سائنس، علم ۽ رسالا

ڪَڻي مان ڪيچَ

پروفيسر رشيده ڀٽي جو لکيل هي ڪتاب انتهائي ڪارائتو آهي. جيڪو عام ماڻهوءَ کي غذا جي فائدي ۽ علاج جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ ڏيئي ٿو. قدرت جو ڪارخانو عجيب آهي. هتي شين جو پاڻ ۾ مضبوط لاڳاپو آهي. اُهي چاهي گڏوگڏ هلنديون هجن يا بنهه هڪٻئي جي اُبتڙ هجن. گرمين جون ڀاڄيون ۽ ميوا مزاج ۾ معتدل ۽ جسم ۾ پاڻي جي مقدار کي گهٽ ٿيڻ نه ٿا ڏين. ساڳيءَ ريت سياري ۾ پيدا ٿيندڙ غذا گرم ۽ جسم جي مدافعتي مزاج کي فعال بڻائي ٿي. ساڳي وقت موسمي اثر ۽ بيمارين کان بچائي ٿي. رشيده پنهنجي هن ڪتاب ۾ ڪافي حد تائين غذا متعلق انيڪ پهلو واضع ڪيا آهن.
Title Cover of book ڪَڻي مان ڪيچَ

علاج ۽ ڪِري/ پرهيز

انگريزيءَ جي مشهور چوڻي آهي ته، Prevention is better than cure يعني: ”پرهيز علاج کان بهتر آهي“. پر سرتيون ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته گهڻي احتياط باوجود اِنسان بيمار به ٿيندو آهي. هاڻي جيڪڏهن بيمار ٿي پئجي ته پوءِ يقيني طور تي ”علاج“ به ڪرائبو. پر اها ڳالهه پوءِ به نوٽ ڪرڻ جي آهي ته علاج سان گڏوگڏ پرهيز به ڪرڻي پوندي. ڇو ته علاج به تڏهن ئي فائدو رسائيندو جڏهن اسين ڪِري ڪنداسين. علاج دراصل ”پرهيز“ ۽ ”صحت“ سنڀال جو ئي ٻيو نالو آهي. جڏهن طبيعت ۾ مونجهه محسوس ٿيندي آهي ته پوءِ اسان کي علاج جي ئي ضرورت پوندي آهي ۽ پوءِ اُن علاج دوران پرهيز به لازمي طور تي ڪرڻي هوندي آهي. ڇو ته ائين ڪرڻ سان مرض منجهان جلدي ۽ آسانيءَ سان صحتيابي حاصل ڪري وٺبي آهي. هاڻي اچو ته ڏسجي ته پرهيز ڇا آهي ۽ ڪيئن ڪجي؟ دراصل پرهيز ماڻهوءَ کي پنهنجي طبيعت مطابق اختيار ڪرڻ گهرجي، يعني ته روزمره جي زندگيءَ ۾ جيڪڏهن ڪا شيءِ، غذا، خوراڪ وغيره طبيعت موافق نه هجي ته نه واپرائجي ۽ ڪوشش ڪري ان ماحول ۽ غذا کان دور رهجي. ائين ڪرڻ سان ماڻهو بيمار نه ٿيندو، يا وري گهٽ بيمار ٿيندو. هاڻي اچو ته ڏسون ته ٻي ڪهڙي قسم جي پرهيز آهي. هيءَ پرهيز پڻ ٻن قسمن جي آهي. هڪ ”پرهيز“ انهن شين کان جن سان ”مرض“ پيدا ٿيڻ جو انديشو هجي ۽ ٻي باعث بڻجي شدت پيدا ڪري. پهريون قسم ”پرهيز“ جو عام تندرست ماڻهن لاءِ آهي ۽ ٻيو قسم ”مريض“ لاءِ آهي. مريض جڏهن ”علاج“ سان گڏوگڏ پرهيز شروع ڪندو آهي ته مرض کي ختم ڪرڻ جي ”قوت“ طبيعت مان حاصل ٿي ويندي آهي. اهڙيءَ طرح انسان پاڻ منجهه اها قوت حاصل ڪري وٺندو آهي جنهن سان مرض جي شدت آهستي آهستي گهٽبي ويندي آهي. هاڻي جيڪڏهن انسان جي سامهون ڪڏهن ڪا اهڙي شيءِ اچي وڃي جيڪا مريض ۽ توڙي تندرست ٻنهي لاءِ پرهيز ۾ شامل هجي پر طبيعت اُن طرف مائل هجڻ جي صورت ۾ اُها شيءِ اِيتري واپرائجي جو طبيعت ۽ معدو هضم ڪري سگهي ۽ برداشت ڪري وڃي يعني ته ”پرهيز“ واري حالت ۾ پوءِ اُن کي مختصر طريقي سان واپرائڻ گهرجي. روايت ۾ آهي ته هڪ دفعو پاڻ سڳورا صلي الله عليه وآله وسلم ڪنهن شخص جي عيادت لاءِ ويا ۽ مريض کان معلوم ڪيائون ته توکي ڇا کپي؟ مريض عرض ڪيو ته ”يارسول الله صلي الله عليھ وآلھ وسلم ڪڻڪ جي ماني کپي.“ نبيءَ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو ته ”جڏهن مريض ڪنهن شيءِ جي خواهش ڪري ته اُن کي اُها کارايو.“
* * *