سائنس، علم ۽ رسالا

ڪَڻي مان ڪيچَ

پروفيسر رشيده ڀٽي جو لکيل هي ڪتاب انتهائي ڪارائتو آهي. جيڪو عام ماڻهوءَ کي غذا جي فائدي ۽ علاج جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ ڏيئي ٿو. قدرت جو ڪارخانو عجيب آهي. هتي شين جو پاڻ ۾ مضبوط لاڳاپو آهي. اُهي چاهي گڏوگڏ هلنديون هجن يا بنهه هڪٻئي جي اُبتڙ هجن. گرمين جون ڀاڄيون ۽ ميوا مزاج ۾ معتدل ۽ جسم ۾ پاڻي جي مقدار کي گهٽ ٿيڻ نه ٿا ڏين. ساڳيءَ ريت سياري ۾ پيدا ٿيندڙ غذا گرم ۽ جسم جي مدافعتي مزاج کي فعال بڻائي ٿي. ساڳي وقت موسمي اثر ۽ بيمارين کان بچائي ٿي. رشيده پنهنجي هن ڪتاب ۾ ڪافي حد تائين غذا متعلق انيڪ پهلو واضع ڪيا آهن.
Title Cover of book ڪَڻي مان ڪيچَ

پنهنجي طرفان

شُڪر الحمد الله، مون جيئن سوچيو، الله تعاليٰ اِئين مدد فرمائي، الله تعاليٰ جا لک احِسان آهن، مان نه ڪا اديب آهيان نه دانشور، بس علم حاصل ڪيو ۽ پوءِ اُن علم کي ورهايو يعني ته يونيورسٽي آف سنڌ ۾ درس و تدرس سان وابسته رهيم. ”زندگي“ الله تعاليٰ جي طرفان عطا ڪيل بهترين نعمتن منجهان هڪ آهي. اُن ”زندگي“ جا بهترين ماهه و سال جيڪي چاليهه سالن تي مشتمل آهن، سي مون پڙهائڻ ۾ گذاريا ۽ اُن کان پهريان پنج سال کيڏندي ڪڏندي گذارڻ بعد پڙهڻ جو سِلسلو شروع ڪيو جيڪو تقريباً ٻاويهه سالن تي مشتمل آهي.
اِن دوران زندگيءَ ۾ بيشمار خوشگوار ۽ ناشگوار واقعات رونما ٿيندا رهيا، جن کي مون قلمبند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هِن قلمي پورهئي کي ڪتابي صورت ڏيڻ لاءِ جيڪو اُتساهه مون کي مليو سو آهي دراصل سائنسي موضوعن تي مضمون، جيڪي منهنجا ”سرتيون“ رسالي ۾ ڇپندا رهيا آهن. ”سائنسي مضمون“ لکڻ لاءِ مون کي آماده ڪرڻ ۽ اُتساهيندڙ شخصيت آهي ”ادي گلبدن مرزا“ جنهن مون کي بيحد اصرار ڪري همت ڏياري ته توهان پنهنجي سبجيڪٽ جي باري ۾ ڪجهه نه ڪجهه اسان کي سرتين لاءِ لکي ڏيو ته جيئن اسان جي ڀينرن کي خالص ادب، شعر و شاعري، ڪهاڻين ۽ افسانن کان علاوه به ڪجهه پڙهڻ لاءِ فراهم ڪري سگهجي، جيئن ته منهنجي سبجيڪٽ جو سِڌو سنئون تعلق جسماني جوڙجڪ، صحت، صفائي ۽ تندرستي سان آهي اِن ڪري سولي سِنڌي ۾ مضمون لکي ڏيڻ جو مون وعدو ڪيو ۽ ادي گلبدن اُنهن مضمونن کي شايع ڪري پنهنجو وعدو نڀاهيو. جيڪو سِلسلو اڃان تائين هلندڙ آهي. اِن ريت مون کي اِهو خيال آيو ته مان اُنهن سڀني مضمونن کي هنڌ جڳهه تي گڏي ڪتابي صورت ۾ آڻيان ته جيئن مڪمل معلومات هڪ هنڌ گڏ ٿي وڃي ۽ پڙهندڙن کي سهولت ٿي پوي ۽ پوءِ گڏوگڏ، پنهنجي مذهبي رجحان مطابق ڪجهه مضمون ديني تعليمات متعلق ۽ ڪجهه ”پنهنجي باري ۾ ڄاڻ“ ۽ يادن تي مشتمل مضمون به بعد ۾ ڪتاب اندر شامل ڪيا آهن.
مان ادي گلبدن مرزا جي اِحسان مند آهيان جنهن جي همت افزائي ۽ اُتساهيندڙ گفتگو جي بدلي ۾ هيءُ ڪتاب اوهان سڀني جي هٿن ۾ آهي. پڙهندڙن جي راءِ جو انتظار رهندو.


توهان جي خيرانديش

[b] رشيده دُختر رحيم بخش شيخ
[/b] ڄامشورو