سائنس، علم ۽ رسالا

ڪَڻي مان ڪيچَ

پروفيسر رشيده ڀٽي جو لکيل هي ڪتاب انتهائي ڪارائتو آهي. جيڪو عام ماڻهوءَ کي غذا جي فائدي ۽ علاج جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ ڏيئي ٿو. قدرت جو ڪارخانو عجيب آهي. هتي شين جو پاڻ ۾ مضبوط لاڳاپو آهي. اُهي چاهي گڏوگڏ هلنديون هجن يا بنهه هڪٻئي جي اُبتڙ هجن. گرمين جون ڀاڄيون ۽ ميوا مزاج ۾ معتدل ۽ جسم ۾ پاڻي جي مقدار کي گهٽ ٿيڻ نه ٿا ڏين. ساڳيءَ ريت سياري ۾ پيدا ٿيندڙ غذا گرم ۽ جسم جي مدافعتي مزاج کي فعال بڻائي ٿي. ساڳي وقت موسمي اثر ۽ بيمارين کان بچائي ٿي. رشيده پنهنجي هن ڪتاب ۾ ڪافي حد تائين غذا متعلق انيڪ پهلو واضع ڪيا آهن.
Title Cover of book ڪَڻي مان ڪيچَ

آلو بخاري جا فائدا

”آلوبخارا“ گرمين جي موسم ۾ ملندڙ بهترين ميوو آهي. اهو جيتري قدر لذيذ ۽ مزيدار آهي، اوتروئي بيشمار فائدن جو حامل پڻ آهي.
آلو بخارو گهڻي قدر ڪاغذي ليمي جي سائيز جو ٿيندو آهي. سندس رنگ ڪارسرو ڳاڙهو ۽ ذائقي ۾ کٽو مٺو هوندو آهي. هيءُ ميوو تمام قديمي وقت کان استعمال ۾ رهندو آيو آهي. يوناني حڪيمن به آلو بخاري جو ذڪر ”ڪوميليا“ جي نالي سان ڪيو آهي. جيڪو يوناني ٻوليءَ جو لفظ آهي.
جيڪڏهن آلو بخاري جو ڪيميائي تجزيو ڪبو ته اسان کي هيٺيان عنصر ملندا:
پروٽين، سڻڀ، کنڊ، (نشاستو) مختلف معدنيات مثلاً ڪئلشيم، ۽ فاسفورس وغيره.
”ميوي“ جي طور اسين تازو آلو بخارو وڏي شوق سان استعمال ڪندا رهندا آهيون. خشڪ آلو بخارا وري رڌ پچاءَ ۾ استعمال ٿيندا آهن. ڇو ته ان جي استعمال سان کاڌن جي لذت ۾ اضافو ٿي ويندو آهي. چٽڻيءَ طور به استعمال ڪبو آهي.خشڪ آلوبخاري کي شڪربالو ڪري سڏبو آهي اردو ۾ خوباني ڪري سڏجي ٿو.
ڀينرون مٿي ذڪر ڪيل استعمال جو تعلق ته ”نارمل صحت“ سان هو. هاڻي هيٺ اسين ڪجهه ذڪر ڪنداسين، بيمارين جي دوران ته ڪيئن نه آلوبخارو فائديمند ثابت ٿئي ٿو.
خشڪ آلوبخاري کي وات ۾ رکڻ (چوسڻ) سان اُلٽي نه ٿيندي (يعني دل ڪچي ٿيڻ جي صورت ۾)، مثال طور (ڳورهاري عورت) لاءِ بيحت مفيد ثابت ٿيندو ائين ڪرڻ سان غذائيت به ملندي.
شديد لُڪ لڳڻ وارن ڏينهن ۾ جڏهن سخت اُڃ لڳندي هجي ته آلوبخاري کي چوسڻ سان تمام گهڻو فائدو رسندو. شديد قسم جي اُلٽي واري ڪيفيت ٿي پوي يا ائين دل ڪچي ٿيندي هجي، يا وري قبضي جي شڪايت ٿي پوي، سڀني ڪيفيتن تي يڪسان طور حاوي ٿيندڙ هيٺيون آسان نسخو استعمال ڪري ڏسو.
هڪ گرم ڪوپ پاڻيءَ جو کڻو ۽ ان ۾ 5 کان 10 داڻا آلوبخارا وجهي ٽي ڪلاڪ کن پسائي رکو، پوءِ هٿن سان مهٽي ڇاڻي ڇڻيل پاڻي مريض کي پياريو. (ضرورت مطابق ڏينهن ۾ ٻه دفعا به استعمال ڪري سگهجي ٿو.)
تيز بخار جي ڪري، جيڪڏهن وات جو ذائقو ڪڙو ٿي ويو هجي، ته پوءِ اهو مٿيون ساڳيو نسخو استعمال ڪرڻ گهرجي.
خاص طور تي هاءِ بلڊ پريشر، الٽي، بدهضمي، بک جو نه لڳڻ، شديد مٿي جو سور، وغيره واري ڪيفيت لاءِ هيٺيون ڏنل نسخو آزمائڻ شرط آهي:
آلوبخارا پنج عدد ، کڻي رات جو سادي پاڻيءَ ۾ پسائي رکو ۽ صبح جو اُٿي، هٿن سان مهٽي، ڇاڻي پي ڇڏيو. جيڪڏهن سردين جي موسم هجي ته هلڪو گرم ڪري وٺو.
جيري جي ڪمزوري ۽ ڪامڻ لاءِ بيحد مفيد نسخو آهي. جن ماڻهن کي نزلو، زڪام ۽ سيني جي سور جي شڪايت هجي ته ان کي استعمال نه ڪن. آلو بخاري جو شربت به بازار ۾ دستياب هوندو آهي. ان جو استعمال به فائديمند آهي.
* * *