سائنس، علم ۽ رسالا

ڪَڻي مان ڪيچَ

پروفيسر رشيده ڀٽي جو لکيل هي ڪتاب انتهائي ڪارائتو آهي. جيڪو عام ماڻهوءَ کي غذا جي فائدي ۽ علاج جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ ڏيئي ٿو. قدرت جو ڪارخانو عجيب آهي. هتي شين جو پاڻ ۾ مضبوط لاڳاپو آهي. اُهي چاهي گڏوگڏ هلنديون هجن يا بنهه هڪٻئي جي اُبتڙ هجن. گرمين جون ڀاڄيون ۽ ميوا مزاج ۾ معتدل ۽ جسم ۾ پاڻي جي مقدار کي گهٽ ٿيڻ نه ٿا ڏين. ساڳيءَ ريت سياري ۾ پيدا ٿيندڙ غذا گرم ۽ جسم جي مدافعتي مزاج کي فعال بڻائي ٿي. ساڳي وقت موسمي اثر ۽ بيمارين کان بچائي ٿي. رشيده پنهنجي هن ڪتاب ۾ ڪافي حد تائين غذا متعلق انيڪ پهلو واضع ڪيا آهن.
Title Cover of book ڪَڻي مان ڪيچَ

ڪلونجي Black -cumin

حضرت ابوهريره رضه جن فرمائين ٿا ته مون هڪ دفعي رسولِ خدا حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن کان ٻڌو ته (ڪارن داڻن) يعني ڪاري ڪلونجي(Black -Cumin) ۾ هر بيماري کان شفا موجود آهي سواءِ ”موت“ جي (صحيح بخاري مسلم ابن ماجه) ابن شهاب بيان فرمائين ٿا ته (سياه ڪارن داڻن مان مراد ڪلونجي آهي) ڪلونجي جي ڪيميائي ترڪيب تمام گهڻن ڳتيل جزن تي مشتمل آهي. هن جي ٻج ۾ سوين بيشمار ڪيميائي جزا موجود آهن.(Essential Fatty Acid) گڏوگڏ هن ۾ ضروري سڻڀ جزا به موجود آهن. هن جي ٻجن جو تيل تمام گهڻو فائدو پهچائيندڙ ٿئي ٿو. ۽ طبي نقطهء نگاهه کان بي شمار تڪليفن ۾ فائدو ڏيندڙ آهي. جيڪي عام ٻج ڪافي حد تائين تکي جاذبيت رکندڙ ٿين ٿا ۽ ڪيترين ئي کاڌن ۾ استعمال ڪيا وڃن ٿا.(Seeds are a bit spicy and are often used whole in cooking) ڪلونجي جي ٻج منجهان اسان کي تمام ضروري وٽامن ۽ معدنيات حاصل ٿين ٿا. هڪ سو گرام داڻا ڪلونجي اسان کي پنج سو ايڪٽيهه (531) ڪئلوريز فراهم ڪن ٿا ۽ اُن ۾ هيٺيان جزا موجود هوندا آهن.
چارٽ
پروٽين ويهه ڏهائي اٺ ملي گرام 20.8 mg protein
ٿائمين هڪ ڏهائي پنج ملي گرام 1.5mg Thiamin
رائبوفليون زيرو ڏهائي هڪ ملي گرام 0.1mg Riboflavin
پائريڊوڪسن زيرو ڏهائي پنج ملي گرام 0.5mg Pyridoxine
نياسن پنج ڏهائي ست ملي گرام 5.7mg Niacin
فوليٽ زيرو ڏهائي ايڪهٺ ملي گرام 0.061mg Foliate
ڪئلشيم هڪ سؤ پنجاسي ملي گرام 185mg Calcium
ٽامو هڪ ڏهائي اٺ ملي گرام 1.8mg Iron copper
لوهه آئرن ڏهه ڏهائي پنج ملي گرام 10.5mg Iron
جست ڇهه ملي گرام 6mg Zinc
فاسفورس پنج سؤ ڇويهه ڏهائي پنج ملي گرام 526.5mg Phosphorus
ڪلونجي جا تمام گهڻا فائدا آهن. طِبيّ طور تي منجهس ڪيترائي شِفائي جزا آهن، جيڪي عام تڪليفن ۽ ڪيترين ئي خاص بيمارين ۾ شفايابي بخشين ٿا. منجهن جيوڙن (بئڪٽيريا) کي ختم ڪرڻ جي تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي. ٻه سو (200) کان وڌيڪ تحقيقي مقالن منجهان ثابت ڪيو ويو آهي ته ڪلونجي جا ٻجَ ۽ تِيلُ جراثيم ڪش اثر رکندڙ بي اِنتها فائده بخشيندڙ ڪارا داڻا آهن جيڪي ننڍي آنڊي ۾ موجود ڪيترن ئي ڪيڙن کي مارڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪن ٿا.(Rectification of intestinal worms) اُردن ۽ آمريڪا ۾ ڪجهه تجربن دوران ڏٺو ويو ته هن تِيل ۾ ڪينسر جهڙي موذي مرض کي به دفاع ڪرڻ ۽ ختم ڪرڻ جي صلاحيت پڻ موجود آهي. (Invitro Studies) ڪلونجي جي تيل منجهه بيشمار طِبّي فائده موجود آهن. ڪيترين ئي حساس دوائن جي ردِ عمل جي صورت ۾ ڪلونجي جو تيل قوتِ مدافعت وڌائي. نقصان کان بچائي وٺي ٿو.( Multi-drug resistant strains of staph- aurous) خاص طور تي انسان اندر جڏهن بدقسمتيءَ سان سندس ئي قوتِ مدافعتي سرشتو سندس لاءِ دشمن ٿي پوي ۽ جيوگهرڙن کي کائي ناس ڪندو وڃي ته اهڙي صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ تمام ڏکيو ۽ گهڻي ڀاڱي لاحاصل ڪوشش هوندي آهي. پر الله تعاليٰ هن ڪلونجي ۾ اهڙي ته قدرتي شفا رکي آهي جو ٻين سڀني جي مقابلي ۾ وڌ ۾ وڌ اثر انداز ٿي ڪري ڪنهن حد تائين اهڙي سنگين صورتحال تي ڪنٽرول حاصل ڪري وٺي ٿي. ڏکڻ ڪيرولينا جي هڪ ليبارٽري نالي هِلٽن هيڊ آئرلينڊ ۾ هڪ تجرباتي مشاهدي ۾ معلوم ڪيو ويو ته ڪاري داڻي واري ڪلونجي ۾ اهڙي خاصيت آهي. جنهن جي ڪري رت ۾ رطوبت نالي(interleukins) جي پيدا وار وڌي وڃي ٿي. جنهن ڪري مجموعي طور تي اڇن جزن تي به سٺو اثر پوي ٿو. ۽ سفيد جزن(White blood cells) جي ڪارڪردگي وڌي وڃي ٿي. ان ڪري مجموعي طور تي اهو چيو وڃي ٿو ته ڪاري داڻي، ”ڪلونجي“ جي سڄي خوبصورتي ان ۾ لڪل آهي ته هي داڻا اندروني طور تي مختلف جزن جي ڪارڪردگيءَ کي بحال ڪري اندروني ڪيفيت کي ڪنٽرول ڪري، نارمل ڪن ٿا. جنهن جي ڪري جيوگهرڙا جيڪي ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار ٿين ٿا، سي وري نارمل ڪم ڪرڻ شروع ڪن ٿا. ڪلونجي جا داڻا دم جي بيماري(Asthma) ۽ کنگهه واري ڪيفيت ۾ پڻ هڪ طاقتور دوا وانگر اثر انداز ٿين ٿا. تحقيق دوران اهو ڏٺو ويو آهي ته ڪلونجي ۾ اهڙي قسم جا جزا موجود آهن. جيڪي قوتِ مدافعتي سرشتي(Immune system) کي اُڀارڻ(Boost up) ۾ مدد ڪن ٿا ۽ وڏي کنگهه ۽ دمي جي بيماريءَ ۾ بي انتها موثر ثابت ٿين ٿا. خاص طور انهن تڪليفن ۾ جيڪڏهن ڪلونجي کي ماکيءَ ۽ ٿوم ۾ ملائي استعمال ڪيو وڃي ته هوند باقاعده هڪ طاقتور دوا(Tonic) وانگر اثر ڏيکاري سگهي ٿي. هيءُ ساڳيو نسخو سردين ۾ عام ٿڌ ۽ زڪام واري ڪيفيت کي ته آسانيءَ سان ڪنٽرول ڪري ٿو. ڇو ته اهڙا ماڻهون جيڪي سمجهن ته سندن جسم اندر ڪو انفيڪشن آهي يا وري پنهنجي جسم جي اندر قوت مدافعت کي وڌائڻ چاهين ته پوءِ انهن لاءِ ڪلونجي، ماکيءَ ۽ ٿوم سان گڏ استعمال ڪرڻ هڪ بهترين پُر اثر دوا وارو اثر ڏيکاري سگهي ٿي.
جتي ڪلونجي سرديءَ جي اثر کي گهٽائڻ ۽ قوتِ مدافعت وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي آهي. ساڳي وقت کاڌي جي تيزابيت کي پڻ دُور ڪرڻ ۾ مدد ڏي ٿي. مختلف تحقيقي مشاهدن دوران اهو ڏٺو ويو آهي ته گهڻي مُرغن ۽ سڻڀي خوراڪ اِستعمال ڪرڻ کان پوءِ جيڪڏهن معدي ۾ تيزابيت ۽ آنڊي منجهان گئس پيدا ٿيڻ شروع ٿي وڃي ته اهڙي صورتحال ۾ ڪلونجي جو استعمال نهايت ئي فائديمند ثابت ٿيو آهي. مُستند تحقيقي رپورٽس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪلونجيءَ جو استعمال هيٺين تڪليفن کي دور ڪرڻ لاءِ تمام گهڻو فائديمند ثابت ٿيو آهي.
1. کاڌ خوراڪ واري نالي ۾ پيدا ٿيندڙ مختلف تڪليفون يعني(Digestive) مسئلا.
2. ڪلونجي هڪ پيشاب آور دوا(Diuretic) طور به استعمال ڪري سگهجي ٿي.
3. اهڙيون خواتين جن کي ماهواري جو ڪو مسئلو هجي ته ڪلونجي جي استعمال سان رڪاوٽ کي دور ڪري وري نئين سر ماهواري کي مهيني وار بنائڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿي آهي. ڪلونجي جا مجموعي طور ايترا ته حيرت انگيز دوائي اثر آهن جو لڳندو آهي ته واقعي بي انتها شفا بخيشيندڙ اُهي ڪارا داڻا اِنسان جي زندگيءَ تي گِهرا اثر مُرتب ڪري ٿي. هيٺ ڏنل خاصيتن کي پڙهڻ بعد معلوم ٿيندو ته ڪلونجي ڪيڏي نه اهم آهي:
1.معدي جي تڪليفن کي گهٽ ڪرڻ، تيزابيت کي دور ڪرڻ ۽ گڏوگڏ آنڊي، اندر پيدا ٿيندڙ گئس کي خارج ڪرڻ
2. پيشاب آور (Diuretic)
3. ماهواريءَ ۾ پيدا ٿيل رڪاوٽ دور ڪرڻ ۽ نارمل ڪرڻ (Promotes and regulates menstruation)
4. ماءُ جو کير وڌائڻ (Increase the production of milk)
5. جسم تي سوڄ يا ڦوڪڻا ٿي پون ته انهن کي ختم ڪرڻ (A respolrtent dissolves boils and swellings)
6. ڪيميائي رطوبت اِيڊرينل(Adrenal) کي وڌائڻ ۽ طاقت وڌائڻ ۾ پڻ مددگار ٿئي ٿي. هڪ طاقتور شربت(Tonic) وانگر جسماني ڪيفيتن کي پڻ بحال رکڻ سان گڏوگڏ جسم منجهان ڪيترن(Vormiful Worm) کي خارج ڪرڻ ۾ خاص طور تي مدد ڪري ٿي.

* * *