رت ۽ رت جي ڪمي/گهٽتائي
What is Blood?
Blood is a connective tissue, which continuously runs within blood vessels through out the body.
[b]رت ڇا آهي؟
[/b]رت اُن جاندار پاڻياٺ، (جيڪا نه صرف پاڻي پرتاڃي پيٽي تي مشتمل آهي) جو نالو آهي، جيڪا مسلسل پنهنجين مخصوص نالين وسيلي، خاص وهڪري ۽ دٻاءُ سان جسم جي سمورن جيوگهرڙن تائين پهچندي رهي ٿي.
رت عطيهءَ خداوندي آهي. هن ترقي يافته سائنسي دور ۾ جتي سائنسدان ڪلوننگ جهڙي عمل تائين رسائي حاصل ڪري چڪا آهن، اتي جيڪڏهن نه ٺاهي سگهيا آهن ته صرف ”رت“. جيڪا جاندار اندر ڊوڙندي رهي ٿي، پر ٻاهر ليبارٽري ۾ ٺاهڻ ناممڪن آهي. تاريخي نقطهء نظر کان رت کي مقدس ڄاتو ۽ سڃاتو ويندو رهيو آهي. زمانهء قديم کان رت کي زندگيءَ سان لاڳاپيل ڏيکاريو ويو آهي. رت زندگي (Blood is Life) آهي، جو قول اڄ تائين برقرار آهي. ڇو ته زنده انسان توڙي حيوان جيڪڏهن رت جو ڪجهه مقدار ضايع ڪري وجهي ته پوءِ اُن جي ردِ عمل طور موت واقع ٿي سگهي ٿو. سائنسي تحقيقات يعني مسلسل کوجنائن جي نتيجي ۾ جتي بيشمار دوائون، مختلف بيمارين لاءِ ايجاد ٿي چڪيون آهن، پر پوءِ جيڪڏهن خدانخواسته رت جي ڪميءَ واري بيماري ٿي پوي ته اُن جو علاج ڪنهن به دوا سان ممڪن ئي ڪونهي يا ته کاڌي ميوي يا ڀاڄين منجهان خوراڪ حاصل ڪري، رت پيداوار کي وڌائي سگهجي ٿو، ٻي صورت ۾ ڪنهن به ايمرجنسي واري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ رت هڪ صحتمند جسم منجهان ٻي. ضرورتمند جسم ۾ منتقل ڪري جان بچائي سگهجي ٿي. اِن عمل کي رت جي منتقلي يعني بلڊ ٽرانسفيوثرن(Blood Transfusion) سڏجي ٿو.
ان ڪري رت کي جان بچائيندڙ دوا يعني Life Saving Drug)) به ڪري سمجهيو وڃي ٿو. رت جي وصف بيان ڪندي ”ڊاڪٽر آر ايل بجلاڻي“ پنهنجي ڪتاب ميڊيڪل فزيالاجي ۾ هيٺينءَ ريت اظهارِ خيال فرمائي ٿو: رت هڪ اِهڙو منجهائيندڙ تاڃي پيٽو اوڄ تي مشتمل پاڻياٺ آهي، جنهن جو تقريباً اڌ کان ڪجهه ٿورو حصو گهٽ پاڻياٺ پلازما ۽ باقي اڌ حصو جيو گهرڙن (Cells) تي مشتمل آهي. رت جي مڪمل وصف هيٺين ريت بيان ڪري سگهجي ٿي
”رت هڪ گردش ڪندڙ تندائون اوڄو آهي، جيڪو رت - نالين وسيلي سڄي جسم ۾ گردش ڪري سگهي ٿو.“
رت ۾ موجود جِيو-گهَرڙا(Blood Cells) گڏجي هڪ اِهڙو اوڄو يا عضوياتي وارنلين جهڙا ٻنڌڻا ٺاهين ٿا، جيڪي شريانين ۽ نسن جي سرشتي وسيلي سڄي جسم اندر متحرڪ رهن ٿا ۽ آڪسيجن ۽ خوراڪ پهچائڻ جهڙو اهم ڪم سرانجام ڏين ٿا، جنهنڪري جسماني واڌ ويجهه جو عمل توڙي ڀڃ ڊاهه وارو عمل، خوش اسلوبيءَ سان وقت سر مڪمل ٿيندو رهي ٿو. رت (Blood) هڪ بظاهر نظر نه ايندڙ اِهڙو عضوو آهي، جنهن منجهه موجود خلين (Cells) جيو-گهرڙن کي پنهنجي الڳ الڳ جاءِ پيدائش ۽ بناوت (Anatomical Structures) ۽ پنهنجا الڳ الڳ ڪم، (Functions) سونپيل آهن. رت پيدا ڪندڙ اوڄ جو نالو آهي، هيموپوئيٽڪ ٽشو (Haemopoietic Tissue) ۽ خاص عضوو آهي (بون ميرو) (Bone-marrow) گودو، هڏن ۾ موجود گودو ٻن قسمن ۾ ورهايل آهي. ڳاڙهو گودو ۽ پيلو مائل گودو، ڳاڙهي رنگ واري گودي منجهان ٽن قسمن جا رت جا جزا يعني (خليا) جيوگهرڙا پيدا ٿين ٿا. سندن پيدائش ۽ مرڻ مستقل طور تي ظهور پذير ٿيندو رهي ٿو. رت جا خليا ٻين عام خلين کان انوکا آهن، جو منجهن پاڻ منجهان هڪ کان ٻه نه ٿي سگهندا اهن. پر پنهنجي جاءِ پيدائش تان هڪ پابند طريقي سان مستقل طور پيدا ٿي ڪري جسماني رت واري وهڪري ۾ شامل ٿيندا رهن ٿا ۽ پنهنجي حياتي جا مخصوص ڏينهن پورا ڪرڻ بعد ختم ٿي وڃن ٿا. ٽنهي قسم جي جيوگهرڙن جا حياتيءَ ڏينهن به مختلف آهن. وڌ ۾ وڌ حياتي ڳاڙهي جزي جي 120 ڏينهن ٿيندي آهي. جنهن بعد ڀڃ ڊاهه جي عمل مان گذرندي هِيم (Heam) يعني آئرن ته وري به جسم جي اندروني مخصوص اوڄ ۾ جمع ٿي ويندي آهي ۽ ٻيهر استعمال ٿي ويندي آهي. باقي ناڪاره حصو جسم منجهان خارج ٿي ويندو آهي. رت ۾ موجود خلين کي هيٺينءَ ريت ورهائي سگهجي ٿو.
1. رت جا ڳاڙها جزا Red blood cells or erythrocytes
2. رت جا اڇا جزا White blood cells or leukocytes
3. پليٽيليٽس(Platelets) يعني رت کي اندر کان ٻاهر وهڻ کان روڪيندڙ جزا جن کي ٻين لفظن ۾ ٿرومبوسائيٽس به Thrombocytes)) سڏيو وڃي ٿو.
رت جي ڪمي، رت سڪي وڃڻ يا رت گهٽتائي کي اسان عام طور تي اينيميا (Anaemia) سڏيندا آهيون. رت جاندارن منجهه ڪهڙا ڪهڙا ڪم سرانجام ڏئي ٿي. ۽ سندس گهٽتائي ڪري ڪهڙا ٻيا جسماني ڪم متاثر ٿين ٿا. ان سڀني جي تفصيلي ڄاڻ ۾ وڃڻ کان اڳ رت جي پنهنجي باري ۾ ٻڌائيندي هلان ته رت آهي ڇا؟ ڪهڙا ڪهڙا جزا موجود آهن ۽ اهي سڀ ڪم ڪيئن سرانجام ڏيئي رهيا آهن. رت جي ڳاڙهن جزن ۾ (Red blood cells) جي اندر هڪ خاص قسم جي پروٽين جنهن کي هيموگلوبن (Haemoglobin) سڏجي ٿو. سا هڪ خاص انداز، ترتيب، شڪل ۽ مقدار ۾ موجود هوندي آهي جنهن جي اتفاقي طور تي شڪل شبيهه مختلف ٿيڻ جي صورت ۾ توڙي مقدار جي گهٽ وڌ ٿيڻ تي تمام پيچيده قسم جا مسئلا پيدا ٿي پوندا آهن.
رت مجموعي طور تي ٽن قسمن جا ڪم سرانجام ڏئي ٿي.
1. جسم جي هر هڪ حصي تائين خوراڪ ۽ آڪسيجن پهچائڻ.
2. جسم جي درجه حرارت تي ڪنٽرول ڪرڻ.
3. ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کي جسم منجهان خارج ڪرڻ ۽ جسم کي ٻاهرين حملا آور جاندارن کان بچائڻ ۽ ماري ختم ڪرڻ ۽ قوت مدافعت کي برقرار رکڻ رت منجهه ڳاڙهن جزن جو ڪم خاص طور تي آڪسيجن ۽ خوراڪ پهچائڻ وارو آهي. ڳاڙهو جزو اٽڪل 7.2 مائيڪرو ميٽر ڊگهو ٿئي ٿو. سندس شڪل اُپٽيل بلور جهڙي اٿس.
پر رت جي نالين ۾ وهڪري دوران گولائي واري صورت پڻ اختيار ڪري وٺن ٿا. جن کي اِسفيرڪل (Sphenical) ڪري ڪوٺجي ٿو. هي جزو شروعاتي دور ۾ نيوڪلس (Nucleus) سميت هوندو آهي. پر پوءِ آهستي آهستي نيوڪليئر مٽيريل گم ٿي پاسيرو ٿيندو ويندو آهي. ۽ ان جي جاءِ هيموگلوبين وٺڻ شروع ڪندي آهي. هيموگلوبن هڪ خاص ۽ اهم ترين پروٽين آهي جيڪا هيم يعني آئرن (فولاد) ۽ گلوبن يعني پروٽين جو مرڪب ٿيندو آهي. اَصل ۾ اهم ترين ڪم هيءَ ئي پروٽين سرانجام ڏيندي رهي ٿي. اِهو هِن طرح سان ته هيموگلوبن، آڪسجن جي ماليڪيول سان گڏجي آڪسي هيموگلوبن، (Oxy haemoglobin) ٺاهيندي آهي ۽ پوءِ سڄي جسم اندر هر هڪ (Cell) خلئي تائين خوراڪ ۽ آڪيسجن پهچندي رهندي آهي. ان ڪري ئي آئرن يعني فولاد لازمي قرار ڏنو ويو آهي، فولاد نه صرف رت لاءِ لازمي آهي پر ساڳي وقت، هيموگلوبن ٺهڻ، نارمل طرح سان سراسري طور تي هر وقت نارمل مقدار ۾ هجڻ لاءِ پڻ رت جي ڳاڙهي جزي جي پيداوار لاءِ اَهم تَرين آهي ٻي طرف وري ساهه کڻڻ واري اينزائم (Enzyme)، سائيٽوڪرو (Cytochrome) پڻ لازمي جز آهي. جسم جي ايپيٽيليل ٽِشو (Epithelial Tissue) يعني اوڄ جي نشوونما لاءِ پڻ لازمي جُز آهي.
تقريباً چئن کان پنج گرام فولاد سراسري طور تي بالغ ماڻهو ۾ موجود هوندو آهي. اُن پنج گرام فولاد جي ورڇ جسم اندر ڪجهه هيٺينءَ طريقي سان ٿيل آهي. %15 هيموگلوبن ۾ %65 جيرو، تِري ۽ هڏن جو ڳاڙهو گودو (مِکُ) يعني ته (Liver, spleeu, Red bone marrow) ۾ ۽ %20 ريٽيڪيولو اينڊو ٿيليئل خليا (R.E.T.C)، (Reticulo Eudothelial Cells) ۾ موجود هوندو آهي. فولاد جسم جي (اوڄ) ٽِشوز (Tissues) ۾ هڪ خاص قسم جي ڪيميائي مرڪب فيريٽن جي شڪل ۾ جمع رهندو آهي.
آئرن فولاد جسم جي ٽشوز ۾ هڪ خاص ڪيميائي مرڪب فيرٽين جي شڪل ۾ جمع رهندو آهي. فولاد کاڌي منجهان خوراڪ بڻجي ننڍي آنڊي منجهان جذب ٿي پوءِ رت ۾ منتقل ٿي ويندو آهي. جتان وري ڳاڙهي گودي ڏانهن وڃي پوءِ وري هيموگلوبن ٺاهڻ ۾ مدد ڏيندو آهي. جتان پوءِ وري رت جي ڳاڙهن جزن جو حصو بڻجي رت جي وهڪري ۾ شامل ٿي ويندو آهي. جتي پنهنجي حياتي جا 120 ڏينهن مڪمل ڪرڻ بعد ڀڃ ڊاهه جي عمل مان گذرندي. غير ضروري مادو خارج ڪري ڇڏيندو آهي. ۽ وري اهم مادو يعني آئرن هڪ دفعو وري ٻيهر استعمال ٿيڻ لاءِ جمع ٿي ويندو آهي. هڪ عام سراسري وزن واري بالغ مرد ماڻهو لاءِ تقريباً 0.5 to 1.0mg آئرن روزانو نهايت ئي ضروري آهي. جڏهن ته هڪ جوان جماڻ عورت جنهن کي باقائده ماهواري ايندي هجي ان لاءِ ۽ جيڪا عورت ماءُ بڻجڻ کان پوءِ ٻار کي کير پياريندي هجي. تنهن لاءِ تقريبن اهو تعداد ٻيڻ ۽ ٽيڻ تي فراهم ڪرڻ بي انتها لازمي آهي. باقي نابالغ ڇوڪري ۽ اها عورت جنهن جي ماهواري بند ٿي چڪي هجي ته ان لاءِ مرد کان وڌيڪ آئرن (فولاد) واپرائڻ ضروري ڪونهي. جسم اندر فولاد کي استعمال ۾ آڻڻ لاءِ خوراڪ منجهه ڪاپر جو هئڻ به نهايت هئي لازمي آهي. ان سان گڏوگڏ مئگنيز (Meganese) ۽ ڪوبالٽ (Cobalt) پڻ ضروري آهي جيئن ته ننڍڙا ٻار پنهنجي غذا (ماءُ جي کير) منجهان حاصل ڪندا آهن اهڙي ريت تقريباً ڇهه مهينن تائين کير پيئندڙ ٻار ماءُ کان مسلسل فولاد حاصل ڪندو رهي ٿو. ان ڪري وري ٻي طرف ماءُ اندر فولاد جي ڪمي ٿيندي رهي ٿي. اهڙي ماءُ لاءِ روزانه 10 کان 16 ملي گرام فولاد روزانو کاڌي منجهه هجڻ ڏاڍو ضروري آهي. هيموگلوبن جو مقدار سراسري طور تي مردن ۾ 14 کان 18 گرام هڪ ڊيسي ليٽر منجهه ۽ عورتن ۾ 12 کان 16 گرام ڊيسي ليٽر منجهه هوندو آهي. عام طور تي جيڪڏهن تقريباً% 40 سيڪڙو رت ضائع ٿي وڃي ته پوءِ اُن کي هنگامي بنيادن تي ٻي رت فراهم ڪرڻ لازمي ٿيو وڃي. جنهن کي بلڊٽرنسفيوشن(Blood Transfusion) سڏجي ٿو. ان طريقي سان هڪ عورت جي زندگي کي بچائڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.
رت ۾ موجود اڇا جزا جن کي عرفِ عام ۾ W.B.C به لکيو ۽ پڙهيو ويندو آهي. تن جو سائنٽيفڪ نالو ليڪوسائيٽس (Leukocytes) آهي. هي جيوگهرڙا جسم ۾ چوڪيدار وارو ڪم سرانجام ڏيندا آهن اڇي جزي جي ساخت، ڳاڙهي جزي کان بنهه مختلف آهي. بظاهر ڏسڻ ۾ گول پر اندروني طور تي 5 قسمن ۾ ورهايل آهن. منجهه نيوڪليس نه صرف موجود هوندو آهي. پر مختلف حصن ۾ ورهايل پڻ هوندو آهي. ۽ گڏوگڏ مختلف قسمن جو داڻيدار مادو موجود آهي. ته وري ڪن ۾ نيوڪليس تمام وڏو بوڪيءَ جي شڪل وانگر ۽ داڻيدار مادو غائب هوندا آهن. مٿي بيان ڪيل خصوصيات جي بنياد تي اڇا جزا مختلف قسمن ۾ ورهايل آهن. ۽ پنهنجا پنهنجا ڪم سرانجام ڏيئي رهيا آهن. هاڻي اچو ته ٽين قسم جي جزن جو جائزو وٺون ته رت کي هر صورت ۾ وهندڙ حالت ۾ رکڻ ۽ ڪنهن به رُخني ۽ خلل کان بچائڻ ۾ ٿرموبوسائيٽس (Thrombocytes) پڻ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. انهن جو نارمل تعداد رت اندر تقريباً ٻن کان اڍائي لک هڪ ملي ليٽر ٿئي ٿو. انهن جيوگهرڙن ۾ موجود ڪيميائي مادو رت کي دڳجڻ يعني ڳوڙهي بڻجڻ کان روڪيندو رهي ٿو. نه ته جيڪر صورتحال گنڀير ٿي وڃي ها. اهو قدرت هڪ اهڙو نظامِ حيات پيدا ڪيو آهي. جنهن منجهه هر هڪ عضوو ۽ ان جو حصو پنهنجي پنهنجي مرڪز ۾ رهندي مختلف اهم ڪم سرانجام ڏيندا رهن ٿا. سرتيون هاڻي اچو ته اسين جائزو وٺون ته رت جيڪا ايڏا کوڙ سارا ڪم سرانجام ڏيندي رهي ٿي. تنهن جي گهٽ وڌ ٿيڻ سان ڪهڙا ڪهڙا نقصان رسن ٿا. اڄ جي هن مضمون ۾ اسين رت جي ڪميءَ يعني گهٽتائي جي باعث پيدا ٿيل صورتحال کي ”ڪيئن منهن ڏجي؟“ جي باري ۾ تفصيلي جائزو وٺنداسين. انگريزيءَ جي لفظ ”Anaemia“ جو جيڪڏهن لفظي ترجمو ڪنداسين ته مطلب بيهندو ”رت جو نه هجڻ“، جنهن کي عام طور ”رت جو سڪي وڃڻ“ به سڏيو ويندو آهي. حقيقت ۾ ڏسجي ته اِهڙي صورتحال جاندارن ۾ ڪڏهن به پيدا نه ٿي سگهي ٿي، ڇو ته رت سان زندگي ۽ ساهه جو اچڻ وڃڻ لاڳاپيل آهي، سو باقي مختلف سببن ڪري رت گهٽ وڌ ٿيندي رهندي آهي، جنهن لاءِ لفظ اِنيميا استعمال ڪجي ٿو. خاص طور تي کاڌي جي ڪميءَ باعث پيدا ٿيندڙ صورتحال کي خوراڪ جي گهٽتائيءَ واري اينيما يعني (NDA) (Nutritional Deficiency Anaemia) سڏجي ٿو. روز مره جي زندگيءَ ۾ مجموعي طور تي اسين جيڪو کاڌو کائون ٿا، تنهن ۾ موجود مختلف جزا اسان جي زندگيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. رت جي پيداوار ۾ اهم سمجهيو ويندڙ فولاد (Iron) جيتوڻيڪ تمام گهٽ مقدار ۾ گهربل هوندو آهي، پر اُن جو هجڻ بي انتها ضروري سمجهيو وڃي ٿو، ڇو ته اُن کان سواءِ رت ۾ موجود رت جا ڳاڙها جزا ۽ هيمو گلوبن (Haemoglobin) پروٽين، مقرر مقدار کان گهٽجي ويندا آهن. فولادي ڪميءَ (Deficiency of Iron)دراصل جسم جي اندر موجود فولاد (جيڪو جمع ٿيل هوندو آهي)، ان کي وقت بي وقت ضرورت کان وڌيڪ استعمال ڪرڻ جي ڪري پيدا ٿئي ٿي. فولاد جيڪو هڏن جي مِکُ (Bone Marrow) ۾ موجود هجي ٿو، تنهن کي جڏهن وڌيڪ استعمال ڪجي ٿو ته فولاد جي ڪميءَ پيدا ٿئي ٿي. کاڌي ۾ جيڪڏهن (آئرن) فولاد جو مقدار گهٽجي ته پوءِ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي. مثال طور وڏي عمر جا ماڻهو جيڪڏهن پاڻ کي چانهه ۽ بسڪوٽ تي رکندا يا وري ننڍڙا ٻار جيڪڏهن صرف کير تي پلجن، يا وري کاڌو گهٽ واپرائيندڙ ماڻهو، ان ڪميءَ جو جلد شڪار ٿي ويندا آهن. عام طور تي متوازن غذا منجهان فولاد جو گهربل ضروري (نارمل) مقدار (جيڪو گهٽ ۾ گهٽ هڪ ملي گرام (1m.g) آهي آرام سان حاصل ڪري سگهجي ٿو. اسان متوازن غذا جي تشريح هيٺين ريت ڪري سگهون ٿا. روز مره کاڌي ۾ گوشت (ٻڪري ۽ ڍڳو وغيره)، انڊا (بيضا)، ميوو ۽ سايون ڀاڄيون تمام آسانيءَ سان اسان حاصل ڪري سگهون ٿا. حامله خواتين (Pregnat women) ضروري مقدار جيڪو صرف هڪ ئي ملي گرام مقرر ٿيل آهي تنهن کي آسانيءَ سان حاصل ڪري سگهجي ٿو. جيڪو روزانو چار ملي گرام (4m.g) ضروري سمجهيو ويندو آهي، ڇو ته پيٽ اندر پلجندڙ ٻار (Fetus) تقريباً هڪ ملي گرام فولاد ماءُ جي فولاد واري حصي منجهان حاصل ڪندو آهي. انڪري باربار حامله ٿيڻ واري صورتحال دوران به ماءُ خاص طور جنهن جي خوراڪ اڳ ۾ ئي متوازن نه هجي، ته پوءِ وڌيڪ متاثر ٿي سگهي ٿي. عام طور تي خواتين منجهه، فولاد جي ڪميءَ جي باعث پيدا ٿيندڙ اينميا جا هيٺيان سبب هوندا آهن:
1. رت جو دير تائين گهڻي مقدار ۾ ضايع ٿي وڃڻ (گهڻو ڪري ماهواريءَ دوران).
2. نظامِ هضم يعني هاضمي جي سرشتي ۾ پيدا ٿيندڙ خرابيءَ جي باعث رت جو ضايع ٿيڻ، مثال طور معدي جو السر، وڏي آنڊي جو ڪينسر، آنڊي ۾ موجود ڪينئان جن کي هُڪ ورم (Hook worm) سڏيو وڃي ٿو، وغيره.
اڄ جي مضمون ۾ اسين رت جي ڪميءَ يعني گهٽتائي متعلق نقصانن جو ذڪر ۽ ان سلسلي کي روڪٿام ڪيئن ڪجي؟ ان باري ۾ معلومات فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسي.
ڇا توهان مضمون جي پهرئين حصي کي پڙهي ۽ سمجهي سگهيا آهيو ته دراصل رت آهي ڇا؟ ڪهڙا ڪهڙا اَهم ڪم سرانجام ڏيئي رهي آهي، جي جواب توهان جو ”ها“ ۾ آهي ته پوءِ هينئر توهان کي اهو سمجهڻ ۾ بلڪل به دير نه ڪرڻ گهرجي ته ”رت“ اوهان جي روز مره زندگيءَ ۾ اوهان جي جسماني چستيءَ، چهري جي شادابي، ۽ چاڪ و چوبند بغير ٿڪاوٽ جي ڪم ڪرڻ جي صلاحيتن کي برقرار رکڻ جي ضامن آهي. ڇا توهان ڪڏهن اهو سوچيو آهي ته هر وقت ٿڪُ، ڪمزوري، اُداسي ۽ بک جي ڪمي جو سبب ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟ توڙي جو انهن علامتن جو ڪارڻ ٻيون بيماريون به ٿي سگهن ٿيون، پر عام ۽ اهم عمومي طور تي نظرانداز ٿيڻ واري بيماري اصل ۾ رت جي ڪميءَ يعني انيميا (Anaemia) آهي. رت جي ڪميءَ دراصل مرض نه پر هڪ اهڙي علامت ۽ عمل آهي، جنهن ۾ رت جا ڳاڙها جزا تعداد ۾ گهٽجي وڃڻ يا وري ڪم جي لحاظ کان بي اثر ٿيڻ جي صورت ۾ جسم اندر خاص مقدار ۾ آڪسيجن پهچائڻ ۾ ناڪام ٿي وڃن ٿا. اها صورتحال ڪيترن ئي سببن جي ڪري پيدا ٿي سگهي ٿي، پر فولاد يعني (Iron) جي گهٽتائيءَ سبب اهڙي صورتحال جو پيدا ٿيڻ تمام عام آهي. انيميا خون جي ڪميءَ واري ڪيفيت، گهڻي ڀاڱي هيموگلوبن (Haemoglobin) جي اڻپوري مقدار جي ڪري جسم اندر آڪسيجن جو گهٽجي وڃڻ آهي.“ اهڙي صورتحال جيڪڏهن ڪجهه عرصو برقرار رهي ته پوءِ رت جا ڳاڙها جزا پڻ تعداد ۾ گهٽجي ويندا آهن. مٿين صورتحال ٻين سببن ڪري، مثال طور اوچتو گهڻي مقدار ۾ رت جو وهڻ (ايڪسيڊنٽ دوران) يا جسم تي چير اچڻ وغيره يا وري اندروني طور رت جو وهڻ کاڌي واري نلڪيءَ منجهان ۽ وڏي آنڊي مان ٿيندي موڪن منجهان رت جو اخراج ٿيڻ وارن سببن جي ڪري به رت جي ڪميءَ واري صورتحال پيدا ٿي پوندي آهي. انسان لاڳيتو ۽ ٿوري مقدار ۾ مسلسل ڊگهي عرصي تائين رت وهڻ واري صورتحال کي ته مُنهن ڏيئي سگهي ٿو، پر اوچتو تڪڙ ۾ وهندڙ (جيئن ماهواري دوران)، تيز وهڪري وارو رت توڙي جو اُهو ڀلي صرف پنج سو ملي ليٽر (500ml) ڇو نه هجي، برداشت نٿو ڪري سگهي ۽ موت واقع ٿي سگهي ٿو. جيئن ته ننڍي آنڊي جي ڦٽن منجهان لاڳيتي وهندڙ رت کي آهستي آهستي ڳاڙهي مکُ منجهان پيدا ٿيندڙ رت جا جزا ڪيئن نه هٿي ڏيندا رهندا آهن ۽ اِهڙيءَ ريت ڪجهه نه ڪجهه ڪميءَ جي پورائي ٿي ويندي آهي. روزانو تقريباً پنجاهه ملي ليٽر (50ml) رت هڪ جوان ماڻهوءَ منجهه پيدا ٿيندي رهندي آهي. اينيميا جي متاثرين جي جسم جي چمڙيءَ جو رنگ زرد پيلو ٿي ويندو آهي. دِل جي ڌڙڪڻ ۽ ساهه کڻڻ جي رفتار ۾ تيزي اچي ويندي آهي، جيڪا وري خون جي ڪميءَ باعث پيدا ٿيل صورت کي منهن ڏيڻ لاءِ ضروري ٿي ويندي آهي، ڇو ته هيمو گلوبن جي مقدار گهٽجڻ سبب آڪسيجن پڻ مقدار ۾ گهٽجيو وڃي. مٿي ڏنل تفصيل منجهان ڀينرن کي چڱيءَ طرح سمجهه ۾ اچي ويو هوندو ته ”اينيميا ڪنهن بيماريءَ جو نالو نه پر هڪ اهڙي ”ڪيفيت“ جو نالو آهي جيڪا ”عملاً“ ظهور پذير ٿي، رت جي ڳاڙهن جزن ۽ هيموگلوبن جي مقدار کي گهٽائي ڇڏي ٿي.“ جيئن ته پهرين ڄاڻايو ويو آهي ته اهڙي صورتحال مختلف سببن ڪري پيش اچي ٿي پر اسان وٽ اهڙي صورتحال خاص طور تي آئرن (فولاد) يعني لوهه جي ڪمي جي باعث پيدا ٿئي ٿي. هاڻي اچو ته ڏِسون ته آئرن آهي ڇا؟ ان جو ڪم ڪهڙو آهي، ڪيئن ٿو حاصل ٿئي ۽ دُنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ موجود انسان ذات (خاص طور تي خواتين) ۾ عام طور تي اها ڪيفيت ڪيئن ڦيهلجي ٿي.
سموري دنيا ۾ خاص طور تي ۽ غريب ملڪن ۾ عام طور تي فولادي اينيميا (Iron Deficiency Anemia) جنهن کي آساني لاءِ (IDA) لکي ۽ پڙهي سگهون ٿا جو وجود عام آهي.
پاڪستان ۾ آباديءَ جي غذائي صورتحال تي ٿيل هڪ تازي نيوٽريشن سروي (Nutrition Survey) پٽاندر هن وقت اسان جي ملڪ ۾% 500 سيڪڙو خواتين رت جي شديد ڪميءَ واري شڪايت جو شڪار آهن. ساڳئي وقت پنجن سالن کان ننڍي ڄمار وارن ٻارن ۾ پڻ اهو مسئلو ڏٺو ويو آهي، جنهن جو سراسري انگ% 29.4 سيڪڙو آهي. اينيميا هڪ انتهائي قابلِ غور ۽ توجهه طلب مسئلو بڻيل آهي. هن وقت سڄي دنيا ۾ ”ماءُ جي سلامتي ۽ صحت“ جي عنوان هيٺ تنظيم جوڙي وئي آهي، جنهن جي مُک ڪاميٽيءَ جا ميمبر ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (WHO) وارا ساڳيا ئي ميمبر آهن.
)Safe Mother Hood statistics(, and World Health Organization (WHO).
اهي ادارا هر سال مختلف ملڪن ۾ ٿيل کوجنائن تي مشتمل رپورٽ پيش ڪندا رهن ٿا جن جي مطابق سال 1997ع دوران سموري دنيا ۾ ڪل حامله (ڳورهاري) خواتين جو ٽيهه سيڪڙو رت جي شديد ڪميءَ جو شڪار ڏٺيون ويون. منهنجي پنهنجي پي.ايڇ.ڊي جي مقالي لکڻ لاءِ ڪيل ريسرچ دوران جيڪي انگ اکر مون کي مليا سي پڻ هيٺ ريت آهن.
حيدرآباد ضلعي جي ڪل آبادي آس پاس جي ڳوٺن سميت (مردن، عورتن ۽ ٻارن سميت) ڪل 2200 ماڻهن تي مشتمل رت ٽيسٽ (Test) ڪيو ويو، جڏهن ته الڳ سان 200 (حامله) ڳورهارين خواتين جو رت به چڪاسيو ويو. رت چڪاس ڪرڻ بعد هيٺيان نتيجا سامهون آيا آهن. ڪل (575) ٻارن منجهان% 63 سيڪڙو ٻار، (521) مردن منجهان% 57.4 سيڪڙو مرد (1104) عورتون ۽ جڏهن ڪل 200 حامله خواتين منجهان% 60 سيڪڙو رت جي شديد ڪميءَ جو شڪار ٿيل نظر آيون. ڳورهارين عورتن لاءِ W.H.O طرفان نارمل ليول، هيموگلوبن جي حد گهٽ ۾ گهٽ 11g/dI مقرر ڪيل آهي. جڏهن ته اسان وٽ حيدرآباد جي آس پاس پسگردائي وارن ڳوٺاڻن علائقن ۾ صورتحال اڃان به وڌيڪ گنڀير آهي. 200 خواتين منجهان ڪل 128 خواتين% 64 سيڪڙو عورتن جو هيموگلوبن ليول سراسري کان به بنهه گهٽ يعني11g/dI کان بنهه گهٽ ڏٺي وئي.
رت جي شديد ڪميءَ کي اينيميا جي شدت جي بنياد تي هيٺين ٽن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو.
1. مائلڊ اينيميا (MildAnaemia) جنهن ۾ هيموگلوبن جو مقدار 6.8g/dIڏٺو ويو.
2. موڊريٽ اينيميا (Moderate Anaemia) جنهن ۾ هيموگلوبن ليول 9 to 10g/dI هيو.
3. گراس اينيميا (Gross Anaemia) جنهن ۾ هيموگلوبن جو مقدار 5g/dI کان به گهٽ نظر آيو.
رت جي ڪميءَ )اينيميا( جا تمام گهڻا قسم آهن، پر فولاد جي باعث يعني ٿيندڙ اينيميا سڀني کان وڌيڪ اَهم ۽ خطرناڪ آهي. ان کان علاوه ٻين قسمن جي اينيميا ۾ هيٺين حالتن جو نظر اچڻ عام آهي.
(1) رت ۾ حياتين (وٽامن) جي گهٽتائيءَ سببان پيدا ٿيندڙ اينيميا.
(2) پيچيده مرض ڪري رت جي گهٽتائي.
(3) رت ۾ ڳاڙهن جزن جي وڏي مقدار ۾ ضايع ٿي وڃڻ ڪري پيدا ٿيندڙ هيمولائيٽڪ اينيميا.
(4) رت ۾ موجود ڳاڙهن جزن جي شڪل بگڙجي وڃڻ ڪري، نتيجي طور پيدا ٿيندڙ اينيميا (Haemolytic Anaemia). هينئر اسين هن مضمون ۾ فولاد جي ڪميءَ باعث پيدا ٿيندڙ اينيميا جو ذڪر ڪنداسي.
زندگي ساهه کڻڻ جي سرشتي سان وابسته آهي ۽ ساهه کڻڻ لاءِ آڪسيجن ضروري آهي، اها آڪسيجن جسم جي سڀني عضون جي سمورن (خلين) جيو-گهرڙن تائين پهچڻ بيحد ضروري آهي. هيءُ ڪم سرانجام ڏيڻ لاءِ رت ۾ موجود، رت جا ڳاڙها جزا (RBC) پاڻ منجهه هڪ ڪيميائي مادو هيموگلوبن رکي ويٺا آهن. آڪسيجن ان مادي سان گڏجي آڪسي هيموگلوبن (Oxy Haemoglobin) ٺاهي وٺندي آهي ۽ جيو-گهرڙي (Cell) ۾ اندر داخل ٿي ويندي آهي. آڪسيجن جو هيموگلوبن سان ميلاپ تيستائين ممڪن نه آهي، جيستائين هيموگلوبن ۾ فولاد (آئرن) هڪ مخصوص حالت ۾ موجود نه هوندو. اهڙيءَ طرح هيموگلوبن جسم ۾ موجود هر هڪ عضوي تائين آڪسيجن کي پهچائڻ جو ذميوار مادو آهي ۽ آڪسيجن جي فراهمي زندگيءَ جي گارنٽي آهي، ڇو ته اِن کان بغير زندگي ممڪن نه آهي.
[b]جسم ۾ فولاد جو مقدار
[/b]جسم ۾ فولاد (Iron) جي مقدار جو تعين جسم ۾ ان جي فراهمي ۽ رت جي ٺهڻ ۽ ڊهڻ يعني ضايع ٿيڻ جي رفتار سان ڪري سگهجي ٿو. گوشت خاص طور تي (ڳاڙهو گوشت)، جيرانڊي، انڊا (بيضا)، خُشڪ ميواجات، اناج، ڦَريون، مَٽر ۽ سَاون پنن واريون ڀاڄيون مثلاً پالڪ وغيره ۾ (لوهه) فولاد جو چڱو خاصو مقدار موجود هوندو آهي. فولاد آنڊي ذريعي جذب ٿي، رت ۾ شامل ٿي ويندو آهي. جيترو فولاد جسم کي گهربل هوندو آهي، اُهو جذب ٿي ويندو آهي ۽ باقي بچيل فولاد هڏن جي ڳاڙهي مِک يعني (Red Bone Marrow) ۾ جمع ٿي ويندو آهي.
[b]فولاد گهٽ ٿيڻ سان ڇا ٿيندو آهي؟
[/b]هاڻي اسين جائزو وٺنداسين ته فولاد گهٽ ٿيڻ سبب جسم اندر ڪهڙي ڪيفيت پيدا ٿئي ٿي؟ جيڪڏهن ڪنهن انسان جي زيرِ استعمال خوراڪ ۾ فولاد واري غذا جي ڪمي هجي، يا وري نه هئڻ جي برابر هجي، ته سندس جسم ۾ موجود گڏ ٿيل فولاد آهستي استعمال ٿيندو رهندو ۽ آخرڪار فولاد جي گهٽتائي ٿي ويندي، ۽ ان جي نتيجي ۾ وري هيموگلوبن جو مقدار به گهٽجي ويندو آهي. هاڻي جڏهن هيموگلوبن گهٽجي ويندي ته لازمي طور تي آڪسيجن جو مقدار تمام گهٽ ٿي ويندو ۽ هر هڪ خليئي تائين آڪسيجن جي رسائي پڻ گهٽجي ويندي. اهڙي طرح گهٽ هيموگلوبن گهٽ مقدار ۾ آڪسيجن سان گڏبي ۽ جڏهن آڪسيجن جو مقدار گهٽ هوندو ته يقيناً جيوَگهرڙي کي پنهنجي ساهه کڻڻ واري سرشتي کي نارمل رکڻ ۾ دشواري پيش ايندي. اهڙي وقت جيڪڏهن فولاد جي ڪميءَ کي فوراً ختم ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪبي ته آهستي آهستي هيءُ مسئلو ايترو وڌي ويندو جو اُن ماڻهوءَ جو موت پڻ واقع ٿي سگهي ٿو يا وري سندس موت جا امڪان واضع ٿي ويندا.
اهڙا ماڻهو جن کي فولاد گڏيل غذا مُيسّر نه هوندي آهي، يا وري مناسب ڄاڻ نه هجڻ ڪري، آهي اهڙي خوراڪ استعمال نه ڪندا آهن، ته اُنهن منجهه فولاد جي مستقل طور تي فراهمي نه هجڻ جي صورت ۾ اينيميا(Anameia) ٿي پوندي آهي. جيڪڏهن خوراڪ ٺيڪ هجي، پر اُهو ماڻهو اهڙي بيماريءَ ۾ مبتلا هجي جو، اُهو فولاد کي قابلِ استعمال حالت ۾ جذب ڪرڻ جي صلاحيت نه رکندو هجي، ته به اُن ماڻهوءَ کي اينيميا ٿي سگهي ٿي. معدي ۾ هڪ خاص اِينزائيم (Enzyme) نه هجڻ واري بيماري ان جو هڪ مثال آهي، پر اِها بيماري عام طور تي اسان وٽ تمام گهٽ نظر ايندي آهي. جيڪڏهن ڪنهن انسان جي جسم اندر رت وهڻ جي رفتار تيز ۽ گهڻي هوندي ته پوءِ فولاد واري خوراڪ کائڻ باوجود به فولاد جي ڪمي ۽ اينيميا واري صورتحال موجود رهندي.
خواتين ۾ ماهواريءَ وارن ڏينهن ۾ ضايع ٿيندڙ رت جي بدلي جيڪڏهن فولاد واري غذا ڀرپور طريقي سان زيرِ استعمال نه رکبي ته به رت جي ڪميءَ جي شڪايت قائم رهندي ۽ گهڻي وقت تائين ساڳي قسم جي صورتحال، مستقل طور تي رت جي ڪميءَ جو باعث بڻجي ويندي. خواتين ۾ فولاد جي ڪميءَ باعث پيدا ٿيندڙ اينيميا ۾ عام طور تي عورتن منجهه فولاد نسبتاً گهٽ مقدار ۾ هوندو آهي. هر مهيني ماهواري دوران رت جو جسم منجهان اخراج ۽ خوراڪ ۾ فولاد گڏيل کاڌو گهٽ هجڻ يا وري نه هجڻ به سبب ٿي بڻجي سگهي ٿو. خواتين ۾ غذائي اعتبار کان فولاد جي شديد ڪميءَ جو موجود هجڻ خاص طور تي اڄ جي دنيا جو هڪ عام ۽ عالمگير مسئلو آهي. اڄ جي جديد ۽ ماڊرن دنيا ۾ خواتين لاءِ غذائي لحاظ کان وڌيڪ اهم ۽ سنگين مسئلو فولاد جي ڪميءَ جي ڪري پيدا ٿيندڙ صورتحال ۽ فولادي ڪميءَ واري اينيميا آهي.
هڪ تحقيقي جائزي موجب سڄي دنيا ۾ )%20(ويهه سيڪڙو خواتين، )%50(پنجاهه سيڪڙو ڳورهاريون خواتين ۽ %20ويهه سيڪڙو مرد حضرات، هن عام موذي مسئلي ۾ مبتلا آهن.
پاڪستان ۾ به هن قسم جي اينيميا تمام عام آهي ۽ پنجاب ۾ هن جو وڌيڪ غلبو نظر اچي ٿو. سال 2001ع ۾ ٿيندڙ نيوٽريشن سروي مطابق 25.5 سيڪڙو مائرون هن وقت اينيميا ۾ مبتلا آهن. منجهن 23.7 سيڪڙو وچولي درجي واري ۽ 1.8 سيڪڙو شديد نوعيت واري رت جي ڪميءَ جو شڪار آهن. منهنجي پنهنجي تحقيقي مقالي لاءِ ڪيل سروي مطابق سال 1996ع کان وٺي 2003ع تائين حيدرآباد ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ 60 سيڪڙو ڳورهاريون خواتين رت جي ڪميءَ جو شڪار نظر آيون جن منجهان هيموگلوبن وچولي درجي ۾ 6.10g/dl مقدار شامل آهي ساڳئي نوعيت جو هڪ تحقيقي جائزو ملتان جي عوام جو پڻ ورتو ويو. سال 1999ع کان 2003ع تائين ڪيل سروي ۾ مرد خواتين ۽ ٻار سڀ شامل هئا. جن منجهان خواتين 53 سيڪڙو، مرد 49 سيڪڙو ۽ ٻار 57 سيڪڙو اينيميا جا شڪار ٿيل مليا. 5 سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن (ڇوڪرا) %61 سيڪڙو ۽ ڇوڪريون% 64 سيڪڙو اينيميا جو شڪار ٿيل نظر آيون. مجموعي طور تي ڪل 2060 ماڻهو جي ڪيل رت تي چڪاس منجهان ڪل عوام جو (1030) % 50 سيڪڙو ماڻهو رت جي ڪميءَ جو شڪار ٿيل نظر آيا. فولاد گهٽجڻ سبب رت جي ڪميءَ جو شڪار بڻيل خواتين منجهه جسماني ٿڪ، ذهني خلفشار ۽ روز مره جي زندگيءَ ۾ معمول جا ڪم خوش اسلوبي سان نه ڪرڻ، پنهنجي ٻالڪ جي پرورش پڻ صحيح نموني نه ڪرڻ وغيره جون شڪايتون عام نظر اچڻ لڳنديون آهن ۽ گڏوگڏ جيڪڏهن ساڳيءَ صورتحال دوران وري ٻيهر حامله ٿي وينديون ته معاملو اڃا به وڌيڪ گنڀير ٿي ويندو آهي. مثال طور اهڙي ماءُ طرفان پيدا ڪيل ٻار منجهه غير مناسب نشونما، قوتِ مدافعت جي شديد ڪمي ۽ بعض اوقات موت جي شرح ۾ اضافو پڻ ڪثير تعداد ۾ نظر ايندو آهي. خواتين منجهه فولاد جو ڪيترو مقدار هجڻ ضروري آهي؟ ٻارڙين ۽ سن بلوغت کي رسندڙ ڇوڪرين کي روزانو 15 ملي گرام فولاد جي ضرورت هوندي آهي. ڳورهارين لاءِ 30 ملي گرام ۽ کير پياريندڙ مائرن لاءِ 15 ملي گرام فولاد روزانو استعمال ڪرڻ نهايت ئي ضروري آهي. جڏهن ته ماهواري ختم ٿي وڃڻ وارين خواتين کي صرف 10 ملي گرام فولاد درڪار هوندو آهي. ياد رکڻ گهرجي ته خوراڪ ۾ موجود فولاد مڪمل طور تي جذب نه ٿي سگهندو آهي، پر صرف تقريباً 10 سيڪڙو جذب ٿي ڪري سرايت ڪندو ۽ فائدو پهچائيندو آهي. هڪ ڳڻپ مطابق اسان وٽ عام طور تي 90 سيڪڙو خواتين مناسب مقدار ۾ فولاد جو استعمال نه پيون ڪن. ان جو ثبوت هيءُ به آهي ته ڳورهاري خاتون منجهه گهٽ ۾ گهٽ هيموگلوبن 13.15g/dl گرام في ڊيسي ليٽر هجڻ گهرجي جڏهن ته منهنجي پنهنجي ڪيل سروي /ريسرچ مطابق حامله خاتون منجهه عام طور تي وڌ ۾ وڌ 9 گرام يا 10 گرام في ڊيسي ليٽر 9or10g/dl نظر آيو. جڏهن ته ٻئي طرف ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن طرفان پڻ اهو مقدار گهٽ ۾ گهٽ، ڳورهاري عورت لاءِ 11g/dl في ڊيسي ليٽر مقرر ڪيل آهي. (2010-2009 جي رپورٽ مطابق)(ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن)، (WHO).
[b]عورتن ۾ رت جي ڪميءَ جا سبب:
[/b]هيٺ ڄاڻايل سببن ڪري عام طور تي عورتن منجهه اينيميا ظهور پذير ٿيندي آهي:
(1). زندگيءَ جي پهرين ٻن سالن ۾ سڀ ٻار بشمول (ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون) ڪنهن حد تائين اينيميا جو شڪار ٿي پوندا آهن،جيئن ته ڇوڪرن جو عام طور تي وڌيڪ خيال رکيو ويندو آهي، اُنهن کي گوشت ۽ ميوو وغيره ترجيحي بنيادن تي پهريان ۽ وڌيڪ کارايو ويندو آهي، انڪري ڇوڪرن منجهه رت جي ڪمي ڪنهن حد تائين ڪنٽرول ٿي ويندي آهي ۽ پوءِ رفته رفته اڳتي هلي دُرست به ٿي ويندي آهي، پر جيئن ته اسان جي معاشري ۾ عام طور تي ڇوڪرين کي بلڪل نظرانداز ڪيو ويندو آهي، انڪري انهن ۾ اهڙي ڪمي مسلسل قائم رهندي آهي. پهريان کان رت جي ڪميءَ جو شڪار ٿيل ڇوڪريون جڏهن سنِ بلوغت تائين پهچن ٿيون ۽ پوءِ اُنهن جو واسطو (حيض) ماهواريءَ سان پوي ٿو ته پوءِ اِهڙي ڪمي اڃا وڌيڪ (مزيد) وڌي وڃي ٿي ۽ بعض اوقات شديد ڪميءَ ۾ تبديل ٿي ويندي آهي.
(2). حيض دوران ان ڳالهه جو شديد خطرو لاحق رهندو آهي، ڇو ته هر مهيني اٽڪل 20.4 mg ملي گرام فولاد ضايع ٿيندو رهندو آهي. اتفاقي طور تي جيڪڏهن اهو دورانيو وڌي وڃي ته صورتحال اڃا وڌيڪ گنڀير ٿي پوندي آهي. انڪري جڏهن به ننڍيءَ عمر واريون ڇوڪريون حامله ٿيڻ بعد ان دور مان گذرن ٿيون ته آهي شديد رت جي ڪميءَ جو شڪار ٿي پون ٿيون. اهڙي صورتحال نه صرف سندن لاءِ، پر سندن ايندڙ ٻار لاءِ پڻ نقصانڪار ثابت ٿئي ٿي، ڇو ته پيٽ اندر پلجندڙ ٻار به پنهنجي ضرورت ماءُ منجهان ئي پوري ڪندو آهي، انڪري ٻار پڻ اُن ڪميءَ جو شڪار ٿي ويندو آهي.
3)). صرف ڀاڄين منجهان حاصل ڪيل فولاد انساني جسم ۾ صحيح طور تي استعمال نه ٿو ٿئي، انڪري اهڙا ماڻهو جن جي غذا ۾ گوشت شامل نه هوندو اُهي، آهي پڻ اهڙي ڪميءَ جو شڪار ٿي سگهن ٿا.
علامتون: عام طور تي ٿڪاوٽ، بک نه لڳڻ يا وري گهٽ لڳڻ، ڪمزوري ۽ بيچيني محسوس ڪرڻ، شديد ڊپريشن، پيلو ٿي وڃڻ، ساهه کڻڻ ۾ تڪليف محسوس ڪرڻ، مٿي جو سور وغيره شامل آهن. ان کان سواءِ اهڙيون شيون جن جو تعلق غذا سان نه آهي، مثال طور مِٽي، چاڪ يا واري وغيره کائڻ تي دِل پئي چوندي.
پيچيدگيون: رت ۾ فولاد جي معمولي ڪميءَ ڪنهن به سنگين پيچيدگيءَ جو باعث نه بڻبي آهي. ليڪن بروقت صحيح طريقي سان جيڪڏهن ان جو علاج نه ڪبو ته پوءِ تمام گهڻا خطرناڪ اثر مرتب ٿي سگهن ٿا. جن منجهان ڪن جو ذڪر هيٺ ڪجي ٿو.
1. دل جون بيماريون: رت ۾ فولاد جي شديد ڪميءَ جي باعث دل جي ڌڙڪڻ جي رفتار گهٽ وڌ ٿي سگهي ٿي، جنهنڪري رت جون ناليون سڪڙجي وينديون آهن ۽ انڪري دل ۾ سور يعني اِينجائنا (Angina) جو سبب پيدا ٿي سگهي ٿو.
(2) حمل جي دوران، رت جي ڪميءَ حامله خواتين گهڻي ڀاڱي موت جو شڪار ٿي وينديون آهن ۽ اهڙين مائرن جا پيدا ڪيل ٻار، وري پيدائشي طور ڪنهن نه ڪنهن معذوريءَ جو شڪار ٿي ويندا آهن.
(3) ٻارن جي نشونما ۾ مشڪلات: هيءَ ڪميءَ درحقيقت ننڍڙن ٻارن لاءِ وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿيندي آهي. ڇو ته ڇهن مهينن واري عمر کان ويندي ٽن سالن جي عمر واري ٻار ۾ قوت مدافعت بلڪل گهٽتائي ڇڏي ٿي ۽ ايندڙ زندگي تي بدترين اثرات مرتب ٿيندا رهن ٿا، ٻارن جي ڳالهڻ ۽ هلڻ ڦرڻ جي سگهه بيحد متاثر ٿئي ٿي. اهڙا ٻار هر وقت ڪمزوري پيا محسوس ڪندا آهن ۽ ان ڪمزوري ڪري ٻارن جي صلاحيتن تي پڻ اثر پوي ٿو. اهڙن ٻارن جو IQ متاثر ٿئي ٿو ۽ ذهني طور تي اسڪول ۾ سندن ڪارڪردگي به منفي رهي ٿي. ذهني طور گهٽ هوشيار هجڻ ۽ جسماني طرح ٿڪل ٿڪل ۽ ڪمزور ٻارَ معاشري ۾ ڪوبه مثبت رول ادا ڪرڻ جي قابل نٿا رهن ۽ ان طرح اسان جي قوم جا مستقبل جا معمار يا ته پيدائشي طور ذهني معذور ۽ مفلوج يا وري حالات تحت زندگي ۾ اڳيان هلي ڪانه ڪا بيماري ڀوڳين ٿا. ماهرين جي راءِ مطابق پاڪستان ۾ ٻارن جي موت جو انگ پڻ اِن ڪميءَ باعث خاص طور تي وڌيل رهي ٿو، ان ڪري ماهرين ٻين سببن سان گڏوگڏ مُک سبب ”فولاد ڪمي“ کي ڄاڻايو آهي اها ڪمي ته صرف موت جي شرح ۾ واڌ آڻي ٿي پر موجوده دور ۾ مختلف تحقيقن دوران اها ڳالهه سائنسي تجربات ذريعي ثابت ٿي چڪي آهي ته غير صحتمند جسم جو مالڪ ٻار ذهني ۽ جسماني صلاحيتن جو ڀرپور فائدو حاصل نٿو ڪري سگهي. اهڙو ٻار نه صرف پنهنجي ۽ مائٽن جي لاءِ ڏچو پيدا ڪري ٿو. پر مجموعي طور تي بحيثيت مستقبل جي معمار پڻ قوم تي بار ٿي پوي ٿو.
[b]رت جي ڪميءَ کان بچڻ جا اُپاءَ:
[/b](1) اهڙا غذائي جزا استعمال ڪيا وڃن، جن منجهان فولاد جو گهڻو مقدار حاصل ٿي سگهي. مثال طور ڳئون جو گوشت، ڪڪڙ جو گوشت، بيضا، جيرا Liver، خشڪ ميوه جات، ڇلڪي سميت اَنَاجَ ۽ داليون، ڦريون، مٽر، پنن واريون سايون ڀاڄيون، مثال طور پالڪ وغيره دورانِ حمل ۽ ماهواريءَ وارن ڏينهن ۾ خوراڪ جو خاص خيال رکڻ گهرجي.
(2) غذائي شيون جن ۾ وٽامن سي Vitamin C جو مقدار وڌيڪ هجي، مثال طور مالٽا، ٽماٽا، ساون پنن واريون ڀاڄيون ۽ موسمي ميوي جو استعمال گهڻو ڪيو وڃي، ڇو ته اِهي سڀ جزا ملي جسم جي اندر فولاد کي جذب ٿيڻ ۾ مدد ڏيندا آهن.
(3) ڳورهاري عورت جو هيموگلوبن 13 کان 15.5 ملي گرام في ڊيسي ليٽر هجڻ کپي، جيئن ماءُ ۽ ٻار ٻنهي جي ضرورتن کي باآساني پورو ڪري سگهي. جيڪڏهن هيموگلوبن گهٽ هجي ته اُن ڪميءَ کي غذا ۽ گورين (DictandTablet) ذريعي مڪمل طور ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو.
4. جيڪڏهن خاص حالتن ۾ ضرورت سمجهجي ته پوءِ پنهنجي ڊاڪٽرياڻيءَ سان مشوري بعد رت لڳرائڻ جي باري ۾ مشورو ڪجي ۽ باهمي مشوري ۽ صلاح کان پوءِ رت ڪنهن ويجهي عزيز ( صحتمند) کان وٺجي. هميشه رت ڏيڻ توڙي وٺڻ مهل پنهنجي ڊاڪٽرياڻيءَ سان مشورو ضرور ڪريو. ائين ڪرڻ سان ڪيترن ئي پيچيدگين کان بچي سگهجي ٿو. اهو پڻ هڪ الڳ موضوع آهي. جنهن تي وري ٻي ڪنهن دفعي معلومات ڏبي.
اِهڙين شيون جيڪي فولاد کي رت ۾ جذب ٿيڻ کان روڪينديون هجن.1. خصوصاً گوشت ۽ انڊو گڏ اِستعمال ڪرڻ کان پرهيز ڪرڻ گهرجي.
2. ٻيون مثال طور چانهه ۽ ڪئلشيم واريون شيون کير ۽ ڏهي وغيره گڏي نه کائجن.
[b]تحقيقي مقالي تان ورتل (ترجمو ڪيل)
[/b]* * *