سائنس، علم ۽ رسالا

ڪَڻي مان ڪيچَ

پروفيسر رشيده ڀٽي جو لکيل هي ڪتاب انتهائي ڪارائتو آهي. جيڪو عام ماڻهوءَ کي غذا جي فائدي ۽ علاج جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ ڏيئي ٿو. قدرت جو ڪارخانو عجيب آهي. هتي شين جو پاڻ ۾ مضبوط لاڳاپو آهي. اُهي چاهي گڏوگڏ هلنديون هجن يا بنهه هڪٻئي جي اُبتڙ هجن. گرمين جون ڀاڄيون ۽ ميوا مزاج ۾ معتدل ۽ جسم ۾ پاڻي جي مقدار کي گهٽ ٿيڻ نه ٿا ڏين. ساڳيءَ ريت سياري ۾ پيدا ٿيندڙ غذا گرم ۽ جسم جي مدافعتي مزاج کي فعال بڻائي ٿي. ساڳي وقت موسمي اثر ۽ بيمارين کان بچائي ٿي. رشيده پنهنجي هن ڪتاب ۾ ڪافي حد تائين غذا متعلق انيڪ پهلو واضع ڪيا آهن.
Title Cover of book ڪَڻي مان ڪيچَ

ڪڻڪ جو ڏارو (دليه) تعليمي صلاحيتن ۾ اضافي جو باعث بڻجي ٿو

اڄ جي سائنسي دور ۾ جديد تحقيقات ذريعي ڪجهه اِهڙا اِهڙا انڪشاف به ٿيندا رهن ٿا، جيڪي ماضيءَ ۾ پهرين کان اسان وٽ مروج ۽ زيرِ استعمال رهندا آيا آهن. مثال طور ڪجهه کاڌا ۽ غذائون مختلف ماڊرن نالن ۽ رنگ روپ ۾ مختلف رنگين دٻن ۽ پيڪيٽس ۾ بند دڪانن تي موجود هجن ٿا، جيڪي زمانهءِ قديم کان اسان وٽ عام رواجي طور تي اسان استعمال ڪندا رهيا آهيون. بس فرق صرف ايترو آهي ته اڳي جيڪو ڪجهه ڳوٺن ۾ استعمال ڪبو هُيو تنهن کي شهري ماڻهو ايتري اهميت نه ڏيندا هئا، پر اڄوڪي جديد دور ۾ سائنسي طريقي سان تحقيق ڪري ۽ ان جا فائدا بيان ڪرڻ سان گڏوگڏ، جديد دور جي تقاضائن مطابق ”پيڪ“ ڪري فرو خت ڪرڻ ڪري ساڳي ”غذا“ پنهنجي اهميت مڃرائي ورتي آهي. اڄوڪي ان سڄي ”تمهيد“ جو اصل مطلب آهي ته ”ڪڻڪ جو ڏارو“، جنهن کي عرف عام ۾ اڄڪلهه ”دليو“ سڏجي ٿو. هي هڪ مڪمل ”غذا“ آهي. اسان وٽ ٻهراڙين ۾ ڪڻڪ جو ”ڏارو“ يا ”ٻاٽ“ وِيم دوران خاص طور تي کير ۾ اوٻاري، استعمال ڪرايو ويندو آهي.
ساڳيءَ ريت ”چانورن جو ڀت“ جنهن ۾ سادي طريقي سان پڪل نرم چانور کير ۾ ملائبا آهن، سي به عام طور تي استعمال ٿيندا رهندا آهن. هينئر ڏسجي ته ساڳيون غذائي جنسون جديد مشينن ذريعي پيڪ ڪري، مختلف نالن سان بازار ۾ دڪانن تي وڪرو ڪيون وڃن ٿيون. مثال طور ڪارن فلڪس، (Corn-Flaks)، (Porridge)، ڪڻڪ، مڪئي، جوئر، چانورن وغيره جو دليو ”ٻاٽ“ دٻن ۾ بند دستياب آهي. جديد تحقيق ۾ اهو انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ننڍپڻ ۾ ”دليه“ کائڻ سان ٻار ذهين طالبِ علم ثابت ٿين ٿا. ۽ امتحانن ۾ وڌيڪ نمبر حاصل ڪن ٿا.

دليي ۾ موجود جُزا ٻارن کي لکڻ، پڙهڻ ۽ هِجي ڪرڻ جي صلاحيتن کي وڌائين ٿا. ڏسجي ته اهي شيون اسان وٽ اصل کان زيرِ استعمال رهنديون آيون آهن ۽ هاڻي به ضروري آهي ته پنهنجي اصلي طور طريقي ۽ رواجي، ثقافتي اسٽائل ۾ غذا واپرائڻ وڌيڪ مفيد ۽ صحت بخش آهي. ڇو ته ائين ڪرڻ سان اسان جي غذا ۾ غذائي ڪئيلوريز مڪمل طور تي فائديمند رهن ٿيون ۽ ضايع نٿيون ٿين.
ننڍڙن ٻارڙن جي لاءِ اوٻاريل ڪڻڪ جو ڏارو، توڙي چانورن منجهه مرضيءَ مطابق ٿورو انب ملائي جوس واري مشين ۾ جوس وانگر ٺاهي، فرج ۾ رکجي ۽ ٿڌي ٿيڻ تي جڏهن ڪيڪ وانگر ڄمي وڃي ته ٽڪرا ٽڪرا ڪٽي ٻارن کي ذئقيدار بڻائي کارائجي. اِسڪول ويندڙ ٻارڙن لاءِ هڪ بهترين ”صحت بخش“ غذا ثابت ٿيندي.
* * *