سائنس، علم ۽ رسالا

ڪَڻي مان ڪيچَ

پروفيسر رشيده ڀٽي جو لکيل هي ڪتاب انتهائي ڪارائتو آهي. جيڪو عام ماڻهوءَ کي غذا جي فائدي ۽ علاج جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ ڏيئي ٿو. قدرت جو ڪارخانو عجيب آهي. هتي شين جو پاڻ ۾ مضبوط لاڳاپو آهي. اُهي چاهي گڏوگڏ هلنديون هجن يا بنهه هڪٻئي جي اُبتڙ هجن. گرمين جون ڀاڄيون ۽ ميوا مزاج ۾ معتدل ۽ جسم ۾ پاڻي جي مقدار کي گهٽ ٿيڻ نه ٿا ڏين. ساڳيءَ ريت سياري ۾ پيدا ٿيندڙ غذا گرم ۽ جسم جي مدافعتي مزاج کي فعال بڻائي ٿي. ساڳي وقت موسمي اثر ۽ بيمارين کان بچائي ٿي. رشيده پنهنجي هن ڪتاب ۾ ڪافي حد تائين غذا متعلق انيڪ پهلو واضع ڪيا آهن.
Title Cover of book ڪَڻي مان ڪيچَ

”صحت تنهنجي، صلاح منهنجي تنهنجي رڌڻي ۾ صحت تنهنجي.“

(پنهنجي پاران) هيءُ باب خاص طور تي پنهنجي ڀينرن لاءِ آهي.
طبِ نَبوّي منجهان مختلف نسخا هجن يا وري هوميوپيٿي نسخا، توڙي يوناني نسخا هجن يا وري ديسي جڙيون ٻوٽيون ۽ زمانهءِ قديم جا ڏس پتا هجن، هند و پاڪ آڳاٽي پرصغير کان اڳ ۾ ڪتابن منجهان علم ۽ ڄاڻ تي مشتمل ڏس پتا هجن، مطلب ته گهريلو آسان توڙي ٿورا مشڪل، نسخن کي آزمائڻ ۽ پوءِ ٻين کي ٻڌائڻ ۾ خوشي محسوس ٿيندي آهي. اُنهن نسخن منجهان جيڪڏهن فائدو نه به مليو ته پوءِ نقصان به ڪونه ٿيندو. ڇو ته انهن جو (Side Effect) بنهه نه هئڻ برابر آهي.
”صحت ۽ تندرستي“، متعلق ڪتاب پڙهڻ جو هڪ خاص مزو ۽ رجحان رهندو آيو آهي. انگريزي ۾ لکيل مضمونن کي سنڌيءَ منجهه ترجمو ڪرڻ جو خيال هميشه کان رهندو آيو آهي. ننڍپڻ کان ئي صحت ۽ صفائي سان وابسته اوائلي دور جا لکيل فزيالاجي ۽ هائيجن “Physiology and Hygiene” يعني ته ”علم بدن ۽ علم صحت“، منهنجا پسنديده موضوع رهندا آيا آهن. ان موضوع تي پهريون مضمون ڪلاس ورڪ طور ستين درجي ۾ لکيو هُيو، هوم اڪنامڪس جي پيرڊ ۾ ڇو ته ان زماني ۾ اسان جون ”استاد“ ڪلاس ۾ موضوع ڏينديون هُيون. ۽ ان ئي وقت لکڻ لاءِ چونديون هُيون. ائين ڪرڻ جو مطلب واضع هُيو ته ٻارن منجهه مطالعي جي عادت پختگيءَ سان جڙ پڪڙي. مون کي ”مطالعي جو شوق“ ته گهر کان ورثي ۾ مليو ڇو ته منهنجو بابا ۽ وڏي پڦي مطالعي جا شوق رکندڙ هئا. پر پوءِ به استادن جي رهبري ۽ رهنمائي به ڏاڍي سهڻي انداز ۾ ملندي رهي. پنهنجي پرائمري اسڪول جي تعليم کي پوري ڪرڻ بعد، جڏهن هائر سيڪنڊري ۾ پهتم ته اسان جي گرلس اسڪول جي هڪ وڏي خوبصورت ڪتابن سان ڀريل لائبيرري نصيب ۾ آئي. اسڪول جي زماني ۾ ئي مون پنهنجي اسڪولي لائبرري جا تقريباً سمورا ڪتاب پڙهي ورتا هئا.
يا وري ”(اصلاح منهنجي صحت تنهنجي)
تنهنجي رڌڻي ۾ صحت تنهنجي“
اِن مطالعي جي شوق کي وڌائڻ جو ڏانءُ ڏنو منهنجي قابل حد احترام استاد آيا سُگي ڀاٽيا صاحبه (حال حيات آهن) جيڪا ڪلاس ۾ سبق پڙهائيندي بيشمار شاهه لطيف رحه جا بيت، مُختلف پهاڪا ۽ چوڻيون ٻڌائيندي رهندي هئي ۽ اُن شوق کي پايه تڪميل تي پهچايو منهنجي ٻيءَ اُستاد آپا اَنور شيخ، (حال حيات) اِسڪول جيڪا لائبيرري جي ٽيچر انچارج هوندي هئي. بحيثيت ڪلاس مانيٽر ۽ روزانو جي بنياد تي هڪ ڪتاب (Issue) ڪرائي گهر کڻي وڃڻ ۽ پابنديءَ سان ٻي صبح جو دعا (Prayer) کان اڳ وڃي واپس لائبيرري ۾ جمع ڪرڻ جي عادت، آپا کي آخرڪار مجبور ڪيو ته هوءِ مون تي اعتبار ڪري ۽ پوءِ هن مون کي لائبرري جي ”هيڊ گرل انچارج“ بڻائيندي چاٻي ڏيئي ڇڏي.
ائين منهنجو مُطالعاتي شوق تمام سهڻي نموني پورو ٿيندو رهيو. مئٽرڪ کان ٿورو اڳ ۾ پوءِ سکر گرلس ڪاليج منجهان اِنٽر پاس ڪرڻ تائين بيشمار افسانه، ڪهاڻيون، ڊائجسٽ، ۽ ناول پڙهيا. اڪثر ڪري ڪتاب يا ناول کي هڪ ئي نشست ۾ پورو ڪري اُٿڻ جو جنون هوندو هيو، پوءِ صبح صادق ڇو نه ٿي وڃي. پر ڪتاب کي پورو ڪرڻ ڄڻ فرض هُيو. پر هاڻي ائين آهي، وقت ۽ حالتن سان گڏوگڏ هينئر پڙهڻ جي رفتار (Speed) به ڪجهه گهٽ آهي. پر پوءِ به مطالعو ڪرڻ مون لاءِ ”ماني“ وانگر“ ڄڻ ته ضروري آهي.
مطالعي جو شوق ننڍي هوندي کان وٺي آهي. بابا جن کي هر وقت ڪجهه نه ڪجهه پڙهندي ڏٺو، ديني ڪتاب ”امڙ مرحومه“ جي اک جو ڄڻ ته تارو هئا ۽ دنياوي علم جا ڪتاب بابا مرحوم جن ۽ منهنجي وڏي پڦي کي تمام گهڻي چاه ۽ شوق سان پڙهندي ڏٺا. پرائمري اسڪول ۽ سيڪنڊري هاءِ واري زماني ۾ ئي مون ٻاراڻا، طِلسماتي ۽ ٻيا ڪيترا ڪتاب پڙهي ورتا هئا مثال طور چار درويش، امير حمزه، علي بابا چاليهه چور ۽ لقمان حڪيم، ابن بطوطه جو سفرنامو، سنڌباد سيلاني، نيڪ پروين، زينت (ناول) ڪاليجي ڪڪي (ناول) لوڪ ڪهاڻيون، لوڪ ادب، مغليه دور جي بادشاهن جون ڳالهيون، عمر خيام، ڄامڙن جي دنيا، صحت، تندرستي ۽ صفائي وغيره جي باري ۾ لکيل ڪيترائي ڪتاب وغيره هر وقت زيرِ مطالعه رهندا هُئا. ڏاڏا جن جي زماني جا ڪيترائي ميڊيڪل سائنس جا ڪتاب جيڪي گهڻي ڀاڱي انگلش ۾ هوندا هُئا پر پوءِ ڪجهه سنڌي ڳولهي ڪڍي پڙهڻ جو بيحد شوق هوندو هُيو. ديني ڪتابن ۾ سيرت النبي صلي الله عليه وسلم، چئن خليفن ۽ ٻين بزرگنجا ڪتاب پڻ منهنجو پسنديده موضوع هوندا هُئا. ننڍڙي هوندي کان ئي سڀني کان وڌيڪ متاثر ڪندڙ هستي حضرت علي ڪرم الله وجه جن جي لڳندي هڦئي. ڪيترا ئي قول ۽ نصيحت آميز نڪتا، بار بار ورجائي ڪاپيءَ تي لکي ڪري ياد ڪرڻ ڄڻ ته خاص مشغلو هوندو هُيو.
امڙ، ديني ڳالهيون، قرآني قِصّا ۽ قصّص النبّياءِ سان گڏوگڏ سِيرتُ النبّي منجهان ڪيتريون ڳالهيون پاڻ پڙهي ٻڌائيندي ۽ سمجهائيندي هئي. ڪلاس اٺين ۾ جڏهن مون اسڪالرشپ جي امتحان جي تياري پي ڪئي ته اُن زماني ۾ مون وٽ پنهنجي نانا مرحوم کان مليل ڪتاب ”گُل شڪر“ پيل هيو. مون سنڌي جي مضمونن کي وڌيڪ ڪارائتو بڻائڻ لاءِ انهن منجهان پهاڪا، چوڻيون ۽ اصطلاح نوٽ ڪيا. ڪلاس اٺين کان پوءِ ستت ئي مون کي بابا جن هڪ ”ڊائري“ تحفي طور ڏني هئي. جنهن تي مون لکڻ شروع ڪيو. اُها منهنجي زندگي جي پهرين ڊائري (جنهن جو ٻاهريون جلد سائي رنگ جو آهي ۽ اڃا تائين مون وٽ محفوظ آهي) هئي. جنهن تي ڪجهه يادگار تحرير ٿيل آهن.
مطالعي سان بيحد چاه رکڻ جي باوجود مون پاڻ تي اُن کي طاري نه ڪيو آهي نه ئي اُن لاءِ ڪو خاص وقت مقرر ۽ مضمون (Subject) مخصوص ڪيو آهي. بس سٺي لکڻي، پڙهندي آهيان، جيڪا معلوماتي هجي، پوءِ ڪهڙي به ليکڪ جي هجي. اهو نالي وارو هجي يا نه هجي، بس ان لاءِ شرط اِهو آهي ته تحرير ۾ تجس ۽ جاذيت (allraction) ضرور هجي ۽ اُن منجهان آخر ۾ ڪونه ڪونه نصيحت جو نقطو ضرور حاصل ٿئي. طبعيت، ماحول ۽ حالتِ حاظره مطابق مختلف رسالا، مئگزين، انگريزي اردو، سنڌي ۽ ٻيو جيڪو ڪجهه مَيسّر اچي وڃن، سڀني کي پڙهڻ ۽ ڪم واريون ڳالهيون ياد رکڻ، ”عادت“ ۾ شامل آهي. اُنهن سڀني منجهه گهڻي ڀاڱي پنهنجي خاص مضمون ”فزيالاجي“ جي حوالي سان پڙهڻ تمام گهڻو وڻندو آهي.(يعني ته صحت ۽ صفائي سان گڏوگڏ برني جوڙجڪ)
فيصلو ڪرڻ ڏکيو آهي ته زندگي جا گذاريل (اڳياڙي) وارا ڏينهن سٺا هئا. يا وري هاڻي وقتِ آخر پڇاڙيءَ وارا لمحا يادگار آهن، اُهو معصوميءَ وارو دور سٺو هيو، جيڪو بلڪل به ياد ڪونهي، يا وري هاڻي وقتِ آخر جا لمحا آهن، جيڪي پڻ ڪجهه ته بلڪل ياد هُجن ٿا هجن ٿا ۽ ڪجهه بلڪل وسري وڃن ٿا. اِئين ٿو لڳي ڄڻ اِنسان آخري عُمر ۾ وري موٽي ٻاروتڻ وارو معصوم بڻجي وڃي ٿو. منهنجي خيال ۾ عمر رفته جا لمحا پڻ يادگار هجن ٿا. ڇو ته ”يادون“ ئي آهن، جيڪي انسان کي ”يادگيري“ سان گڏوگڏ ”سيکارينديون ۽ سمجهائينديون“ به رهن ٿيون. نتيجو مون اِهو ”اَخذ“ ڪيو آهي ته:
”زندگي“، ”ڏکن ۽ سکن“ سميت گذريل لمحن جي يادن سان گڏوگڏ ”حال“ سارو هلڻ ۽ ”مُستقبل“ ۾ تَوڪّل ۽ رَبَ جي رضا تي راضي رهڻ ۾ ئي ”خيروبرڪت“ ۽ ”عافيت“ لِڪيل آهي. منهنجي دلي ڪيفيت مطابق:
”ڪڏهن ته انسان ڪاميابين جي ڍير/ ڍڳ تي بيهي ڪري پنهنجو ”ڳَاٽُ“ اُوچو ڪندو آهي ۽ ڪڏهن وري ڪجهه ماڻهو!
”ناڪامين“ جي هڪ ”سِرَ“ تي بيهي ڪري به پنهنجو پاڻ کي ڪاميابين سان همڪنار ڪرائيندا آهن.
* * *