تندرستي Health
پيارا ٻارو! توهان راند روند ۾ حصو به تڏهن ئي وٺي سگهندا، جڏهن توهان بلڪل صحتمند هوندا ۽ ساڳي وقت پڙهائيءَ ۾ تڏهن ئي هوشيار ٿيندا جڏهن توهان بلڪل ٺيڪ ٺاڪ ۽ صحتمند هوندا. عربيءَ ٻولي ۾ هڪ چوڻي آهي ته ”جنهن ماڻهوءَ وٽ صحت آهي، ان وٽ اميد آهي ۽ جنهن وٽ اميد آهي تنهن وٽ سڀ ڪجهه آهي. دنيا ۾ صحت کان وڏي ٻي ڪابه نعمت ناهي. صحت بذات خود هڪ خوبصورتي آهي، صحت کي برقرار رکڻ لاءِ ڪجهه اصول ڏجن ٿا، اميد ته توهان انهن تي عمل ضرور ڪندا.
1. هر وقت چاق و چوبند رهو، ڇو ته چوڻي آهي ته ”حرڪت ۾ برڪت“ آهي.
2. سڻڀ گهٽ استعمال ڪريو.
3. موٽاپو ”صحت“ جو دشمن آهي.
4. ڪنهن به قسم جي نشي آور شيءِ واپرائڻ نه گهرجي.
5. اسڪولي ٻارن کي سگريٽ نوشي کان پاڻ بچائڻ گهرجي. ڇو ته ننڍپڻ جون خراب عادتون، سڄي زندگي لاءِ ”مُضرِ صِحت“ ثابت ٿين ٿيون.
6.آخر ۾ توهان کي پيار ڀري نصيحت ڪبي ته هميشه نيڪ سوچون يعني ته (مثبت سوچون) سوچيو ۽ ڪنهن لاءِ به برو خيال دل ۽ دماغ ۾ نه ويهاريو، ڇو ته نيڪ سوچڻ، پنهنجي صحت لاءِ ئي سُٺو سنوڻ آهي. سوچڻ جو انداز نيڪ هوندو ته توهان جي جسم تي سُٺو اثر پوندو. چيو ويندو آهي جهڙو سوچيو، اُهوئي ٿيندو، جهڙو سوچيندؤ، اُوهين به اهڙا ئي ٿي ويندؤ. اُن ڪري سٺا سٺا خيال دماغ ۾ رکجن، جيئن اوهان عملي طور به سٺي اخلاق جو مظاهرو ڪري سگهو.
7. آخر ۾ اهو به نه وسارجو ته هميشه صحتمند رهڻ لاءِ پرسُڪون ۽ مڪمل ”ننڊ“ ڪرڻ به انتهائي لازمي آهي.
رات جو سوير سمهڻ ۽ صبح جو سوير اُٿڻ جي عادت پاڻ ۾ وجهڻ گهرجي. ائين ڪرڻ سان توهان جي دل ۽ دماغ تي بيحد سٺو اثر پوندو. صبح جو سوير اٿي پنهنجو اسڪولي ڪم ڪرڻ ۽ سبق کي ياد ڪرڻ بي انتها سولو ٿيندو آهي ۽ هميشه لاءِ ياد رهندو آهي. صبح جو سوير هوا خوري صحتمند رهڻ ۾ مددگار ٿيندي آهي. چوندا آهن ته تندرستي جهڙي ڪا به ٻي نعمت نه آهي. توڙي جو ڪيترو به مال ۽ ملڪيت هجي، پر پوءِ به ”صحت“ ۽ تندرستي جو نعم البدل نٿو ٿي سگهي.
هميشه ياد رکو ته:
”آهي تندرستي نعمت هڪ عجيب
جهڙي شاهوڪار لئه، تهڙي ڪاڻ غريب.“
انگريزي ۾ چوڻي آهي ته:
Health is Wealth معنيٰ ته تندرستي آهي ته سمجهو ماڻهو شاهوڪار آهي. اميد ته ٻارو توهان ضرور عمل ڪندا. الله تعاليٰ شل توهان سڀني کي ”صحت“ ۽ تندرستي عطا ڪري (آمين ثم آمين)
* * * *