سائنس، علم ۽ رسالا

ڪَڻي مان ڪيچَ

پروفيسر رشيده ڀٽي جو لکيل هي ڪتاب انتهائي ڪارائتو آهي. جيڪو عام ماڻهوءَ کي غذا جي فائدي ۽ علاج جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ ڏيئي ٿو. قدرت جو ڪارخانو عجيب آهي. هتي شين جو پاڻ ۾ مضبوط لاڳاپو آهي. اُهي چاهي گڏوگڏ هلنديون هجن يا بنهه هڪٻئي جي اُبتڙ هجن. گرمين جون ڀاڄيون ۽ ميوا مزاج ۾ معتدل ۽ جسم ۾ پاڻي جي مقدار کي گهٽ ٿيڻ نه ٿا ڏين. ساڳيءَ ريت سياري ۾ پيدا ٿيندڙ غذا گرم ۽ جسم جي مدافعتي مزاج کي فعال بڻائي ٿي. ساڳي وقت موسمي اثر ۽ بيمارين کان بچائي ٿي. رشيده پنهنجي هن ڪتاب ۾ ڪافي حد تائين غذا متعلق انيڪ پهلو واضع ڪيا آهن.
Title Cover of book ڪَڻي مان ڪيچَ

زيورن کي صاف شفاف ڪيئن رکجي؟

هن ڪائنات ۾ ”صنفِ نازڪ“ لاءِ هار سينگار ڪرڻ نهايت ئي ضروري سمجهيو ويندو رهيو آهي. هار سينگار ڪرڻ خواتين پنهنجي لاءِ پاڻ ضروري سمجهيو يا وري ڏسندڙن ضروري ڄاڻايو، ان بحث ۾ پوڻ کان بهتر ٿيندو ته اڄ توهان کي پنهنجي هار سينگار ۾ شامل ٻين شين سان گڏوگڏ چار چنڊ لڳائڻ وارن ”زيورن“ کي پرڪشش ۽ نواڻ برقرار رکڻ جون ڪجهه تجويزون ٻڌايون وڃن. ڏسجي ته زيور نهايت ئي بيش و بها قيمتن ۾ خريد ڪيا وڃن ٿا. هر ڪو چاهيندو آهي ته انهن کي گهڻي وقت تائين خوبصورت رکجي ڇو ته وقت گذرڻ سان گڏ زيورن کي جيترو استعمال ڪبو آهي، اوتروئي اُهي پراڻا پراڻا نظر اچڻ لڳندا آهن. پر ڪجهه ” محنت“ ڪرڻ سان اسين انهن کي وري چمڪائي صاف سٿرو ۽ جاذب نظر بڻائي سگهون ٿا. اسان جي زيورن منجهه ڪيترائي اهڙا زيور، شامل هوندا آهن جن سان اسان جي دلي وابستگي هوندي آهي. مثال طور شاديءَ واري ڏاج ۾ مليل زيور جيڪي ڪنوار کي والدين طرفان ملندا آهن، پوءِ ڪجهه زيور جيڪي ڪنوار کي گهوٽ طرفان ڏنا ويندا آهن، پر خاص طور تي اُن منڊيءَ يا ڪنگڻ سان هڪ جذباتي وابستگي ٿي ويندي آهي. جيڪا ان کان اڳ ۾ ”مڱڻي جي منڊي“ وغيره طور پڻ شامل هجن ٿيون. اهڙيءَ ريت ڪجهه مذهبي طور لاڪيٽ جيڪي ڪنوار کي گهوٽ طرفان ڏنا ويندا آهن، جيئن مثال طور هندو خاندانن ۾ سهاڳ جي نشان طور منگل سوتر ڏنو ويندو آهي. يا وري عام طور تي هر مذهب ۾ تقريباً ”ڪنگڻ“ جنهن کي ”خانداني ڪنگڻ“ سڏيو ويندو آهي، سو به ڪنوار کي تحفي ۾ ملندو آهي. اهڙين سوني جي ٺهيل ”لاڪيٽ“ ۽ ”ڪنگڻ“ يا وري ”منڊي“ جي شين جي تمام گهڻي اهميت هوندي آهي ۽ ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته انهن کي سنڀالي رکجي ته جيئن اُنهن جي خوبصورتي ۽ چمڪ دمڪ خراب نه ٿئي. ڪجهه خواتين وٽ وري ڪجهه اهڙا ”انمول“ موتي يا ”هيرا“ وغيره هوندا آهن، جن سان سندن خوشگوار زندگي ۽ خوشقسمتي ڳنڍيل هوندي آهي. اهڙن ناياب موتين منجهه خاص طور تي عقيق، ياقوت، مختلف هيرن جا قسم، روبي ۽ اَصُلي سُفيد، سچا موتي وغيره شامل آهن. مٿي ذڪر ڪيل زيور ۽ ”موتين سچن“ جون مالهائون نه صرف ڪنوار ۽ راڻيون مهاراڻيون استعمال ڪن ٿيون پر عام خاتون به پاڻ کي ”خاتون“ يعني عورت ظاهر ڪرڻ خاطر ڪجهه نه ڪجهه زيورن جو استعمال ڪندي رهي ٿي. سادي کان سادي رهڻ واري عورت به ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ منڊي يا وري ڪنن ۾ واليون، يا هڪ ڪنگڻي ٻانهن ۾ ضرور پائيندي آهي. ڳچيءَ ۾ ننڍڙو لاڪيٽ به هڪ ضروري شي هوندو آهي. هاڻي ڀينر اچو ته توهان کي ڪجهه ترڪيبون ٻڌايان ته ڪيئن اسان پنهنجين ناياب زيورن کي صاف سٿرو رکي سگهون ٿا.
جيئن ته اسان کي خبر آهي ته گهريلو طور تي جڏهن اسان ڪوبه زيور لاڳيتو استعمال هيٺ رکندا آهيون ته آهستي آهستي اُن جي رنگ روغن ۾ ڪمي اچڻ شروع ٿي ويندي آهي ۽ اُهي روزمره جي زندگيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ زيورات رفته رفته پنهنجو ظاهري حسن وڃائيندا ويندا آهن. مون کي يقين آهي ته جڏهن ڀينرن کي ڪنهن شاديءَ يا پارٽي وغيره لاءِ تيار ٿي وڃڻو هجي ۽ زيورن جو باڪس کولجي ۽ پوءِ خبر پوي ته مار! اسان جا سُوني ۽ چانديءَ جا خوبصورت زيورات ته پنهنجي رونق وڃائي چڪا آهن ۽ خاص طور تي چانديءَ جا زيور جيڪي استعمال ڪجن ٿا ۽ جيڪڏهن خاص خيال سان نه رکيا وڃن ته ڪارا ڪارا نظر اچي رهيا هوندا آهن ته سچ پچ اُن مهل روئڻ تي دل چوندي آهي ته هاڻي ڇا ڪجي؟ خير ڀينرون پريشان ٿيڻ جي ڳالهه نه آهي اڄ اسان ڪجهه ڪجهه اهڙين ترڪيبن جو بيان ڪنداسي جن تي عمل پيرا ٿيڻ سان توهان پنهنجي چانديءَ ۽ سوني جي انمول بيش بها زيورن کي آسانيءَ سان خوبصورت رکي سگهنديون ۽ خوبصورتي کي قائم و دائم رکڻ لاءِ اهو بيحد ضروري آهي ته اسان شروع ۾ ئي خيال رکون ڇو ته احتياط سان استعمال ڪرڻ ۽ پوءِ استعمال ڪرڻ بعد وري احتياطي تدابير استعمال ڪندي سنڀالي رکڻ سان ”زيورن“ جو بچاءُ ٿي سگهي ٿو.
جيئن ته سون ۽ چاندي، ٻئي مختلف ڌاتو آهن، ان ڪري ٻنهي قسم جي زيورن جي ”سنڀال“ به بلڪل مختلف انداز ۾ ڪرڻي پوندي آهي.
(Both these metals need to be dealt with differently)
1. سون جي زيورن جي صفائي: توڙي جو سُون ڪارو نٿو ٿئي، پر مستقل طور تي زيرِ استعمال رهڻ ڪري ۽ جسم سان مستقل طور تي ٽچ (Touch) ۾ رهڻ ڪري ان تي پگهر (Sweat) تيل جيڪي جسم تي استعمال ڪجن ٿا، يعني ته (Body oils)، ميڪ اپ (Make-up) جيڪي چهري ۽ جسم جي ٻين حصن تي استعمال ٿين ٿا، سڌو سنئون لاڳيتو چپڪيل رهڻ ڪري سوني جي زيورن تي به اثر ٿئي ٿو ۽ اُهي پنهنجي زيبائش ۽ سونهن وڃائي ويهن ٿا ۽ چمڪ دمڪ گهٽجي وڃي ٿي. سون کي صاف ڪرڻ جو آسان طريقو جيڪو گهريلو طور تي آسانيءَ سان ڪتب آڻي سگهجي ٿو. سو آهي ته هڪ پيالو کڻو، ان ۾ سونا زيور وجهو ۽ پاڻي ۾ ڪجهه لوشن جنهن سان ٿانو وغيره ڌوئجن ٿا. ڪجهه دير لاءِ پسائي رکو. هاڻي هڪ پراڻو استعمال ٿيل ٽٿ برش کڻو ان سان زيورن کي آرام آرام سان مهٽيو، جيئن مٽي وغيره نڪري وڃي. آهستي آهستي صفائي ڪرڻ بعد صاف پاڻيءَ سان ڌوئي پوءِ ڪنهن صاف سٿري نرم ڪپڙي سان اگهي خشڪ ڪريو ۽ نرم ڪپڙي سان اُگهڻ بعد انهن کي سنڀالي صاف ٽشو پيپر ۾ ويڙهي رکو. اهو عمل وقفي، وقفي، سان دهرائبو ته اسان جي زيورن جي خوبصورتي قائم دائم رهندي.
2. چانديءَ جي زيورن جي صفائي: چاندي هڪ اهڙو خوشنما ڌاتو آهي، جنهن جا ٺهيل زيور هر زماني، هر وقت ۾ مقبول ترين رهندا آهن، ڇو ته عام ماڻهن جي قُوّتِ خريد ۾ به هوندا آهن. سون وانگر چاندي ايڏي مهانگي نه هوندي آهي. ان ڪري عام طور تي چاندي جي زيور جا نمونا ۽ ڊزائن به تمام گهڻا هوندا آهن ۽ ماڻهو چانديءَ جا زيور عام جام ٺهرائيندا آهن. چانديءَ جا زيور جيترا عورتن (خواتين) ۾ مقبول عام آهن، ته ٻي پاسي ڪنهن حد تائين (مرد) به استعمال ڪن ٿا.
زمانهء قديم کان وٺي موجوده دور تائين چاندي جو استعمال ٿيندو پيو اچي. چانديءَ جي زيورن کي سنڀالي رکڻ تمام ڏکيو ڪم آهي. سون جي مقابلي ۾ چاندي جي زيبائش تمام جلد خراب ٿي ويندي آهي. عام طور تي چانديءَ جا زيور تمام جلد ”ڪارا“ ٿي ويندا آهن. انهن زيورن کي تمام گهڻو سمجهداريءَ سان پاڻيءَ، معنيٰ ته گهم ۽ نمي کان بچائڻ ضروري هوندو آهي. استعمال ڪرڻ کان پوءِ اگهي صاف ڪري ڪنهن ٽشو پيپر وغيره ۾ ويڙهي سنڀالي رکڻ کپن. نه ته چانديءَ جي چمڪ گهٽجي، ڪاراڻ مائل ٿي ويندي ۽ زيور پنهنجي خوبصورتي وڃائي ويهندا. عام طور تي اهو تَصّور ڪيو وڃي ٿو ته جڏهن به چانديءَ جي زيور کي گهڻي وقت تائين گهميل ماحول ۾ رکيو ويندو ته ضرور ڪاراڻ مائل نشان ظاهر ٿيڻ لڳندا جيڪي چمڪندڙ ۽ چلڪندڙ کير جهڙي اڇي رنگ ۾ ڄڻ ته بدنما داغن مِثل ڪاراٽيل ۽ ڪاراڻ جو احساس ڏياريندا رهندا. جيئن ته اسان سڀني کي خبر آهي ته هوا ۾ نمي موجود آهي ۽ ڪجهه گئسون مثال طور آڪسيجن، ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ، هئڊروجن سلفائيڊ، سلفر ڊاءِ آڪسائيڊ وغيره پڻ هوا ۾ موجود هجن ٿيون. پر گهڻو تڻو اثر هئڊروجن سلفائيڊ جو ٿئي ٿو، جيڪا آبهوا ۾ رچيل رهيل ٿي ۽ چانديءَ يعني سلور (Silver) سان ملي ڪري فلم آف سِلور سلفائيڊ (Film of sliver sulphide) ٺاهي ٿي، جيڪا رنگ جي ڪاري هوندي آهي. ان ڪري چانديءَ مٿان ڪاراٺيل تهه چڙهي ويندو آهي.
هاڻي اسان توهان کي ڪجهه اهڙيون ترڪيبون ٻڌايون ٿا، جن سان توهان چاندي جي ”چمڪ“ کي برقرار رکي سگهو ٿا:
1. نرم ڪپڙي سان مهٽڻ: هلڪي گرم پاڻيءَ ۾ ٿانون ڌوئڻ واري لوشن جا چند ڦڙا وجهو. نرم ڪپڙو پاڻيءَ منجهه ٻوڙيو. خيال رهي ته فلالين نه هجي. نرم ڪپڙو نيپوڙي، آهستي آهستي زيورن کي صاف ڪريو. زيورن ۾ وٿيون ۽ ڪو ڊزائين هجي ته خيال سان صاف ڪرڻو پوندو. هاڻي چانديءَ جي زيورن کي ٿڌي پاڻيءَ سان ڌوئي صاف ڪريو. پوءِ آرام سان بيحد سُٺي نموني خشڪ ڪريو. هاڻي آخر ۾ فلالين لِنٽ جي ڪپڙي سان اگهي بلڪل خشڪ ڪريو ۽ ٽشو پيپر ۾ ويڙهي سنڀالي بند ڪريو.
2. بيڪنگ سوڍا جو استعمال (Use of baking soda): جيڪڏهن چانديءَ جا زيور تمام گهڻا ڪارا ٿي ويا هجن ته پوءِ تمام خراب ڪاراٽيل زيورن لاءِ بيڪنگ سوڍا جو استعمال ڪري سگهجي ٿو. ٽي حصا سوڍا ۽ هڪ حصو پاڻيءَ جو کڻو، گهاٽو پيسٽ ٺاهيو. زيورن تي لڳايو. ٿوري دير رکو. پوءِ نرم ڪپڙي سان آهستي آهستي پيسٽ زيورن تي مهٽيو، مهٽڻ کان پوءِ ٿڌي پاڻيءَ سان ڌوئي صاف ڪريو ۽ خشڪ ڪريو چڱي طرح سان. ياد رکو ته چانديءَ جي زيورن کي هوا ۾ سٺي طريقي سان خشڪ ڪجي ۽ ٿوري دير اس ۾ خشڪ ڪري. پاڻيءَ جي نميءَ کي بلڪل ختم ڪري ڇڏجي.
3. لوڻ ۽ اليومينيم فوئل جي جادوگري (The magic of salt and aluminum foil): هڪ پيالي ۾ گرم پاڻي کڻو ان ۾ هڪ چمچو لوڻ جو وجهو ۽ ڪجهه اِسٽرپ اليومينيم فوئل جا وجهو (Strips of aluminum foil in bowl) لوڻ ۽ اليومينيم پاڻ ۾ ملي ڪري چانديءَ جي زيورن مٿان ڦهليل، سلور سلفائيڊ سان ردعمل ڏيکارڻ شروع ڪري ڇڏيندو. زيورن مٿان ڦلهيل تارنش (Tarnish) جيڪا اصل ۾ سلو سلفائيڊ (Silver sulphide) هوندي آهي. اها سلفائيڊ ريئڪشن ڏيکاريندي آهي، اليومينيم سان ملي ڪري لوڻ جي ڳار ۾ ۽ پوءِ سلو سلفائيڊ واپس سلو (Silver) ۾ تبديل ٿي ويندي آهي.
(This sulphide reacts with aluminum in a salt solution, converting sliver sulphide back to sliver)
4. سلور پالش (Sliver polish): اڄ ڪالهه جي زماني ۾ مارڪيٽ ۾ به ”چاندي پالش“ ملي ٿي. اسان آرام سان پنهنجن ناياب، ۽ اڻلڀ، انمول زيور توڙي ڊيڪوريشن پيسر (Decoration Pieces) جيڪي هيئنر مارڪيٽ ۾ موجود نه آهن، انهن جي حفاظت لاءِ هن پالش کي استعمال ڪري سگهون ٿا. هن پالش سان ”چاندي“ جو حُسن نکرجي پوندو ۽ وري چمڪڻ لڳندي. هڪ ننڍڙو نرم ٽڪرو ڪپڙي جو کڻو ۽ ٿوري پالش ان تي رکي پوءِ سامان مٿان آهستي آهستي مهٽيو. آرام آرام سان ڪپڙو اڳتي پوئتي سوري ڪري پالش مهٽيو ۽ ڪارن نشانن تي ٿوري دٻاءُ سان مهٽيو. ايستائين مهٽيندا رهو. جيستائين ٽارنش (Tarnish) جا نشان مٽجي وڃن.
5.بورچيخاني ۾ زيور لاهي رکڻ گهرجن (Take it off when performing chores): چانديءَ جي زيورن کي گهرجي ڪم ڪارين دوران احتياط خاطر لاهي رکڻ گهرجي. آڱر جي منڊي يا وري ”ڪنگڻ“ خاص طور جڏهن بورچيخاني ۾ وڃجي ته ضرور لاهي ڪنهن محفوظ جڳهه تي رکجن ۽ پوءِ ڪم ڪار ”منجهان فارغ ٿي ڪري وري ٻيهر پائي ڇڏجن. ايئن ڪرڻ سان توهان جي ”زيورن“ جي ظاهري زيبائش ۽ چمڪ قائم رهندي ايندي. پنهنجي بورچيخاني منجهه هڪ اهڙي مخصوص جڳهه مقرر ڪري ڇڏڻ گهرجي، جتي آسانيءَ سان اهڙي قسم جون شيون رکي ۽ کڻي سگهجن. ”چاندي“ جي زيورن جي سنڀال بيحد ضروري آهي.
6. واش روم ۾ وڃڻ کان اڳ ”زيورن“ کي لاهي رکو:
(Avoid contact with shampoos, soaps and make-up products)
ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته باٿ روم ۾ وڃڻ کان اڳ، پوءِ ميڪ ڪرڻ دوران ۽ آخر ۽ پرفيوم ڇڙڪائڻ مهل، توهان جا ”زيور“ لٿل هجن. اهو نهايت ئي ضروري آهي. ورنه توهان جي ”چاندي“ جا زيور جلدي جلدي خراب ٿيڻ شروع ٿيندا ۽ پنهنجي خاص خوبصورتي وڃائي ويهندا. توهان سڀني کي خبر آهي ته مختلف قسمن جي ”صابڻ“ ۽ شيمپو ڪاسميٽڪس ۾ ڪيميڪل موجود هوندا آهن. اهي صابڻ ۽ شيمپو جن ۾ مختلف ڪيميڪلس موجود هوندا آهن. سي جڏهن چاندي ۾ موجود ڪيميائي جزن سان ملي ڪري ريئڪيشن ڪندا آهن ته پوءِ ”چانديءَ جا زيور“ پنهنجو ظاهري حسن بلڪل وڃائي ويهندا آهن.
(Chemicals react with metals to cause them to look lack luster)
7. راندين جي دوران چاندي جي زيورن کي استعمال نه ڪرڻ گهرجي: جيڪڏهن توهان راندين جو شوق رکو ٿيون ته پوءِ راند دوران به زيورن جو استعمال نه ڪريو. جيڪڏهن توهان کي ٽينس يا بيڊمنٽن کيڏڻ جو شوق آهي ۽ ميدان ۾ آهيو ته پوءِ توهان پنهنجن زيوزن کي لاهي پنهنجي الماڙي ۾ رکو. چانديءَ جا هجن يا وري سوني جا زيور هجن، ٻنهي قسمن جا زيور بهرحال نرم ميٽل (Soft metal) جا ٺهيل هوندا آهن ۽ اهي سخت قسم جا ڌڪ وغيره برداشت نه ڪري سگهندا آهن، جنهن ڪري چٻا ڏنگا ٿي پوندا آهن. ٻيو ته جسم تي گهڻو پگهر اچڻ جي صورت اهي زيور پنهنجي رنگ وروغن ۾ مدهم نظر اچڻ لڳندا آهن.
ساڳيو اصول پاڻيءَ منجهه ترڻ لاءِ به آهي. ڇو ته مستقل طور تي تيراڪي ڪرڻ سان به ميٽل metal پاڻيءَ سان ٽچ ۾ رهڻ ڪري مختلف قسمن جا ڪيميڪل ريئڪيشن ٿيندا آهن. ڇو ته عام طور تي تيراڪيءَ لاءِ ٺهيل سوئمنگ پول (Swimming Pools) ۾ صفائي قائم رکڻ لاءِ ڪلورين (Chorine) جو استعمال ڪيو ويندو آهي. جيڪو چاندي ۽ گولڊ (Sliver and Gold) لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿي سگهي ٿو. ۽ انهن ٻنهي قسمن جي زيورن جو رنگ جلدي ۾ ڦٽي خراب ٿي سگهي ٿو. ان ڪري احتياط ڪرڻ لازمي آهي.
(Don’t wear it during sporting activities)
8. زيورن کي احتياط سان سنڀالي رکڻ گهرجي (Store it properly): زيورن کي ڪڏهن به هڪ ٻئي مٿان، بي ترتيب نه رکڻ گهرجي، پر آرام سان سنڀالي، سندن پنهنجي باڪس ۾ جيڪا انهن زيورن لاءِ مخصوص هجي، ان ۾ وجهي رکڻ گهرجي. اهڙا باڪس اندازن خاص قسم جي ريشمي ڪپڙي سان جڙيل هوندا آهن ۽ زيورن جي شڪل مطابق خانچا ٺهيل هوندا آهن، جن منجهه متعلقه زيور پنهنجي جڳهه تي بلڪل محفوظ ٿي ويندا آهن. ناياب زيورن کي هڪ ٻي مٿان مٿي نه رکڻ گهرجي، خاص طور تي سوني جا زيور جيڪڏهن صاف سٿرا رکيل هوندا ۽ ته بلڪل به خراب نه ٿيندا. (Gold will not fad if stored properly). چانديءَ جي زيورن کي توهان پنهنجي چاندي جي زيورن واري باڪس ۾ جنهن ۾ ٽارنش کي مٽائيندڙ فوئل وارا اسٽرپس لڳل هجن، تن منجهه رکڻ کپي ته جيئن جڏهن توهان زيورن کي ويڙهي رکو ته اُهي ڪاراڻ کان بچائي سگهجن. ڇو ته فوئل، چانديءَ کي ڪاراٽجڻ کان بچائيندا اسٽرپس فوئل جيڪي باڪس ۾ اندر لڳل هوندا آهن، سي دراصل آڪسڊينٽ کي جذب ڪري وٺندا آهن، جيڪي آس پاس جي ماحول ۾ موجود هوندا آهن.
(In case of sliver you can place sliver anti-tarnish strips in your sliver accessory case which will absorb the oxidants in the air).
چانديءَ جي هر زيور کي الڳ الڳ ٽشو پيپر ۾ ويڙهي رکجي، يا وري فوئل اسٽرپس استعمال ڪجن. فلانل به استعمال ڪري سگهجي ٿو. سفر جي دوران جيڪڏهن زيورن کي پاڻ سان کڻي وڃڻو هجي تڏهن به احتياط کان ڪم وٺجي. ڪنهن به فئبرڪ جي نرم ڪپڙي ۾ ويڙهجن ۽ پوءِ چمڙي جي باڪس ۾ بند ڪجن ته جيئن آساني سان سوٽ ڪيس ۾ (Suit case) يا وري هئنڊبئگ (Hand Bag) ۾ رکي سگهجن.
پنهنجي قيمتي۽ ناياب زيورات جي سار سنڀال تمام گهڻي خبرداري سان ڪرڻ کپي ته جيئن نه صرف اهي شيون توهان سان زندگيءَ ڀر ساٿ نڀاهينديون رهن، پر توهان انهن کي تمام سهڻي انداز ۽ خوبصورت خوشنما حالت ۾ پنهنجي ايندڙ نسل کي به منتقل ڪري سگهنديون.
* * *