سائنس، علم ۽ رسالا

ڪَڻي مان ڪيچَ

پروفيسر رشيده ڀٽي جو لکيل هي ڪتاب انتهائي ڪارائتو آهي. جيڪو عام ماڻهوءَ کي غذا جي فائدي ۽ علاج جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ ڏيئي ٿو. قدرت جو ڪارخانو عجيب آهي. هتي شين جو پاڻ ۾ مضبوط لاڳاپو آهي. اُهي چاهي گڏوگڏ هلنديون هجن يا بنهه هڪٻئي جي اُبتڙ هجن. گرمين جون ڀاڄيون ۽ ميوا مزاج ۾ معتدل ۽ جسم ۾ پاڻي جي مقدار کي گهٽ ٿيڻ نه ٿا ڏين. ساڳيءَ ريت سياري ۾ پيدا ٿيندڙ غذا گرم ۽ جسم جي مدافعتي مزاج کي فعال بڻائي ٿي. ساڳي وقت موسمي اثر ۽ بيمارين کان بچائي ٿي. رشيده پنهنجي هن ڪتاب ۾ ڪافي حد تائين غذا متعلق انيڪ پهلو واضع ڪيا آهن.
Title Cover of book ڪَڻي مان ڪيچَ

”پيار کان وڌيڪ پياري“ مُنهنجي امڙ، منهنجي امڙ

جڏهن ٻار پنهنجي ڄمار جي اوائلي دور کي ياد ڪري ٿو ته امڙ جو مسڪرائيندڙ چهرو ائين ئي سامهون اُڀري ٿو، جيئن ته ڄڻ ڪالهه ڪلهوڻي ڳالهه هجي. توڙي جو منهنجي وجود جو حصو، منهنجي امڙ رضاءِ اِلاهيءَ سان هن فاني دنيا کي 13- جولاءِ 2007ع تي الوداع چيو. پر اڄ به ائين لڳي ٿو ته ڄڻ هوءَ مون سان گڏ آهي ۽ پڇي پئي ته:
رشيده سڄو ڏينهن ڪرسي تي ويٺي ڇا پئي لکين، هاڻي کڻي لکڻ بس ڪر ۽ مون سان ويهي ڪجهه ڳالهيون ڪر.“
پر ڇا ڪجي، پنهنجي طبعيت جو اهڙي آهي، جيستائين ڏينهن جو ڪجهه حصو لکڻ پڙهڻ ۾ نه گذاريان ته ڄڻ مزو ئي نه اچي، ۽ اهو به سندس تربيت جو ئي اثر آهي جو اڄ تائين علم جي راهه ۾ جستجو هلندي رهي ٿي ۽ اها ئي سندس به خواهش هوندي هئي ته منهنجو اولاد لکي پڙهي قابل بڻجي. 9 جولاءِ جو اهو ڏينهن مان ڪيئن ٿي وساري سگهان جڏهن مون کيس جواب ۾ چيو ته ”امان ڪتاب (ڊڪشنري) لکان پئي، دعا ڪر ته لکجي پوري ٿي وڃي، ته پوءِ توسان ويهي ڳالهيون ڪبيون“. پر افسوس جو اهو وقت نه آيو ۽ وقت ائين پر لڳائي تيزيءَ سان گذري ويو جو خبر ئي نه پئي ته 11 تاريخ جولاءِ تي منهنجي مٺڙي، سٻاجهي ماءُ بغير ڪنهن درد جي دانهن ڪندي ڳالهائيندي، ٻولهائيندي، صبح جو تقريباً نائين وڳي اوچتو بيهوش ٿي وئي. مون سندس لاءِ ٽيبل تي چانهه، ڪيڪ ۽ پيهون رکيون ۽ سڏ ڪيو پر خبر پئي ته منهنجي ننڍي ڀيڻ شگفته کيس هٿ منهن ڌئارڻ واش روم وٺي وئي هئي. منهنجي امڙ بي انتها صفائي پسند هئي، جيستائين آرام ۽ تسليءَ سان هٿ منهن نه ڌوئي ته آرام ئي نه اچيس، سو واپسيءَ تي پنهنجي ڪمري ڏانهن ايندي ئي بيهوش ٿي وئي ۽ ائين خاموشيءَ سان بغير ڪنهن تڪليف جي، دانهن ڪرڻ جي جمعي جي مُبارڪ ڏينهن تي عصر جي ٻانگ مهل ائين ته آرام سان موڪلايو جو اسان سڀني کي خبر ئي نه پئي، نه ڪا هڏڪي، نه ڪا.... شايد اسان جي امڙ کي سُڪون نصيب ٿي ويو هو، جيڪو هر ماءُ کي پنهنجي آڏو اولاد بيٺل هجڻ سان نصيب ٿيندو آهي، اسين پاڻ ۾ ٻه ڀينر ۽ چار ڀائر آهيون (شل رب تعاليٰ سڀني کي پنهنجي حفظ و امان ۾ رکي آمين ثم آمين). سڀ ڄڻا ماءُ جي ڀرسان ئي بيٺل هئاسين ۽ هرڪو تلاوت ڪلامِ پاڪ ۽ دُعائن ۾ مصروف هيو. پنهنجي اولاد جي اولاد ۾ به انسان جو ساهه اٽڪيل هوندو آهي، ۽ منهنجي امڙ جي سامهون ته سندس پٽن جون گهر واريون، پوٽا، پوٽي، ڏوهٽا ۽ ڏوهٽي سڀ جو سڀ موجود هئا، خوشنصيب امڙ تلاوتِ ڪلام پاڪ جي ڇانوَ ۾ هن فاني دُنيا منجهان ڇا موڪلايو، ڄڻ ته ائين محسوس ٿيو هجي ته پنهنجي وجود جو حصو ٽٽي الڳ ٿي پيو آهي، ڪا مهل سمجهه ۾ نه پي آيو ته اِهو ڇا ٿي ويو، ڪيئن ٿي ويو ۽ ڇو ٿي ويو؟ پر پوءِ جڏهن اِن آيت کي ياد ڪيم ته: کُل نَفس ذَائقة الموتِ ”بيشڪ هر نفس کي موت جو ذائقو چکڻو آهي.“ بقول امڙ جي ”اِن الله مَعَ الصٰبَرينِ“ بيشڪ الله صبر ڪرڻ وارن سان گڏ آهي. مون به زور سان پڙهيو ته هر شيءَ کي الله تعاليٰ ڏانهن واپس موٽي وڃڻو آهي. اِنالله واِنااِلله راجعونِ. اُڄ به ائين لڳي ٿو ته امڙ مون سان هرهنڌ، هر مرحلي تي گڏ آهي، ۽ پنهنجي دعائن سان پئي ياد ڪري. اِهو شايد اِنڪري به احساس وڌيڪ ٿئي ٿو جو مان گذريل چوٽيهه سالن کان اِهو محسوس ڪندي رهي آهيان. مون کي اُهو ڏينهن ذهن ۾ نقش ٿيل آهي جڏهن مان روهڙيءَ مان سڀني کان موڪلائي ڄام شوري پڙهڻ آئي هيس، اِهو سال 1974ع هيو، اُن ڏينهن کان وٺي مون پنهنجي ماءُ کي تَصّور ۾ هميشه پاڻ سان گڏ سمجهيو، ۽ هينئر به جڏهن هوءَ اسان کان هميشه لاءِ دارالفاني مان دارالَبقّا ڪوچ ڪري، موڪلائي وئي آهي ته به ڄڻ ته مون سان گڏ آهي، ڇو ته پرديس ۾ مون پاڻ سان هميشه ماءُ جو وجود گڏ محسوس ڪري وقت گذاريو. وڏي اولاد هئڻ جي ناتي امڙ جو مون تي جيترو ويساهه هو، اوتروئي مون ۾ سندس ساهه به هيو، هر وقت هر پل پئي ساريندي هئي. فون جي سهولت عام ٿيڻ کان پوءِ هوءَ ڀائيندي هئي ته ڄڻ هر وقت نه ته به هر روز فون تي ڳالهائيندي رهي، ڄڻ ته سندس ساهه اٽڪيل رهندو هو نه صرف مون ۾ پر هر ٻار لاءِ هوءَ ساڳي ئي انداز ۾ سوچيندي هئي ۽ محبت ڪرڻ واري ماءُ جو مون سان خاص طور تي بي انتها پيار هيو، شايد وڏي هجڻ جي ناتي. دنيا جي هر ماءُ پنهنجي اولاد خاطر نه ڄاڻ ڇا ڇا ٿي ڪري، پر مان پنهنجي پوري اعتماد سان چوان ٿي ته منهنجي ماءُ نامناسب حالتن جي باوجود ڪيئن نه اسان جي پڙهائي، تعليم و تربيت ۽ گڏوگڏ سير و تفريح تي توجهه ڏنو. اڄ جڏهن مان ڪاغذ قلم کڻي پنهنجين يادگيرين منجهان انهن گهڙين کي ياد ڪري، ڪجهه لکڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهيان، ته الائي ڇو دل جي دنيا ۾ هلچل مچي وئي آهي. اُهو محترم ۽ مقدس چهرو جنهن کي سدائين سامهون رکي، مون پنهنجي هر منزل آسان بڻائي، تنهن معصوم ۽ نوراني چهري کي آخري ڀيرو ڏسڻ بعد به مون پنهنجي دل و دماغ ۾ ائين ئي هميشه لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. پرسُڪون چهري جا نقش هاڻي هميشه لاءِ منهنجي ائين ئي سامهون رهندا ۽ اُن خوبصورت چهري جي جاءِ والارڻ لاءِ ٻيو ڪو به چهرو سامهون نه ايندو. ڇو ته اهڙو پيارو ۽ خوبصورت چهرو ٻيو ڪو ٿي به ته نٿو سگهي.
منهنجي امڙ جو تعلق ضلعي شڪارپور جي ننڍڙي مشهور ڳوٺ ڳڙهي ياسين سان هيو. منهنجو نانو مرحوم علي بخش چنا تعليم کاتي سان منسلڪ هيو ۽ نانيءَ مرحومه جنت خاتون کي قرآن ۽ حديث سان بي انتها رغبت ۽ شوق هجڻ سان گڏوگڏ شاهه عبداللطيف رح جو رسالو ۽ ٻيون ڪيتريون ئي مناجاتون ۽ مولود زباني ياد هئا. خاتونِ خانه سان گڏ، ڀرت ڀرڻ ۽ آر ٺاهڻ جي پڻ ماهر هئي. منهنجي امان ڪڏهن ڪڏهن نانيءَ جون ڳالهيون ٻڌائيندي چوندي هئي ته اُن زماني ۾ رات جو چانڊوڪيءَ رات ۾ ٻاهر کليل اڱڻ ۾ کٽ تي ويهي پنهنجيءَ ساهيڙيءَ نالي حوا ڀٽي ۽ پاڻ گڏجي مناجاتون به پڙهنديون هيون ۽ آر به اُڻنديون/ ٺاهينديون هيون. اهڙي مذهبي ۽ تعليمي ماحول ۾ پرورش پائيندڙ منهنجي امڙ رحمت خاتون پاڻ به مذهبي لاڙو رکندڙ خاتون هئي. هر ڏک سُک ۾ صبر ۽ تحمل سان رب جو شڪرانو ادا ڪري خوش رهندڙ ۽ مسڪرائيندڙ مُک هميشه الله تعاليٰ جي عبادت ۾ مشغول رهندڙ امڙ نه صرف پنهنجي اولاد لاءِ دعاگو ۽ ڇپر ڇانوَ هئي، پر اوڙي پاڙي، مِٽ مائٽ، دوست احباب، ڄاتل اڻ ڄاتل، هر ڪنهن لاءِ هر وقت، هر دم مدد لاءِ تيار رهندي هئي ۽ پنهنجا ذاتي ۽ گهر جا ڪم ڪاريون ڇڏي، پنهنجي وَسَ آهر مدد ڪندي هئي. سندس قول هيو ته امان ”مدد“ صرف پئسن جي صورت ۾ نه ڪئي ويندي آهي، هر وقت هڪ انسان کي ٻي انسان کان صرف پئسن جي ضرورت ناهي پوندي، پر ڪڏهن ڪڏهن مسئلا ٻڌڻ، اُن مطابق مشورو ڏيڻ، حل ڳولي ڪڍڻ، اُن مشڪلات مان پار پوڻ لاءِ الله جي عبادت ذريعي، ذريعو ۽ راهه ڳولي ڪڍڻ، ڪنهن جي بيماري وغيره جو ٻڌي ڪو ڏس پتو ڏيڻ، آزمايل نسخو ٻڌائڻ، قرآن، سنت ۽ طِبِ نبوّي ذريعي ڪنهن کي راهه ڏيکارڻ ۽ تعليم ذريعي ڪنهن جي مدد ئي اصل ۾ ”خدمت“ جو درجو رکن ٿا. جيڪڏهن ٻن ماڻهن يا دوستن جي وچ ۾ ڪا غلط فهمي پيدا ٿي پوي ته ڪوشش ڪري صلح ۽ صفائي ڪرائڻ اِهي سڀ خدمت خلق ۾ شمار ٿين ٿا. بيشڪ منهنجي امڙ ۾ اهي خوبيون بدرجهء اُتم موجود هيون. ڪيترين ئي بالغ ڇوڪرين کي، قرآن شريف پڙهائي پورو ڪرايائين، جن ڪن سببن جي ڪري ننڍپڻ ۾ نه پڙهيو هيو. ڪيترين ئي اوڙي پاڙي جي خواتين کي ”آر“ ۽ ”اُنَ“ اُڻڻ جي هنر سان مالامال ڪيائين. ڇو ته منهنجيءَ امڙ کي ”آر“، ڪُنڍي“ ۽ ”اُنَ“ منجهان سوئيٽر ٺاهڻ، جو شوق هيو ۽ گڏوگڏ سيکاريندي به هئي ته سکندي به رهندي هئي. سندس استعمال ڪيل اُهي سڀ شيون مون وٽ محفوظ آهن، ڇو ته مون کي پڻ اِهو شوق رهيو، منهنجي ننڍيءَ ڀيڻ کي ايترو شوق نه هيو ۽ نه ئي وري ٽپڙ سنڀالي رکڻ جو ڏانءُ. اِنڪري اِهي شيون سڀ جون سڀ، امڙ مون کي ڏيئي ڇڏيون هيون. جيڪي اڄ به منهنجي لاءِ بي انتها اهم آهن. وڏي دل ۽ سادي طبيعت رکندڙ، مخلص ۽ همت ڏياريندڙ خاتون جي ناتي، هوءَ هميشه پنهنجي ڄاڻ ۽ علم جي روشني سڀني منجهه ڦهلائڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏيندي هئي، ۽ ائين ڪندي هوءَ پنهنجا ڪم ڪار به پوئتي ڇڏي، ٻئي جي خدمت ۾ لڳي ويندي هئي. الله تعاليٰ کيس قرآن شريف جو جيڪو علم عطا ڪيو هو، ان جي روشنيءَ ۾، ٻين جي پڻ رهنمائي ڪندي هئي. کيس پنهنجي والده ماجده طرفان ”يرقان“ جو ”هُدو“، مليل هيو. جنهن مان پڻ ڪيترن ئي فائدو حاصل ڪيو، هينئر اهو هُدو هن پنهنجي ڏوهٽيءَ عروج ڀٽي کي منتقل ڪيو آهي.
مون پنهنجيءَ امڙ کي سُر ۾ ڪڏهن ڪجهه ڳائيندي نه ٻڌو پر کيس ريڊيو ٻڌڻ تمام وڻندو هو، ريڊيو ۽ ٽي.وي شوق سان ٻڌندي ۽ ڏسندي هئي. مان ننڍي هيس ته ياد اٿم ته اُن زماني ۾ صبح جو سويل ستين بجي ريڊيو سيلون تان انڊيا جا پراڻا گانا ضرور ٻڌندي هئي ۽ گڏوگڏ نيرن تيار ڪندي هئي. پنهنجي ياد ڪيل مناجاتن ۽ مولودن کي به ڪڏهن ڪڏهن ياد ڪندي هئي ۽ پنهنجي منهن به ويٺي پڙهندي هئي. قرآن خواني کان پوءِ ”دعا“ گهرڻ وقت خاص طور تي ”امڙ“ سڀ دعائون پڙهندي هئي. جن کي ٻڌندڙ پسند به ڪندا هئا. مون سندس آواز ۾ قرآن شريف جون آيتون مُبارڪ، دعائون، ۽ مناجاتون، سنڌالاجي مان ريڪارڊ ڪرايون جن کي ٻڌي امڙ بي انتها خوش به ٿيندي هئي ۽ محمد قاسم ماڪا صاحب کي دُعائون به ڏيندي هئي. هڪ طرف سندس لاڙو مذهب ۽ مذهبي ڳالهين ڏانهن هيو ته ٻي طرف وري دنياوي لحاظ کان به پوئتي نه هئي. کائڻ ۽ کارائڻ جي شوقين، پچائڻ ۾ پڻ ماهر هئي. الله تعاليٰ سندس هٿ ۾ اهڙو ته سواد عطا ڪيو هو جو جنهن هڪ دفعو به سندس رڌل کاڌو چکيو سو هميشه ساراهه ڪندو هو. خاص طور تي گوشت ۽ ڪريلا، مڇيءَ جو ٻوڙ، مهريءَ جي دال ۽ چانور، ڪيتريون ئي بيشمار مٺيون ڊشز، مطلب ته هر کاڌي کي بهترين انداز ۾ پچائڻ جو هُنر ۽ ڄاڻ رکندي هئي. بهترين کاڌو پچائي، پوءِ سڀني کي ونڊي ورهائي، کارائڻ نه صرف شوق هيس پر اِهو سندس ايمان هيو ته توهان ونڊي ورهائي پوءِ کائو ان ۾ الله تعاليٰ جي خوشنودي شامل آهي نه صرف پنهنجي شهر روهڙيءَ ۾ پر جڏهن به مون وٽ ڄام شوري ۾ اچي ته به ائين ئي ڪري. اِهوئي سبب هيو جو منهنجي امڙ کي منهنجيون ڪلاس فيلوز، سرتيون ۽ ساهيڙيون، اوڙي پاڙي واريون سڀ ڀائينديون هيون ۽ خبر ملڻ شرط ته امان آئي آهي رشيده وٽ ته ضرور ملڻ اينديون هيون. دوست ۽ دشمن جي لاءِ هڪجهڙي راءِ رکندڙ، امڙ پنهنجي سامهون آيل ماڻهو جي آڌرڀاءُ ۾ ڪڏهن به فرق نه رکيو، پر فراخدليءَ جو مظاهرو ڪندي، بلڪل درگذر ڪري ڇڏيندي هئي ۽ چوندي هئي ته جيڪو
در پيهي آيو، تنهن سان ڪهڙو ليکو؟ بي وقت آيل مهمان لاءِ به وڃي رڌڻي جو در کوليندي هئي. چاهي پوءِ ٽائيم ڪهڙو به هجي، پر چوندي ته مهمان جي مهماني ته لازمي طور ڪرڻي آهي. اڄ جڏهن اهڙي امڙ جون ساروڻيون پئي ساريان ته پوءِ اهو به سوچي رهي آهيان ته اِهو ڪهڙو نه مقدس رشتو آهي، جنهن کي دنيا جو هر عظيم کان عظيم تر انسان، فيلسوف، ۽ دانشور لفظن جي ڪيڏي نه ڀيٽا ڏيئي چڪو آهي، پر پوءِ به جيڪڏهن انفرادي طور تي هن زمين تي موجود هر انسان کي جيڪڏهن چيو وڃي ته توهان پنهنجا پنهنجا تاثرات ”ماءُ“ متعلق لکو ته هوند اڃان به يقين اٿم ته ڪي اهڙا لفظ ايجاد ٿي پوندا، جيڪي پهرين ڪڏهن به نه چيا ۽ نه لکيا ويا هوندا. مان ڪا وڏي دانشور يا اديب ته نه آهيان جو لفظن کي موتين جي مالها پارائي سگهان، پر پوءِ به جيڪي احساس اندر منجهه اُڌما ڏيئي رهيا آهن، تن کي لفظن جو روپ ڏيڻ ئي دراصل ان رشتي جو ڪجهه حق ادا ڪرڻ جي برابر ٿيندو. اسان پنهنجي امڙ جو ته هڪ تِر جيترو به ٿورو نه ٿا لاهي سگهون. نه سندس اوجاڳن جو مَٽُ ۽ نه ئي سندس محبت جو ڪو اَنتُ، سندس اونَ ۽ تانگهه لاثاني ته بهتر مستقبل متعلق سوچڻ ۽ سنوارڻ لاءِ پنهنجيون خوشيون ۽ آرام قربان ڪرڻ بي مثال. اِن سڀني ڳالهين جو سدِباب ائين ڪيو اٿم جو مون پڻ پنهنجي اولاد جي تربيت ۽ تعليم بلڪل عين امڙ جي نقشِ قدم تي هلندي ڪئي آهي. الله تعاليٰ شل قبول فرمائي ۽ ٻچن کي ڪوسو واءُ نه لڳي. (آمين ثم آمين) منهنجي پڻ اِهائي دعا آهي ته رب شل ٻچن کي پنهنجي حفظ و امان ۾ رکي ۽ اُنهن کان اڳ اسان کي پنهنجو ڪري محبتن جي ميدان ۾ مات ڏيندڙ لفظ ”ماءُ“، هر لفظ کان سهڻو، پيارو، اوچو، آدرشن ڀريل، سيبتو، ساهه ۾ سمائجڻ وارو لفظ ڪنهن سان به مشابهت نٿو رکي ۽ نه ئي وري ڀيٽي ٿو سگهجي. پهرين ”محبت“، پنهنجي رب سان پوءِ پنهنجي پياري نبيءَ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن سان ۽ اُن بعد ماءُ جي محبت، اِهو هڪ اهڙو سلسلو آهي، جنهن جي ڪري هن ڪائنات جو وجود قائم ۽ دائم آهي. جيڪڏهن ماءُ جي مامتا نه هجي ها ته هن ڪائنات جي تخليق بلڪل بي معنيٰ ٿي وڃي ها ۽ اڳيان نه وڌي ها.
منهنجيون هن قابلِ احترام شخصيت سان واڳيل ڪيتريون ئي اهڙيون يادگيريون وابسته آهن، جو جيڪڏهن ڪاغذ تي اُوتڻ شروع ڪبو ته پوءِ داستان بڻجي ويندو. بقول ڪنهن شاعر جي ته ”يادن کي چئو ته ياد نه اچن.“ جيڪڏهن مان پنهنجي شعوري ياد جو ذڪر ڪرڻ شروع ڪريان ته مون کي اِها ڳالهه ئي صرف ياد آهي ته مان پهرين ڏينهن اسڪول داخل ٿي، پڙهڻ شروع ڪيم ته منهنجي امڙ مون لاءِ ڇا ڇا نه ڪيو؟ پنهنجن هٿڙن سان سبيل يونيفارم کان وٺي نئون هٿن سان اُڻيل سوئيٽر (اڇي ۽ ڳاڙهي رنگ وارو)، ڪارو اسڪولي بوٽ، ۽ اڇا جوراب اِهو سڀڪجهه اِن ڪري ياد آهي جو اِن يادگار خوشنصيب لمحي ۾ ڪجهه تلخ ياد به شامل آهي ۽ اُها آهي گورنمينٽ پرائمري اسڪول روهڙيءَ ۾ پهرين ڏينهن جي واردات، جتي اُستاد چيو ته هيٺ زمين تي ويهو ڇو ته ڪلاس روم گهٽ آهن، جيستائين ڪو ڪلاس روم ملي. مون ٺهه پهه بغير سوچي سمجهي جواب ۾ چيو ته مان هيٺ زمين تي نه ويهندس. ڇو ته منهنجو نئون سوئيٽر ميرو ٿي ويندو، ڇو ته منهنجي ماءُ ايڏيءَ محنت سان مون لاءِ ٺاهيو آهي ۽ چيو اٿس ته ميرو نه ڪجانءِ، اِهو هو منهنجو پهريون احتجاج جيڪو مون هڪ ٻار جي حيثيت ۾ ڪيو هيو ۽ افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته اڄ اُتر سنڌ جا ڏتڙيل علائقا هجن توڙي لاڙ ۽ ڏکڻ سنڌ جا پوئتي پيل ڳوٺ، اُتي اسڪولن جي حالت ساڳي آهي. گذريل سٺ سالن کان غريب جو ٻار اڄ به زمين تي، وڻ هيٺان علم حاصل ڪرڻ لاءِ جتن ڪري رهيو آهي. ڪجهه ٻار خداداد صلاحيت جي بنياد تي ڪامياب ٿيو وڃن پر بيشمار ٻارڙا صرف همت افزائي نه ٿيڻ سببان رولڙي جو شڪار ٿيو وڃن. ڪاش! اسان جي ٻارڙن جا به ڏينهن بدلجي سگهن؟
گذريل يادگيرين جي فلم، يادن جي صورت ۾ جيڪڏهن ذهن ۾ اسڪرين تي اُڀاربي ته مون کي بخوبي ياد آهي ته صبح جو سوير اُٿي سڀ کان پهريان نماز۽ قرآن شريف جي تلاوت مان فارغ ٿي، امان نيرن تيار ڪرڻ لاءِ رڌڻي ۾ ويندي هئي ۽ مان صبح جو اُٿي اسڪول جو ”سبق“ ۽ ”بيت“ ياد ڪندي هيم، گڏوگڏ ميٽ سان مليل ”پٽيءَ“ تي ڪاري مس ۽ ڪِلڪ سان سبق لکندي هيم، جيڪا اڳ ۾ پينسل سان بابا جن لکي رکندا هئا. اهو عمل خوشخطيءَ کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪيو ويندو هو. اِن سڄي عمل ۾ منهنجي مدد منهنجو والد مرحوم و مغفور شيخ رحيم بخش ڪندا هيا.
مون کي الف ب ج به پنهنجي بابا لکڻ شروع ڪرايا ۽ سيکاريا سندن اُهو انداز ۽ طريقو سيکارڻ جو ۽ سمجهائڻ جو اڄ به ساڳي ئي نموني ذهن تي نقش ٿيل آهي. اڄ جي زماني ۾ اُن طريقي تي پڙهايو، لکايو ۽ سيکاريو نٿو وڃي.
(شعوري زندگي شروع ڪرڻ وقت پنهنجيءَ ٻوليءَ ۾ پهريون سبق سکڻ هر ”ٻار“ جو بنيادي حق آهي. ائين نه ڪرڻ سان ”ٻار“ جو ننڍڙو ذهن منتشر ٿي وڃي ٿو ۽ هو هڪ ئي وقت ٽي چار ٻولين جا اُچار ٻڌي پريشان ٿي وڃي ٿو. اِنڪري عالمي سطح تي اِن اصول کي مڃتا مليل آهي ته پهريون سبق پنهنجيءَ مادريءَ ٻوليءَ ۾ سيکاريو وڃي، پوءِ ڀلي ڪيتريون به ٻوليون سکجن، لکجن ۽ پڙهجن.)
صبح جو دير ٿي وڃڻ يا صحيح طريقي سان نيرن نه ڪرڻ جي صورت ۾ امان پويان پويان دروازي تائين به اچي ڪجهه نه ڪجهه کارائڻ ۽ پيارڻ جي ڪوشش ڪندي هئي. سندس اُها عادت منهنجي وڏي ٿي وڃڻ تي به ساڳي رهي. ڪاليج ۾ پڙهڻ لاءِ جڏهن روهڙيءَ کان سکر صبح جو سوير تقريباً ڇهين وڳي وڃبو هو تڏهن ڪاٺين ۽ ڇيڻن تي باهه ٻاري ٺاهيل چانهه، ڪوپ ۽ ساسر ۾ وجهي پويان دروازي تائين کڻي ايندي هئي ۽ ڦوڪون ڏيئي چانهه کي ساسر ۾ ٿڌو ڪندي هئي ته مَن ڪجهه ڍُڪ پي وڃي. موٽي اچڻ تي تقريباً شام ٿي ويندي هئي، پر کيس اِها اون هوندي هئي ته ماني گرم پچائي ڏيانس سو ٻيهر پئي الڳ ماني پچائيندي هئي. گهر ۾ ڪڏهن به پئسا خرچيءَ طور بابا جن نه ڏيندا هئا، پر امڙ ڪپڙي جي ننڍڙي ڳوٿري ٺاهي رکي هئي. جنهن ۾ شيون (مثال طور سُڪل ميوو، ڀڳڙا، کنڊ ڀڳڙا، ريوڙيون، ۽ ٻيون به گهر جون ٺهيل ڪيتريون ئي مٺيون شيون) وغيره وجهي ڏيندي هئي. جيڪي رسيس ۾ کائيندي هيم، ان ساڳيءَ عادت تي مئٽرڪ تائين رکيو ويو. ٻاهرين شيءِ کائڻ جي اجازت بلڪل به نه هوندي هئي. (اِن عادت وجهڻ ۾ گهڻو عمل دخل منهنجيءَ وڏي پڦيءَ جو هيو. جيڪا سڄي گهر جو ڪارَ وهنوار هلائيندي هئي. منهنجي پڦيءَ جو مون سان بي انتها پيار ۽ محبت هئي، جڏهن ته منهنجي امڙ سان روايتي نڻان ڀاڄائي وارو قصو هلندو رهندو هيو، پر پوءِ به منهنجيءَ امڙ کي جَسُ هجي جنهن ڪڏهن به اسان ٻارن کي پنهنجي پُڦيءَ توڙي خاندان جي ٻين فردن جي باري ۾ ڪوبه گٿو لفظ يا گُٿو خيال ۽ اُن جي اظهار جي اجازت نه ڏني. هميشه چوندي هئي ته توهان جي وڏي آهي، توهان عزت ڪندا ڪريو. منهنجو معاملو الڳ آهي. اڄ جي دنيا ۾ اهڙا انسان بنهه گهٽجي ويا آهن، ۽ ڪجهه نه ڪرڻ جي باوجود رشتا ناتا ٽوڙيا وڃن ٿا. خاندان الڳ الڳ ٿيو وڃن.
مون کي ياد آهي اٺين درجي ۾ اسڪالرشپ جو امتحان بورڊ وٺندو هيو الڳ سان، سو جڏهن مان اُهو امتحان ڏيڻ سکر ويندي هيم ته امان مون لاءِ گهر ۾ ڪڻڪ جي اٽي منجهان لڏون ٺاهي رکيا هئا.، سي ڳوٿريءَ ۾ وجهي ڏيندي هئي، ۽ مان پنهنجي ساهيڙي نسرين جماڻي سان گڏجي اُن تي گذارو ڪنديون هيوسين ۽ شام جو گهر پهچي ماني کائينديون هئاسيون، اُها ڪپڙي جي ڳوٿري اڄ به مون وٽ نشانيءَ طور رکيل آهي ۽ محفوظ آهي. سندس هٿ جون استعمال ٿيل سڀ شيون مون قومي ورثي وانگر سنڀالي رکيون آهن. جن ۾ اُن اُڻڻ جا سوئا، آر ٺاهڻ واري سُئي، پف ڀرت ڀرڻ واري سُئي، ڪُنڊيءَ ڀرڻ جي سُئي، ڪيترن ئي نمونن جا ڌاڳا، ۽ ٻيا ڪيترائي ڪاربن ڪاغذ سان ٽريس ٿيل نمونا وغيره سانڍي رکيا آهن. امڙ جي هٿ ۾ کڻڻ واري تسبيح به مون پاڻ سان ائين گڏ رکي آهي، ڄڻ هينئر امڙ چوندي ته تسبيح کڻي ڏي ته مان پڙهان. الله تعاليٰ جو فرمان آهي ته سوير اُٿي پهرين ڪائنات جي خلقيندڙ جي حمد و ثنا ڪريو، نماز ۽ قرآن شريف جي تلاوت کان پوءِ پنهنجي رزق جي تلاش لاءِ الله جي زمين تي ڦهلجي وڃو. اسان جي امڙ عين اِن فرمان جي پسمنظر تي عمل ڪندي زندگي گذاري. ديني فرائض سرانجام ڏيڻ سان گڏوگڏ دنياداري به احسن طريقي سان نباهي. گهر جي ڪم ڪار کان وٺي، سلائي ڪرڻ، ڀرت ڀرڻ، سوئيٽر ٺاهڻ ۽ مختلف قسمن جا بهترين کاڌا پچائڻ ۽ اُن سان گڏوگڏ کٽاڻيون، چٽڻيون ۽ مختلف حلوا وغيره ٺاهڻ سندس پسنديده مشغلو هو. هر ڪم پنهنجي هٿ سان ڪري پوءِ تمام خوشدلي ۽ فراخدليءَ سان پيش ڪرڻ به ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ جي خوبي هوندي آهي. بيشڪ اسان جي امڙ پنهنجي گهر، وَرَ ۽ ٻچن جي خدمت دل و جان سان ڪري، پنهنجي لاءِ نيڪي ڪمائي. شل رب تعاليٰ جنت ۾ سندن درجا بُلند ڪندو ۽ سندن مرقد آسوده حال رهندي. پنهنجي نرم طبيعت، حليم سڀاءُ، نرم دلي ۽ نهٺائي سبب جنهن سان به هڪ دفعو ملندي هئي ته اُهو ماڻهو وري وري ملڻ تي مجبور ٿيندو هو. پنهنجيءَ گفتگو جي دوران جتي ڳالهين ٻولهين دوران دُنياوي ڳالهيون ڪجن ٿيون اُتي هر ڳالهه کي قراني قصن، نبين جي بيانن ۽ شاهه عبداللطيف رح جي بيتن جي روشنيءَ ۾ واضع ڪري سمجهاڻي ڏيڻ به سندن معمول ۾ شامل هوندو هو. خاص طور تي پهاڪا ۽ اصطلاح، چوڻيون ۽ سينه به سينه منتقل ٿيندڙ ڳجهارتون، به بيشمار ياد هونديون هين، توڙي جو عام زندگيءَ ۾ ڪا شيءِ رکي وِسارڻ ۽ جڳهه جو صحيح تعين نه ڪرڻ به معمول هوندو هين، پر حيرت انگيز طور تي، آيتون، بيت ۽ چوڻيون هر وقت ياد هونديون هين. منهنجي پڦي مرحومه سردار خاتون خود هڪ ذهين ۽ هوشيار خاتون هئي ۽ امان جي اِن ويسر واري عادت کان هميشه ڪاوڙيل رهندي هئي، پر سندس چيل پهاڪن ۽ چوڻين توڙي بيتن پڙهڻ تي تمام حيرت جو به اظهار ڪندي هئي، مان اُنهن پهاڪن ۽ چوڻين کي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهيان، ڪاش! امڙ جي موجودگيءَ ۾ اهي لکي وٺان ها. اڄ امڙ جي ڪميءَ جو احساس ائين پيو ٿئي جو پويان ڪوبه آواز اهڙو نٿو ٻُڌڻ ۾ اچي جيڪو سڏي چوي ته تون ڇا پئي ڪرين؟ ۽ ڇا پئي لکين؟ مون کي به ٻڌاءِ؟ مان امڙ کي ڇا ٻڌايان؟ ته تنهنجي جوانيءَ جي ڏينهن جي ياد، اُن ۾ شامل ڏُک ۽ پيڙائون ۽ پوءِ هر حال ۾ سندرو ٻڌي، هر مشڪل کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکندڙ ماءُ ڪيئن نه اسان سڀني ڀينرن ۽ ڀائرن کي هڪ گلدستي مثل گڏ ڪري رکيو. سندس وقت آخر تائين اِهائي ڪوشش رهي ته سڀ ٻچا اکين آڏو، سامهون ۽ گڏ هجن. هوءَ اِهو ڄاڻي پئي ته ٻڌيءَ ۾ برڪت آهي. الله تعاليٰ کي عرض ۽ دُعا آهي ته سندس جوڙيل اِهو گلدستو شل سدائين شاداب ۽ آباد رهي (آمين ثم آمين). شل اسين سڀ ڀينر ۽ ڀائر پنهنجن ٻچن سميت پنهنجي ڪُٽنب سميت پاڻ ۾ محبت ۽ اتفاق سان رهون ته جيئن اسان جي امڙ جي روح کي تسڪين ملي ۽ سندس روح اسان لاءِ سدائين دُعاگو رهي (آمين ثم آمين). اڄ جي نفسا نفسي واري عالم ۾ جتي خاندان ٽٽي رهيا آهن ۽ هر انسان الڳ الڳ ڪُني چاڙهي، خوش رهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، اُتي اِهو نه وسارڻ گهرجي ته پوءِ به ٻڌيءَ ۾ برڪت آهي. ”ٻه ته ٻارنهن“ جي مِثل انسان گڏجي گذاري ته وڌيڪ ڀلو آهي. ڏک سک ۾ هڪٻئي سان حال ڀائي ٿيڻ ئي اصل ۾ ”زندگي“ جو مقصد آهي. هِن ڪائنات خلقڻ جو سبب ئي اِهو آهي ته انسان الله تعاليٰ جي عبادت ڪري هڪٻئي جي مدد ڪري ۽ ڏک سک ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿئي. اِهوئي اصل ۾ ڪائنات جي خلقيندڙ جو مقصد آهي. الله تعاليٰ شل اسان سڀني کي نيڪ راهه تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي (آمين ثم آمين). الله تعاليٰ شل منهنجي امڙ جي آخري آرامگاهه کي ڪشادو ۽ مُنوّر رکندو ۽ جنت ۾ سندن درجات بُلند ڪندو ۽ پياري نبي حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جن جي شفاعت نصيب ٿيندن. (آمين ثم آمين).
* * *