سائنس، علم ۽ رسالا

ڪَڻي مان ڪيچَ

پروفيسر رشيده ڀٽي جو لکيل هي ڪتاب انتهائي ڪارائتو آهي. جيڪو عام ماڻهوءَ کي غذا جي فائدي ۽ علاج جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ ڏيئي ٿو. قدرت جو ڪارخانو عجيب آهي. هتي شين جو پاڻ ۾ مضبوط لاڳاپو آهي. اُهي چاهي گڏوگڏ هلنديون هجن يا بنهه هڪٻئي جي اُبتڙ هجن. گرمين جون ڀاڄيون ۽ ميوا مزاج ۾ معتدل ۽ جسم ۾ پاڻي جي مقدار کي گهٽ ٿيڻ نه ٿا ڏين. ساڳيءَ ريت سياري ۾ پيدا ٿيندڙ غذا گرم ۽ جسم جي مدافعتي مزاج کي فعال بڻائي ٿي. ساڳي وقت موسمي اثر ۽ بيمارين کان بچائي ٿي. رشيده پنهنجي هن ڪتاب ۾ ڪافي حد تائين غذا متعلق انيڪ پهلو واضع ڪيا آهن.
Title Cover of book ڪَڻي مان ڪيچَ

الرجي ۽ ماحول

[b]پيش لفظ:
[/b]الرجي هڪ عام مسئلو آهي. تمام گهڻا ماڻهو اُن جو شڪار ٿين ٿا پر اُن کان وڌيڪ ان وهم جو شڪار اُهي آهن. جيڪي چون ٿا اسان کي الرجي (Allergy) آهي. حالانڪه دراصل انهن کي الرجي نه هوندي آهي.
علاج ڪندڙ ڊاڪٽرن لاءِ اهو هڪ ڏکيو ڪم آهي ته اُهي پنهنجن مريضن کي الرجي متعلق صحيح نموني ٻڌائي سگهن. مريضن کي مطمئن ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي ڇو ته معالج ڊاڪٽر پنهنجن مريض کي الرجي متعلق وضاحت بيان نٿا ڪري سگهن. بعض اوقات پيچيده ترڪيبون. عام فهم زبان ۾ بيان ڪرڻ هڪ وڏو مسئلو بڻجي پوندو آهي ۽ بعض اوقات وقت جي ٿورائي (ڪمي) به ان وضاحتي بيان ۾ رڪاوٽ بڻبي آهي. انهن مٿين سببن ڪري اسان پنهنجن هر قسم جي پڙهندڙن لاءِ هيءُ مضمون پيش ڪري رهيا آهيون. اميد ته پڙهندڙ عام معلومات حاصل ڪري الرجي جي مسئلي سان مقابلو ڪندا.

[b]الرجي ڇا آهي؟ What is an Allergy?
[/b]”الرجي“ ڇا آهي؟ ڪڏهن ۽ ڪيئن ۽ ڪهڙين شين کان ٿي وڃي ٿي؟ ان جي متعلق معلومات نه هئڻ برابر آهي. هن مضمون مطابق سڀ کان پهريان ڏسجي ته اصل ۾ الرجي آهي ڇا؟ ڪجهه ماڻهن جي خيال ۾ الرجي هڪ معمولي ڪيفيت جو نالو آهي ۽ خارش وغيره جي صورت ۾ ظاهر ٿيندي آهي. جڏهن ته ڪجهه ماڻهن جي خيال ۾ هيءَ هڪ خطرناڪ شيءِ آهي ۽ عام طور تي خيال ڪيو وڃي ٿو ته ڪنهن شيء جو انساني جسم جي ”موافقت ۾ نه هجڻ“ الرجي سڏجي ٿو. ميڊيڪل سائنس جي زبان ۾ الرجي اسان جي جسم جو ڪنهن اهڙي شيءِ جي خلاف جيڪا حلق (نڙيءَ) کان هيٺ لهي. ساهه رستي اندر وڃي. اسان جي چمڙي کي ڇهي، يا ڪنهن جيت جڻي جي چڪ، يا وري سُئي يا ٽڪي ذريعي اندر وڃي. اُن جي ردِ عمل کي سڏجي ٿو. الرجي اسان جي دفاعي نظام (Immunological System)جو حصو آهي ۽ ان جا تفصيلات بيان ڪرڻ کان اڳ اچو ته انساني جسم ۾ ڪارِ فرما هن دفاعي نظام جو مختصر تعارف ڪرايو وڃي.

[b]الرجي ۽ جسم جو دفاعي نظام:
[/b]الرجي جي معنيٰ آهي ”حساسيت“ ان جو مطلب ٿيو ته جيڪو ڪجهه نارمل طور تي هر انسان محسوس ڪري ٿو، جيڪڏهن اتفاقي طور تي ڪو ماڻهو ان نارمل حالت کي گهٽ يا وڌ محسوس ڪري ته پوءِ اسان ان کي ”الرجي“ سڏيون ٿا. مختلف ماڻهن کي مختلف شين، کاڌن، حالتن ۽ موسمن وغيره کان الرجي هوندي آهي. اها صورتحال ڪجهه ماڻهن ۾ گهٽ پيماني تي، ڪن ۾ وڌيڪ شديد به ٿي سگهي ٿي. جيئن چوڻي آهي ته:
ڪنهن کي واڱڻ وائي ته ڪنهن کي بصر بادي، هيءَ ته کڻي پهاڪي طور تي استعمال ٿئي ٿو، پر سائنسي تحقيقات (ريسرچ) به ان ڳالهه کي ثابت ڪيو آهي ته هر ماڻهو منجهه ”حساسيت“ الڳ الڳ هوندي آهي. سو سيڪڙو ڪو به ماڻهو نارمل نه هوندو آهي. هر ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن شيء کان (گهٽ يا وڌ) متاثر ضرور هوندو آهي. ان صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ قدرت اسان جي جسم اندر دفاعي نظام اهڙي نموني ترتيب ڏنو آهي جو جيئن ئي ٻاهريون ڪوبه جاندار اندر داخل ٿيندو آهي ته فوري طور تي دِفاعي نظام (نظامِ دِفاع) حرڪت ۾ اچي ويندو آهي.

[b]الرجي ۽ اِنساني جسم جو دفاعي نظام:
[/b]اسان جي ٻاهرِين ۽ اندروني چمڙي (جسم جي اندروني خلا ۽ مختلف عضون جي مٿان به هڪ تهه هوندو آهي جنهن کي اندروني چمڙي (Skin) يعني (Mucosal Membrane) سڏيندا آهيون). اُن جي مٿان موجود اينٽي باڊيز (Antibodies) ۽ رت ۾ موجود ”سفيد جزا“ (White Cells) هن دفاعي نظام (سرشتي) جا اهم رڪن آهن. جيڪي شيون اسان جي جسم کي نقصان پهچائي سگهن ٿيون، هيءُ نظام انهن جي خلاف مختلف هٿيار گڏ ڪري رکي ٿو. جيڪڏهن اهو ڪو بيڪٽريا (Bacteria) آهي ته ان کي ماري ڇڏڻ جو هٿيار موجود آهي. جيڪڏهن ڪو الرجي پيدا ڪرڻ وارو الرجن (Allergen) آهي ته ان کي سڃاڻي ان جي خلاف الرجي جو ردِ عمل پيدا ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي. جيڪڏهن ڪوئي ڪيميائي مادو آهي ته ان جي اثر کي زائل ڪرڻ يا گهٽ ڪرڻ لاءِ به هٿيار موجود آهي. ان مان ثابت ٿيو ته ان ريت الرجي اسان جي جسم جي دفاعي نظام جو هڪ حصو آهي. ۽ دراصل هيءَ اسان جي فائدي لاءِ آهي. ليڪن بعض حالات ۾ الرجي جو هيءُ نظام ضرورت کان وڌيڪ متحرڪ ٿي ويندو آهي ۽ معمولي شيء بار بار الرجي جي شديد رد عمل ۽ نتيجي ۾ شديد تڪليف جو باعث بڻبي آهي. يا بعض اوقات الرجي جو هيءُ جزو ايترو ته خطرناڪ هوندو آهي جو ان جي خلاف شديد رد عمل پيدا ٿيندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن جان ليوا ثابت ٿيندو آهي.
انساني جسم ۾ موجود دفاعي نظام جي هيءَ خصوصيت آهي ته جسم ۾ ڪنهن به ذريعي سان داخل ٿيندڙ ”اجنبي“ جزن کي سڃاڻي سگهندو آهي. ڪنهن به ”جزي“ يا شيءِ کي جڏهن اسان جو جسم ”اجنبي“ جي طور تي سڃاڻي وٺندو آهي، ته جيئن ئي اهو جزو جسم ۾ داخل ٿيندو. ”الرجي رد عمل“ جوابي ڪاروائي طور شروع ٿي ويندو آهي. بنيادي طور تي هيءُ اُن ”جزي“ يا عنصر جو اثر ختم ڪرڻ لاءِ هوندو آهي. ليڪن هن عمل دوران خارج ٿيندڙ ڪيميائي ماده انساني جسم تي به پنهنجا اثرات مرتب ڪندا آهن. هن عمل کي اصل ۾ الرجي جو رد عمل يعني (Allergic Reaction) سڏيو وڃي ٿو.

[b]الرجي ڇو ٿئي ٿي؟
[/b]ڪجهه عرصي کان الرجيءَ جو مسئلو وڌيل نظر اچي رهيو آهي. جيتوڻيڪ هن گنڀير مسئلي متعلق يقين سان ڪجهه چئي نٿو سگهجي پر پوءِ به ماهرين جي راءِ مطابق هيٺيون ڪجهه وجوهات ڪافي اهميت جون حامل آهن:
1. گهر ۾ هڪ ڀاتي کي الرجي ٿئي ته پوءِ ٻين گهر جي ڀاتين ۽ ٻارن وغيره ۾ امڪانات وڌي وڃن ٿا، ليڪن ان جو مطلب اهو نه آهي ته الرجي ڪا ”ڇوت“ جي بيماري آهي. ان کان علاوه ننڍپڻ ۾ ئي جيڪڏهن بعض الرجي پيدا ڪرڻ وارن جزن سان واسطو پئجي وڃي ته پوءِ الرجي جا امڪانات وڌي وڃن ٿا. عورتن جي بنسبت، مردن ۾ الرجيءَ جا مسئلا وڌيڪ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ننڍن خاندان ۾ جتي هڪ يا ٻه ٻار آهن، اتي الرجي وڌيڪ ڏسڻ ۾ اچي ٿي بنسبت وڏن خاندانن جي، جتي ٻار يا گهر ڀاتي گهڻي تعداد ۾ هوندا آهن.
2. عمر جي ابتدائي حصي ۾ ٻارن جو جنهن ماحول سان واسطو پوي ٿو، ان جو الرجيءَ سان گهرو تعلق ٿئي ٿو. سگريٽ جو دونهون، گهريلون قالين ۽ ٻين شين مٿان مٽي ۽ گرد و غبار، پولن (Pollen)، جانور ۽ الرجي پيدا ڪندڙ کاڌا، ابتدائي سالن ۾ اڳتي هلي الرجيءَ جو باعث بڻجي سگهن ٿا. اهڙا گهر جتي اميري جون علامتون گهڻيون موجود هجن. مثال طور: سردين ۾ هيٽر جي ذريعي سڄي گهر کي گرم رکڻ، ٿوري ٿوري بيماريءَ دوران مهانگيون اينٽي بائيوٽڪس وغيره استعمال ڪرڻ. بازاري کاڌا، خاص طور تي دٻن ۾ بند تيار شده کاڌا استعمال ڪرڻ جو رجحان وغيره وڌيل هجي ته اتي الرجي به وڌيڪ ٿئي ٿي.
3. قدرتي ماحول، وائرس سان پيدا ٿيندڙ انفيڪشن ۽ ڳوٺاڻي آبهوا الرجي کان بچائين ٿا.

[b]ڪهڙا جزا الرجي پيدا ڪري سگهن ٿا؟
[/b]مخصوص جزا، جيڪي عام طور تي لمحياتي، پروٽين (Protein) جو اثر رکن ٿا، جسم جي اندر جڏهن ڪنهن به طريقي سان داخل ٿي وڃن ٿا ته جسم جو اندروني دفاعي نظام انهن جزن کي ”بيروني“ يا ”حمله آور“ سمجهي قبول ڪري ٿو ۽ پوءِ انهن جزن کي ختم ڪرڻ لاءِ رد عمل جي طور تي ڪيميائي مادو خارج ڪري ٿو. ۽ ان عمل کي ”الرجي“ سڏجي ٿو. انهن جزن ۾ کاڌي پيتي جون شيون گلن جو ٻور (Pollen)، گاهه، ڪيميائي شيون، ڪيميائي مرڪبات ۽ پلاسٽڪ وغيره شامل آهن، هي ڪيميائي ماده جتي بيروني ”عنصر“ يا ”الرجن (Allergen) کي نيست ونابود ڪن ٿا اتي انساني جسم تي به اثر انداز ٿين ٿا.
ان مٿين سڀني گڏيل عملن جي مجموعي کي ”الرجي“ سڏجي ٿو ۽ هر دفعي هيءُ عمل ٻيهر ورجائڻ تي ان جي شدت ۾ اضافو ٿي وڃي ٿو. مثال طور: گلن جي ٻور يعني Pollen گلن جي اندرين حصن ۾ پرورش حاصل ڪري، پوءِ هوا ۾ شامل ٿي ويندو آهي ۽ اهڙي ريت هڪ کان ٻي جڳهه پهچي ويندو آهي. اهڙيءَ هوا ۾ جنهن ۾ اُهي Pollen شامل هجن، ساهه کڻڻ سان، ساهه جي ناليءَ وسيلي جسم اندر داخل ٿي ويندا آهن. ساهه جي نلڪي ۽ ڦڦڙن جي اندرين جهلي (Layers) ۾ موجود دفاعي نظام جا خليه (Cells) اُن ”ٻور“ تي موجود الرجِن (Allergen) کي اُڳري (Engulf) ڪري ڪيميائي عمل شروع ڪندا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ اُهي ڪيميائي ماده خارج ٿيندا آهن. جن کي سوزش پيدا ڪرڻ وارا ڪيميائي جزا يا (Inflammatory Mediators) چئجي ٿو. انهن ڪيميائي مادن سان اُهي ”الرجن“ ته خير ختم ٿي وڃن ٿا. پر ساهه جي نليءَ جي اردگرد ۾ ڪيميائي مادن جو رد عمل به ظاهر ٿئي ٿو جنهن جي نتيجي ۾ هيءَ سڪڙجي وڃي ٿي ۽ اهڙيءَ طرح ساهه کڻڻ مشڪل ٿي وڃي ٿو. ساهه جي ناليءَ جي سڪڙجڻ جو رد عمل ۽ ساهه کڻڻ جي مشڪل عمل کي دم (Asthma) يا ”سهڪي“ سڏجي ٿو.
جڏهن الرجي پيدا ڪرڻ وارو ڪوئي جزو براه راست سنئون سڌو خون ۾ داخل ٿي ويندو آهي ته ان جي خلاف رد عمل طور پيدا ٿيندڙ مادو به خون (Blood) ۾ پيدا ٿيندو آهي ۽ اهڙي ريت الرجي جو رد عمل تمام گهڻو شديد هوندو آهي. ڇو ته اُهو سڄي جسم ۾ ٿيندو آهي. انجيڪشن جي ذريعي داخل ٿيندڙ دوائن جي الرجيءَ وارو شديد رد عمل هڪ مثال آهي ۽ اهڙي شديد رد عمل کان بچڻ لاءِ. گهٽ کان گهٽ انجيڪشن تجويز ڪيا ويندا آهن. ۽ خاص ضرورت وقت پهريان ٽيسٽ ڊوز لڳائي. پوءِ سئي لڳائڻ جو مشورو ڏنو ويندو آهي. گهڻن ماڻهن کي ڪنهن شيءَ مان ”چمڙي“ (Skin) جي الرجي (Allergy) ٿي ويندي آهي. الرجي پيدا ڪندڙ مادو مثلاً (مِٽيءَ جا ذرا، جانورن جون کلون، بعض ڪيميائي ماده وغيره) جڏهن اهڙن ماڻهن جي چمڙيءَ تي ڪرندا آهن ته چمڙيءَ ۾ موجود دفاعي نظام جا خليه (Cells) انهن کي پنهنجي اندر جذب (Engulf) ڪري وٺندا آهن. انهن تي ان (Cells) مان اهڙا ماده (Antibodies) خارج ٿيندا آهن جو ان مادي جي خلاف ته ڪم ڪندا ئي آهن، پر انساني چمڙيءَ تي به اثر انداز ٿي پوندا آهن ۽ مختلف نشان ۽ خارش وغيره نمودار ٿي پون ٿا.
پهريون قسم: هيءُ رد عمل عام طور تي انتهائي سرعت سان وقوع پذير ٿيندو آهي. ان قسم جو رد عمل پيدا ڪندڙ (Antigen) اينٽيجن جڏهن پهريون دفعو جسم ۾ داخل ٿيندو آهي ته دفاعي خليه (Defense Cells) انهن کي دشمن سمجهي ٿوري مقدار ۾ اينٽي باڊيز Antibodies يا (Immunoglobulin) پيدا ڪري انهن کي محفوظ ڪري ڇڏيندا آهن. جڏهن ٻيو دفعو ساڳيا جزا اينٽجن (Antigen) جسم ۾ داخل ٿيندا آهن ته انهن جزن جي خلاف اينٽي باڊيز Antibodies گهڻي مقدار ۾ پيدا ٿينديون آهن، جيڪي الرجي جي شديد رد عمل جو باعث بڻجن ٿيون. الرجي ان جي رد عمل ۾ خارج ٿيندڙ اينٽي باڊيز آءِ.جي. اي Antibodies I.G.E سڏبيون آهن. عام قسم جي الرجي مثال طور الرجي مان پيدا ٿيندڙ دم (سهڪو) يا ايگزيما (Eczema) وغيره جي تشخيص يا سڃاڻپ لاءِ بعض اوقات ڊاڪٽر خون ۾ (I.G.E) جي مقدار جو Test ڪرائيندا آهن.
ٻيو قسم: هن قسم جي الرجيءَ پيدا ڪندڙ خالي (Cells) جي جهلي (Membrane) تي مٿان موجود اينٽجن (Antigen) جي خلاف اينٽي باڊيز پيدا ٿينديون آهن. رت جي هڪ گروپ جو ٻي رت جي گروپ خلاف ري ايڪشن (Reaction)، پيٽ جي ڪيڙن جي خلاف الرجي ري ايڪشن وغيره ان قسم جا ڪجهه مثال آهن. اهڙي قسم جي رد عمل ۾ I.G.E اينٽي باڊيز ٺهنديون آهن.
ٽيون قسم: هن ۾ اينٽي جن ۽ اينٽي باڊيز جو هڪ مرڪب بڻجي ويندو آهي. جنهن جي ڪري جسم جي عضون ۾ سوزش جو عمل شروع ٿي ويندو آهي.

چوٿون قسم: هن رد عمل ۾ اينٽي باڊيز جي بجاءِ دفاعي خلين جو هڪ خاص قسم (T-Cells) ملوث هوندا آهن. هن قسم جا رد عمل عام طور تي دير سان ظاهر ٿيندا آهن ۽ انهن جا اثرات به ڪافي عرصي تائين رهندا آهن، ٽي.بي (T.B) جي سڃاڻپ لاءِ ٿيندڙ ٽيسٽ، جنهن کي Mantouxs Test سڏجي ٿو. ٽي بي جي جراثيم جو ڪجهه مقدار سُئي ذريعي جسم ۾ داخل ڪيو ويندو آهي ۽ ان جو رد عمل هڪ خاص طريقي سان ڳاڙهي دائري جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو آهي.

[b]الرجي جي سڃاڻپ (تشخيص)
[/b]الرجي جي سڃاڻپ تمام آسان به آهي ۽ تمام گهڻي مشڪل به آهي. اهڙا ماڻهو جن کي تمام واضع نموني ۾ الرجيءَ جو رد عمل شروع ٿيندو آهي انهن ۾ سڃاڻپ ته آسان آهي ليڪن ڪيترا اهڙا به ماڻهو آهن جن ۾ الرجي واضع نه هوندي آهي. مثال طور پولن (Pollen) ٻُور جي موسم ۾ الرجي واري کي گهَرَ کان ٻاهر نڪرڻ بعد ڇڪن جو اچڻ، نزلو، اکين جو ڳاڙهو ٿيڻ ۽ نڪ ڳاڙهو ٿيڻ ۽ بعض دفعا سهڪي (دم) جون علامتون ظاهر ٿيڻ شروع ٿي وينديون آهن، ته پوءِ اهڙي انسان جي سڃاڻپ ڪرڻ آسان ٿي پوندي آهي. ليڪن اهڙا ماڻهو جن کي هر مرتبي گهر کان ٻاهر نڪرڻ بعد ٻاهر موجود گردوغبار ۽ دونهين ۾ کنگهه وغيره شروع ٿي وڃي ته انهن لاءِ اهو يقين سان چوڻ ته انهن کي گردوغبار سان ”الرجي“ آهي يا ائين گردوغبار سان چڀن (Irritiation) آهي، سو ڏاڍو مشڪل آهي. بهرحال الرجي جي سڃاڻپ جي لاءِ مريضن جي هسٽري (History)، جسماني معائنو ۽ ضرورت تحت ليباريٽري ٽيسٽ وغيره سڀ پنهنجي جاءِ تي اهميت جا حامل آهن. ڪنهن خاص شيءِ مان ظاهر ٿيندڙ مخصوص علامتون، مثال طور گهر ۾ ٻهاري ۽ صفائيءَ دوران ڇڪن جو اچڻ، بهار جي موسم ۾ گهر کان ٻاهر نڪرڻ مهل نزلي زڪام جو ٿيڻ، مٽيءَ ۾ ڪم ڪرڻ دوران جهڙوڪ گاهه ڪَٽڻ جي ڪري هٿن جي چمڙيءَ تي خارش جو شروع ٿيڻ. ڪنهن شيءِ کائڻ سان هميشه هڪ جهڙيون ساڳيون علامتون ظاهر ٿيڻ وغيره الرجي جو ڏس پتو ڏين ٿيون.
الرجيءَ جون ڪيتريون ئي ڪيفيتون خاندان ۾ موروثي به هونديون آهن ۽ مريض ان متعلق يقين سان ٻڌائي سگهي ٿو. مريض جي هسٽري (History) کان پوءِ جسماني معائني جو وارو ايندو آهي. اهڙي معائني دوران جسم جي جنهن عضوي ۾ ڪنهن الرجي جو انديشو هوندو آهي، ان جو خاص طور تي معائنو ڪيو ويندو آهي. مثال طور ساهه جي تڪليف دوران ساهه کڻڻ ۽ ڇڏڻ وقت مخصوص آواز. دائمي نزلي ۾ وات ذريعي ساهه کڻڻ ۽ اکين جي هيٺان ڪاراڻ مائل چمڙي، پراڻي دائمي نزلي ۾ مبتلا ٻارن جي نڪ جي رڳڙ جا نشان (Allergic Salute) وغيره. الرجي معلوم ڪرڻ لاءِ اگرچه بعض اوقات رت جا به ٽيسٽ ڪرايا وڃن ٿا. ليڪن رت جا عام ٽيسٽ مثلاً ٽوٽل ليوڪوسائيٽ ڪائوننٽ TLC (Total leukocyto count) ۽DLCڊفرينسٽيل ليوڪر سائيٽ (Differentail leukocyte count) وغيره ايترا خاص فائديمند ثابت نه ٿا ٿين، مخصوص اينٽي باڊيز اميونو گلوبيولن يا (lg) Immunoglobulin الرجي جا بعض جزا انجيڪيشن وسيلي خون ۾ شامل ڪري ان خلاف مخصوص اينٽي باڊيز جي مقدار کي خون ۾ ماپي، الرجي ٽيسٽ ڪري سگهجي ٿو. ساهه ۽ انجيڪشن ذريعي جسم جي اندر وڃڻ وارن الرجن (Allergen) کي چمڙي جي مٿان ٽيسٽ ڪري سگهجي ٿو. جڏهن ته کاڌي جي ذريعي داخل ٿيندڙ الرجن کي چمڙيءَ جي مٿان ٽيسٽ ڪرڻ ممڪن ڪونهي.

[b]الرجن کا ن پيدا ٿيندڙ عام بيماريون:
[/b]هونئن ته الرجي جو عمل انساني جسم جي فائدي لاءِ آهي، ليڪن بعض اوقات تمام عام شين کان الرجيءَ جو شديد رد عمل پيدا ٿيندو ۽ بار بار ٿيندو رهندو آهي. اهڙين حالتن کي الرجيءَ کان ٿيندڙ ”بيماريون“ سڏجي ٿو.
دم سهڪو (Asthma): الرجي پيدا ڪندڙ جڏهن ساهه وسيلي ڦڦڙن ۾ داخل ٿيندا آهن ته ساهه جي ناليءَ ۽ ڦڦڙن جي اندروني جهلي (Membrane) تي ويهي رهندا آهن. هِتان اُهي رت جي دفاعي خلين (Defense Cells) ۾ شامل ٿي، I.G.E اينٽي باڊيز جي اخراج جو سبب بڻجندا آهن. الرجي جي انهن عنصرن (الرجن) ۽ اينٽي باڊيز جو امتزاج رت جي دفاعي خلين مان الرجي جي ڪيميائي مادن هسٽامين (Histamine)، ليوڪوٽرائين (Leukotriene) ۽ انٽرليوڪين (InterLeukin) وغيره جي اِخراج جو باعث بڻجن ٿا. ان ڪيميائي مادي جي ڪري ڦڦڙن ۾ موجود سڀني رڳن (Veins) ۾ رت جي گردش وڌي ٿي ۽ رطوبتون به اضافي طور ٺهڻ لڳن ٿيون ۽ نتيجي طور ڦڦڙن ۾ مائع مادو يعني پاڻياٺ جو مقدار وڌي وڃي ٿو. جڏهن ڦڦڙن ۾ پاڻياٺ ڀرجي وڃي ٿي ته اسان جون مشڪون (Muscles) ان پاڻياٺ کي ٻاهر ڪڍي نٿيون سگهن. اهڙي طرح ڦڦڙن جي ڦوڪجڻ ۽ سڪڙجڻ جو عمل مشڪل ٿي پوي ٿو. يعني ان ڪري اسان ساهه چڱيءَ ريت کڻي نٿا سگهون ۽ پوءِ ان سبب ڪري ساهه منجهڻ شروع ٿيندو آهي ۽ پوءِ جڏهن آهستي آهستي ساهه جي ناليءَ ۾ سوزش وڌندي آهي ۽ ان جو سوراخ به تنگ ٿي ويندو آهي. ان کان علاوه الرجيءَ جا ماده ساهه جي ناليءَ ۾ موجوده ذرن جي سڪڙجڻ جو به سبب بڻيا آهن. جنهن ڪري ساهه جي نالي سوڙهي ٿي ويندي آهي ۽ ساهه کڻڻ ۾ دشواري ٿي پوندي آهي ان کي ”دم“ ”سهڪو“ سڏجي ٿو.

[b]چمڙيءَ جون بيماريون (Skin Diseases)
[/b]ايگزيما (Eczema):
اِيگزيما جو لفظي مطلب آهي (ٻاهر اُڀري پوڻ) هن ۾ چمڙيءَ جو ٻاهريون حصو ڳاڙهو ۽ گرم ٿي ويندو آهي. ابتدا ۾ سوڄ ۽ پوءِ زخم مان پاڻي نڪرڻ شروع ٿي ويندو آهي. ان کان پوءِ مٿيون حصو ڇلڪي جي صورت اختيار ڪري وٺندو آهي ۽ بعد ۾ اُن ۾ ڀڃ ڊاهه شروع ٿي ويندي آهي ۽ آهستي آهستي کلون لهڻ شروع ٿي وينديون آهن.
1. اندروني سببن جي ڪري: هن قسم جي ايگزيما جا شڪار ٿيل ماڻهو گهڻي ڀاڱي موروثي طور تي عام زندگي ۾ استعمال ٿيندڙ گهڻين شين کان الرجڪ هوندا آهن. مثال طور ان قسم جا ماڻهو بيضو کائن يا کير پيئن ته سندن چمڙيءَ ڦاٽي پوندي آهي ۽ جيڪڏهن اهو شيون نه واپرائين ته واپس نارمل ٿي ويندا آهن. اهڙا ماڻهو طبيعت ۾ اِهڙي صلاحيت جا مالڪ هوندا آهن. يعني انهن جي ان قسم جي بيماريءَ ۾ موروثي سببن جو عمل دخل هوندو آهي. جيڪڏهن ماءُ ۽ پيءُ ٻنهي ۾ اها تڪليف موجود هجي ته اهڙن ماڻهن جي ٻارن ۾ %60 سيڪڙو (في صد) چانسز موجود هوندا آهن. اهڙن ٻارن ۾ جيئن ته چانسز گهڻا هوندا آهن. پوءِ عام نوعيت جا عنصر، مثال طور گرمي، نميءَ واري آبهوا (Humidity) چمڙيءَ، جو خشڪ ٿي وڃڻ. اوني گرم ڪپڙن کي هٿ لائڻ وغيره به باعث تڪليف بڻجي ويندو آهي.
ايگزيما جڏهن ننڍڙن ٻارن ۾ ٿيندو آهي ته عام طور تي ابتدائي چند مهينن دوران ئي خبر پئجي ويندي آهي. سڀ کان پهريان مُنهَن جي چمڙي خشڪ ٿيندي آهي ۽ ٻار بيچيني سان پنهنجو منهن وِهاڻي تي رڳڙيندو آهي. آهستي آهستي هيءَ ڪيفيت هڏن جي اندروني حصن ۾ موجود چمڙيءَ جي به ٿي ويندي آهي. وڏن ۾ هيءَ تڪليف ڪنڌ ٺونٺ، ٻانهن، گوڏن جي اندر موجود چمڙيءَ تي ٿيندي آهي. خارش تمام گهڻي ٿيندي آهي ۽ عام طور تي زخم مان پاڻي به نڪرندو رهندو آهي.
2. بيروني سببن جي ڪري ايگزيما: عام طور تي ڪنهن شيءِ کي مستقل طور تي ڇهندو رهڻ سان الرجي پيدا ٿيڻ جي صورت ۾ ظاهر ٿيندي آهي. چمڙي خشڪ ٿي ڪري پنهنجي چِڪني خاصيت وڃائي ويهندي آهي. جنهن جي ڪري چمڙيءَ ۾ وٿيون پونديون آهن ۽ ڦاٽي پوندي آهي. اهو گهڻو ڪري مختلف ڪيميائي مرڪب استعمال ڪرڻ سان ٿيندو آهي. مثال طور: هٿن ڌوئڻ جون شيون ڊٽرجنٽ صابڻ، پلاسٽڪ، چمڙيءَ وغيره مان اهڙي قسم جي ايگزيما پيدا ٿيندي آهي.

[b]پِت يا ڇپاڪو Hives:
[/b]پت نڪرڻ يا ڇپاڪو نڪرڻ، چمڙيءَ جي هڪ عام بيماري آهي. 20% سيڪڙو (في صد) ماڻهو زندگيءَ ۾ ڪڏهن نه ڪڏهن هن تڪليف جي ور ضرور چڙهن ٿا. هيءُ تڪليف ڪنهن شيءَ جي اُڳري وڃڻ، چَمڙيءَ سان ڇُهي وڃڻ، ساهه رستي اندر وڃڻ، اِنجيڪشن ذريعي جسم ۾ داخل ٿيڻ يا اِنفيڪيشن پيدا ڪندڙ ڪنهن جِيت يا جراثيم جو جسم اندر داخل ٿيڻ ڪري رونما ٿيندي آهي. ڇپاڪو (ڇاپاڪو) هڪ يا هڪ کان وڌيڪ اُڀريل نِشانن جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو آهي. بعض دفعا ان ۾ خارش نه هوندي آهي. ليڪن اڪثر ڪري خارش تمام گهڻي هوندي آهي. (Hives) يا ڇپاڪو عام طور تي چند ڪلاڪن کان وٺي چند ڏينهن تائين رهندو آهي. هيءَ تڪليف خود بخود به ٺيڪ ٿي ويندي آهي، ڪجهه دوائون به هن تڪليف کي گهٽائڻ لاءِ موجود آهن- اينٽي هسٽامين دوائون ڪافي مؤثر ثابت ٿينديون آهن. بعض اوقات (Epinephrine) شديد الرجي ۾ استعمال ٿيندڙ هڪ دوا جنهن کي زندگي بچائڻ واري دوا (Life Saving Drug) به چئي سگهجي ٿو، جي به ضرورت پوندي آهي. جيڪڏهن هيءَ تڪليف ٻن هفتن کان وڌيڪ عرصو قائم رهي ته پوءِ ان کي پراڻو ڇپاڪو يا (Chronic Hives) سڏبو آهي. ان جو علاج به اينٽي هِسٽامين سان ئي ڪري سگهبو آهي.
دائمي نزلو: دائمي نزلو سڀ کان وڌيڪ وقوع پذير الرجي آهي. ان کي (هَئي فيور) Hay-Fever به سڏبو آهي. اگرچه هيءُ قسم هر عمر واري ماڻهو ۾ ڏٺو ويو آهي پر خاص طوري تي 10 سالن جي عمر وارن ۾ گهڻي ڀاڱي موجود ڏٺو ويو آهي. ساهه سان گڏ پولن (ٻور) گاهه پٺو، بعض ٻيا جزا، گردو غبار، مٽيءَ جا ذرڙا، جانورن جي کلن ۽ پکين جي پَرنَ مان ڪِندڙ الرجي جا جزا نَڪَ ۾ هليا ويندا آهن. هتان اهي نَڪَ جي ناليءَ مان جذب ٿي الرجي جي لاءِ موزون طبيعت رکندڙ ماڻهن ۾ مخصوص رد عمل شروع ڪرڻ جو باعث بڻجندا آهن. نڪ ۾ خارش، ڇِڪُون، ۽ نَڪَ مان پاڻي وهڻ، هن بيماريءَ جون عام علامتون (نشانيون) آهن. ڪجهه ماڻهن ۾ مٿين شڪايتن سان گڏوگڏ اکين ۽ تاروءَ ۾ خارش ۽ ڪجهه ماڻهن ۾ ته وري ڪنن ۾ به خارش ٿي پوندي آهي. هن قسم جي نزلي جو شڪار ٿيندڙ 20% سيڪڙو (في صد) ماڻهن کي دم (سهڪي) جي به تڪليف ٿي ويندي آهي. اهڙي قسم جي الرجي واري مريض کي الرجي پيدا ڪندڙ جزن کان حتي الامڪان، ڪوشش ڪري پاڻ بچائڻ گهرجي. الرجي کي گهٽائڻ واريون دوائون (اينٽي هسٽامين) ۽ نڪ ۾ رت جي گردش کي گهٽائڻ وارا اِسپري استعمال ڪرڻ گهرجن.

[b]اکين جي الرجي:
[/b]اکين ۾ خارش، ڳاڙهاڻ، سڙڻ ۽ پاڻيءَ جو اچڻ، اکين جي الرجي جون نشانيون آهن، اکين جي الرجي لکن ماڻهن جو مسئلو آهي ليڪن ان تي پوري توجهه نه ٿي ڏني وڃي. اڪثر اوقات نڪ مان پاڻي وهڻ، ڇِڪُون اچڻ، نڪ بند ٿيڻ به علامتن ۾ شامل هجي ٿو ۽ هروڀرو گهڻا ماڻهو صرف نزلي جوئي علاج ڪندا رهندا آهن.گهَرَ ۾ ۽ گهَرَ کان ٻاهر ٻنهي جڳهن تي اکين جي الرجي پيدا ڪندڙ جزا موجود هوندا آهن. انهن ۾ گاهه ۽ وڻن مان نڪرندڙ جزا، جانورن جي کلن ۽ قالين جو گرد و غبار وغيره شامل آهي. توڙي جو سگريٽ ۽ پيٽرول جو دونهون، خوشبو (Perfumes) ۽ ٻيا ڪيميڪلز (Chemicals) به اکين جي ڳاڙهاڻ وڌائڻ جو باعث بڻجي سگهن ٿا. اکين جي الرجي جو اکين جي نظر تي خراب اثر نٿو پوي. علاج جي پهرئين مرحلي ۾ سڀ کان پهريان الرجيءَ جي جزن کان بچڻ گهرجي. ٻاهر نڪرڻ مهل اُس وارو چشمو پائڻ گهرجي. اکين جي خشڪيءَ ۽ خارش کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ساڳيا الرجي جي ڪيفيت کي گهٽائڻ وارا اينٽي هسٽامين (Anti Histamine Drops)ڊراپس (ڦڙا) استعمال ڪرڻ گهرجن. ان کان علاوه باقي دوائون يا ڦڙا، ماهر ڊاڪٽر جي مشوري کان پوءِ استعمال ڪرڻ گهرجن.

[b]جيت جڻن جي چڪ پائڻ سان پيدا ٿيندڙ الرجي:
[/b]هن ۾ مڇر، مُنگهڻ، جوئان، ڏينڀو، ماکيءَ جي مک ۽ مختلف قسمن جون ننڍيون وڏيون ڪوليون (Ant) وغيره کان وٺي وِڇون (Scorpion) ۽ نانگ (Snake) جهڙا خطرناڪ جانور شامل آهن. ڪِيڙن ماڪوڙن جي چڪ پائڻ سان عام طور تي ٽن قسمن جا (ردِ عمل) ري ايڪشن (Reaction) ٿيندا آهن.
1. پهريون قسم: هن قسم جي رد عمل ۾ نتيجي طور هلڪو سور، سوڄ، ڳاڙهاڻ، ۽ خارش وغيره چڪ واري جاءِ تي نظر ايندي آهي.
2. ٻيون قسم: هن قسم ۾ جيڪڏهن ڪو ڪيڙو ماڪوڙو، بار بار چڪ هڻي، ته ان جاءِ تي رد عمل طور چمڙي جو حصو مجموعي طرح اُڀري نظر ايندو آهي. جيڪڏهن خدانخواسته ڏينڀوءَ جا پنج سو (500) ڏنگ لڳي وڃن ته (فورن) هڪدم انسان موت جي منهن ۾ هليو ويندو. هڪ وقت ۾ يڪ ساهيءَ سان ڏهه دفعا چڪ لڳڻ سان شديد رد عمل ٿي سگهي ٿو. جنهن جي نتيجي طور مٿي ۾ سور، بخار، غُنودگي ۽ جسم ۾ سُور ۽ ڇِڪ جهڙيون علامتون شامل آهن.
3. ٽيون قسم: هن ۾ جيت جي چڪ يا ڏنگ لڳڻ جي صورت ۾ رد عمل طور الرجيءَ جي مقامي (Local) يا عمومي علامتون ڏسڻ ۾ اينديون آهن، آهي هلڪيون ۽ معمولي به ٿي سگهن ٿيون ۽ شديد به ٿي سگهن ٿيون. ان ۾ هلڪو ورم به ٿي سگهي ٿو ۽ ڪڏهن ڪڏهن خطرناڪ حد تائين ساهه کڻڻ ۾ تڪليف ۽ کاڌي کائڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪرڻ سان گڏوگڏ آواز ڳورو ٿي وڃڻ ۽ ڳالهائڻ وقت ڪمزوري غنودگي ۽ بي هوشي ۽ واري ڪيفيت پيدا ٿي سگهي ٿي.

[b]الرجي ڪري شديد (رد عمل) صدمو
[/b]الرجي جو باعث بڻجندڙ جزا جيڪڏهن ساهه واري ناليءَ ۾ وڃن ته پوءِ ان ناليءَ جي سطع بغير (مٿاڇريءَ) تي موجود دفاعي خليه (Defense Cells) جزن کي اُڳري (Engulf) وٺن ٿا ۽ الرجي جو سلسلو شروع ٿي وڃڻ جو باعث بڻجڻ ٿا. جيڪڏهن اهو ئي عمل رت جو اندر اينٽي باڊيز (Anti Bodies (IGE)) جي خارج ٿيڻ ۽ هڪ عمومي رد عمل (Anaphlactie Shock) جو سبب بڻجن ته پوءِ دَمَ (Asthma) کان به وڌيڪ شديد ٿي سگهي ٿو. ڇو ته اهڙيءَ صورتحال ۾ ڪيميائي ماده رت ۾ شامل ٿي سڄي جسم ۽ گردش ڪن ٿا ۽ اهڙي طرح سڄي جسم ۾ دُوران خون وڌي وڃي ٿو. جسم جي ڪجهه عضون ۾ رت جو مقدار وڌي وڃڻ جو مطلب اهو ٿيندو ته يقيناً جسم جي باقي ڪجهه حصن ۾ رت جو مقدار گهٽجي ويو هوندو ڇو ته سڄي جسم ۾ رت جو مقدار هڪ وقت ۾ هڪ جهڙو هوندو آهي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته جڏهن رَتُ، رت جي وهڪري واري سرشتي مان نڪري عضون ۾ هلي وڃي ٿي ته رت جو دٻاءُ (Blood Pressure) به گهٽجي ويندو دماغ کي پوري مقدار ۾ آڪسيجن جي فراهمي نه ٿيندي ۽ دل کي ڪجهه وقت تائين اڪيلي سر پنهنجو ڪم ڪرڻو پوندو. ڦڦڙن ۾ پاڻي ڀرجي ويندو ساهه واري نالي سوڙهي ٿي ويندي. ساهه جو عمل دهرائڻ وارا عضوا به سڪڙجي ويندا. اهڙي سموري رد عمل (صورتحال) کي شديد صدمو يعني Anaphlactie Shock سڏيو ويندو آهي. هن حالت ۾ جيڪڏهن مريضن کي فوراً طبي امداد مهيا نه ڪئي ويندي ته خدا نخواسته موت واقع به ٿي سگهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو جيڪڏهن ڪنهن به انسان کي ڏينڀو کان شديد الرجي آهي ته پوءِ اها ننڍڙي معمولي صورتحال به جان ليوا ثابت ٿي سگهي ٿي. ڇو ته ڏينڀو جي ڏنگڻ سان زهر فورن رت ۾ شامل ٿي. سڄي جسم ۾ گردش ڪرڻ لڳندو آهي. ان جي بر خلاف الرجي جو رد عمل به سڄي جسم ۾ ٿيندو ۽ چند منٽن جي اندر اهڙو شخص خطري ۾ مبتلا ٿي ويندو. اهو ئي سبب آهي ته جڏهن ڪنهن کي انجيڪشن لگائبي آهي ته مريض کان پڇيو ويندو آهي ته توهان کي ڪنهن شيءِ کان الرجي ته نه آهي؟

[b]خوراڪ منجهان الرجي
[/b] خوراڪ منجهان الرجي جو پيدا ٿيڻ، عام طور تي صرف هڪ شڪ ثابت ٿيندو آهي، ڇو ته حقيقت ۾ ائين نه آهي. هڪ عالمي خبر رسان ايجنسي جي طرفان ”صحت انساني“ تي ڪم ڪرڻ واري شعبي جي مارچ 2002ع جي هڪ رپورٽ مطابق دنيا ۾ تقريباً (33%) ٽيٽيهه (سيڪڙو) فيصد ماڻهو ان خيال ۾ مبتلا هوندا آهن ته انهن کي خوراڪ جي ڪنهن خاص جزي کان الرجي آهي، جڏهن ته صرف (2%) سيڪڙو ماڻهن جو خيال درست آهي.

[b]خوراڪ جي ذريعي الرجي ۽ خوراڪ هضم نه ٿيڻ
[/b]هي ٻه مختلف ڳالهيون آهن. مثلاً سائي پن واريون بعض ڀاڄيون ڪجهه ماڻهن کي هضم ڪرڻ وارو اينزائيم (Enzyme)، انهن ماڻهن ۾ يا ته بلڪل موجود نه هوندو آهي يا وري گهٽ هوندو آهي اهو ئي سبب آهي جو اهڙا ماڻهو جڏهن به سبزي يعني (سائي ڀاڄي) کائيندا آهن ته انهن کي دست شروع ٿي ويندا آهن. اهڙي طرح بعض ٻارن ۾ موجود هڪ خاص قسم جي اينزائيم (Lactase) جي ڪمي ٿي ويندي آهي ۽ اهڙي صورتحال جي دوران اهڙا ٻار جنهن وقت به کير پيئندا آهن ته انهن کي دستن وارا پائخانه شروع ٿي ويندا آهن. انهن ٻنهي ڪيفيتن کي الرجي نه سڏبو بلڪه خوراڪ جو موزون نه لڳڻ يا موافق نه اچڻ يعني (Food Intolerance) سڏبو آهي. خوراڪ جي الرجي ڪنهن کاڌي مان الرجي جي ردِ عمل جي صورت ۾ ظاهر ٿيندي آهي ۽ بعض اوقات سڄي جسم ۾ تمام شديد به ٿي سگهي ٿي. في الوقت خوراڪ مان الرجي جي تشخيص جي لاءِ تمام گهڻيون سهولتون موجود نه آهن. اهڙي خوراڪ جنهن مان الرجيءَ جو شڪ يا شبهو هجي اُڳرڻ وقت ئي فورن اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

[b]ٻارن ۽ وڏن ۾ الرجي جو فرق
[/b]الرجي ٿيڻ لاءِ ڪا خاص عمر مقرر نه آهي. هي ننڍڙي کير پياڪ ٻار ۾ به ٿي سگهي ٿي. نڪ (Nose) مسلسل وهڻ، ڪنن (Ear) ۾ انفيڪشن پيٽ جو خرابيون، اضطرابي رويو، چڙ چڙاپڻ. گهڻو ڊُڪڻ، يا بلڪل سُست رهڻ، ۽ اهڙيءَ طرح جون ٻيون ڪيتريون ئي علامتون ٻارن ۾ ڪنهن شيءِ کان الرجيءَ جي بنياد تي پيدا ٿي سگهن ٿيون. وڏن جي مقابلي ۾ ٻارن جي الرجيءَ درميان فرق هيءُ آهي جو وڏا ٻڌائيندا آهن ته ”منهنجي طبيعت ٺيڪ نه آهي.“ يا ”مان صحيح نه پيو محسوس ڪيان.“ جڏهن ته ننڍڙا ٻارڙا اهو سڀ ڪجهه ٻڌائي نه ٿا سگهن. ان ڪري جيڪڏهن ننڍڙا ٻارڙا مسلسل روئين يا انهن جي جسماني عادتن ۾ ڪا ئي تبديلي محسوس ٿئي يا ڪنهن بيماري مثلاً اُلٽي، گهڻا پائخانه نزلو ۽ زڪام هر هر يعني جلدي جلدي حمله آور ٿين ته ان ڳالهه تي به غور ضرور ڪيو وڃي ته اِهو سڀ ڪجهه ڪنهن شيءِ کان الرجي جو نتيجو ته ڪونهي؟ ماءُ جو کير ننڍڙن ٻارڙن لاءِ بهترين غذا آهي. اهو ننڍڙي عمر ۾ مختلف انفيڪشن کان بچائي ٿو ته وڏي عمر ۾ وري الرجيءَ کان روڪي ٿو.

[b]ماءُ جو کير الرجيءَ کان ڍال
[/b]ماءُ جو کير جتي تمام گهڻين بيمارين کان ٻارن کي بچائي ٿو. اُتي ساڳي ئي وقت مختلف قسمن جي الرجيءَ کان به محفوظ رکي ٿو. مختلف تحقيقن مان پتو پيو آهي ته عمر جي پهرئين سال ۾ ماءُ جي کير کان علاوه باقي جيڪي ٻيون غذائون ٻار جي غذا ۾ شامل ڪيون وڃن ٿيون انهن مان الرجي جا امڪانات اهڙن ٻارن ۾ وڌيڪ موجود هجن ٿا.
گراسڪيءَ نالي سائنسدان 1982ع ۾ ماءُ ۽ بوتل جي کير متعلق مسلسل 15 سالن تائين تحقيق ڪري اهو ثابت ڪيو آهي ته اُهي ٻار جيڪي صرف ماءُ جو کير پيئن ٿا اُنهن ۾ سَنِ بلوغت تائين پهچڻ دوران (ٻين ٻارن جي بنسبت جيڪي بوتل وارو کير به واپرائي رهيا هيا) الرجيءَ جو مسئلو تمام گهٽ نظر آيو. 1994ع ۾ ڇپجندڙ لارنس جي تحقيقي ڪتاب مطابق اُهي ٻار جيڪي بوتل جو کير واپرائين ٿا. انهن ۾ الرجيءَ جا امڪان ستوڻا دفعا وڌيڪ ٿين ٿا، بنسبت انهن جي جيڪي صرف ماءُ جو کير واپرائي وڏا ٿيا هجن ۽ سنِ بلوغت تائين پهچي ويا هجن. سڄي دنيا ۾ 20 سالن جي عمر تائين پهچندڙ هر پنجون ٻار ڪنهن نه ڪنهن الرجيءَ ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو. هڪ اندازي مطابق گذريل ويهن سالن جي دوران ٻارن ۾ الرجيءَ جي شرح ڏهوڻي ڀيرا وڌي وئي آهي. ۽ ان جو بنيادي ڪارڻ ماءُ جي کير جي جڳهه تي ڳئون ۽ دٻي جي کير جو وڌيل استعمال آهي.

[b]الرجيءَ کان ڪيئن بچجي
[/b]اسان الرجيءَ کان ڪهڙي طريقي سان بچي سگهون ٿا. يا وري جيڪڏهن الرجي ٿي پوي ته پوءِ ڪهڙي نموني ان تي قابض يعني ڪيئن بچاءِ ڪجي؟ اهو هڪ اهم سوال آهي. آسان ترين طريقو هيءُ آهي ته اهڙيون شيون، جن مان اسان کي الرجي ٿي پوي، تن کان پاسو ڪرڻ گهرجي. حالانڪه بعض اوقات هيءُ هڪ ڏکيو مرحلو ٿي پوندو آهي. پولن کان الرجڪ ماڻهو بهار جي مند ۾ گهٽ کان گهٽ ٻاهر نڪرن، يا وري نڪرن ته منهن تي ڪو ڪپڙو يعني رومال وغيره يا ڪو ماسڪ ڍڪي پوءِ نڪرن ۽ پنهنجي بچاءُ جو جوڳو بندوبست ڪن ۽ اهڙي نموني پولن الرجيءَ کان بچي سگهن ٿا. توڙي جو اهو هڪ مشڪل ڪم آهي، پر اُن تڪليف جي مقابلي ۾ ڪنهن حد تائين تمام گهٽ آهي، جيڪا پولن الرجيءَ جي ڪري ٿئي ٿي. قالين جي مٽي جي الرجي هڪ عام شڪايت آهي ۽ ان جو آسان حل اهو آهي ته گهرن يا ٻين عام جڳهن تي قالين نه وڇائجن. مٽيءَ مان الرجي پڪڙيندڙ ماڻهو گهَرَ کان ٻاهر نڪرڻ مهل لازمي طور تي مُنهن ڍڪي رکن ته بهتر نتيجو ملندو. خاص طور تي گهر ۾ ٻهاري ڏيڻ ۽ ڇنڊ ڦوڪ دوران مُنهن تي ڪپڙو ضرور رکڻ گهرجي. ٽريفڪ جو گرد و غبار ۽ پيٽرول جو دونهون به الرجي جو باعث بڻجي ٿو. ٻاهر نڪرڻ وقت انهن ڳالهين کان به بچاءُ جو جوڳو بندوبست ڪرڻ گهرجي. حالانڪه اهو معاشري ۽ حڪومت جو فرض آهي ته ماحول کي صاف سٿرو رکي ۽ اهڙا جوڳا بندوبست بهم پهچائي، جنهن سان انساني صحت ۽ ماحول گهٽ متاثر ٿئي.

[b]الرجيءَ جا مريض ڇا ڪن؟
[/b]سڀ کان پهرين اِهو معلوم ڪن ته ڪهڙيءَ شيءِ کان الرجي ٿئي ٿي. حتي الامڪان ڪوشش ڪريو ته الرجي پيدا ڪندڙ جزن کان پري رهو ۽ پاڻ بچائي رکو. مثال طور جيڪڏهن توهان کي پولن يا گردوغبار کان الرجي آهي ته هيٺين ڳالهين تي عمل ڪري توهان پاڻ بچائي سگهو ٿا. موسم شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ الرجيءَ کان بچاؤ واريون دوائون، پنهنجي ڊاڪٽر جي مشوري سان شروع ڪري ڇڏيو.
پنهنجي گهر جون دريون ۽ دروازا بند رکو. پولن سان الرجي واري تازي هوا ۽ مِٽيءَ مان الرجي واري گرد و غبار واري هوا کان پري رهو. جڏهن لازمي طور تي ٻاهر نڪرڻو پوي ته پوءِ منهن تي چڱيءَ طرح رومال ويڙهي يا ڪو ماسڪ وغيره ڍڪي پوءِ ٻاهر نڪرو. ڇنڊ ڦوڪ کان پاسو ڪريو. جيڪڏهن تمام گهڻي مجبوري هجي ته پوءِ آلو ڪپڙو، استعمال ڪريو. ڏينهن ۾ ٻه ٽي دفعا (Steam) يعني منهن ۽ مٿو ٽوال سان ڍڪي گرم پاڻي جي ٻاڦ وٺو ۽ نمڪين يعني لوڻ واري پاڻي سان گرڙا ڪريو. ڪپڙن کي ٻاهر پڌر وغيره تي نه سڪايو، ڇو ته پولن وغيره چپڪي الرجيءَ جو باعث بڻجندا. روزانو ڪم جو معمول اهڙو رکو ته جيئن ذهني دٻاءُ گهٽ کان گهٽ پوي ڇو ته اهڙيءَ صورتحال ۾ الرجي جو اثر وڌندو آهي.
جيڪڏهن توهان کي دم آهي ته پوءِ سال بيوٽامول ۽ اِسٽيرائڊاِنهيلر سڀ کان وڌيڪ موزون ۽ ڪار آمد دوائون آهن. پنهنجي ڊاڪٽر جي مشوري سان انهن جو استعمال ڪريو، ويڪسين جي مدد سان الرجي جي علاج جي ڪوشش اسان وٽ عام آهي. اسان جي ملڪ ۾ الرجي جي ويڪسين زياده تر قومي اداره صحت جي طرفان فراهم ڪئي ويندي آهي. ملڪ جي سڀني حصن مان گهڻو ڪري ماڻهو اسلام آباد ۾ موجود نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ ۾ پنهنجي الرجيءَ جي ٽيسٽ ۽ ويڪسين لاءِ ايندا آهن. يعني اميونوٿراپيءَ ويڪسين جي لڳرائڻ جو (Immunotherapy) جو مشورو ڏيندا آهن. ويڪسين کي هڪ خاص ٽيمپريچر تي رکيو ويندو آهي. ڇو ته ائين ڪرڻ تمام لازمي آهي. ورنه ويڪسين جو اثر ختم ٿي ويندو آهي. انڪري ڏوارنهين پنڌ تي ماڻهو ويڪسين کي برف جي ٿرماس ۾ رکي کڻي ويندا آهن. پر ان صورتحال ۾ کڻي ويندڙ ويڪسين، ٿرماسن ۾ ڪيتري قدر قابل قبول هجي ٿي، اهو پڻ هڪ اهم سوال آهي. انهن سڀني سببن جي تحت، ويڪسين لڳرائيندڙ ماڻهن ۾ توڙي جو ويڪسين لڳل هوندي آهي، پر پوءِ به الرجي برقرار رهندي ايندي آهي. انهن سڀني ڳالهين جي باوجود ڪو ويڪسين لڳايل وري ويڪسين لڳرائي رهيو هجي ته پوءِ ماڻهن لاءِ ضروري آهي ته هيٺين ڳالهين تي ضرور غور ڪن:
1. توهان جو معالج يعني ڊاڪٽر هڪ ماهر ۽ مستند هجي.
ان وقت صحيح ۽ مؤثر قسم جي اثر ڪرڻ واري ويڪسين هجي.
هن جي ڪلينڪ ۾ اچانڪ صدمه (Anaphylactic Shock) جي صورت ۾ ايمرجنسي علاج جي سهولت موجود هجي.
(2)- ليوڪوئرائين (Inhibitors) نئين دؤر جي دوا جو جنرڪ نالو (Montelaikast) آهي ۽ درمياني درجي جي دم ۾ هن منجهان سٺا نتيجا ڏسڻ ۾ اچن ٿا پر قيمت خاصي وڌيڪ آهي.
(3)- اسٽيرائڊز: مختلف عضون جي الرجي مثال طور نڪ (Nose) يا وري چمڙي (Skin) جي الرجي ۾ اسٽيرائڊز براه راست استعمال ڪرايون وينديون آهن، اهڙي ريت شديد قسم جي الرجي ۾ ۽ الرجي جي صدمي Anaphylactic Shock ۾ به هي دوائون انجيڪشن جي صورت ۾ استعمال ڪبيون آهن.
(4)- اِميونوٿراپي (Immunotherapy) مخصوص شين مان ٿيندڙ الرجي جي خلاف ٺهيل ويڪسين ٿوري ٿوري وقفي کان پوءِ انجيڪشن جي ذريعي مريضن جي جسم ۾ منتقل ڪري الرجي جي رد عمل کي گهٽائي سگهجي ٿو. ان عمل کي ويڪسين جو علاج يا اميونوٿراپي Immunotherapy سڏجي ٿو.
* * *

[b]References
[/b]
1. Basic pathology by Kumar. Cotran Robbins, 5th edition.
2. Oxford text book of medicine. 3rd edition.
3. Clinical medicine PJ Kumar, 4th edition.
4. Nelson’s text book of pediatrics, 16th edition.
5. American association of asthma and allergy.
6. BBC Health page.
7. The net worker’s news letter, April, 1997