سائنس، علم ۽ رسالا

ڪَڻي مان ڪيچَ

پروفيسر رشيده ڀٽي جو لکيل هي ڪتاب انتهائي ڪارائتو آهي. جيڪو عام ماڻهوءَ کي غذا جي فائدي ۽ علاج جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ ڏيئي ٿو. قدرت جو ڪارخانو عجيب آهي. هتي شين جو پاڻ ۾ مضبوط لاڳاپو آهي. اُهي چاهي گڏوگڏ هلنديون هجن يا بنهه هڪٻئي جي اُبتڙ هجن. گرمين جون ڀاڄيون ۽ ميوا مزاج ۾ معتدل ۽ جسم ۾ پاڻي جي مقدار کي گهٽ ٿيڻ نه ٿا ڏين. ساڳيءَ ريت سياري ۾ پيدا ٿيندڙ غذا گرم ۽ جسم جي مدافعتي مزاج کي فعال بڻائي ٿي. ساڳي وقت موسمي اثر ۽ بيمارين کان بچائي ٿي. رشيده پنهنجي هن ڪتاب ۾ ڪافي حد تائين غذا متعلق انيڪ پهلو واضع ڪيا آهن.
Title Cover of book ڪَڻي مان ڪيچَ

ڪمند جي رس جا طِبّي فائدا Sugar-can and its nutritional facts

سياري جي موسم شروع ٿيڻ سان گڏوگڏ ئي ڪمند جو جوس بازار ۾ دڪانن ۽ گاڏن تي ملڻ شروع ٿي ويندو آهي. وچولي طبقي جا ماڻهو هن شربت سان پنهنجي اُڃ اجهائيندا نظر ايندا آهن. ڪمند جي جوس ۽ ڳڙ جو شربت عام جام نظر اچڻ لڳندو آهي. هوڏانهن وري گرميءَ جي موسم ۾ ڪمند جو جوس پيئڻ سٺو ته آهي پر ان جي بجاءِ جيڪڏهن ڳنڍيريون کائجن ته وڌيڪ بهتر نتيجا ملندا.
ڪمند پاڪستان ۾ تمام وڏي مقدار ۾ پوکيو ويندو آهي. هن جي رس منجهان تيار ٿيل ڳڙ، کنڊ، مصري وغيره بازار ۾ عام جام وڪرو ٿيندا آهن. پراڻو ڳڙ طِبّي لحاظ کان تمام گهڻو فائديمند هوندو آهي ۽ اڪثر ڪري ڳڙ بازار منجهان يا وري پنساريءَ جي دڪان تان ملي ويندو آهي. ڪمند جا ڪل تيرنهن قسم بيان ڪيا وڃن ٿا. هن جي ٻوٽي جي قد جي ڊيگهه ڇهن کان ٻارنهن فوٽ هوندي آهي ۽ هر فوٽ يا اڌ فوٽ کان پوءِ ڳنڍيون موجود هونديون آهن ۽ سِرَي وٽ ويڪريون ۽ ڊگهيون پَتيون (پَنَ) موجود هونديون آهن. ڪمند جا پَنَ ۽ پَتيون جانورن جي لاءِ چاري جو ڪم ڏيندا آهن. ڪمند جي جوس منجهان اَسان آسانيءَ سان ڳُڙ ۽ کنڊ ٺاهي سگهون ٿا. ڪمند جو فصل تيار ٿيڻ ۾ تقريباً سڄو سال لڳي ويندو آهي. پوءِ جنوري ۽ فيبروري واري مهيني ۾ ڪمند ڪٽيو ويندو آهي. پيڙائي وارين مشينن ۾ ڪمند وجهي رس ڪڍيو ويندو آهي. ان رس کي گرم ڪري پچائڻ کان پوءِ ڳڙ يا کنڊ حاصل ٿيندي آهي. ڪمند جي ملن ۾ ڪمند منجهان صاف ۽ شفاف کنڊ تيار ڪري بازارن ۾ موڪلي ويندي آهي.
ڪمند منجهان مِصري به ٺاهي ويندي آهي. يوناني طِبّ مطابق ڪمند جو مزاج پهرين درجي ۾ گرم ۽ ٻئي درجي ۾ تر آهي. ڳڙ ٻئي درجي ۾ گرم تر ۽ پراڻو ڳڙ گرم ۽ خشڪ ٿيندو آهي. سائنسي تحقيقات مطابق ڪمند جي رس ۾ پروٽين، سڻڀ، معدني جزا، ڪاربوهائيڊريٽ، ڪئلشم، فاسفورس ۽ آئرن (فولاد) مختلف مقدارن ۾ موجود هوندا آهن. ڪمند جو جوس بي انتها گهڻو ۽ وڏي پيماني تي استعمال ٿيندو آهي. عام طور ”ڪمند“ جو جوس ٺاهي پيتو ويندو آهي. 250 گرام ليمي جو رس، ڪارو لوڻ وجهي، ان ۾ ڀُڳل زيرو ملائي ذائقي موجب پيئڻ سان وات جو ذائقو سٺو ٿي ويندو آهي. بک وڌيڪ لڳندي آهي ۽ دل کي فرحت ملندي آهي. ٻئي طرف وري يرقان يعني سائيءَ جي مريض، جگر جي گرمي ۽ ڪمزوري، هڏڪي ۽ اُڃ گهڻي لڳڻ وارن مريضن کي ڪمند چوسي کائڻ گهرجي. (جوس نه پيئڻ گهرجي). هن جي استعمال سان پيشاب جي بندش ۽ ساڙو ختم ٿي وڃي ٿو. جسم جي ڪمزوري ۽ ضعف کي ختم ڪري جسم جو وزن به وڌائي سگهجي ٿو. تيز مرچن ۽ تريل شين جي استعمال سان جيڪي نقصان پيدا ٿين ٿا، تن کي به ختم ڪرڻ ۾ مدد ڏي ٿو. ڏاڙهونءَ جي رس ۾ ڪمند جو رس ملائي پيئڻ سان رت جا دست رُڪجي ويندا آهن. ماکيءَ ۾ ڪمند جو رس ملائي پيئجي ته هڪدم الٽي وغيره رڪجي ويندي آهي. پورهيت طبقي وارن ماڻهن لاءِ ڪمند هڪ غذا طور استعمال ٿيندو آهي. ڇو ته ڪمند منجهان ڳڙ حاصل ڪري، ان کي استعمال ۾ آڻڻ سان عام ماڻهو پنهنجي لاءِ هڪ بهترين خوراڪ حاصل ڪري وٺندو آهي.
ڪمند ۾ ڪئلشيم تمام گهڻي مقدار ۾ موجود آهي وٽامن اي (A) جهجهي مقدار ۾ هجڻ ڪري اکين جي روشني لاءِ بي انتها مفيد ۽ ضروري آهي. گڏوگڏ فاسفورس جو چڱو مقدار موجود هوندو آهي. ڪئلوريز گهڻيون هجڻ ڪري، پورهيت طبقو هڪدم پنهنجي قوت ۽ توانائيءَ کي بهتر ڪري وٺندو آهي. ڳُڙ پيٽ جي صفائي ڪرڻ، بلغم ڪڍڻ، کنگهه ۽ دم کان فائدو پهچائيندڙ ۽ سيني جي سور کي گهٽائڻ ۾ مدد ڏيندڙ آهي. جن ٻارن ۾ هڏن جي ڪمزوري ۽ ڏندن ۾ ڪئلشيم جي گهٽتائيءَ ڪري ڪو نقص وغيره هجي ته اهڙن ٻارن کي کنڊ بدران ڳڙ استعمال ڪرائڻ کپي. ٻارڙن کي جسماني واڌ واري زماني ۾ ڳڙ ضرور استعمال ڪرائجي ڇو ته وڌندڙ عمر وارن ننڍڙن ٻارڙن لاءِ ڳڙ هڪ بهترين خوراڪ آهي. ڳڙ ڪئلشيم سان ڀرپور اهڙي غذا آهي جيڪا کير جو نعم البدل به ٿي سگهي ٿي. اهڙا ٻار جيڪي روزانو کير نه پيئندا هجن، (ڪنهن به سبب ڪري) تن کي موسم مطابق روزانو ڳڙ کائڻ لاءِ ڏيڻ کپي. ڳڙ دل ۽ جگر لاءِ به هڪ بهترين غذا آهي. هيءُ گلوڪوز وانگر، ان جيترو ئي فائديمند آهي. ذيابيطس جي مريض لاءِ ڳڙ، کنڊ ۽ ڪمند جو رس وغيره بلڪل منع ٿيل آهي. ڏندن جي مريضن خاص طور تي پائيريا وارن لاءِ به سختيءَ سان منع ٿيل آهي. ڪمند جي پورن (چيرن) منجهه ڪڏهن ڪڏهن ڪينئون پهچي پنهنجي جاءِ ٺاهي وٺندو آهي. ڇو ته ڪمند مٺو ٿئي ٿو، ان ڪري حملو ڪندڙ ڪينئون هميشه لاءِ اتي ويهي رهندو آهي. هاڻي اهڙيءَ صورت ۾ جيڪڏهن ڪمند کي پيڙائي واري مشين ذريعي پيڙي، جوس حاصل ڪبو ته ان ۾ بيماريءَ جو خطرو يقيناً موجود رهندو. ان ڪري مشين ذريعي نڪتل ڪمند جو رس سوچي سمجهي استعمال ڪرڻ گهرجي نه ته ائين ڪرڻ سان ڪيترين ئي بيمارين جو خطرو موجود هوندو آهي.
* * **