سائنس، علم ۽ رسالا

ڪَڻي مان ڪيچَ

پروفيسر رشيده ڀٽي جو لکيل هي ڪتاب انتهائي ڪارائتو آهي. جيڪو عام ماڻهوءَ کي غذا جي فائدي ۽ علاج جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ ڏيئي ٿو. قدرت جو ڪارخانو عجيب آهي. هتي شين جو پاڻ ۾ مضبوط لاڳاپو آهي. اُهي چاهي گڏوگڏ هلنديون هجن يا بنهه هڪٻئي جي اُبتڙ هجن. گرمين جون ڀاڄيون ۽ ميوا مزاج ۾ معتدل ۽ جسم ۾ پاڻي جي مقدار کي گهٽ ٿيڻ نه ٿا ڏين. ساڳيءَ ريت سياري ۾ پيدا ٿيندڙ غذا گرم ۽ جسم جي مدافعتي مزاج کي فعال بڻائي ٿي. ساڳي وقت موسمي اثر ۽ بيمارين کان بچائي ٿي. رشيده پنهنجي هن ڪتاب ۾ ڪافي حد تائين غذا متعلق انيڪ پهلو واضع ڪيا آهن.
Title Cover of book ڪَڻي مان ڪيچَ

پيغام: پروفيسر ڊاڪٽر انورفگار هڪڙو

سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ تعليم ۽ تحقيق جي سلسلي ۾ جن استادن جون پنهنجي فيلڊ ۾ بيش بها خدمتون آهن، سي پنهنجي شعبي جي بيشڪ سڃاڻپ آهن. اسان جي محترمه پروفيسر رشيده ڀٽي صاحبه به پنهنجي شعبي فزيالاجيءَ جي سڃاڻپ آهي. سندس تدريسي خدمتن کان علاوه تحقيقي خدمتون پڻ ناقابلِ فراموش آهن. ريسرچ پيپر ۽ ڪتاب ته شايع ٿيل اٿس، پر سندس Lexicographer جي حيثيت ۾ هن ”هيماٽالاجيءَ جي ڊڪشنري“ (Dictionary of Haematology) ترتيب ڏيئي، نه رڳو پاڻي کي لغت نويس جي صف ۾ بيهاريو آهي، پر سنڌ جي هڪ لغت نويس عورت جي حيثيت ۾ پڻ پنهنجو پاڻ کي مڃايو آهي.
پروفيسر رشيده ڀٽي صاحبه پنهنجي تحقيقي ۽ علمي ڪمن ۾ بيحد چاهه رکندڙ آهي ۽ جنهن سنجيدگيءَ سان انهن کي سرانجام ڏيندي آهي. سو هن جي علمي ذوق جو واضع دليل آهي.
پروفيسر رشيده ڀٽي جو پنهنجي علمي ۽ تعليمي، تدريسي ۽ تحقيقي ڪم ڏانهن رويو ڏسي نه رڳو کيس دادِ تحسين ئي ڏيئي سگهجي ٿو، پر ان جذبي سان ريس به ڪري ٿي سگهجي. شال سندس ذوق ۽ جستجو جاري رهي ۽ اسين سندس لکڻين مان استفاده ڪندا رهون.
موجوده ڪتاب جيڪو گهڻي ڀاڱي سائنسي تحقيقي ڪم تي ۽ سائنس جي ”علم بدن ۽ علم صحت“ جي شعبي تي مشتمل آهي، اِن کي پڙهڻ کان پوءِ مِحسوس ٿئي ٿو ته: سندس لکڻي ۾ سائنسي نقطهء نظر به هڪ آکاڻي وانگر بيان ڪيل آهي، جنهن کي پڙهڻ کان پوءِ اِهو اِحساس بلڪل ختم ٿي وڃي ٿو ته ڪو سائنس جو موضوع خشڪ موضوع آهي. اُميد ته آئينده به اِنهن موضوعن تي قلم آزمائي ڪندي رهندي.

دُعاگو

[b]پروفيسر ڊاڪٽر انورفگار هڪڙو[/b]
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو