سائنس، علم ۽ رسالا

ڪَڻي مان ڪيچَ

پروفيسر رشيده ڀٽي جو لکيل هي ڪتاب انتهائي ڪارائتو آهي. جيڪو عام ماڻهوءَ کي غذا جي فائدي ۽ علاج جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ ڏيئي ٿو. قدرت جو ڪارخانو عجيب آهي. هتي شين جو پاڻ ۾ مضبوط لاڳاپو آهي. اُهي چاهي گڏوگڏ هلنديون هجن يا بنهه هڪٻئي جي اُبتڙ هجن. گرمين جون ڀاڄيون ۽ ميوا مزاج ۾ معتدل ۽ جسم ۾ پاڻي جي مقدار کي گهٽ ٿيڻ نه ٿا ڏين. ساڳيءَ ريت سياري ۾ پيدا ٿيندڙ غذا گرم ۽ جسم جي مدافعتي مزاج کي فعال بڻائي ٿي. ساڳي وقت موسمي اثر ۽ بيمارين کان بچائي ٿي. رشيده پنهنجي هن ڪتاب ۾ ڪافي حد تائين غذا متعلق انيڪ پهلو واضع ڪيا آهن.
Title Cover of book ڪَڻي مان ڪيچَ

وِٽامِنس (حياتين) (Vitamins) وٽامن اِي (E) ۽ صحتمند زندگي

عام طور تي ”وٽامنز“ کي ”حياتين“ ڪري به سڏيو ويندو آهي. انساني غذا ۾ حياتين جو شامل هجڻ ائين ضروري آهي، جيئن انساني زندگيءَ لاءِ هوا، باهه، پاڻي ۽ خوراڪ جو هجڻ لازمي آهي. انسان جي صحت ئي دراصل سندس زندگيءَ جي ضامن هوندي آهي. جيڪڏهن ”صحت“ برقرار هوندي ته انسان زندگي کي ڀرپور انداز ۾ گذاريندو. اڄ اسين ”حياتين“ يعني (Vitamins) وٽامنز جو ذڪر ڪنداسين ته اهي خوراڪ سان گڏوگڏ ڪهڙي نموني پنهنجو ڪردار ادا ڪن ٿيون ۽ ڪهڙي طريقي سان انسان جي صحت تي اثرانداز ٿين ٿيون.
حياتين (وٽامنز) ڪيترن ئي قسمن جا ٿين ٿا، جن منجهان ڪجهه انتهائي ضروري سمجهيون وڃن ٿيون. جيئن وٽامن اَي (A)، بي (B)، بي ڪامپليڪس (B Complex)، سي (C)، ڊي (D)، اي (E) ۽ ٻيا به ڪيترائي قسم آهن. هر قسم جي وٽامن جو الڳ الڳ ڪم آهي. اڄ اسين هتي وٽامن (E) اِي جي باري ۾ ڪجهه حقيقتون بيان ڪنداسين ۽ ڏسنداسين ته هيءَ وٽامن ڪهڙي نموني انساني صحت جي لاءِ موثر ڪردار ادا ڪري ٿي. ڪيميائي طريقي سان پرکينداسين ته خبر پوندي ته هي وٽامن هڪ اڪيلو مرڪب (Compound) نه آهي، پر هڪ (Family)، اٺن مختلف اينٽي آڪسيڊنٽ (Antioxidants) ۽ چئن ميمبرن تي مشتمل، ٻن گروپن ۾ يعني ٽوڪو فيرولس (Tocopherols) ۽ ٽوڪو ٽيرينولس (Tocotrienols) تي مشتمل آهي. هنن کي عام طور تي الفا (Alpha)، بيٽا (Beta)، گاما (Gama)، ۽ ڊيلٽا (Delta) ٽوڪو فيورلس يا ٽوڪو ٽيرينولس ڪري سڏيو وڃي ٿو.
الفا ٽوڪوفيرول (Alphatocopherol) دراصل خاص ڪم ڪندڙ ميمبر جي طور تي سڃاتو ويندو آهي. جيڪو پنهنجي فيملي ۾ اهم جزو سمجهيو وڃي ٿو ۽ هيءُ ئي اهم جزو دراصل بيمارين خلاف ويڙهه ۾ حصو وٺندو آهي ۽ ويڙهاڪ (فائيٽر) جي طور تي ڪم ڪندو آهي. روزمره جي زندگيءَ ۾ جتي مختلف وٽامن، مختلف طريقن سان صحت تي اثرانداز ٿين ٿيون، اتي وٽامن (E) اِي به پنهنجن بي شمار فائدن سببان اسان جي صحت لاءِ بنيادي حيثيت رکي ٿي. وٽامن اي (E) جا فائدا هيٺينءَ ريت آهن:
1. هيءَ وٽامن انساني خلئي/ جيوگهرڙي (Cell) ۽ انهن جي (Walls) کي پاڻ سان ڳنڍي رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.
2. دل جو دورو مختلف سببن ۽ مختلف قسمن جو ٿيندو آهي، سو هيءَ وٽامن جيڪڏهن پنهنجي پوري پني مقدار ۾ هوندي ته بچاءُ لاءِ اڳتي وڌي ويڙهه ڪندي آهي. مثال طور مايوڪارڊيئل انفارڪشن (Myocardial- Infarction)، اينجائنا (Angina) ۽ ڪورونري اسپيزم (Coronary- Spasm) وغيره ۾ پنهنجو ڪم ڦڙتيءَ سان سرانجام ڏيندي آهي ۽ گڏوگڏ رت ۾ موجود ڪوليسٽرول کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ لپڊ پروفائيل (Lipid- Profile) کي نارمل رکڻ لاءِ جتن ڪندي رهندي آهي.
3. رت منجهه موجود ڪوليسٽرول ليول (Cholesterol- Level) کي گهٽائڻ ۾ مدد ڪندي آهي.
4. ٽوڪوٽيرينولس (Tochotrienols)، ڪينسر (Cancer) جي خلين کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ ۾ وڏي مدد ڪن ٿا ۽ ڪينسر جي خلين جي واڌ کي روڪي، ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿا. خاص طور تي ڇاتيءَ جي ڪينسر کي ختم ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا ۽ ساڳي وقت چمڙيءَ جي ڪينسر ۾ به بچاءُ ڪن ٿا.
5. رعيشي جي بيماري (الزاهمر) (Alzheimer’s disease) دوران دماغي ساخت ۽ سرشتي کي درست رکڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿي. ان بيماري جي ڪري دماغي خليا سُسي غير فعال بڻجي ويندا آهن. وٽامن اِي (E) جي ڀرپور موجودگي ڪافي حد تائين خلين کي تباهه ٿيڻ کان بچائي وٺندي آهي ۽ بيماريءَ جي وڌڻ جي شرح کي به ڪافي حد تائين ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي آهي.
6. ڪيترين ئي سيڪنڊري ڊزيزز (Secondary diseases) کي پڻ ڪنٽرول ڪرڻ ۾ وٽامن اِي (E) معاون ۽ مددگار ثابت ٿين ٿا. مثال طور دماغ جو گهٽ ڪم ڪرڻ، گردن، ريٽينا ۽ اک جو موتيو پاڻي وغيره يا وري شگر واري مريض جو پير وغيره (شوگر واري مريض لاءِ جڏهن مسئلو پيدا ڪري وجهي) ان صورتحال کي پڻ وٽامن اِي (E) بهتر طريقي سان ڪنٽرول ڪري ٿي ۽ بيماري يا اهڙي ڪا صورتحال پيدا ٿي پوڻ تي فوري طور تي ان وٽامن جي مداخلت جي ڪري، اها بيماري تڪڙو نٿي وڌي ۽ جيڪڏهن بروقت سنڀالي وٺجي ته پڻ وڌيڪ بهتر نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا.
7. وٽامن اِي (E) جي مقرر مقدار هجڻ سان انساني جسم ۾ قوت مدافعت نارمل رهي ٿي ۽ ڪيترن ئي اهم مسئلن جي ظاهر ٿيڻ دوران پڻ مددگار ثابت ٿئي ٿي. مثال طور ڪنهن انساني جسم ۾ جڏهن ٻيو ڪو عضوو لڳايو وڃي (يعني پيوندڪاري ڪئي وڃي) ته اهو جسم اندر تڪڙو قبول ٿي وڃي ٿو ۽ ڪوبه امڪاني رد عمل نٿو ٿئي. ساڳيءَ ريت جڏهن آپريشن ڪيو وڃي ٿو ته ٽانڪا وغيره لڳائڻا پوندا آهن، تن کي پڻ جلدي ڇٽڻ ۾ مدد ملي ٿي ۽ ڦٽ جلدي ڇٽي وڃن ٿا، يعني ته هيلنگ پراسيس (Healing Process) جلدي ٿئي ٿو.
8. جيئن ته اڳ ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته وٽامن اِي (E) قوت برداشت سرشتن کي (Immune System) مضبوط ڪري ٿي ان ڪري عام ڏينهن ۾ روزمره جي زندگيءَ ۾ جيڪي تڪليفون ٿين ٿيون تن تي پڻ مڪمل ڪنٽرول حاصل ڪري سگهجي ٿو. مثال طور نزلو (Flue)، ٿڌ جو لڳڻ (Cold)، کنگهه ٿيڻ (Cough)، عام بخار (Fever) وغيره واري صورتحال ۾ هن وٽامن جي موجودگيءَ کي يقيني بنائڻ ۽ وڌائڻ سان اسان پنهنجي قوت مدافعت واري سرشتي کي بهتر بڻائي، بهترين طريقي سان ڪنٽرول ڪري سگهون ٿا، ڇو ته قوت مدافعي سرشتو طاقت وارو هجڻ ڪري سڌو سنئون اثرانداز ٿي بيماري جي وائرس کي ويڙهه دوران ئي ماري ختم ڪري ڇڏي ٿو ۽ وڌيڪ ڳنڀير صورتحال کان بچي سگهجي ٿو.
وٽامن اِي (E) کي اڪثر ڪري جواني قائم رکڻ واري وٽامن به ڪري سڏجي ٿو. اڪثر ڪري هن کي جيو گهرڙن جو ڦوهارو جيڪو جواني واري تازگي کي برقرار رکي سگهي (Youth Cellular Fountain of fountain) ڪري سڏيو وڃي ٿو. هن وٽامن جي مسلسل استعمال جي ڪري، انساني چمڙيءَ جي زندگي ۽ خوبصورتي برقرار رهي ٿي. چمڙي نرم ملائم، چمڪندڙ ۽ تازي نظر ايندي آهي. جيئن ته وٽامن اِي (E) سڻڀ ۾ جذب ٿيندڙ آهي، ان ڪري کاڌا جن ۾ اها وٽامن موجود آهي سي وري هاءِ ڪيلوريز وارا، (Rich in Calories) ٿين ٿا. ان ڪري خوراڪ جا ماهر (Nutritionists) ان خيال جا آهن ته جيڪڏهن توهان کي ڪنهن سبب ڪري وٽامن اِي (E) اضافي وٺڻ جي ضرورت پوي ته پوءِ ضرور وٺو ۽ اهو نه سوچيو ته توهان جو وزن وڌي ويندو ڇو ته ڪجهه مرحلن تي وٽامن اِي (E) جو هجڻ بي انتها لازمي ٿيو پوي. پر کاڌي منجهان وٽامن اِي (E) کي حاصل ڪرڻ وڌيڪ بهتر آهي، جيڪڏهن توهان لاءِ وزن جو وڌي وڃڻ هروڀرو ڪو مسئلو نٿو پيدا ڪري. روزانو وٽامن اِي (E) جا 30 انٽرنيشنل يونٽ (International Units 30) جيڪي تقريبن 20 ملي گرام (20 Milligrams) الفاٽوڪوفيرول (Alphatocopherol) جي برابر ٿين ٿا. حاصل ڪرڻ يعني غذا ۾ شامل ڪرڻ نهايت ئي لازمي آهن. روزمره جي زندگيءَ ۾ جتي جيئڻ لاءِ کاڌ خوراڪ جي ضرورت آهي، اتي پنهنجي صحت کي تندرست ۽ برقرار رکڻ لاءِ حياتين يعني وٽامنز جو استعمال (پنهنجي کاڌ خوراڪ ۽ ميون ڀاڄين منجهان حاصل ڪرڻ) به تمام ضروري آهي.
وٽامن ”اِي“ يعني ته حياتين ”د“ جي باري ۾ تازي تحقيق منجهان ثابت ٿيو آهي، هيءَ وٽامن نه صرف هڏين جي مضبوطي لاءِ ضروري آهي پر ان سان گڏوگڏ بلڊپريشر، شگر ۽ ٻين ڪيترين ئي دل جي بيمارين کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ به بي انتها مفيد آهي ۽ مفيد رول ادا ڪري ٿي.
وٽامن ”اِي“، اسان کي کير، ڏهي، ۽ پنير منجهان حاصل ٿيندي آهي هڪ بالغ انسان لاءِ روزانو اٽڪل چار سَوَ ”400“ يونٽ گهربل هوندا آهن، اها پڻ هڪ حيرت ۾ وجهندڙ خبر آهي نه وٽامن ”اِي“ اسان ”اُس“ منجهان به حاصل ڪري سگهون ٿا ۽ اهو هڪ بهترين ذريعو پڻ آهي.
* * *