سائنس، علم ۽ رسالا

ڪَڻي مان ڪيچَ

پروفيسر رشيده ڀٽي جو لکيل هي ڪتاب انتهائي ڪارائتو آهي. جيڪو عام ماڻهوءَ کي غذا جي فائدي ۽ علاج جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ ڏيئي ٿو. قدرت جو ڪارخانو عجيب آهي. هتي شين جو پاڻ ۾ مضبوط لاڳاپو آهي. اُهي چاهي گڏوگڏ هلنديون هجن يا بنهه هڪٻئي جي اُبتڙ هجن. گرمين جون ڀاڄيون ۽ ميوا مزاج ۾ معتدل ۽ جسم ۾ پاڻي جي مقدار کي گهٽ ٿيڻ نه ٿا ڏين. ساڳيءَ ريت سياري ۾ پيدا ٿيندڙ غذا گرم ۽ جسم جي مدافعتي مزاج کي فعال بڻائي ٿي. ساڳي وقت موسمي اثر ۽ بيمارين کان بچائي ٿي. رشيده پنهنجي هن ڪتاب ۾ ڪافي حد تائين غذا متعلق انيڪ پهلو واضع ڪيا آهن.
Title Cover of book ڪَڻي مان ڪيچَ

ٿوم Garlic

حضرت علي رضي الله تعاليٰ عنه جن بيان فرمائين ٿا ته رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو: ”ٿوم“ کائو ۽ اُن سان ”علاج“ ڪريو، هن ۾ ستر (70) بيمارين کان ”شفا“ موجود آهي. (الديلمي) هاڻي اچو ته اسان ڏسون ته ان ڳالهه کي اڄ جي دور ۾ موجود سائنسي نقطهء نگاه کان ڪيئن ٿو ڏٺو وڃي. سائنسي تحقيقات ۽ کوجنائن جي نتيجي ۾ اڄ اُن ڳالهه جي باقاعده تصديق ٿي چڪي آهي ته جن اَهم جُزن ۽ شفائي خصوصيتن جي نشاندهي اِبتدائي دور کان ڪئي وئي آهي، اُهي باقاعده سائنسي نقطهء نظر کان به مڪمل طور تي طِبّي خصوصيات سان مالا مال آهن. اُنهن منجهه موجود ”جُزن“ جي ڪيميائي تجزئي بعد اهو به معلوم ڪيو ويو آهي ته: ”بيماريءَ“ واري ڪيفيت ۾ ڪنهن ”جزي“ جو ڪيترو استعمال ڪجي ته فائدو حاصل ٿيندو ۽ ڪيتري وقت تائين ڪجي ته جيئن ڪو نقصان نه ٿي پوي. ڇو ته هر علاج لاءِ جيڪا ”دوا“ استعمال ڪبي آهي، تنهن جو هڪ مقرر ”وزن“ ۽ ٽائيم هوندو آهي نه ته اها ساڳي ”دوا“ جيڪا فائدو ڏيندي آهي، سا، ”غلط استعمال“ جي ڪري نقصانده پڻ ثابت ٿي سگهي ٿي. اهو ساڳيو ئي اُصول هتي نباتات، ميوات، حيوانات، ۽ ڀاڄين وغيره جي استعمال سان پڻ لاڳو ٿئي ٿو. جيڪڏهن بغير مناسب ”علم“، ”عقل“ ۽ رهنمائي، جي پاڻ مرادو بغير ڪنهن جي صلاح مصلحت جي، ڪجهه کائڻ شروع ڪبو ۽ اهو نه سوچبو ته ڪڏهن، ڪيئن، ڪيترو کائجي ۽ وري ڪڏهن ڪڏهن کائجي ۽ ڪيترو عرصو کائجي ته تمام گهڻو نقصان به ٿي سگهي ٿو. هينئر اسان هيٺ ”ٿوم“ جي غذائي حقيقت ۽ اهميت جو ذڪر پهريان ڪنداسين.
گهڻن ئي ڪتابن ۾ ”ٿوم“ جي باري ۾ لکيو ويو آهي. ڪجهه جڳهن تي هن کي پيار وچان اسٽنڪنگ روز (گلاب) (Stinking Rose) به لکيو ويو آهي، ڇو ته ”ٿوم“ ۾ بيشمار مرضن کي شفا بخشيندڙ خصوصيات موجود آهن. جن کي ٿراپيٽڪ بينيفٽس Therapeutic Benefits)) به چئي سگهجي ٿو.
خاص الخاص خوشبو (Characteristically Pungent Odor) سان گڏ ٿوم ”صحت“ کي وڌائيندڙ ۽ هٿي ڏيندڙ (Health Promoting Effects) يعني هيٺن ”جزن“ سان مالا مال آهي. ”ٿوم“، ميئگنيز ((Manganese جزي ۾ تمام گهڻي خود ڪفيل آهي. ان سان گڏوگڏ وٽامن بي ڇهه (Vitamin B6) جو به بي مثال ذخيرو (Source) موجود اٿس. ان سان گڏوگڏ وٽامن ”سي“ Vitamin C ۽ سيلنينم Selenium به موجود اٿس.
هڪ ڪوپ (136g) ٿوم ۾ هيٺينءَ ريت باقي جزا ڪئلوريز فراهم ڪن ٿا.
ٿائمن زيرو ڏهائي ٽي ملي گرام 0.3mg Thiamin
پائريڊوڪسن هڪ ڏهائي ست ملي گرام 1.7mg Pyridoxin
وٽامن سي ٻائيتاليهه ڏهائي چار ملي گرام 42.4mg Vit.C
فوليٽ چار ڏهائي هڪ ملي گرام 4.1mg Folate
ڪئلشيم ٻه سؤ ڇائيتاليهه ملي گرام 246mg Calcium
پوٽاشيم پنج سؤ پنجيتاليهه ملي گرام 545mg Potassium
فاسفورس ٻه سؤ اٺ ملي گرام 208mg Phosphorus
ٽامو زيرو ڏهائي چار ملي گرام 0.4mg Copper
جست هڪ ڏهائي ڇهه ملي گرام 1.6mg Zinc
مئگنيز ٻه ڏهائي ٽي ملي گرام 2.3mg Manganese
سيلينم اڻويهين ڏهائي ٽي ملي گرام 19.3mg Selenium
هاڻي اچو ته ڏسون ٿوم جا طِبّي فائده ڪهڙا آهن:

[b]ٿوم جا طِبّي فائده: (Medical Benifits)
[/b]گردشِ خون، يعني دورانِ خون کي روان دوان رکڻ لاءِ بهترين ذريعو سمجهيو ويندڙ ”ٿوم“ جا بيشمار طِبّي فائده موجود آهن. ڪيترن ئي تحقيقي مقالن ۾ اهو ثابت ڪيو ويو آهي ته روزمره جي زندگيءَ ۾ باقائده ٿوم جي استعمال سان خون جي دٻاءُ يعني بلڊپريشر (Blood Pressure) کي گهٽائي سگهجي ٿو. ساڳي وقت پليٽيليٽس کي هڪ هنڌ جمع ٿيڻ کان پڻ ٿوم رڪاوٽ بڻجي ٿي ائين ڪرڻ سان رت ۾ (دڳ) يعني Clot نه ٺهندو. (Garlic Decreases Platelet Aggregation) ساڳي وقت رت ۾ موجود سِيرم ٽراءِ گيلسرائيڊس (Serum Triglycerides) گهٽائڻ سان گڏوگڏ لوڊينسٽي لائپو پروٽين ڪوليسٽرول ليول ((LDL Cholesterol Levels پڻ گهٽجن ٿا ۽ هاءِ ڊينسٽي لائپو پروٽين ڪوليسٽرول ليول (HDL Cholesterol Levels) وڌن ٿا ۽ گڏوگڏ فائبرينولائيسز (fibrinolysis) به وڌي ٿي. هنن مثبت ردِ عمل ذريعي، ٿوم پنهنجا فائده ڏيکارڻ شروع ڪري ٿي. مثال طور آرٿرو اِسڪيليروسز، (Arthro- Sclerosis) يعني ته رت جي نالين جي سُڪڙجڻ جو عمل، رڪجيو وڃي ۽ رت جون ناليون پنهنجي نارمل شڪل و صورت کي گهڻي دير تائين قائم رکڻ جي سگهه ۽ صلاحيت حاصل ڪري وٺن ٿيون. ان سان گڏوگڏ، رت ۾ وڌندڙ کنڊ ((Sugar جي، مقدار کي پڻ ڪنٽرول ڪري، دل جي بيمارين يعني (Heart Diseases) کي روڪڻ ۾ مدد ڪري ٿي ۽ دل جي دوري ۽ اسٽروڪ ((Heart attack and stroke کي روڪڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿئي ٿي.
نومبر مهيني جي 2004ع سال ۾ هڪ تحقيقي مقالو نالي ”پريونيٽو ميڊسن“ شايع ٿيو، جنهن ۾ اهو پڌرو ڪيو ويو ته ٿوم ((Garlic، ڪورونري آرٽري ڪئليسفيڪيشن (Coronary artery calcification) کي روڪڻ ۾ بي انتها مدد ڪري ٿي ۽ مجموعي طور تي دل جي مڙني تڪليفن ۽ بيمارين کان بچائي رکي ٿي. کاڌن پچائڻ دوران هونئن ته ٿوم جو استعمال هر گهر ۾ عام جام ٿيندو رهي ٿو. پر هڪ اسٽنڊرڊ مقدار ۾ ٿوم جو استعمال ڪرڻ سان اسان بي شمار اِهڙين تڪليفن کان بچي سگهون ٿا. جن کي اسان پوءِ منهن ڏيڻ جي لائق نٿا رهي سگهون. ان ڪري پنهنجي ارگرد ۾ موجود خوبصورت نظر ايندڙ سفيد رنگ جي هن ننڍڙي ”گل“ نما، ”ٿوم“ کي نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي. (Anti inflammatory activity of Garlic in osteoarthritis and rheumatoid arthritis).

[b]هڏن کي سوزش کان بچائڻ ۾ ٿوم جو ڪردار
[/b]ٿوم ۾ هڪ طرف دل کي تازگي بخشڻ ۽ دل جي بيمارين کي ڪنٽرول ڪرڻ جي صلاحيت حاصل آهي ته وري ٻي طرف هن جو ڪم جسم جي هڏن گُڏن کي تازگي بخشڻ ۽ جسماني هڏائين پڃري جو خيال رکڻ آهي. آسٽيوآرٿرائيٽس ۽ ريوميٽوئڊ آرٿرائيٽس نالي ٻه بيماريون عام طور تي خواتين ۾ وڌيڪ ۽ مردن ۾ ڪجهه گهٽ نظر اينديون آهن. پهرين بيماري آسٽيوآرٿرائيٽس خاص طور تي خواتين ۾ ماهواري بند ٿي وڃڻ بعد ظاهر ٿيڻ شروع ٿيندي آهي ۽ پوءِ جيڪڏهن خاص خيال نه رکيو وڃي ته آهستي آهستي وڌي بيماريءَ جو روپ ڌاري سگهي ٿي جڏهن ته ريوميٽوئڊ آرٿرائيٽس وري آهي ئي وڏيءَ عمر ۾ هڏن جي بيماريءَ جو نالو، جيڪا پڻ مردن ۾ ڪجهه گهٽ جڏهن ته خواتين منجهه سرس نظر ايندي آهي. موروثي طور به هيءَ بيماري هڪ نسل کان ٻي نسل ڏانهن پڻ منتقل ٿي سگهي ٿي. جڏهن ته ڪجهه ماڻهن منجهه ٻين بيمارين جي باعث پڻ ٿي سگهي ٿي.
”ٿوم“ ۾ الله تعاليٰ قدرتي طور تي اهڙي ته خاصيت ۽ خاص قسم جا ”جزا“ محفوظ رکيا آهن جو ان جي استعمال سان انسان هنن خطرناڪ بيمارين کان آسانيءَ سان پنهنجو بچاءَ ڪري سگهي ٿو. ڪنهن به طريقي سان پيدا ٿيندڙ سوزش جيڪا ”هڏن“ اندر ڪمزوري پيدا ڪري ۽ ”سور“ ۽ تڪليف جو احساس ڏياري تنهن کان بخوبي اسان پنهنجو پاڻ کي بچائي سگهون ٿا. ”ٿوم“ ۾ اهڙا ته ڪيميائي مرڪب Chemical Compounds)) موجود آهن، جيڪي لائپوآڪسيجينز ۽ سائيڪلو آڪسيجنينز Lypoxygenase and cycloxygenase)) کي ٺهڻ کان روڪين ٿا. (دراصل هي ٻن انيزائم (Enzymes) جا نالا آهن. جيڪي سوزش پيدا ڪندڙ پروسٽا گلينڊنس ۽ ٿرومبوئڪسزينس Prostaglandins and thrumboxanes)) پيدا ڪندا آهن. ان طرح هن عمل سان سوزش Inflammation)) کي ڪافي حد تائين روڪي سگهجي ٿو. هي سوزش مخالف مرڪب ((Anti-inflammatory Compounds وٽامن سي (Vitamin C) سان گڏجي، ”ٿوم“ کي تمام گهڻو فائديمند بڻائين ٿا. خاص طور تي تمام سخت دم جي تڪليف يعني (Asthma) کي روڪڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا ۽ ساڳي وقت آسيٽوآرٿرائيٽس ۽ رئيوميٽوئڊ آرٿرائيٽس جي تڪليف دوران سور ۽ سوزش کي گهٽائڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿين ٿا.

[b]ٿوم جي اينٽي بئڪٽريل ۽ اينٽي وائرل ايڪٽوٽي:
[/b](Anti-Bacterial and Anti-Viral activity)
ٿوم ۾ قدرتي طور تي (بئڪٽريا ۽ وائرس) کي پيدا ٿيڻ کان روڪيندڙ ”جوهر“ يعني ”جزا“ موجود آهن. آليسن ((Allison نالي سلفر جو مرڪب ((Sulfur Compound ٿوم کي خاص قسم جي بوءِ ((Smell بخشيندڙ مرڪب آهي. (Garlic’s characteristic odor) اهو هن خاص قسم جي بوءِ يعني ((Odor جو ئي ڪمال آهي، جنهن جي هئڻ/ هجڻ سان ٿوم جي Juice)) يعني رس وسيلي بيڪٽريا ۽ وائرس ختم ٿي وڃن ٿا. هيءُ مرڪب جسم اندر پيدا ٿيندڙ خطرناڪ قسم جي بئڪٽيريا ۽ وائرس وغيره کي وٽامن سي (Vitamin C)، سان گڏجي ڪري ماري ختم ڪري ڇڏي ٿو. هڪ تحقيقي مقالي مطابق جيڪو (2003ع ۾ نيوٽريشن جرنل ۾ شايع ٿيو آهي) ٻڌايو ويو آهي ته ٿوم جي رس يعني جوس Garlic Juice)) ۾ رب تعاليٰ اهڙيءَ ته طاقت رکي آهي جو تمام جلد ۽ تڪڙي انداز ۾ فوري طور تي جراثيم ۽ ٻين ڪيڙن وغيره کي ختم ڪري سگهي ٿي. يعني ٻين لفظن ۾ ائين چئي سگهجي ٿو ته ٿوم جي رس ”جراثيم ڪش“ تاثير رکي ٿي.

[b]ذيابطيس جي بيماري ۽ ٿوم: (Diabetes -Mellitus)
[/b]ٿوم، ذيابطيس جي مريضن ۾ تباه ٿيندڙ خلين کي بچائڻ ۾ تمام وڏو اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. خاص طور تي جڏهن شگرليول ((Sugar -Level وڌي وڃڻ ڪري ريٽيننوپيٿي، نيفروپيٽي ۽ نيورو پيٿي Retinopathy, Nephropathy and Neuropathy))پيدا ٿي پوندي آهي ته پوءِ هڪ خاص قسم جي غير متوازن صورتحال جي ڪري خلين اندر ڀڃ ڊاهه واري ڪيفيت وڌي ويندي آهي. ٿوم مختلف مرضن سان گڏ ذيابطيس جي مرضن لاءِ پڻ فائديمند ثابت ٿي آهي.
* * *