سائنس، علم ۽ رسالا

ڪَڻي مان ڪيچَ

پروفيسر رشيده ڀٽي جو لکيل هي ڪتاب انتهائي ڪارائتو آهي. جيڪو عام ماڻهوءَ کي غذا جي فائدي ۽ علاج جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ ڏيئي ٿو. قدرت جو ڪارخانو عجيب آهي. هتي شين جو پاڻ ۾ مضبوط لاڳاپو آهي. اُهي چاهي گڏوگڏ هلنديون هجن يا بنهه هڪٻئي جي اُبتڙ هجن. گرمين جون ڀاڄيون ۽ ميوا مزاج ۾ معتدل ۽ جسم ۾ پاڻي جي مقدار کي گهٽ ٿيڻ نه ٿا ڏين. ساڳيءَ ريت سياري ۾ پيدا ٿيندڙ غذا گرم ۽ جسم جي مدافعتي مزاج کي فعال بڻائي ٿي. ساڳي وقت موسمي اثر ۽ بيمارين کان بچائي ٿي. رشيده پنهنجي هن ڪتاب ۾ ڪافي حد تائين غذا متعلق انيڪ پهلو واضع ڪيا آهن.
Title Cover of book ڪَڻي مان ڪيچَ

”ڪڏهن کلڻ خواري ته ڪڏهن روئڻ راحت“

مٿئين سِٽ ته هڪ عام چوڻي طور اِستعمال ٿئي ٿي. پر تازي تحقيقي سلسلي دوران ڏنو ويو آهي ته جيڪڏهن هڪ طرف کلڻ جا فائده مُرتب ٿين ٿا ته وري ٻي طرف ساڳيءَ ”کلڻ“ جا بي انتها ۽ شديد قسم جا نقصانات به نظر اچن ٿا. هڪ چوڻي مطابق ته ”کلڻ سان خوف وڌي ٿو“، سائنسدانن نالي فرنر ۽ ارونئيسن هڪ تحقيقي جرنل ۾ لکن ٿا ته گهڻي کلڻ جا نقصان به گهڻائي ٿين ٿا. گهڻو کلڻ نقصانڪار به ٿي سگهي ٿو.
کلڻ جا فائده ڏسجن ته واقعي بيشمار آهن جيئن مثال طور؛ اُن سان ڪاوڙ گهٽجي ٿي، ڊپريشن ۾ گهٽتائي اچي ٿي، سُورَ سهڻ جي سگهه يعني قوت وڌي ٿي، دل جي دوري جا خطرات گهٽجن ٿا، ڦڦڙ پنهنجو ڪم بهتر نموني سرانجام ڏيئي سگهن ٿا، ۽ رت ۾ شگر ليول گهٽجي وڃي ٿي. جيڪا شگر جي مريضن لاءِ پڻ مفيد آهي. هاڻي اچو ته ڏسون ته گهڻي کلڻ جا نقصان ڪهڙا ڪهڙا آهن: گهڻي کلڻ جا نقصان به گهڻائي ٿين ٿا، مثال طور: غشي کائي ڪري پوڻ، دل ۽ کاڌي جي نالي اِيسوفيگس (Esophagus) جو ڦاٽي پوڻ، ڇَنُ (Hernias) جو وڌيڪ خراب ٿيڻ، دمي جو دورو پوڻ، مٿي جو سور ٿيڻ، ۽ ڄاڙيءَ جو ٻاهر نڪري اچڻ، يعني ته (Dislocation of Jaws) وغيره گهڻي کلڻ سان ڪجهه بيمارين ۾ گهٽتائي به ٿي سگهي ٿي. جيئن ته مِرگهي، دماغ جو ڪينسر، دماغ جي خرابي ۽ ملٽي پل اِسڪليروسس(Multiple-Sclerosis).
مٿئين تحقيق منجهان اِهو نتيجو اخذ ڪيو ويو ته ”درميانو کلجي، نه تمام گهڻو وڌيڪ کِلجي ۽ نه ئي وري گهٽ کِلجي“ ورنه ڪڏهن ڪڏهن گهڻو کلڻ ڪنهن بيماريءَ جو سبب به ٿي سگهي ٿو. يعني ته ڪنهن بيماري سببان ماڻهو وڌيڪ کلندو رهندو آهي. اِن ڪري تحقيق منجهان ثابت ٿيو ته ضرور کلجي پر اِعتدال ۾ رهي کِلجي ته فائدو حاصل ٿي ويندو. ورنه نقصان ٿي پوندو.
تڏهن ئي ته ڪي ڏاها اِئين به چئي ويا آهن ته:
”ڪنهن جو کلڻ خواري، ته وري ڪِنهن جو روئڻ راحت“
* * *