سائنس، علم ۽ رسالا

ڪَڻي مان ڪيچَ

پروفيسر رشيده ڀٽي جو لکيل هي ڪتاب انتهائي ڪارائتو آهي. جيڪو عام ماڻهوءَ کي غذا جي فائدي ۽ علاج جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ ڏيئي ٿو. قدرت جو ڪارخانو عجيب آهي. هتي شين جو پاڻ ۾ مضبوط لاڳاپو آهي. اُهي چاهي گڏوگڏ هلنديون هجن يا بنهه هڪٻئي جي اُبتڙ هجن. گرمين جون ڀاڄيون ۽ ميوا مزاج ۾ معتدل ۽ جسم ۾ پاڻي جي مقدار کي گهٽ ٿيڻ نه ٿا ڏين. ساڳيءَ ريت سياري ۾ پيدا ٿيندڙ غذا گرم ۽ جسم جي مدافعتي مزاج کي فعال بڻائي ٿي. ساڳي وقت موسمي اثر ۽ بيمارين کان بچائي ٿي. رشيده پنهنجي هن ڪتاب ۾ ڪافي حد تائين غذا متعلق انيڪ پهلو واضع ڪيا آهن.
Title Cover of book ڪَڻي مان ڪيچَ

ٻارن کي مليريا کان محفوظ رکڻ لاءِ نئين وئڪسين تيار

آمريڪي محققن جي مطابق هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مليريا بيماريءَ کي ٻارن منجهه ختم ڪرڻ لاءِ ويڪسين تيار ڪئي وئي آهي. ان ويڪسين جي مدد سان ٻارن ۾ مڇرن جي چڪ ڪري پيدا ٿيندڙ بيمارين کان ٻارن کي محفوظ رکي سگهبو. نئين وئڪسين کي مغربي آفريڪا ۾ (هڪ کان ڇهن سالن جي عمر جي ٻارن ۾) سؤ کان وڌيڪ ٻارن تي آزمايو ويو. انهن ۾ ايتري قوت مدافعت پيدا ٿي وئي آهي جيئن هڪ وڏي بالغ انسان ۾ پيدا ٿي ويندي آهي. ٻار جو ڪيترائي دفعا مليريا کان متاثر ٿيڻ بعد قوتِ مدافعت نيٺ ان مقابل ٿي ويندي آهي جو مڇرن جو چڪ پوءِ ايترو جلدي اثر انداز نه ٿيندو آهي. ريسرچ ڪندڙ سائنسدانن ڪجهه اهڙن طريقن جي نشاندهي ڪئي آهي، جيڪي مڇر پنهنجي انساني شڪار کي سنگهڻ لاءِ استعمال ڪندا آهن. توقع ڪئي پئي وڃي ته عنقريب هن دريافت سان مڇرن کي انسانن کان پري رکڻ لاءِ اهڙيون دوائون ٺاهيون وينديون، جن ۾ خطرناڪ ڪيميائي ماده استعمال نه ڪيا وڃن يا وري گهٽ ۾ گهٽ اهڙيون دوائون استعمال ۾ نه اچن. مليريا جي باعث هر سال تقريباً ڏهه لک انسان موت جو شڪار ٿي وڃن ٿا. جن جو اڪثر ڪري تعلق برِاعظم آفريڪا سان آهي ۽ خاص طور تي ننڍڙا ٻار اجل جو شڪار ٿي وڃن ٿا، ڇو ته انهن منجهه بالغ انسانن جي مقابلي ۾ تمام گهٽ قوتِ مدافعت هوندي آهي ۽ ساڳي وقت ماءُ جي کير ۾ ٻارن جي بيمارين خلاف سڀ کان وڌيڪ قوتِ مدافعت موجود هوندي آهي ۽ ساڳي وقت ماءُ جو کير ٻار کي ’ايڊز‘ جهڙي خطرناڪ بيماري کان به بچائي سگهي ٿو. الله تعاليٰ جي تخليق منجهان ڪائنات جي حسين ترين تخليق آهي، ”اِنسان جو ٻارُ“. ٻارُ هڪ اهڙو ته معصوم گل هوندو آهي جيڪو ذري برابر به گرمي ۽ سردي يعني ته گهٽ وڌائي بلڪل به سهي نه سگهندو آهي. ڄمڻ کان پوءِ ٻار جي بهترين غذا جو انتظام به الله تعاليٰ پنهنجي هٿن ۾ رکيو آهي. هُن معصوم لاءِ ماءُ جي سيني اندر اهڙو ته نظام رکيو آهي، جو رت منجهان ڇڪي کير جي شڪل ۾ کير ناليون کِيرُ کڻي ٻار جي وات تائين پهچائين ٿيون. هيءُ هڪ اهڙو ته پاڪ پوتر، صاف سٿرو ۽ غذائيت سان ڀرپور هر بيماريءَ کي مُنهن ڏيڻ جي قابل کير آهي، جيڪو سال کن تائين ٻار جي غِذائي ضرورتون پوريون ڪندو رهي ٿو ۽ ٻارڙي جي نشوونما بهترين طريقي سان ٿيندي رهي ٿي. موجوده دور ۾ جتي نيون نيون تحقيقون ٿي رهيون آهن. سائنسي طِبيّ مَاهرين تازه ترين رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته ماءُ جي کير پيارڻ وارو عمل نه صرف ٻار منجهه قوت مدافعت پيدا ڪري ٿو پر ساڳي وقت ٻارن کي اڄڪلهه جي موذي مرض ايڊز کان پڻ بچائي رکي ٿو. ٻي طرف ايڊز ورتل مائرن کي اِها صلاح ڏني وئي آهي ته اهي پڻ پنهنجن ٻارن کي کير پياري سگهن ٿيون ۽ هن خوف کان ته هو پاڻ ايڊز ۾ ورتل آهن، پنهنجن ٻارن جو کير پيارڻ بند نه ڪن تحقيق دوران خبر پئي اهڙا ٻار جلد مري سگهن ٿا. جن کي ماءُ جو کير نصيب نٿو ٿئي. مٿين ڏنل تفصيل منجهان خبر پئي ته ٻار لاءِ ماءُ جو کير ڪيترو نه اهم آهي، ”ايڊز“ جهڙي موذي مرض ۾ ورتل ماءُ به کير پياري سگهي ٿي.
* * *