سائنس، علم ۽ رسالا

ڪَڻي مان ڪيچَ

پروفيسر رشيده ڀٽي جو لکيل هي ڪتاب انتهائي ڪارائتو آهي. جيڪو عام ماڻهوءَ کي غذا جي فائدي ۽ علاج جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ ڏيئي ٿو. قدرت جو ڪارخانو عجيب آهي. هتي شين جو پاڻ ۾ مضبوط لاڳاپو آهي. اُهي چاهي گڏوگڏ هلنديون هجن يا بنهه هڪٻئي جي اُبتڙ هجن. گرمين جون ڀاڄيون ۽ ميوا مزاج ۾ معتدل ۽ جسم ۾ پاڻي جي مقدار کي گهٽ ٿيڻ نه ٿا ڏين. ساڳيءَ ريت سياري ۾ پيدا ٿيندڙ غذا گرم ۽ جسم جي مدافعتي مزاج کي فعال بڻائي ٿي. ساڳي وقت موسمي اثر ۽ بيمارين کان بچائي ٿي. رشيده پنهنجي هن ڪتاب ۾ ڪافي حد تائين غذا متعلق انيڪ پهلو واضع ڪيا آهن.
Title Cover of book ڪَڻي مان ڪيچَ

تن دُرستُ، ته مَنُ دُرستُ تن خوش، ته مَنُ خوش

صحت مند زندگيءَ جو دارو مدار بيشڪ صحت مند دل، دماغ ۽ جيري تي آهي. هي سڀ عُضوا جسم جا اهم عُضوا سمجهيا ويندا آهن. جيڪڏهن خدانخواسته هنن عضون جي ڪم ڪار ۾ ڪو خلل پئجي ويندو آهي ته پوءِ انساني صحت متاثر ٿي پوندي آهي.
انساني جسم جي مشين الله تعاليٰ جي ڪاريگريءَ جو هڪ حيرت انگيز ۽ عقل کي دنگ ڪرڻ وارو پيچيده ۽ عجيب و غريب نمونو آهي. انسان اڪثر دنياوي نظام خود پنهنجي جسماني نظام جي دريافت کان پوءِ ٺاهيا آهن. مثال طور پمپنگ ۽ سڪنگ (Pumping and sucking) اوزار، ۽ پمپنگ اسٽيشن، ”دل“ جي ڪارڪردگيءَ کي اڳيان رکي ڪري ۽ فلٽر پلانٽس،”بڪين“ جي فعل کي مدِنظر رکي ٺاهيا ويا آهن. پاور هائوس جو تصور ”جيري“ کان ورتو ويو جيڪو انساني جسم جو پاور هائوس ۽ اسٽور طور ڪم ڪري ٿو.
پر انساني دماغ جيڪو قدرت جي طرفان اهڙو ٺهيل آهي، جنهن جي ذريعي انسان پنهنجو پاڻ کي سڃاڻڻ جي قابل بڻيو آهي ۽ پنهنجي جسم کي سڃاڻي ٿو ۽ گڏوگڏ ڪيتريون ئي حيرت انگريز ايجادات ڪيون آهن، پر اڃان تائين انساني عقل جي پهچ کان اهو ٻاهر آهي، ڇو ته اڃان تائين انساني ذهن جون ڪيتريون ئي ڳالهيون ۽ ڪم انسان تي واضع نه ٿيا آهن. انساني دماغ جون اڃا تائين ڪيتريون ڳالهيون ۽ ڪَمَ مُبهم آهن ۽ انهن کي سمجهڻ لاءِ انسان جتن ڪري رهيو آهي.
انساني مشين جا سڀ پرزا پنهنجن پنهنجن ڪمن لاءِ مخصوص جاءِ ۽ جاءِ ورادات منتخب ڪري رکندا آهن، ۽ اهوئي قدرت جو عظيم عجوبو آهي. صحت ۽ تندرستي جي حالت ۾ سڀ پرزا پنهنجي پنهنجي جاءِ ۽ مقام تي پنهنجا فرض تمام بهترين انداز سان ادا ڪندا رهندا آهن. ليڪن بدقسمتيءَ سان خرابي يعني ڪنهن بيماريءَ واري حالت دوران اُنهن جي ڪم جي رفتار سُست ٿي ويندي آهي ۽ انهن جي ڪارڪردگيءَ تي نمايان اثر ظاهر ٿي پوندو آهي. ۽ جيڪڏهن اهڙي حالت ڳچ عرصي تائين قائم رهي ٿي ته پوءِ جسم جي عضون جي ڪم ڪار تي وڏو فرق پئجي ويندو آهي. هاڻي اسان عام طور تي ڏسون ٿا هت هر انسان چاهيندو آهي ته هو خوش باش ۽ صحتمند ۽ تندرست زندگي گذاري، انڪري اها هر انسان جي خواهش بڻجي ويندي آهي، ان ڪري هر باشعور انسان جي ذميواري آهي ته هو اُن تي يعني (پنهنجي صحت ۽ تندرستي تي) ڪوبه برو اثر نه پوڻ ڏئي، ورنه ٿوري تڪليف ۽ خرابي اڳيان هلي ڪنهن وڏي مصيبت کي دعوت ڏيئي سگهي ٿي. هونئن به اسان ڏسون ته تندرستي هڪ بي بها ۽ انمول موتي آهي، جنهن جو ڪو ملهه ڪونهي، انسان دنيا جي بازار منجهان پيسا ڏيئي هر قسم جي شيءَ خريد ڪري سگهي ٿو. پر ”صحت“ ۽ ”تندرستي“ نٿو خريد ڪري سگهي ڇو ته اها بي بها ۽ اڻ ملهه آهي، ان جو ڪو مُلهه ڪونهي. ڪنهن قيمت تي توهان اُن کي خريد ڪري نٿا سگهو. عام چوڻي آهي ته ”آهي تندرستي نِعمتَ هِڪُ عَجيبِ، جِهڙي شاهوڪارِ لَئهِ، تِهڙِي ڪاڻ غريب.“
ڪنهن فارسي زبان ۾ فرمايو آهي ته: ”يک تندرستي، هزار نعمت است“. يعني ته هڪ تندرستي هزار نعمتن جي برابر آهي. انگريزي ۾ چوڻي آهي ته: "Health is Wealth" يعني ته تندرستي دولت آهي.“ ”تندرستي“، هڪ اهڙي نِعمتِ عظيم آهي، جنهن جو ڪو ”ثاني“ نه ٿو ٿي سگهي. بقول حڪيم ابو علي اِبن سِينا جي ته: ”هر صحتمند شخص جي مٿي تي اهڙو تاج رکيل هوندو آهي جيڪو صرف بيمار ماڻهو کي ڏيکاري ڏيندو آهي.“ اُن جو سولو مطلب هيءُ آهي ته هڪ ڏٻري جسم وارو بيمار ماڻهو ئي هڪ صحتمند جسم واري انسان جي مٿي تي رکيل اُن ”تاج“ يعني ”صحت مند جسم“ جي اهميت ۽ اَفاديت سمجهي سگهي ٿو ته ”تن دُرست، من دُرست“ جو مطلب مفهوم ڇا آهي؟ آسان لفظن ۾ اسان ائين سمجهون ته جڏهن ”تن“ يعني ”جسم“ مڪمل طور تي پنهنجا پنهنجا ڪم خوش اسلوبيءَ سان سر انجام ڏيئي رهيو هوندو آهي ته لازمي طور تي اُن جا اثرارت اُن اِنسان جي مُنهن تي خوشيءَ جو عڪس بڻجي منهن مُبارڪ تي نروار ٿي نظر ايندا آهن. اُن انسان جون اندروني ڪيفيات/ خوشيءَ واريون عضون جي بهترين ڪارڪردگيءَ جي ڪري باقاعده عڪس بڻجي ان انسان جي چهري تي چنڊ جيان چمڪا ڏينديون آهن. ان ڪري چيو ويندو آهي ته: ”تن خوش ته من خوش“ يعني جڏهن ماڻهو پاڻ خوش هوندو ته اُن جو اظهار به ٻين تي خوشيءَ وارو ڪندو ۽ کلندو، مسڪرائيندو، کائيندو، پيئندو، وتندو ۽ سندس عام زندگيءَ ۾ ٻين دوستن احبابن سان رويو به سُهڻو هوندس. ان ڪري چيو ويندو آهي ته بيمار جسم، بيمار ذهن جي عڪاسي ڪندو آهي ۽ صحتمند جسم هميشه سٺي ذهن جو مالڪ هوندو آهي ۽ مثبت سوچون، سوچيندو آهي.
انساني جسم گوشت يعني (مشڪون) ۽ هڏائين پڃري جو ٺهيل آهي. اها قدرت واري جي عظيم ڪاريگري آهي ته انساني جسم (بدن) جي ٻاهرين نرم ۽ چڪني لچڪدار گوشت پوست جي هيٺان يعني (اندران) سخت ۽ مضبوط هڏن جو ڍانچو رکيو آهي. اصل ۾ هيءُ هڏائون پڃرو ئي اصل ۾ سڄي جسم جو بار سنڀالي بيٺو آهي ۽ ساڳي وقت ۾ اندرين حصي ۾ موجود نرم ۽ نازڪ گوشت پوست جي ٺهيل عضون جي پڻ حفاظت ڪري ٿو ۽ انهن کي صحيح جڳهه تي قائم ۽ زور يا ڌڪ لڳڻ کان پڻ محفوظ رکي ٿو.
* * *