هر سُٺو ڪم عبادت آهي
توهان پنهنجي گهر ۾ پنهنجن والدين ۽ ٻين گهر جي ڀاتين کي ”عبادت“ ڪندي ضرور ڏٺو هوندو. هاڻي توهان به ضرور سوچيندا هوندا ته آخر عبادت ڇا آهي؟
”عبادت“ لفظ جي معنيٰ ”اسلام“ ۾ تمام گهڻي وسيع آهي. اِسلام ۾ عبادت صرف چند رسمن جي ادا ڪرڻ جو نالو قطعي نه آهي. پر انسان جي هر سٺي ڪم کي اِسلام ”عبادت“ ۾ شامل ڪري ٿو.
اسلام ۾ نماز، روزا، حج ۽ زڪواة سان گڏوگڏ هر اُهو ڪم به ”عبادت“ ۾ شامل آهي، جيڪو الله تعاليٰ ۽ اُن جي پيغمبر رَسول الله صَليّ الله عليھ وآلھ وَسّلم جن جي ٻڌايل ۽ هدايت ڪيل اُصولن ۽ طريقي مطابق هوندو آهي. جيڪڏهن توهان تعليم حاصل ڪري رهيا آهيو ۽ اُن جو مقصد نيڪي ڦهلائڻ، ڀلائي ڪرڻ، خدا جي مخلوق جي خدمت ڪرڻ آهي ته پوءِ اها به ”عبادت“ ۾ شامل آهي. جيڪڏهن توهان تجارت ڪريو ٿا ۽ ان ۾ بي ايماني ۽ دوکي بازي شامل نه آهي، ۽ مناسب منافعو وٺو ٿا ته اهو عمل ۽ ڪم به ”عبادت“ ۾ شامل آهي. جيڪڏهن توهان نوڪري پيشه آهيو ۽ ديانت سان ڪم ڪريو ٿا ته اهو به ”عبادت“ ۾ شمار ٿئي ٿو. پنهنجي ڀاءُ، ڀيڻ، ڪنهن دوست، ساٿي سان مسڪرائي ملو ٿا ۽ سلام ۾ گوءِ کڻو ٿا ۽ همدردي سان پيش اچو ٿا ته اهو عمل به ”عبادت“ ۾ شامل آهي. هاڻي توهان جيڪڏهن ڪنهن انسان يا جانور تي رحم ڪريو ٿا ته اها به ”عبادت“ آهي. ڪنهن رستي ڀليل کي رستو ڏيکاريو ٿا ۽ رهنمائي ڪريو ٿا، ڪنهن نابين کي روڊ پار ڪرايو ٿا، ته اهو سڀ عبادت ۾ شامل آهي، ايتري قدر جو جيڪڏهن توهان سچي نيت ۽ دل جي شوق سان سياست ۾ حصو وٺو ۽ ماڻهن جي عام ڀلائي جي ڪمن ۾ ڀرپور نيڪ نيتي سان حصو وٺو ٿا، ۽ مشڪلاتون آسان بڻايو ٿا ته ان کي به عبادت جو درجو مليل آهي. توهان پنهنجي ماءُ، پيءُ جي خدمت ۽ استاد جي عزت ڪريو ته اُها پڻ اُتم درجي جي ”عبادت“ ۾ شامل آهي. مطلب ته هر اُهو ڪم جيڪو الله تعاليٰ جي مقرر ڪيل حدن اندر ڪيو وڃي ٿو، ته ان کي عبادت جو درجو مليل آهي ۽ اها عبادت آهي.
عبادت بهترين ڪم آهي، عبادت ڪرڻ وارو عبادت گذار تمام عزت و احترام جي نظرن سان ڏٺو ويندو آهي.
هاڻي توهان ان ڳالهه تي غور ڪريو ته آخر عبادت جو مطلب ڇا آهي؟ مقصد ڪهڙو آهي؟ ۽ فائدو ڪهڙو آهي؟ عبادت دراصل ان ڳالهه جي اقرار ۽ اظهار جو نالو آهي ته جنهن ربّ تعاليٰ جي عبادت ڪئي وڃي ٿي، اهو ”معبود“ آهي. جيڪو عبادت ڪري ٿو. اهو ”عبد“ آهي.
”عبد“ جي معنيٰ ”ٻانهو“ آهي. جيڪو انسان عبادت ڪري ٿو اهو ظاهر ڪري ٿو ته مان ٻانهو ۽ غلام آهيان، ۽ جنهن جي عبادت ڪريان پيو اهو مالڪ آهي، خالق آهي، آقا آهي، ان جو حڪم مڃڻ منهنجو فرض آهي. ان جي اطاعت ۾ منهنجي ڀلائي آهي. معبود جيڪي هدايتون ڏنيون آهن. انهن تي عمل ڪرڻ ۾ ئي منهنجي بهتري ۽ ڀلائي لڪيل آهي ۽ مان برائين کان بچي سگهان ٿو ۽ مون کي نجات ملي سگهي ٿي. الله تعاليٰ انسان کي پيدا ئي ان لاءِ ڪيو آهي ته هو پنهنجي پيدا ڪندڙ جي عبادت ڪري ڇو ته عبادت ڪرڻ وارا ئي سٺا ٻانها ۽ سُٺا انسان هوندا آهن. عبادت ڪرڻ سان الله تعاليٰ کي ڪو به فائدو نه ٿو رسي، پر خود عبادت ڪندڙ کي ئي فائدو پهچي ٿو.
عبادت جو مطلب ۽ مقصد آهي ته انسان ۽ الله تعاليٰ جو پاڻ ۾ تعلق ڳنڍيل ۽ مضبوط رهي. غلام يعني ٻانهي ۽ آقا يعني ربّ جو رشتو پائيدار رهي.
جڏهن انسان کي اها ڳالهه هر وقت ياد رهندي ته هو خود آقا نه پر پنهنجي آقا جو غلام آهي ته ”الله ۽ ٻانهي“ جي وچ ۾ اهڙو ته مضبوط روحاني رشتو قائم ٿيندو جو هو هر وقت پنهنجي مالڪ جي حڪمن جي پيروي پابنديءَ سان ڪندو ۽ ان طرح سان ان پابنديءَ جي طفيل اُن جو هر ڪم آسان ۽ هر عمل صحيح ٿيندو رهندو. ڪوڙ، ڌوڪو، ظلم، ناانصافي ۽ بي ايماني نه ڪندو، بلڪه سچائي، سڪون، همدردي، انصاف ۽ ديانت داري جو زمانو روان دوان رهندو ۽ نيڪيءَ جو بول بالا رهندو. اُهوئي عبادت جو اصل مقصد آهي. اِسلام دِين فِطرت يعني ته فِطري دِينُ آهي. اسلام جي هر حڪم ۽ هر هدايت ۾ اها گنجائش رکي وئي آهي ته جيئن آسانيءَ سان انهن اصولن تي عمل ڪري سگهجي.
اِسلام ۾ عبادت جو مفهوم به اهوئي آهي ته جيڪو ڪم الله تعاليٰ جي مرضي ۽ ان جي مقرر ڪيل حد اندر هوندو ته اهو به عبادت ۾ شامل آهي.
علم حاصل ڪرڻ، تجارت ڪرڻ، سياست ۾ حصو وٺڻ ٻار پالڻ، ماءُ ۽ پيءُ جي خدمت ڪرڻ، اهي سڀ ڪم جيڪڏهن الله تعاليٰ جي ڏسيل طريقن مطابق سرانجام ڏبا ته اُهي به ”عين عبادت“ ۾ شامل هوندا.
* * *