانجام ڏنيون آهن.
”رسول الله صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن تي سڀ کان پهريان ايمان آڻڻ واري هڪ ”عورت“، يعني بيبي خُديجه رضه زوجهِ مُطَهره هُيون. ۽ حَقَ جي حِمايت ۾ سڀ کان پهرين بي جگريءَ سان شهيد ٿيندڙ عورت، جنهن جو نالو حضرت بيبي سُميه رضه بِنت خباط هو. قرآن حڪيم کي جڏهن سرڪاري طور تي هڪ ”مُصحف“ ۾ گڏ ڪيو ويو، ته اهو پڻ هڪ ”عورت“ اُم المؤمنين حضرت حفصه رضه بنت عمر رضه جي تحويل ۾ ڏنو ويو. هيءَ امانت وٽن عهد صديقيءَ کان وٺي، دؤر عثمانيءَ تائين محفوظ رهي. ۽ پوءِ ان ساڳي مُصحف تي اعتماد ڪندي، اُن جا نقل تيار ڪرائي، سڀني شهرن ۾ موڪليا ويا.
بيبي خُديجة الڪبّريٰ رضيّ الله تعاليٰ عنها جن جي شخصيت همگير شخصيت هئي. پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وآلھ وسلم سندن حياتي ۾ ٻي شادي نه ڪئي، اِهو سندن عظمت، پاڪائي ۽ خوش اخلاقيءَ جو هڪ اهڙو زنده مثال هو، جيڪو ٻين ازواج مطهرات جي حصي ۾ نه آيو. بيبي صاحبه رضه پنهنجي مال و دولت ۽ عقل و فهم سان نه صرف رسول مقبول صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي مدد فرمائي، پر اسلام جي پڻ خدمت ڪئي.
بيشڪ اسان عورتن تي الله تعاليٰ ۽ سندس رسول حضرت محمد صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جا احسان آهن، جن اسان کي دين ۽ دُنيا جي ڀلائي عطا ڪئي ۽ عمل ڪرڻ ۽ نصيحت حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪ ڪتاب ”قرآن مجيد“ سان روشناس ڪرايو. رب تعاليٰ کان دُعا آهي، ته شل! اسان سڀني ڀينرن تي رحم فرمائي ۽ صراط المستقيم تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي.
* * *