سائنس، علم ۽ رسالا

ڪَڻي مان ڪيچَ

پروفيسر رشيده ڀٽي جو لکيل هي ڪتاب انتهائي ڪارائتو آهي. جيڪو عام ماڻهوءَ کي غذا جي فائدي ۽ علاج جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ ڏيئي ٿو. قدرت جو ڪارخانو عجيب آهي. هتي شين جو پاڻ ۾ مضبوط لاڳاپو آهي. اُهي چاهي گڏوگڏ هلنديون هجن يا بنهه هڪٻئي جي اُبتڙ هجن. گرمين جون ڀاڄيون ۽ ميوا مزاج ۾ معتدل ۽ جسم ۾ پاڻي جي مقدار کي گهٽ ٿيڻ نه ٿا ڏين. ساڳيءَ ريت سياري ۾ پيدا ٿيندڙ غذا گرم ۽ جسم جي مدافعتي مزاج کي فعال بڻائي ٿي. ساڳي وقت موسمي اثر ۽ بيمارين کان بچائي ٿي. رشيده پنهنجي هن ڪتاب ۾ ڪافي حد تائين غذا متعلق انيڪ پهلو واضع ڪيا آهن.
Title Cover of book ڪَڻي مان ڪيچَ

آٽوگراف بوڪ ۽ جڏهن نيڪ خواهشات، دُعا بڻجي وينديون آهن

ڪجهه يادگيريون

يادن کي شعوري طور تي ڪنهن نه ڪنهن ذريعي محفوظ ڪيو ويندو آهي. ڪجهه صرف انسان جي لاشعور ۾ محفوظ هونديون آهن، جن کي ڪاغذ تي قلم ذريعي منتقل ڪبو آهي. ائين ڪرڻ لاءِ ڪاغذ ۽ قلم جي ضرورت سان گڏ ڪڏهن ڪجهه ٻين شين جي به ضرورت پوندي آهي. جن جي ذريعي انسان پنهنجي گذريل لمحن کي هميشه هميشه لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيندو آهي.
جديد ٽيڪنالاجي جي دور ۾ هينئر جتي ڪئميرا ترقي جي منزلن تي مٿانهين مقام تي پهتي آهي. اُتي وڊيو ڪئميره جي وجود ۾ اچڻ سان آواز به تصوير سان گڏوگڏ رڪارڊ ۾ رهي ٿو. پهرين صرف تصوير ئي ناياب سمجهي البم ۾ سجائي رکبي هئي، پر هينئر گڏوگڏ آواز به رڪارڊ ٿيو وڃي ٿو. تصوير ۽ آواز ٻئي گڏ گڏ گذريل لمحن جي ياد تازه ڪندا رهن ٿا.
آڳاٽي وقت ۾ صرف تصويرن کي جمع ڪبو هيو، ۽ پوءِ ڪڏهن ڪڏهن ڏسڻ سان ڄڻ انسان انهن گذريل لمحن ۽ ساعتن ۾ موٽي ويندو هيو. هر منظر ڄڻ اکين آڏو رقص ڪرڻ لڳندو هيو. گڏوگڏ جتي ڪتابن جي دنيا آباد هوندي هئي، ماڻهو پنهنجا پسنديده ڪتاب پنهنجي پسند جي مصنف جا خريد ڪندو هيو ۽ پوءِ وقتاً فوقتاً پڙهي پيو ماضيءَ جي جهروڪن ۾ نهاريندو رهندو هيو، اُتي پنهنجي پسند ۽ عزت ماب لائقِ حد احترام قابل ٽيچرز استادن کان آٽوگراف بوڪ تي پنهنجي لاءِ نصيحت ڀريا نڪتا ۽ ٻيون ياداشت کانئن لکرائي محفوظ ڪرڻ جو هڪ عام جنون جي حد تائين شوق هوندو هيو. انُهن بي مثال ۽ ناياب جملن، بيتن ۽ نصيحت ڀريل نُڪتن تي عمل ڪرڻ تي دل چوندي هئي ۽ اُهي آٽوگراف بوڪ خاص اهتمام سان گڏ سنڀالي رکبا هُئا. اڄ جي تيز رفتار جديد دور ۾ يادن کي محفوظ ڪرڻ جا توڙي جو جديد آلات موجود آهن، پر پوءِ به انسان جي گذريل ڪالهه کي تصويرن ذريعي محفوظ ڪندڙ فوٽو البم ۽ قلم سان ڪاغذ جي بوڪ تي لکيل استادن ۽ دوستن، ڀينرن ۽ ڀائرن، ۽ عام زندگي ۾ ڪنهن نه ڪنهن منزل تي پهچندڙ ڪنهن درخشان انسان جا لکيل پئراگراف توڙي شعر و شاعري جي صورت ۾ توڙي جو نصيحت ڀريل ۽ قابلِ فخر نڪتا ۽ چوڻيون جيڪو ڪجهه انهن اسان کي هدايت ۽ نصيحت جي صورت ۾ لکي ڏنو، اڄ به پڙهڻ سان اُهي لمحا، اُهو وقت ڄڻ اکين آڏو ڪنهن فلم وانگر اڳيان اچي وڃي ٿو. اهڙيءَ آٽوگراف بوڪ تان اڄ مان توهان کي ڪجهه پنهنجيون يادون ٻڌايان ۽ ڏيکاريان ٿي. اسان جي پڙهائي واري زماني ۾ جڏهن اسان پرائمري اسڪول کان هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿياسي ته اسان پنهنجين وڏين ڀينرن جيڪي ڪلاس ڏهين ۾ هونديون هيون ۽ انهن جي اسڪول کي ڇڏڻ ۾ باقي وڃي آخري هڪ يا ٻه مهينو بچندو هيو ته انهن ڏينهن ۾ سندن هٿن ۾ خوبصورت ننڍڙيون ڪتاب نما آٽوگراف بوڪ ڏسندا هئاسي، ۽ پوءِ ڏسندي ڏسندي منهنجو به اهو شوق بڻيو.
مون کي تمام ننڍڙي هوندي کان ڪتابن پڙهڻ جو شوق رهندو آيو آهي. قدرتي طور تي جيڪو ماڻهو پنهنجي شوق سان ڪجهه پڙهي ٿو ته پوءِ يقيني طور تي ان کي سنڀالي رکڻ جي به عادت خودبخود پيدا ٿي وڃي ٿي. ڪتابن کي پڙهڻ سان گڏ جمع ڪرڻ ۽ جمع ڪندي ڪندي، ناياب قول، چوڻيون، پهاڪا، ۽ دل کي وڻندڙ شعر، جُملا، سڀني کي الڳ لڳ ڪنهن بوڪ تي لکڻ جو به شوق جاڳيو آهستي آهستي مون کي ڊائري لکڻ ۽ سنڀالڻ جو شعور آيو. ڪلاس اٺين کان مون ڊائري لکڻ شروع ڪئي. ڪلاس نائين ۽ ڏهين تائين مان روز جي ڊائري لکندي رهيس. پوءِ ائين ڪندي آهستي آهستي ڪاليج تائين پهچندي، مون پنهنجي زندگي جون ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون ڳالهيون، ڊائريءَ ۾ نوٽ ڪرڻ شروع ڪيون.
منهنجي ڪلاس فيلو مرحومه نجمه قاضي جا هٿ اکر
”ڪتابن“ منجهان وڻندڙ ۽ نصيحت آموز ”جملا“ ۽ خوبصورت ”شعر“ ٻين ڪيترين ئي ڳالهين سان گڏ نوٽ ڪرڻ لڳم. مئٽرڪ ڪلاس ۾ پهچي مون کي به آٽوگراف بوڪ جو بيحد شوق ٿيو ۽ ائين مون پنهنجي بابا کي فرماش ڪندي چيو ته مون کي به هڪ آٽوگراف بوڪ کپي. توهان سوچيو اُن زماني ۾جِتي هر شيءَ ايتري سستي ملندي هئي ۽ گڏ گڏ سهڻي به. پر پوءِ به بابا مون کي رنگين پنا آڻي ڏنا ته تون هنن کي ڪٽي ننڍو بوڪ ليٽ ٺاهه. سُئي ۽ ڌاڳي سان، ”رنگ برنگي پنو سڀني کان مختلف لڳندو“. مون به ڪو بحث نه ڪيو ۽ بابا جي ڳالهه کي مثبت انداز ۾ ورتو ۽ ضد نه ڪيو ته بازار مان آڻي ڏيو. بابا جن پاڻ گهر ۾ پنا ڪٽي، ننڍڙو آٽوگراف بوڪ ٺاهيو. جنهن کي سُئي ۽ ڌاڳي سان ڳنڍيو ويو. پوءِ بابا مون کي دڪان تان کونئر به آڻي ڏني ۽ ائين زندگيءَ جو پهريون آٽوگراف بوڪ بابا جن سان گڏجي گهر ۾ ٺاهيم ۽ جڏهن مون اسڪول ۾ پنهنجين ٽيچرس کي آٽوگراف بوڪ ڏنو ته انهن پڻ منهنجي همت افزائي ڪئي ۽ تعريف ڪئي ته عام ملندڙ آٽوگراف بوڪس کان هي بنهه مختلف آهي. هر صفحو هڪ نئين رنگ سان آهي. اهو بابا ۽ منهنجو ٺاهيل آٽوگراف بوڪ اُڄ به مون وٽ محفوظ آهي ۽ جڏهن جڏهن مان ان کي هٿ ۾ کڻندي آهيان ته مون کي بابا جن جو شفيق چهرو سامهون اچي ويندو آهي. جنهن منهنجي ڪنهن به ڳالهه کي رد نه ڪيو هيو. هميشه پيار، محبت ۽ محنت سان منهنجي هر ڳالهه ۾ شريڪ رهيا ۽ مدد ڪيائون. پڙهائيءَ جي دوران اهڙا هزار لمحا آيا جيڪي هميشه لاءِ منهنجين يادن ۾ ياد آهن ۽ رهندا ۽ انهن جو عڪس هميشه سامهون رهندو. الله تعاليٰ منهنجي بابا کي هميشه جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائيندو (آمين ثم آمين)
”آٽوگراف بوڪ“ اُن بوڪ کي چئبو آهي، جنهن تي ڪو ماڻهو پاڻ کان وڏي، احترام لائق اُستاد يا ڪنهن مشهور شخصيت کان سندس هٿ اکرن ۾ ڪجهه لکرائي ۽ ”صحيح“ وٺي. اُن بوڪ تي پنهنجي ڪلاس فيلوز ۽ دوستن جا نصيحت ڀريا نُڪتا ۽ نيڪ خواهشات جن کي پڙهڻ بعد اِنسان ماضيءَ جي خوشگوار لمحن کي ياد ڪري سگهي“.
آٽوگراف بوڪ جي اِسڪين ٿيل تصوير توهان لاءِ هتي ڏيکارجي ٿي، استادن جي طرفان لکيل نيڪ خواهشات ۽ پنهنجين ساهيڙن ۽ ڪلاس فيلوز طرفان لکيل دُعائون توهان به پڙهو ۽ وَڻيو ته ضرور ياد رکجو.
نيڪ خواهشات جڏهن ڪو ڪنهن لاءِ اچانڪ پنهنجي دل جي گهراين سان تحفي طور لکي ٿو ته انهن کي الله تعاليٰ به ضرور بالضرور ٻڌي ٿو. مون سان ته ائين ٿيو آهي، باقي هر ڪنهن جو پنهنجو پنهنجو تجربو آهي. اهو خاص نيڪ خواهش جو تحفو آهي منهنجي ڪلاس فيلو جو لکيل جملو جيڪو توهان کي هتي چٽيءَ طرح لکيل نظر اچي رهيو آهي ته:
(ڀيڻ تون شل سدائين فضائن جي هوائن ۾ گهمندي وتندينءَ) هڪ ڀيڻ جي دعا ڏسو ڪيئن نه پوري ٿي. سال 69-1968ع ۾ ڏنل هيءُ نيڪ خواهش ”دعا“ بڻجي منهنجي زندگيءَ ۾ پوري ٿي ۽ پهرين پهرين پڙهائي لاءِ يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي، پوءِ الله تعاليٰ جي فضل و ڪرم سان ميرٽ تي سال 1976ع جي 22 اپريل مهيني ۾ ڊپارٽمينٽ آف فزيالاجيءَ ۾ جاب ملي. تنهن بعد سال 1978ع جي 23 مارچ مهيني ۾ شادي ٿي. روهڙيءَ مان سال 1974ع کان پوءِ هميشه هميشه لاءِ ڄامشوري جي پر فضا ماحول ۾ تقدير کڻي آئي. جتي اڄڪلهه مان رهائش پذير آهيان.
* * *