سائنس، علم ۽ رسالا

ڪَڻي مان ڪيچَ

پروفيسر رشيده ڀٽي جو لکيل هي ڪتاب انتهائي ڪارائتو آهي. جيڪو عام ماڻهوءَ کي غذا جي فائدي ۽ علاج جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ ڏيئي ٿو. قدرت جو ڪارخانو عجيب آهي. هتي شين جو پاڻ ۾ مضبوط لاڳاپو آهي. اُهي چاهي گڏوگڏ هلنديون هجن يا بنهه هڪٻئي جي اُبتڙ هجن. گرمين جون ڀاڄيون ۽ ميوا مزاج ۾ معتدل ۽ جسم ۾ پاڻي جي مقدار کي گهٽ ٿيڻ نه ٿا ڏين. ساڳيءَ ريت سياري ۾ پيدا ٿيندڙ غذا گرم ۽ جسم جي مدافعتي مزاج کي فعال بڻائي ٿي. ساڳي وقت موسمي اثر ۽ بيمارين کان بچائي ٿي. رشيده پنهنجي هن ڪتاب ۾ ڪافي حد تائين غذا متعلق انيڪ پهلو واضع ڪيا آهن.
Title Cover of book ڪَڻي مان ڪيچَ

ڄمون Jawa -Plum

عام طور تي ڄمون جي نالي سان ڄاتل سڃاتل ميوي کي ٻين به گهڻن ئي نالن سان سڏيو وڃي ٿو. جمبول، جاوا پليوم، ڪارا پليوم، جميولان وغيره. ڄمن کي نباتاتي سائنس ۾ (Camino Syzygim) Jawa -Plum ڪري سڏجي ٿو، هن جي ظاهري شڪل ۽ صورت گولائي نما اُڀي ((Oblong ۽ رنگ واڱڻائي ڪارو مائل ٿئي ٿو. ڄمن جو وڻ تقريبا ٻن کان ٽن ميٽرن جو ڊگهو ٿئي ٿو. پاڪستان، هندوستان، ۽ انڊونيشيا ۾ عام جام نظر ايندو آهي. مارچ ۽ اپريل مهيني ۾ گل جهليندو آهي ۽ مئي کان جولاءِ مهينن ۾ فروٽ (ميوو) ڏيندو آهي.، هن جو ٻج پوکڻ بعد چئن کان ستن سالن اندر هيءَ وڻ ميوو ڏيڻ جي قابل ٿي ويندو آهي. اُپٽيل بلور (Ovoid) وانگر ڏيک ڏيندڙ هيءُ ميوو پنهنجي عمر مطابق رنگ به بدلائيندو رهي ٿو. شروعات ۾ سائو (Green) نظر ايندڙ. پڪل صورت (Mature) ٿيڻ تائين گلابي (Pink) ڏسڻ ۾ ايندو آهي ۽ پوءِ اڳتي هلي جڏهن پوري طرح رسجي تيار (Ripe)، ٿي ويندو آهي ته اُن وقت ڪارو واڱڻائي مائل،(black Crimson) نظر ايندو آهي، هيءُ ميوو ذائقي ۾ تُرش (bitter) يعني کٽو پر مٺاڻ سان ڀريل هوندو آهي. جيڪڏهن توهان ڄمون کي چڪ هڻي کائيندا ته توهان کي کٽو مٺو هڪ وڻندڙ ۽ لذيذ ذئقيدار/ ميوو محسوس ٿيندو. جيڪڏهن ڪيميائي تجزيو ڪبو ته معلوم ٿيندو ته هن جي کٽاڻ مائل مٺاڻ جو دارومدار منجهس اندر موجود ڪجهه تيزابي مرڪبات جي ڪري آهي. هن ۾ مالي ائسڊ (Mali- acid) گالئڪ ائسڊ (Gallic- acid) ٽينننس (Tannins) ۽ آڪسالڪ ائسڊ (oxalic- acid) موجود هوندا آهن. هنن تيزابي مُرڪبات جي ڪري ميوو کائڻ ۾ ترشي مائل کٽو مٺو ذائقو ڏيندو آهي. گودي (Pulp) اندر هنن تيزابي مُرڪبات جي موجودگيءَ ۾ حياتياتي ماليڪيولر (Bio-molecular) هن ميوي کي اعليٰ درجي جي دوا جو درجو ڏيارين ٿا. رت ۾ مٺاڻ جي موجودگي کي گهٽائڻ ۾ صفِ اول جا مددگار ثابت ٿين ٿا. انڪري هن ميوي کي اينٽي ڊائبيٽڪ (Anti-diabetic) ۽ اينٽي آڪيسڊنٽ ڪري سڏجي ٿو ۽ اهڙيءَ طرح هيءُ ميوو ٻين ڪيترين ئي پراڻين بيمارين ۽ تڪليفن کي پڻ دور ڪري ٿو. مثال طور پيٽ جي تڪليفن، هڏن جي تڪليفن (Arthritis)، دل جي تڪليفن ۽ هاءِ بلڊ پريشر وغيره ۾ به لاجواب ۽ حيرت انگيز طور تي اثرانداز ٿئي ٿو. هيءُ هڪ اهڙو قدرت طرفان عطا ٿيل ميوو آهي. جنهن وڻ جو هر هڪ حصو بي انتها ناياب ۽ مختلف بيمارين لاءِ ڪم ايندڙ ثابت ٿيو آهي. اسين هن وڻ جي هر هڪ حصي منجهان ملندڙ فائدن جو ذڪر ڪنداسين
(1) هن وڻ جو ٿُڙ(Bark) اينيميا (Anaemia) جي علاج لاءِ موثر ۽ مفيد ثابت ٿيو آهي.
(2) هن وڻ جي پنن (Leaves) جو عرق، ڏندن منجهان وهندڙ رت جنهن کي عام طرح جنجيوائٽس(Jinjivitis) به سڏبو آهي، کي روڪڻ ۽ زخم ڀرجڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. پنن جو عرق حيرت انگيز طور تي رت کي روڪڻ ۾ مدد ڪري ٿو.
هنن پنن جو عرق، عام بخار، دستن ۽ آنڊي منجهه موجود ڳڙٻڙ کي پڻ فائدو ڏئي ٿو.
(3) هن ميوي جو ٻج (Seeds) پراڻي دستن جي بيمارين (Dysentery) کي ختم ڪري ٿو ۽ جيڪڏهن ٻجن جو پائوڊر ٺاهي استعمال ڪجي ته ڪيترين ئي بيمارين جهڙوڪ، ذيابطيس (Diabetes) وڌيل بلڊپريشر (High Blood pressure)۽ وڌيل ڪوليسٽرول ليول کي آرام سان ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو.
(4) رنگين مادو مثال طور انيٽو سايانن ۽ فليو نوئڊس وغيره تمام گهڻي مهارت سان شريانين ۾ رت کي ڄمڻ کان روڪين ٿا ۽ ڪيترين ئي دل جي بيمارين کي روڪڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا.
هي رنگين مرڪب پنهنجيءَ ساخت (هئيت) ۾ اينٽي آڪسيڊنٽ(Anti-oxidents) يعني ته پنهنجي اندر اهڙي طاقت ۽ قوت رکن ٿا جيڪي ڪنهن به آفت جي ظاهر ٿيڻ وقت مرتب ٿين ٿا. اُنهن کي آسانيءِ سان روڪڻ ۾ مددگار ٿين ٿا ۽ رت کي ڄمڻ ۽ شريانن اندر ڳوڙهن ٺاهڻ واري عمل کي ختم ڪري، خلين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ ۾ معاون ۽ مدد گار ثابت ٿين ٿا. جنهن ڪري دل جي بيماري کي آسانيءَ سان ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو.
(5) هنن جو شربت (Juice) اينٽي انفلاميٽري، يعني ته اندروني سوڄ ۽ سوزش کي گهٽائيندڙ، جوش ۽ گرميءَ کي ٿڌو ڪندڙ، ثابت ٿئي ٿو. هڏن جي تڪليف ۽ سَنڌن جي سور وغيره ۾ پڻ اينٽي آرٿرائٽڪ ۽ بخار جي ڪيفيت کي گهٽائڻ ۾ پڻ مددگار ۽ سهڪاري ثابت ٿئي ٿو. ساڳي وقت ڄمونءَ جي اندروني ڳر (Flesh)، دم جي مريضن لاءِ پڻ بي انتها مفيد ثابت ٿئي ٿي.
(6) ڄمون (Jamun) جي ٻج (Seed) جي پائوڊر ۽ اندروني ڳر(Pulp) گهرڙن جي نظام کي برقرار رکڻ ۾ مدد ڪري ٿو ۽ پتي جي گهرڙن (Pancreas) جي نظام کي پڻ درست رکڻ ۾ مدد گار ثابت ٿئي ٿو. پتي (Pancreas) جي اندر موجود، گهرڙا جن کي اَلفا (alfa)، بيٽا (Beta) ۽ ڊيلٽا (Delta) ڪري سڏجي ٿو تن منجهان حاصل ٿيندڙ ڪيميائي مرڪبات جن کي انسيولن سڏجي ٿو، تن کي پڻ ڪنٽرول ڪري نارمل مقدار ۾ رکڻ ۾ پڻ مددگار ٿين ٿا، حقيقت ۾ ڏسجي ته ڄمون هڪ اهڙو قدرتي ميوو آهي جيڪو انسان جي جسم اندر موجود مختلف ڪيميائي مرڪبات جي اصليت ۽ توازن کي نارمل حالت ۾ برقرار رکڻ جو ڪم بخوبي سرانجام ڏيئي ٿو. دراصل انسان جي صحت جو دارومدار ئي اندورني ڪيميائي مرڪبات جي جزن جو توازن ۾ هجڻ تي آهي، جيڪڏهن خدانخواسته ڪيميائي مُرڪبات پنهنجو توازن نارمل نٿا رکي سگهن ته پوءِ انساني جسم مختلف تڪليفن جو شڪار ٿي پوي ٿو. انڪري ضروري آهي ته روزاني زندگيءَ ۾ کاڌي سان گڏوگڏ ميون جو استعمال به ضرور ڪرڻ گهرجي. عام طور تي هڪ سئو (100) گرام ڄمون (Jamun)منجهان اسان کي هيٺين ريت غذائي جزا ملي سگهن ٿا:

Nutritional facts

آئرن زيرو ڏهائي اوڻيهه ملي گرام mg0.19 Iron
سوڊيم چوڏهن ملي گرام mg14 Sodium
پوٽاشيم اوڻاسي ملي گرام mg79 Potossium
ڪئلشيم اوڻهين ملي گرام mg 19 Calcium
وٽامن بي سڪس زيرو ڏهائي ٽي سؤ اٺهٽيهه ملي گرام mg 0.0338 B-6
نياسن زيرو ڏهائي ڇويهه ملي گرام mg 0.26 Niacin
وٽامن سي هڪ ڏهائي پنج ملي گرام mg1.5 Vitamin C
پاڻي ٽياسي ڏهائي تيرهين ملي گرام mg 83.13 Water
سڻڀ زيرو ڏهائي ٻٽيهه ملي گرام mg 0.32 Fat
پروٽين زيرو ڏهائي ٻاهتر ملي گرام mg 0.72 Protein
ڪاربو هائيڊريٽ پندرهن ڏهائي هڪ ملي گرام mg 15.1 Carbohydrate
انرجي (طاقت) سٺ ڪلو ڪئلوريز 60 kcal Energy
تازي ميوي کائڻ سان گڏوگڏ اسين ڄمن منجهان ڄمون جيم جيلي(Jam Jelly)به ٺاهي سگهون ٿا. جيلي ٺاهڻ جو طريقو هيٺين ريت آهي:
گهربل شيون:
(1) 25 داڻا ڄمون صاف پاڻيءَ سان ڌوتل
(2) 250 گرام کنڊ
(3) چوٿائي ڪوپ ¼ ، صوف ڪٽيل ننڍڙا ٽڪرا.
(4) 1/2 ، اڌ چانهه وارو چمچو لائيم جوس
(5) هڪ چپٽي جيترا پيٺل سونف

ٺاهڻ جي ترڪيب


(1) اسٽين ليس اسٽيل جي ديڳڙي (Pan) منجهه ڄمون ۽ کنڊ وجهي هلڪيءَ باهه تي رکو.
(2) آهستي آهستي چمچي سان ملائيندا رهو. جيستائين ڄمون ۽ کنڊ پاڻ ۾ ملي هڪ ٿي وڃن ته پوءِ ڪٽيل ٽڪرا صوف جا وجهو.
(3) ٿوري دير لاءِ ڍڪي هلڪيءَ باهه تي ڪاڙهيو، جيستائين منجهس پيل سڀ شيون پاڻ ۾ نرم ٿي ملي وڃن.
(4) آهستي آهستي ٻج ڪڍي وٺو ۽ لائيم جوس (Lime juice) ملايو، تيستائين ڪاڙهيو، جيستائين اندر پيل سڀ شيون پاڻ ۾ ملي ملائم ٿي ٿلهو تهه ٺاهي وٺن. يعني ته سڀ شيون هڪ ٿي وڃن ۽ جيليءَ وانگر نظر اچڻ لڳن، پوءِ ڪُٽيل هڪ چپٽي ڀري- سونف وجهو ۽ آهستي آهستي ملائيندا رهو، جيستائين اندر پيل شيون ٺوس جيليءَ جهڙي صورت اختيار ڪري وٺن. هلڪي باهه تي تقريباً پندرنهن (15) منٽن تائين، آهستي آهستي چمچي سان ملائيندا رهو، جيستائين جيليءَ جهڙي صورت اختيار ڪري وٺي.
(7) جلدي چلهه تان ديڳڙي لاهي، سڌو سنئون شيشي جي برني (Sterlized Jar) ۾ اوتي وٺو ۽ آخر ۾ مُنهن تائين نه ڀريو. پر مُنهن وٽان چوٿون حصو خالي ڇڏيو. چوڌاري بٽر پيپر (Butter -paper) ٻه ڦيرا ڍڪڻ تي ڏيئي پوءِ ڍڪ (Lid) سان برنيءَ کي بند ڪريو ڍڪ تڪڙ ۾ جلدي بند ڪري وٺو، جيئن آميزو ٿڌو نه ٿئي ۽ گرم ئي هجي. توهان لاءِ ڄمون جيلي تيار آهي.
* * *