سائنس، علم ۽ رسالا

ڪَڻي مان ڪيچَ

پروفيسر رشيده ڀٽي جو لکيل هي ڪتاب انتهائي ڪارائتو آهي. جيڪو عام ماڻهوءَ کي غذا جي فائدي ۽ علاج جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ ڏيئي ٿو. قدرت جو ڪارخانو عجيب آهي. هتي شين جو پاڻ ۾ مضبوط لاڳاپو آهي. اُهي چاهي گڏوگڏ هلنديون هجن يا بنهه هڪٻئي جي اُبتڙ هجن. گرمين جون ڀاڄيون ۽ ميوا مزاج ۾ معتدل ۽ جسم ۾ پاڻي جي مقدار کي گهٽ ٿيڻ نه ٿا ڏين. ساڳيءَ ريت سياري ۾ پيدا ٿيندڙ غذا گرم ۽ جسم جي مدافعتي مزاج کي فعال بڻائي ٿي. ساڳي وقت موسمي اثر ۽ بيمارين کان بچائي ٿي. رشيده پنهنجي هن ڪتاب ۾ ڪافي حد تائين غذا متعلق انيڪ پهلو واضع ڪيا آهن.
Title Cover of book ڪَڻي مان ڪيچَ

وزن جو معاملو The Case for Weight

وزن ڇا آهي؟ دراصل وزن جي لغوي معنيٰ آهي، ”ماپ“، هاڻي ڏسجي ته عرفِ عام ۾ اسين ”وزن“ جو لفظ ڪيئن ۽ ڪٿي ٿا استعمال ڪريون. دراصل وزن جڏهن Weight يعني ”ٿولهه“ واري معنيٰ ۾ استعمال ڪجي ٿو ته پوءِ مطلب ورتو ويندو آهي ته ”وڌيل وزن“ حالانڪه ڏسجي ته وزن ٻن معنائن ۾ ورتل هوندو آهي، وڌيل وزن ۽ گهٽ وزن (Over weight, and under weight) دراصل ”ٿولهه“بيماري آهي. جڏهن ته ڪڏهن ڪڏهن صرف وزن وڌيل يا گهٽيل هوندو آهي. پر بيماري واري معنيٰ ۾ شامل نه هوندو آهي. اڄ ڪلهه جي جديد سائنسي دور ۾ جتي هر ماڻهو سائنس پڙهيل نه هوندو آهي، پر روزمره جي زندگيءَ ۾ گفتگو دوران هو ڪجهه نه ڪجهه سائنسي لفظ پيو استعمال ڪندو آهي، جڏهن ته کيس قطعي طور تي معنيٰ ۽ مفهوم معلوم نه هوندو آهي. مثال طور پريشر، ويٽ (Weight) ايترا دفعا استعمال ڪندو آهي جو کيس اها به خبر نه پوندي اٿس ته هاءِ پريشر يا لو پريشر، اوورويٽ يا انڊرويٽ به چوڻو اٿس مطلب ڳالهه جو اهو آهي ته ”لفظ“، غلط معنيٰ مطلب پيا پيش ڪندا آهن. اڄ ڪلهه جي دور ۾ هر ماڻهو ويٽ ڪانشيس (Weight Concious) لڳو پيو آهي جيڪو سٺو سنوڻ آهي، پر پوءِ به ان جي باوجود جو علم ترقي ڪري رهيو آهي، ماڻهن ۾ معلومات به وڌي رهي آهي، پر پوءِ به وڌيل وزن جا ڪيسز (Cases) به تمام گهڻا نظر اچي رهيا آهن. تازو آمريڪا ۾ هڪ جديد سائنسي تحقيق دوران هڪ خوشخبري واري رپورٽ جاري ڪري وڌيل وزن وارن کي ٻڌايو ويو آهي ته ”ٿلها ماڻهو“ هروڀرو پريشان نه ٿين ڇو ته اهي به ڊگهي طبعي زندگي ماڻي سگهن ٿا. جيئن ته اُهي پنهنجي وڌيل وزن جي پيشِ نظر پنهنجو جسماني چيڪ اپ ريگولر بنيادن تي ڪرائيندا رهن ٿا، ان ڪري منجهن ڪي به خطرناڪ ٻيون بيماريون کين نٿيون وڪوڙين ۽ بروقت صحيح تشخيص ذريعي بچاء ٿيو وڃي ۽ ڊگهي حياتي ماڻين ٿا. جرنل آف آمريڪن ميڊيڪل ايسويشن (Journal of American Medical Association) ۾ رپورٽ ڪيو ويو آهي ته ٿلها ماڻهو به هينئر وڏي/ ڊگهي حياتي ماڻي سگهن ٿا.
تحقيق دوران اهو ڏٺو ويو ته اهڙن ماڻهن جي ڪل ٽوٽل عمر ڪيتري هئي ۽ اهي ڪيتري حد تائين صحتمندانه زندگي گذاري رهيا هيا، جنهن وقت سندن طبعي موت وارد ٿيو. نتائج مطابق اووريٽ ماڻهو (جن جي وصف آهي، باڊي ماس انڊيڪس BMI) 25 ۽ 29.9) جي وچ ۾ آهي، تحقيق دوران ڇهه سيڪڙو گهٽ وفات ڪري ويا. جڏهن ته اهي وچولا (Moderate Obesity) وارا جن جو BMI30 کان وڌيل هيوسي پنهنجي موت جي شرح کي ڪنٽرول نه ڪري سگهيا.
مطلب اهو ٿيو ته تمام گهڻا ٿلها (Obese) ماڻهو ته وري به موت جي شرح تي ڇهه سيڪڙو ڪنٽرول حاصل ڪري شرح گهٽائي ويا، جڏهن ته وچولا ٿلها (Moderate Obesity Obeset) اهو ٽارگيٽ نه حاصل ڪري سگهيا. ريسرچ جي نتيجن تي روشني وجهندي مصنف ڪيٿرين فليجل (Katherine Flagel) بيان ڪيو آهي ته ٿلها ماڻهو (Obse Persons) ڪيئن وڏي حياتي ماڻي سگهيا، اهو سڀ ان ڪري ٿيو جو انهن ماڻهن پنهنجي صحت جي باري ۾ مڪمل خيال رکيو ۽ باقاعدي طور تي رت چڪاس ڪرائيندا رهيا گڏوگڏ پنهنجو جسماني چيڪ اپ (Physical Chekup) به ڪرائيندا رهيا. ان ڪري مختلف بيمارين شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي ڪنٽرول حاصل ڪري ورتائون، ڇو ته بظاهر مڪمل طور تي صحتمند نظر ايندڙ ماڻهو پنهنجي ريگولر چيڪ اپ تي ايترو باقاعدگي سان ڌيان نٿا ڏين ۽ پوءِ جڏهن بيماري وڌي وڃي ٿي ته علاج ڏاڍو ڏکيو ٿي پوي ٿو، ڇو ته ڪجهه بيمارين جي اُهڃائڻ جي خبر پوڻ شرط انسان اُن تي ڪنٽرول حاصل ڪري وٺي ٿو ۽ اهڙي طرح وڏي بيماري ۽ مشڪلات کان پاڻ کي بچائي وٺي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو سراسري طور ٿورو وڌيل وزن وارو ماڻهو پنهنجي متعلق ايترو خبردار نٿو رهي ۽ پوءِ پڇتائي ٿو. جڏهن ته وڌيل وزن وارن ماڻهن پنهنجو سڄو ڌيان ڏيئي صحت تي خاص خيال رکي ڪري وڏي حياتي ماڻي ورتي. تحقيق دوران اهو به واضع ڪيو ويو ته ميڊيڪل سائنسز ۾ جيڪا ترقي ٿي آهي، ان جي طفيل ٿولهه سان وابسطه ڪجهه طِبّي حالتون، مثال طور بلڊپريشر ۽ ڪوليسٽرول ليول وغيره کي ڪنٽرول ڪرڻ ذريعي ٿولهه جي ڪري پيدا ٿيندڙ نقصانات تي پڻ سٺو ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو آهي. علمي تحقيق دوران ڪجهه اهڙا به ثبوت مليا آهن. جن ۾ اهو ڏٺو ويو ته وڌيل وزن وارن ماڻهن جي حياتيءَ جا ڏينهن، بيماري دوران وڌيل ڏسڻ ۾ آيا. بنسبت اُنهن جي جيڪي ڪمزور هيا، ڇو ته ڪمزور ۽ لاغر ماڻهو پنهنجي ڊگهي بيماري (علالت) سان ويڙهه نه ڪري سگهيا ۽ وفات ڪري ويا خاص ڪري وڏي عمر وارا ماڻهو. هوڏانهن وڌيل وزن وارا ماڻهو ڪجهه ڊگهين بيمارين کي منهن ڏيئي ويا ۽ منجهن وفات جي شرح گهٽ رهي.
دراصل هن مضمون جو مُول مَتو هيءُ آهي ته هروڀرو ڪوڪا ڪولا (Coca cola)جو گهڻو استعمال ۽ فاسٽ فوڊ يعني (Junk Food) واپرائڻ ۽ غير متحرڪ لائيف اسٽائل ترڪ ڪري، پاڻ کي تازو توانو رکڻ لاءِ متحرڪ زندگي ۽ تازيون سبزيون ۽ ميوا واپرائڻ گهرجن. جن سان پنهنجو وزن به متوازن رکي سگهجي ۽ صحت به برقرار رکي سگهجي. هن علمي تحقيق جي نتيجن مطابق هن ڳالهه تي زور ڏنو ويو آهي ته ماڻهن کي هڪ دفعو ٻيهر ”ڪمزور“ جسم ۽ ٿولهه واري جسم جي وصف ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ۽ هر وقت (Weight Issues) يعني وزن متعلق سوچڻ گهرجي. ڇو ته هروڀرو سنهو بلڪل ڪمزور ٿيڻ ۽ هروڀرو گهڻو ٿلهو متارو ٿيڻ ٻئي ڳالهيون ڏکيا ڏينهن ڏيکاري سگهن ٿيون.
هڪ ٻي علمي تحقيق ۾ ڏٺو ويو آهي ته سگريٽ نوشي ڪندڙ ماڻهو پڻ ٿولهه جو شڪار ٿي سگهن ٿا.
ڊگهي عرصي کان بيمار رهندڙ ماڻهو جيڪي ڏسڻ ۾ سنها نظر ايندا آهن، دراصل انهن کي به اسان صحتمند نٿا چئي سگهون، ڇو ته دراصل اهي بيمار ماڻهو اصل ۾ بيماري ڪري سنها هوندا آهن. دراصل اهي صحتمند انسان جيڪي سائنسي وصف مطابق صحتمند (Healthy) هجڻ سان گڏوگڏ سمارٽ ۽ سنها هوندا آهن، سي ئي پنهنجي روزمره جي معاملات کي آسانيءَ سان مُنهن ڏئي سگهندا آهن ڇو ته بيمار جسم سان انسان پنهنجي روزمره جي معاملات کي باآساني مُنهن نٿو ڏيئي سگهي.
ڪجهه به هجي پر هن تحقيق دوران اهو ڏٺو ويو ته اسان کي هروڀرو وڌيڪ ٿولهه جو شڪار نه ٿيڻ کپي توڙي جو بعض اوقات ڪجهه بيمارين کي منهن ڏيڻ جي لائق ڪري ٿي، پر پوءِ به تمام وڌيل وزن يعني ته بي ايم آءِ گريٽرڊئن ٿرٽي فائيو BMI 35 increases the risk of mortality موت جي شرح کي وڌائي ٿو. دراصل ٿولهه (Obesity) طِبيّ دُنيا ۾ هڪ طرح جي ميڊيڪل ڪنڊيشن (Medical Condition) جو نالو آهي. جنهن دوران وڌيل جسم جو سڻڀ ايتري حد تائين وڌي وڃي ٿو جو ان جا مَنفي اَثرات ”صحت“ (Health) تي نمايان طور تي نظر اچڻ لڳندا آهن. ”ٿولهه“ جو اصلي مطلب آهي تمام گهڻو وڌيل سڻڀ يعني وڌيل چرٻي جسم تي سراسري طرح وڌيل نظر اچڻ لڳي. جيڪا وڌيل وزن (Obesity means having too much body fat, it is different from being over weight which means weighing too much) کان بلڪل مختلف هوندي آهي. وڌيل وزن over weight جي وصف ڪجهه هيٺين ريت بيان ڪري سگهجي ٿي. اُهو وڌيل وزن جيڪو گهڻي ڀاڱي مُشڪن (Muscles)، هڏن (Bones)، سڻڀ (Fat) ۽ يا وري جسم اندر پاڻيءَ جي وڌيل شرح وغيره جي ڪري وقوع پذير ٿي پوي. مٿين ٻنهي صورتحال جي نتيجي ۾ انسان جو وزن وڌي وڃي ٿو، جيڪو اُن جي ”صحت“ جي وصف جي خلاف هوندو آهي. ان ڪري ٿولهه (Obesity) کي هڪ پيچيده قسم جي خرابي تَصّور ڪيو وڃي ٿو، جيڪا چرٻيءَ جي وڌيل مقدار جي صورت ۾ جسم اندر جمع ٿي ڪري تمام خطرناڪ اثرات مُرتبّ ڪري ٿي. ان ڪري ان قسم جي ٿولهه يعني ”وڌيل وزن“ کي ڪنٽرول ڪرڻ لازمي قرار ڏنل آهي. اهو صرف انسان جي ظاهري حُسن ۽ جسماني بناوت ۾ ڏڦيڙ نٿو وجهي، بلڪه انساني ”صحت“ کي به تباهه و برباد ڪري ٿو.
جسم جو وزن انسان جي قد ڪاٺ کي مدنظر رکندي جيڪڏهن نارمل کان 20% سيڪڙو وڌيل هوندو ته اُن کي ٿلهو (Obese) سڏيو ويندو.

ڪثرت جا فائده
1. جيڪڏهن ورزش يعني ”ڪثرت“ کي هڪ گوري (Tablet)1 ۾ بند ڪجي، ته اها دنيا جي شايد گهڻي کان گهڻي لکي ڏني ويندڙ فائديمند ميڊيسن بڻجي وڃي.
2. ريگولر ”ورزش“ هيٺين تڪليفن کي منهن ڏيندڙ بهترين ميڊيسن ثابت ٿي سگهي ٿي.
(i) دل جون بيماريون (ii) دل جو دورو (iii) ٿولهه (iv) ٽينشن يعني هيجاني ڪيفيت (v) مختلف قسمن جي ڪينسر جي بيماري (vi) وڌيل ڪوليسٽرول ليول (vii) بيچيني واري ڪيفيت وغيره.
(viii) ورزش سان انسان جو پنهنجو پاڻ تي اعتماد وڌي ٿو.
(xi) موڊ بهتر کان بهترين ٿي وڃي ٿو. يادداشت وڌي ٿي.
(x) هڏائون ڍانچو طاقتور ٿئي ٿو. طبعيت تي بيحد خوشگوار اثر مرتب ٿين ٿا، جنهن ڪري جيئڻ ۾ مزو اچي ٿو.
اهو سڀ ڪجهه تڏهن حاصل ٿي سگهي ٿو، جڏهن اسان 20 منٽن ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ميل پنڌ ڪيون نه ته ٻيءَ صورت ۾ گهٽ ۾ گهٽ لاڳيتو بنا وقفي جي اڌ ڪلاڪ کن پنڌ ڪريون.چاليهه منٽ لاڳيتو پنڌ ڪرڻ سان هڪ ڪئلوري ساڙي يعني گهٽ ڪري سگهجي ٿي.
جيئن ته اسان سڀني کي معلوم آهي ته هڪ صحتمند ”ذهن“ لاءِ صحتمند جسم جو هجڻ بيحد ضروري آهي، ان ڪري اسان لاءِ اهو نهايت ئي ضروري آهي ته اسان پنهنجو پاڻ کي فٽ (Fit) رکڻ لاءِ لازمي طور تي پنهنجي جسم کي ”حرڪت“ ۾ رکون جيڪو صرف ۽ صرف راند روند، ورزش ۽ محنت و مشقت جي وسيلي ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو. محنت و مشقت سان انساني جسم اندر موجود قوت مدافعت وڌيڪ مضبوط ٿئي ٿي. جنهن سان بيمارين سان مقابلي ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي. مِثل مشهور آهي ته ”حرڪت ۾ برڪت آهي“. مٿين جملي جو مطلب ئي اهو آهي ته انسان کي هر وقت ”چست“ رهڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪندو رهڻ کپي.
* * *