سائنس، علم ۽ رسالا

ڪَڻي مان ڪيچَ

پروفيسر رشيده ڀٽي جو لکيل هي ڪتاب انتهائي ڪارائتو آهي. جيڪو عام ماڻهوءَ کي غذا جي فائدي ۽ علاج جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ ڏيئي ٿو. قدرت جو ڪارخانو عجيب آهي. هتي شين جو پاڻ ۾ مضبوط لاڳاپو آهي. اُهي چاهي گڏوگڏ هلنديون هجن يا بنهه هڪٻئي جي اُبتڙ هجن. گرمين جون ڀاڄيون ۽ ميوا مزاج ۾ معتدل ۽ جسم ۾ پاڻي جي مقدار کي گهٽ ٿيڻ نه ٿا ڏين. ساڳيءَ ريت سياري ۾ پيدا ٿيندڙ غذا گرم ۽ جسم جي مدافعتي مزاج کي فعال بڻائي ٿي. ساڳي وقت موسمي اثر ۽ بيمارين کان بچائي ٿي. رشيده پنهنجي هن ڪتاب ۾ ڪافي حد تائين غذا متعلق انيڪ پهلو واضع ڪيا آهن.
Title Cover of book ڪَڻي مان ڪيچَ

محترمه نصرت ڀٽو

مارچ جي 23 تاريخ، هڪ اهڙي تاريخ آهي، جيڪا منهنجي ذاتي زندگيءَ جي ڪئلنڊر ۾ تمام گهڻي اهميت جي حامل آهي. ڪڏهن ڪڏهن انسان جي زندگيءَ ۾ ڪجهه لمحا ۽ وقت خود تاريخ بڻجي ذهن جي ڪلئنڊر تي هميشه لاءِ نقش ٿي ويندا آهن، ۽ پوءِ انهن تاريخن کي ڏسڻ لاءِ عام رواجي ڪئلنڊر ڏسڻ جي قطعاً ضرورت نه پوندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو 23 مارچ جيڪو منهنجيءَ ذاتي زندگيءَ ۾ ته تمام گهڻو اهميت جو حامل آهي (ڇو ته ان ڏينهن تي منهنجي شادي ٿي هئي)، ته ساڳي وقت پنهنجي پسنديده شخصيت ذوالفقار علي ڀٽي جي ديومالائي شخصيت رکندڙ گهرواريءَ، ۽ اسان سنڌين جو مان ۽ مرتبو وڌائيندڙ خاتون اول، ڪرد قبيلي سان تعلق رکندڙ اصفهاني ايرانڻ محترمه نصرت جي به ڄم (ولادت) جو ڏينهن آهي. بنيادي طور تي ڪجهه ماڻهن سان وابسته ڪجهه شخصيتون اهڙي نموني ذهن ۾ نقش ٺاهي وٺنديون آهن. جو ائين محسوس ٿيندو آهي ته شايد اسان انهن کي آئيڊيل مڃي ورتو هجي.
قديم ثقافتي ۽ تهذيب، تمدن سان مالا مال ايران نه صرف اسان جو شاندار مسلم پاڙيسري ملڪ آهي پر گڏوگڏ زمانهءِ قديم کان هڪ تاريخ ساز ملڪ پڻ رهيو آهي. پنهنجي شاندار روايتن سان گڏوگڏ، هڪ سهڻي سرزمين ۽ سهڻن ماڻهن جو پڻ مرڪز رهيو آهي، اُن حوالي سان اسان ڏسون ٿا ته محترمه نُصّرت اِصفهاني جيڪا 23 مارچ 1929ع تي ايران جي صوبي ڪُردستان ۾ ڄائي. هوءِ سرزمين ايران سان تعلق رکندڙ هڪ مالدار اِيراني تجارتيءَ جي گهر پيدا ٿي. ۽ پوءِ سندس والد بزرگوار واپار ۽ تجارت جي سلسلي ۾ اچي سنڌ صوبي جي شهر ڪراچيءَ ۾ رهائش اختيار ڪئي. اها ڳالهه هندوستان ۽ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ جي آهي جڏهن برصغير سڄو هڪ هيو ۽ مذهب جي نالي تي ڌرتيءَ جو اڃان ورهاڱو نه ٿيو هيو. ان بعد سندن خاندان جي ملاقات جيڪا پوءِ دوستيءَ ۾ بدلي ۽ پوءِ ترت ئي سندن خانداني تعلقات ايترا وڌيا جو ٻنهي خاندانن پاڻ ۾ گڏجڻ جو ارادو ڪيو ۽ ذوالفقار علي ڀٽي جي ٻيءَ گهرواري طور، بيگم نصرت ايراني، بيگم ڀٽو بڻجي وئي. تنهن بعد جي تاريخ، تي جيڪڏهن نظر وجهنداسين ته اسان کي خبر پوندي ته بيگم نصرت ڪيئن نه هڪ لافاني ڪردار ادا ڪيو ۽ پنهنجي سڄي ڪٽنب جي قرباني ڏيڻ کان پوءِ ڪيئن نه پنهنجي ديس جي مٽيءَ جو حق ادا ڪيو ۽ آخر تائين پيپلزپارٽي جي سربراهه طور پاڻ ملهايو. بيشڪ جنهن شاندار ملڪ جي مٽيءَ منجهان پيدا ٿي هئي ان جي تاريخي شناخت کي نباهيندي آخري دم تائين پنهنجي ٻچن سان گڏ رهي.
پنهنجي وَرَ ۽ ٻچن سان گڏ اهڙي خاتون جيڪا محض هڪ زال ۽ ماءُ هئي، تنهن وقت جي گردش ۾ اچڻ کان پوءِ هڪدم پنهنجي ذهانت ۽ صلاحيتن کان ڪم وٺندي، پنهنجي ور جي پارٽيءَ کي نه صرف هلايو ۽ تمام بهتر نموني سان مستحڪم پڻ ڪيو. اچانڪ زندگيءَ جي لاهن چاڙهن کي هڪ بهادر اڳواڻ جي بهادر زال بڻجي منهن ڏنو ۽ ڪارڪنن کي گڏ کڻي، پنهنجي سياسي سفر جو آغاز ڪيو. بي درديءَ سان شهيد ٿيندڙ سندس ور جي شهادت جي غم کي هن هميشه سيني ۾ سانڍي رکيو. ۽ قدم اڳتي وڌائيندي رهي. هن پنهنجيءَ مٽيءَ جو حق ادا ڪيو ۽ پنهنجي اولاد سان گڏوگڏ هوءَ هن ملڪ جي ٻچي ٻچي جي ماءُ بڻجي وئي. پر شايد ان خوبصورت ۽ خوددار ۽ لوه جهڙي مضبوط ارادي جي مالڪ خاتون جي زندگيءَ ۾ اڃان ڪي آزمائشون لکيل هيون. هوءَ جيڪا سکن جي ته پليل هئي، تنهن جي مٿان وقت جا پهاڙ ڪري پيا هڪ ٻئي پٺيان سندس پٽ شاهنواز ۽ پوءِ مير مرتضيٰ کي شهيد ڪيو ويو. اسان ان ڏينهن کي ڪيئن وساري سگهنداسين جڏهن نوجواني ۾ ايڏي ڪنڌار پٽ کي ڪو شهيد ڪري، ماءُ جيڪا اڳ ۾ رنيپي جي چادر ويڙهي، پنهنجي موڀي پٽ جي آسري هلندي هجي، تنهن ماءُ جي جهولي اِئين اچانڪ ڪو خالي ڪري ڇڏي ته اهڙي ڪهڙي ماءُ هوندي جيڪا حواسن تي ڪنٽرول ڪري سگهندي! چوندا آهن ته موت برحق آهي، اچي به وقت تي ٿو، پر اهڙي دُکدائڪ موت تي جڏهن سڄي قوم روئيندي هجي ته پوءِ ان امڙ جي دل جي ڪهڙي حالت ٿي هوندي! اها ته ان ماءُ جي دل کي ئي خبر هوندي، جنهن پوءِ ڪڏهن به نه کليو نه مرڪيو ۽ نه ئي پنهنجي دردن منجهان آزاد ٿي سگهي. اُن بهادر خاتون کي اهڙي چوٽ رسي جو وري ٺيڪ ٿيڻ جو اِمڪان بِنهه مٽجي ويو ۽ نتيجو اهو نڪتو جو شهزادين جهڙي ڌيءَ جي شهادت تي کيس ڪا سرت ئي نه پئي. هوءَ ڪهڙي جهان ۾ رهي اها ته حقيقت رب کي معلوم پر پوءِ ان باحوصلا خاتون جنهن بحيثيت انسان ۽ هڪ خاتون جي جيڪي ڏک، صدما ۽ تڪليفون برداشت ڪيون ۽ بي انتها ظلمن کي منهن ڏنو. تنهن جي وفات پنهنجي ڏوهٽن جي هٿن ۾ سندن گهر دُبئي ۾ ٿي. اها تاريخ به هڪ اهڙي تاريخ آهي، جيڪا اتفاق سان منهنجي ذهن ۾ ڪنهن نقش وانگر چٽيل رهندي آهي، سا آهي 23 آڪٽوبر ان ساڳيءَ تاريخ تي منهنجي گهرواري جي وفات پڻ ٿي هئي.
جنهن جو تعلق پڻ لاڙڪاڻي سان هيو ۽ ڀٽو خاندان جو بي انتها همدرد ۽ ساٿي رهيو هيو. سندس اُنسيت ۽ ذهني وابستگيءَ جو اُهو حال هيو جو پنهنجي پهرين فرزند جو نالو به ذوالفقار علي رکيو، جيڪو شهيد ذوالفقار علي جي شهادت کان حرف ويهه (20) ڏينهن پوءِ ڄائو هُيو. اُن بعد جڏهن نياڻي ڄائي ته پيار وچان ”پنڪي“ سڏيندو رهيو، جيڪا اڄ به اسان سڀني لاءِ پنڪي آهي.
محترمه نصرت ڀٽو، جنهن ايترا ڏک ۽ صدما ڏٺا، تنهن ڪڏهن به هتان جي ملڪ ۽ مٽيءَ کي ڇڏي ٻي پاسي وڃڻ جو نه سوچيو ۽ پنهنجي ور جي شهادت بعد توڙي جو سندس موڀي پٽ به نه رهيو ته به هوءَ هن ملڪ ۽ مٽيءَ سان پيار ڪندي رهي. وقت فوقتاً آمرن سان مهاڏو اٽڪائيندي رهي، ۽ پنهنجي ور جي سياسي بصيرت جي آڌار تي پنهنجي عوام جي وچ ۾ رهي ڪري خاتونِ اَول هجڻ جو وچن نباهيندي رهي. الله تعاليٰ کان دعا آهي ته شال جنت الفردوس ۾ جايون عطا ڪري (آمين ثم آمين).
* * *