ويم دوران وڌيل موت جي شرح
پاڪستان جو شمار اُنهن چند ملڪن ۾ ٿئي ٿو، جتي ويم دوران موت جي شرح 890 في لک جي حساب سان موجود آهي، جڏهن ته ٻار ڄمڻ جي شرح به حد کان وڌيڪ وڌيل آهي. ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ ويم دوران شرحِ موت/ موت جو تناسب سڀ کان وڌيڪ آهي. ساليانو 5 ملين ڊليوريز منجهان 25 کان 30 هزار خواتين حمل (ويم) جي دوران پيدا ٿيل پيچيدگين جي سبب ڪري اجل جو شڪار ٿي وڃن ٿيون. ٻين لفظن ۾ هر 20 منٽن کان پوءِ هڪ ڳورهاري عورت جو موت واقع ٿئي ٿو. ساڳي وقت ڄمندڙ 60 سيڪڙو ٻار به فوت ٿي وڃن ٿا، 50 ملين ڳورهارين عورتن کي پيٽ سان ٿيڻ ۽ ويم جي دوران پيچيدگين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، انهن منجهان 15 ملين خواتين پراڻين بيمارين جو شڪار ٿيل هونديون آهن، مثال طور هڪ عام غريب خاتون جو حال رت جي شديد ڪمي، حمل سان واسطو رکندڙ عُضون ۾ اِنفيڪشن ۽ سُوڄ جو هجڻ، جِنسي عضون جون بيماريون ۽ عورت جو ٻار پيدا نه ڪرڻ جي صلاحيت وغيره.
هڪ سماجي ڪارڪن مطابق ماءُ ۽ ٻار جي صحت سان عدم دلچسپي ۽ عدم توجهه، غربت ۽ عورتن سان سماجي بي انصافي ۽ تشدد ۽ اهڙا ٻيا ڪيترائي مسئلا آهن، جيڪي اسان جي معاشري ۾ عورتن جي زندگين لاءِ هر وقت خطرو بڻيل رهن ٿا.
هڪ ماهر (گائنوڪالوجسٽ) يعني عورتن جي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرياڻي مطابق ميڊيڪل جي سببن کان علاوه سماجي، ثقافتي ۽ معاشي سبب به عورتن جي صحت تي تمام گهڻو اثر انداز ٿين ٿا ۽ اُنهن جي مرڻ جي رفتار وڌائن ٿا، اصل ۾ ڏک ۽ افسوس جي ڳالهه هيءَ آهي ته اهڙين بي وقت ۽ ڏکوئيندڙ لُقمهءِ اجل ٿيندڙ مظلوم عورتن کي ٿوري ڪوشش سان بچائي سگهجي ٿو، ننڍپڻ ۾ شادي ڪري ڇڏڻ، عورتن جي بي حرمتي، مارڪٽ، ناقص غذا، خون جي ڪمي، ضرورت کان وڌيڪ ٻار پيدا ڪرڻ، بار بار ايبورشن يعني ٻار جو ضايع ٿي وڃڻ، ميٽرنٽي هوم جون ناقص ۽ اڻ پوريون سهولتون، اهي سڀ اهڙيون مجبوريون ۽ سبب آهن، جن جي ڪري زچگي يعني ويم دوران مرڻ جي شرح، اضافي جو سبب بڻجي ٿي.
اسان جي ملڪ ۾ خواتين جو هڪ وڏو انگ خوراڪ جي ڪمي ۽ صحت جي خراب صورتحال کي منهن ڏيئي رهيو آهي. عورتن جي حوالي سان خوراڪ جي ڪميءَ وارو معاملو هنن جي زندگيءَ ۾ هر مرحلي تي پيش اچي ٿو. ٻار جي قبل از وقت پيدائش ۽ گهٽ وزن هجڻ، به اهڙيون حقيقتون آهن جيڪي صرف ۽ صرف ڳورهاري عورت ۾ خون جي ڪميءَ باعث ٿين ٿيون، گهٽ وزن ۽ وقت کان اڳ پيدائش سبب، گهڻي ڀاڱي ان ڳالهه جو امڪان موجود هوندو آهي ته گهڻو ڪري ٻار هڪ سال جي عمر تائين پهچڻ کان اڳ ۾ ئي وفات ڪري وڃي، مٿان وري اهو به خطرو برقرار رهندو آهي ته ويم دوران ڳورهاري عورت دل جي ڌڙڪن بند ٿي وڃڻ سبب موت جو کاڄ بڻجي وڃي.
ماهرين جي مطابق گهٽ آمدني ۽ غربت ڳورهاري عورتن ۾ خون جي ڪميءَ جو بنيادي سبب آهن. خون جي ڪميءَ جي ٻين سببن ۾ ارڙهن سالن کان گهٽ عمر ۾ شادي، ٻارن جي پيدائش ۾ گهٽ وقفو، ناقص ۽ گهٽ غِذا ۽ حمل جي دوران فولاد فراهم ڪرڻ واري غذا ۽ دوا جي اڻهوند ۽ عدم دستيابي بنيادي سبب آهن، منهنجي ريسرچ دوران، منهنجي هڪ ڳورهاري عورت سان، سول اسپتال حيدرآباد ۾ گفتگو ٿي، جيڪا هيٺ ڏجي ٿي:
ڊاڪٽرياڻي مون کي تاڪيد ڪيو ته مان خون لڳرايان ۽ ڪجهه علاج به ڪرايان، ليڪن اهو سڀ ڪيئن ڪريان اسان وٽ ايتري رقم ڪٿي آهي؟ اسان وٽ صرف ايترا پئسا آهن، جنهن مان صرف هڪ وقت جو کاڌو کائي سگهجي ٿو. اهڙين حالتن ۾ علاج جو خرچ ڪيئن بچائجي؟ اها ڳالهه جنت ٻڌائي، جيڪا چئن مهينن جي ڳورهاري هئي ۽ خون جي ڳاڙهن جزن جي شديد ڪميءَ جو شڪار ٿيل هئي. جنت هڪ گهريلو ملازم پيشه عورت هئي ۽ هن جو مڙس هڪ پرائيويٽ ڪمپنيءَ ۾ پٽيوالو آهي. جنت جي خيال مطابق دائي سان رجوع ڪرڻ سولو آهي، ڇو ته ڊاڪٽرياڻيءَ جي مقابلي ۾ دائيءَ جو خرچ گهٽ آهي، جڏهن ته جنت کي ٻڌايو ويو آهي ته غير تربيت يافته دائي ڏانهن وڃڻ نه صرف هن جي پنهنجي پر سندس پيدا ٿيڻ واري ٻار جي زندگيءَ لاءِ پڻ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو ته جواب ۾ چيائين ته ڊاڪٽر صاحبه زندگي ۽ موت الله تعاليٰ جي هٿ وس آهي، اسان ڪجهه به نٿا ڪري سگهون، اها هڪ حقيقت آهي ته خواتين جو اڌ کان وڌيڪ تعداد (ٻار جي پيدائش جي موقع تي) غير تربيت يافته دائين ڏانهن رجوع ڪري ٿو. جنهن ڪري ويم جي دوران موت جو انگ مسلسل وڌي رهيو آهي. اهڙي صورتحال نه صرف پاڪستان ۾، پر دنيا جي ڪيترن ئي غريب ملڪن ۾ يڪسان طور ڏسڻ ۾ اچي ٿي، دنيا ۾ جتي به روايت پسندي برقرار آهي، اُتي اڃان تائين مذهب ۽ ثقات جي آڙ وٺي اڃان تائين غير تربيت يافته داين جو سهارو ورتو وڃي ٿو. داين سان رجوع ڪرڻ ۾ وڏو اهم بنيادي مسئلو غربت آهي، جڏهن ته ذهني پسماندگي ۽ ناخواندگي به پنهنجو رول ادا ڪري ٿي. گورنمينٽ جي طرفان ڪو جوڳو بندوبست نه هجڻ ڪري ڳوٺن خاص طور تي ننڍن واهڻ ۽ وسندين ۾ ڪوبه هيلٿ سينٽر يا ڪو ويم گهر نه هجڻ جي صورت ۾ اوچتو ضرورت پوڻ تي فورن داين سان رابطو ڪيو وڃي ٿو.
مٿي ذڪر ڪيل گفتگو مان اندازو ٿئي پيو ته ”هيءُ هڪ گهڻ رخو ۽ خاص اهميت وارو مسئلو آهي، جنهن کي ترجيحي بنيادن تي فورن حل ٿيڻ کپي. گورنمينٽ جو خاص طور تي ۽ مختلف اين جي اوز تي عموي طور تي اهو اهم فرض عائد آهي ته اُهي گڏجي عوامي ڀلائيءَ لاءِ مڪمل پلان جوڙين.
نيشنل هيلٿ سروس آف پاڪستان (1995ع) جي مطابق ويم جا 83 فيصد ڪيس گهرن ۾ داين جي هٿن سان سرانجام ڏنا وڃن ٿا، 77 فيصد شهري ۽ 94 فيصد ٻهراڙي آباديءَ ۾ ويم لاءِ دائي کي گهرايو ويندو آهي، جيڪڏهن ويم لاءِ ڪنهن تربيت يافته نرس (دائي) وغيره جو انتظام ڪيو وڃي ته ملڪ ۾ ويم دوران ٿيندڙ موت جي شرح کي آسانيءَ سان گهٽائي سگهجي ٿو. پاڪستاني خواتين جي اڪثريت دائي کي ويم لاءِ گهرائڻ کي ترجيح ڏي ٿي، ان جو سبب صرف اهو نه آهي ته اُهي سستي ۾ ڪم پورو ڪن ٿيون، پر دايون جذباتي ۽ روحاني سطح تي به حامله خاتون تي مڪمل ڪنٽرول حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهن ٿيون، بعض دايون دعويٰ ڪنديون آهن ته کين روحاني طاقت ۽ علم حاصل آهي، ٻار جي پيدائش کان پوءِ ماءُ ۽ ٻار جي خدمت ۽ مالش وغيره جو ڪم به تمام ٿوري معاوضي جي بدلي سرانجام ڏينديون آهن. بعض دفعا ڳوٺن ۾ کنڊ ۽ چانورن وغيره جي بدلي ۾ معاملو طئي ڪري وٺنديون آهن.
سروي دوران هڪ ڳورهاري عورت دائيءَ جي طرفداري ۾ دليل ڏنو ته منهنجي ماءُ ۽ نانيءَ هميشه تاڪيد ڪيو آهي ته اسپتال ۾ عورت جي زندگيءَ کي خطرو هوندو آهي، جڏهن ته گهر ۾ حفاظت ۽ روحاني تحفظ وڌيڪ هوندو آهي، هوڏانهن پروفيشنل (ڊاڪٽرياڻين) جي خيال مطابق غير تربيت يافته دايون ڊليوري جي ڪيسن کي محض اندازن ۽ بغير ڪنهن حفاظتي اُپاءُ وٺڻ جي سرانجام ڏين ٿيون. ڳورهاري عورت کي اُن وقت اسپتال وڃڻ جي صلاح ڏينديون آهن، جڏهن ويم وارين پيچيدگين کي سنڀالڻ، سندن وس ۾ نه هوندو آهي، اهڙين حالتن دوران ڳورهاري عورت جيڪڏهن اسپتال پهچائي به وڃي ته ڪو خاطر خواه نتيجو نه ملندو آهي ۽ زندگيءَ کي بچائڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو آهي.
غير تربيت يافته دائي کي حمل جي 40 ڏينهن دوران جسماني معائني ۾ ممڪنه پيچيدگين جو قطعن شعور ۽ ڄاڻ نه هوندي آهي. دائين جي ڊڪشنري ۾ باقاعده (چيڪ اپ) معائني جو بلڪل به رواج نه هوندو آهي ۽ نه ئي وٽن ڪي سهولتون آهن. بلڊپريشر، وزن ۽ جسم ۾ خون جو مقدار چيڪ ڪرڻ جو اُنهن وٽ بلڪل رواج نه آهي، ڪجهه دايون هٿن پيرن تي سوڄ ڏسي، بلڊپريشر چيڪ ڪرائڻ جو مشورو ڏينديون آهن، ڪجهه دائين کي هروڀرو خوش فهمي هوندي ته پيٽ ۾ جيڪڏهن ٻار جي پوزيشن ٺيڪ نه آهي ته پاڻ ئي ٺيڪ ڪري وٺنديون. اُنهن جا گهريلو قسم جا نسخا (ٽوٽڪا) به ٻڌڻ جي لائق هوندا آهن، ٻار پيدا ٿيڻ کان اڳ خون کي روڪڻ لاءِ اڪثر دايون پيهي لسو ڪري سفوف وانگر تيار ڪنديون آهن ۽ پاڻيءَ ۾ ملائي پياري ڇڏينديون آهن، حفاظتي اُپاءَ وٺڻ جو ڪو طريقو کين معلوم نه هوندو آهي، وڌ ۾ وڌ هٿ ڌوئي وٺن ته وڏي ڳالهه آهي (گلوِز) دستانا پائڻ جي کين ڪا خبر نه هوندي آهي، گلوز جو استعمال ۽ اور ڪٽڻ لاءِ اُٻاريل/ بوائل ٿيل ڪئنچي وغيره جو اِستعمال پڻ کين معلوم نه هوندو آهي، صفائي سٿرائي جون مناسب طريقي سان احتياطي تدبيرون اختيار نه ڪرڻ سان ڪيتريون مريض عورتون موت جي منهن ۾ هلي وينديون آهن. ڇوڪرين جي ننڍيءَ عمر ۾ شادي به ويم دوران پيچيدگين جو هڪ وڏو اهم مسئلو آهي، ننڍپڻ ۾ جيئن ته ڇوڪري جي جسماني بناوٽ اڃان نامڪمل هوندي آهي، ان ڪري هوءَ حمل جو ٿيڻ ۽ ڊليوري جو مرحلو برداشت ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه هوندي آهي. ماهرن جي راءِ مطابق 20 سالن کان وڌيڪ عمر وارين ڇوڪرين جي بنسبت 15 کان 19 سالن تائين واريون ڇوڪريون ويم دوران مختلف تڪليفن کي آسانيءَ سان منهن نٿيون ڏيئي سگهن ۽ سندن مرڻ جا آثار وڌيڪ موجود هوندا آهن. ٻار جي پيدائش وارو مرحلو اُنهن لاءِ وڌيڪ نازڪ ۽ خطرناڪ ثابت ٿيندو آهي.
پاڪستان ۾ ويم ۽ ويم سان لاڳاپيل پيچيدگي جي ڪري هر 20 منٽن کان پوءِ هڪ ڳورهاري عورت اجل جو شڪار ٿي وڃي ٿي. خواتين جي عمومي صحت جي ناقابل بيان صورتحال ۽ بالخصوص ويم جي دوران وارا مسئلا جن ۾ غربت، لاعلمي ۽ بي توجهي جي ڪري موت جو وڌيل انگ هڪ توجهه طلب قومي مسئلو آهي. ويم جي دوران پيچيدگين جو پيدا ٿيڻ ۽ اُنهن کي حل ڪرڻ لاءِ جتي اسان ٻين مٿي ذڪر ڪيل ڳالهين تي زور ڏيون ٿا، اُتي اسان جي حڪومت جو به خاص طور تي اهم فرض عائد ٿئي ٿو ته هر وڏي توڙي ننڍڙي شهر، ڳوٺ ۽ واهڻ ۾ جتي به انساني آبادي موجود آهي، هيٺانهين سطح تائين صحت جا مرڪز کولي ۽ خاص طور تي (ميٽرنٽي هوم) موجود هجن، جن ۾ گهٽ ۾ گهٽ پڙهيل ڳڙهيل ليڊي هيلٿ وزيٽر ضرور هجن، جيڪي بروقت ڳورهاري عورت جي مدد ڪن. مٿي ذڪر ڪيل مضمون ۾ (دوران زچگي) ٿيندڙ موت ۽ ان جي پيچيدگين جو ڀرپور جائزو ورتو ويو آهي.
پاڪستان ۾ ڄمندڙ 60 سيڪڙو ٻار فوت ٿي وڃن ٿا ۽ 90 سيڪڙو ٻارڙا پهرين سالگره کان اڳ ۽ 50 سيڪڙو ٻار پهرين مهيني ۾ فوت ٿين ٿا. (پي پي اي) مطابق اُنهن ٻارن جي موت جو سبب غذا جي ڪمي ۽ ويم جا غلط طريقا آهن. ڪراچيءَ مان جاري ٿيندڙ هڪ اخبار جي بيورو رپورٽ مطابق پاڪستان ۾ ڄمندڙ ٻارڙن جي موت جي شرح هڪ سال ۾ 60 سيڪڙو آهي، هڪ هزار فوت ٿيندڙ ٻارڙن ۾ 90 ٻارڙا پهرين سالگره کان اڳي ۽ 50 ٻارڙا پهرين مهيني اندر فوت ٿي وڃن ٿا. جنهن جو سبب غذا جي ڪمي، ويم جا غلطا طريقا آهن. (روزانه ڪاوش، اربع 13 فيبروري 2002ع)
پروفيسر جي. ايس اڪرم، چيئرمين پاڪستان پيڊياٽرڪ ايسوسيئيشن (پي پي اي). تازو ان ساڳي موضوع تي وڌيڪ خيالن جي ڏي وٺ ۽ ماءُ ۽ ٻار جي صحت سان واڳيل حقيقتن کي منهن ڏيڻ ۽ حالتن کي بهتر طريقي منهن ڏيڻ لاءِ ڪراچي آغا خان ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ ٻار ۽ ان جي سنڀال جي عنوان تحت ٻه ڏينهن وارو سمپوزيم ٿي گذريو، جنهن ۾ پڻ ماهر ڊاڪٽرن ٻارن جي صحت ۽ سنڀال سان گڏوگڏ ماءُ ۽ ان جي صحت جي سنڀال تي خاص طور توجهه ڏيڻ جو ضرورت تي زور ڏنو ۽ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ملڪ ۾ هيٺانهين سطح تائين هنگامي حالتن تحت ٻار ۽ انهن جي نشونما ۽ صحت جي عنوان هيٺ اُپاءُ وٺي، ٻارڙن جي زندگين کي بچايو وڃي.
پنهنجي افتتاحي تقرير ۾ ڪئنيڊا کان آيل ڊاڪٽر جي فريزر ٻڌايو ته مستقل جي معمارن تي توجهه ڏيڻ سان اسان پنهنجي ملڪ لاءِ اصل ۾ خوشحاليءَ جو ٻج پوکيون ٿا، ڇو ته ننڍڙي هوندي واري سٺي سنڀال، ٻارڙي جي نه صرف سٺي صحت ۽ سکڻ واري مرحلي کي ڀرپور انداز سان اڳتي وڌائي ٿي، پر اصل ۾ ذهني نشونما به سٺي صحت جي ئي مرهونِ منت آهي.
* * *