روزي جي اهميت
هن ئي مهيني ۾ ”عبادت صوم“، کي الله تعاليٰ پنهنجن بندن تي فرض بڻايو، جنهن ۾ آسمان ۽ جنت جا دروازا کوليا وڃن ٿا. هر نيڪيءَ جي عيوض ڏهوڻو ثواب ملي ٿو. روزيدار جو هلڻ چلڻ، اُٿڻ ويهڻ ۽ کائڻ پيئڻ سبب ڪجهه ”عبادت“ ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو ۽ هيءُ ئي اهو بابرڪت مهينو آهي. جنهن منجهه هڪ رات اهڙي ته فضيلت ۽ بزرگيءَ واري اچي ٿي. جنهن ۾ عبادت ڪرڻ هڪ هزار مهينن جي عبادت کان بهتر ۽ افضل ليکي وڃي ٿي! سبحان الله.
جيئن ته هن مَاهِه مُبارڪ ۾ روزيدار، پرهيزگار بڻجي ويندو آهي. سندس جسم ۽ روح پاڪ و صاف ٿي وڃي ٿو. منجهانئس برا خيال پري ٿي وڃن ٿا ۽ نفساني خواهش تي ڪنٽرول ڪيو وڃي ٿو. نه صرف اِهو پر اُن سان گڏوگڏ زِبان، دِل ۽ اَکيون هَٿَ پِير. مطلب ته سمورا حواس، نيت ۽ اخلاق سڀني ۾ پرهيزگاريءَ جو عنصر حاوي ٿي وڃي ٿو. سڄو مهينو روزيدار عبادت ۾ گذاري ٿو ته سندس اخلاقي تربيت به ٿيندي رهي ٿي، ۽ پنهنجي خاندان ۽ مٽن مائٽن جي مدد ۽ همدردي جي ترغيب به ملندي رهي ٿي. جنهن جي ڪري مجموعي طور تي معاشري تي مثبت اثر ٿين ٿا. هاڻي ٻڌايو ۽ توهان پاڻ فيصلو ڪريو ته ڪهڙو مسلمان هوندو جيڪو خدا جي هن مهيني کان پاسو ڪري يعني ”روزو“ نه رکي ۽ پاڻ کي هن ڀلاري مهيني جي رحمتن ۽ نعمتن سان مالا مال نه ڪري. ”رمضان“ لفظ ”رمض“ منجهان نڪتل آهي. يعني ته هيءُ مهينو گناهن کي ساڙي ٿو ڇڏي ۽ روزيدار پاڪيزگيءَ جي بلندين تي پهچي ٿو! سبحان الله
لفظ ”صوم“ جي لغوي معنيٰ آهي. امساڪ يعني روڪڻ، روڪي وٺڻ، مطلب اهو آهي ته ”روزو“ هڪ اهڙيءَ عبادت جو نالو آهي. جيڪو هڪ مسلمان جي فطرت ۽ حدود الله تي قائم رهڻ ۽ روزيدار کي احڪام الاهي جو مُطيع ۽ فرمانبردار بڻجڻ تي مجبور ڪري ٿو ۽ انسان کي پنهنجي جسم ۽ روح ٻنهي تي پورو پورو ضبط ۽ قابو ۾ رکڻ سيکاري ٿو ۽ اِهائي اصل ۾ ”روزي“ جي حقيقت آهي. جيڪڏهن ان حقيقت کي نظر ۾ رکي روزو رکبو ته اُهو ”عبادت“ ۾ شمار ٿيندو. ورنه جيڪڏهن صرف رسمي طور تي ڏيکارڻ لاءِ روزو رکيو ويندو ته اُن منجهان ڪو فائدو حاصل نه ٿيندو نه دنياوي ۽ دِينوي.
”روزي“ جي اصطلاحي معنيٰ آهي، سج اُڀرڻ کان وٺي سج لهڻ تائين کائڻ پيئڻ ۽ جنسي خواهشن کي ترڪ ڪرڻ، اِها ته ”روزي“ جي ظاهري معنيٰ آهي. هاڻي اچو باطني معنيٰ ۽ مفهوم ڏانهن روزي جو ”باطن“ اهو آهي ته روزيدار پنهنجو پاڻ کي الله تعاليٰ جي نافرمانيءَ کان ۽ ”گناهن“ کان روڪي ۽ رب جي حضور عبادت ۾ مشغول رهي ۽ پنهنجا ڪيل ڏوهه بخشرائي ۽ آئنده لاءِ نيڪ راهه تي هلڻ جي دعا گهري. محض رسمي طور تي روزو رکي ظاهري طور برن ڪمن کي ڇڏي ڏيڻ سان به مقصد نٿو ملي. پر حقيقي معنيٰ ۾ پنهنجو پاڻ کي پرهيزگار بڻائجي ۽ پنهنجي اندر روحاني پاڪيزگي پيدا ڪجي. ”روزا“ هجرت جي ٻئي سال يعني مديني طيبه ۾ مسلمانن تي فرض ڪيا ويا.
[b]روزي جي فرضيت ۽ ابتدا جي متعلق:
[/b]الله تعاليٰ قرآن مجيد ۾ فرمايو آهي ته: ”اي! ايمان وارو! توهان تي روزا فرض ڪيا ويا آهن، جهڙيءَ طرح توهان کان اڳ ماڻهن تي فرض ڪيا ويا هئا، ان لاءِ ته توهان مُتقي ۽ پرهيزگار بڻجي وڃو.“ يعني ته روزا نه صرف مسلمانن تي فرض ڪيا ويا آهن، پر اُن کان اڳين اُمتن تي به فرض هئا روزو يعني ”صوم“ جي عبادت حضرت آدم عليه السّلام کان وٺي هر نبيءَ ۽ هر اُمت تي فرض هئي ۽ ڪابه اُمت اهڙي نه گذري آهي جنهن تي ”روزا“ فرض نه ڪيا ويا هجن هاڻي اسان کي ڏسڻو هيءُ آهي ته آخر روزي جو فلسفو آهي ڇا؟ بظاهر جيڪڏهن ڏسجي ته روزي رکڻ سان ڀلا الله تعاليٰ جو ڪهڙو مقصد ٿي سگهي ٿو. نعوذ بالله الله تعاليٰ کي ڪهڙو فائدو آهي؟ پر ان جو جواب خود الله تعاليٰ قرآن مجيد ۾ هن طرح ڏنو آهي ته:
ترجمو: (يعني، توهان تي جيڪي روزا فرض ڪيا ويا آهن، تن جي غرض ۽ اهميت هيءَ آهي ته توهان متقي بڻجي وڃو) يعني ته بلڪل واضع طور اِهو فرمايو ويو آهي ته اُهي روزا صرف توهان جي نيڪ، پرهيزگار ۽ متقي بڻجڻ لاءِ فرض ڪيا ويا آهن، جيئن توهان نفس تي ڪنٽرول ڪرڻ سکو ۽ ان جي معرفت مُتقّي ۽ پرهيزگار بڻجي وڃو، رب تعاليٰ جا شڪر گذار ۽ نيڪ ٻانها بڻجي. رب کان نيڪيون طلب ڪري سگهو ۽ انعام ۾ بي شمار ثواب حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ جنت جا حقدار بڻجي وڃو. روزي رکڻ سان نفس اَماره جي قوت گهٽجي وڃي ٿي ۽ سڀ عضوا سست ٿي وڃن ٿا. گناهه جي خواهش گهٽجي وڃي ٿي. ان سلسلي ۾ بعض بزرگن فرمايو آهي ته جڏهن نفس کي بکيو رکجي ٿو ته سمورا عضوا به بکيا ٿي ويندا آهن، پوءِ نه اک ڪنهن خوبصورت منظر جي متلاشي رهندي آهي. نه وري ڪن ڪجهه ٻڌڻ جو سوچيندا آهن، نه زبان کي ڪلام سان رغبت ٿيندي آهي. ها البته روحانيت ترقي ڪندي آهي، ان جي برعڪس جڏهن پيٽ ڀريل هجي ٿو ته سڀ خواهشون به جاڳي پون ٿيون. روزي رکڻ ڪري فضول ڳالهائڻ فضول ڏسڻ، فضول ٻڌڻ، فضول عمل ڪرڻ جهڙين ڳالهين کان روزيدار ”امن“ ۾ رهي ٿو. ان طرح دل به پاڪ و صاف رهي ٿي ۽ عبادت الاهي ۾ لطف ۽ مزو به ملي ٿو. نيڪ ڪمن ڏانهن رغبت وڌي ٿي ۽ گناهن کان نفرت محسوس ٿئي ٿي. ان کي ئي دراصل تقويٰ ۽ پرهيزگاري سڏجي ٿو ۽ روزي جي فرضيت ۽ اصلي غَرضَ ۽ اهميت به اهائي آهي، ان کان علاوه حُڪمِ خدا جي تعميل ٿئي ٿي ۽ حضور صلي الله عليه وآله وسلم جن جي اُسوه حُسنه تي عمل پيرا به ٿجي ٿو. سڄي سال ۾، ان ئي بابرڪت هڪ، مهيني اندر روحاني ۽ جسماني زڪوات ادا ٿي وڃي ٿي. اهو ئي روزي جو فلسفو آهي ۽ اهائي اَهميت آهي ته هڪ طرف الله تعاليٰ جل شانه پنهنجن بندن تي روزي جي صورت ۾ سخت ۽ مشڪل فرض عائد ڪيو آهي ته ٻئي طرف پنهنجي رحمتن جا دروازا کولي ڇڏيا آهن.
حضرت عباده رضه جن کان روايت آهي ته هڪ دفعو حضور صلي الله عليه وآله وسلم جن رمضان المُبارڪ جي مهيني اچڻ کان اڳ فرمايو ته:
رمضان شريف جو مهينو اچي ويو آهي. جيڪو تمام گهڻين برڪتن وارو مهينو آهي. الله تعاليٰ هن مهيني ۾ انسانن ڏانهن متوجه ٿئي ٿو ۽ پنهنجي رحمت خاص نازل فرمائي ٿو. خطائون معاف ڪري ٿو ۽ دعائن کي قبول ڪري ٿو.
بدنصيب آهي اهو شخص جيڪو هن مهيني ۾ به الله جي رحمتن کان محروم رهجي وڃي، ِٻي جڳهه تي نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن جو قول مُبارڪ آهي ته رمضان المُبارڪ جي هر رات ۽ هر ڏينهن جهنم جا قيدي ڇڏيا وڃن ٿا ۽ هر مسلمان لاءِ هر رات ۽ هر ڏينهن ۾ هڪ ”دعا“ ضرور قبول ٿئي ٿي. ارشاد نبوي ۾ آهي ته: ٽن ماڻهن جي ”دعا“ رد نه ٿيندي آهي، هڪ ”روزيدار“ جي ”افطار“ جي وقت ٻيو ”عادل بادشاهه“ جي دعا ۽ ٽيون ”مظلوم“ جي دعا.
حضرت عائشه رضه جن کان روايت آهي ته جڏهن رمضان شريف جو مهينو ايندو هو ته پاڻ سڳورن جو رنگ بدلجي ويندو هو. نماز جي وقت ۾ اضافو ٿي ويندو هو ۽ ”دعا“ ۾ تمام گهڻي عاجزي فرمائيندا هئا ۽ خوفِ خدا غالب ٿي ويندو هُين. الله تعاليٰ جل شانه رمضان مهيني ۾ عرشِ برين کي کڻڻ وارن ملائڪن کي حڪم ڏيئي ڇڏيندا آهن ته پنهنجي پنهنجي عبادتن کي ڇڏي ڏيو ۽ صرف روزيدارن جي دعائن تي آمين چوندا ڪريو، اهڙين ٻين ڪيترين ئي روايتن منجهان رمضان جي ”دعا“ جو خصوصيت سان قبول پوڻ جو پتو ملندو رهيو آهي. حضرت عباده رضه جن کان روايت آهي ته حضور صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو مسلمانو! رمضان جو مهينو توهان وٽ اچي ويو، جيڪو بابرڪت آهي. هن ۾ الله تعاليٰ رحمت سان توهان ڏانهن متوجه ٿئي ٿو ۽ مهربانيون ڪري ٿو. گناهه بخشي ٿو ۽ دعائون قبول فرمائي ٿو ۽ فرشتن سان تعريف ڪري ٿو ته ڏسو منهنجا بندا بک ۽ اُڃ جي تڪليف سهي ۽ پنهنجون ٻيون ضرورتون ڇڏي منهنجي عبادت ۾ مصروف آهن، نيڪي ۽ ڀلائي جي تمنا ڪري رهيا آهن. آخر ۾ دعا آهي ته رب العالمين اسان سڀني کي رمضان مهيني جي برڪتن جي صدقي نيڪ هدايت نصيب ڪري ۽ صراط المستقيم تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)
* * *