Aspirin ايسپرين جو نعم البدل،”ٽماٽو“
ڪچو ٽماٽو، ڀاڄين ۾ رڌڻ کان وڌيڪ ڪارائتو آهي. انڪري ڪوشش ڪري وڌ کان وڌ سلاد ۾ ٽماٽي جو استعمال جاري رکڻ گهرجي.
[b]ٽماٽو، اُن جي طِبّي اهميت ۽ افاديت
[/b]ٽماٽو ڪينسر ۽ هڏين جي ڪمزوريءَ کان بچاءَ جو هڪ مؤثر ذريعو آهي. ڀاڄين منجهه ٽماٽي کي اهم ۽ منفرد حيثيت حاصل آهي. ٽماٽو جهڙو ته ڏسڻ ۾ خوبصورت ۽ دلڪش آهي، اوترو ئي طبي لحاظ کان به تمام اهم حيثيت جو حامل آهي. طبي ماهرن جو خيال آهي ته ٽماٽو ڪيچپ کائڻ سان ڇاتين جي ڪينسر ۽ هڏين جي ڪمزور ٿيڻ واري عمل ۾ ڪمي ٿي سگهي ٿي. ان جو سبب ٽماٽي ۾ موجود مادو جنهن جو نالو آهي لائيڪوپين (Lycopene)، اِهڙو ڪيميائي مرڪب جنهن جي ڪري ٽماٽو ڳاڙهو پڻ نظر اچي ٿو. گذريل ڪافي سالن کان هلندڙ تحقيق دوران اها خبر پئي آهي ته جيڪي شيون ٽماٽي منجهان ٺاهيون وڃن ٿيون، جن منجهه ”لائيڪوپين“ موجود آهي، اُن جي واپرائڻ سان مردن منجهه پتي جي ڪينسر ۽ مثاني جي ڪينسر (سرطان) کان بچڻ (محفوظ) رهڻ جي شرح وڌي وڃي ٿي.
گذريل ۽ موجوده تحقيقي مطالعي جي بنياد تي اِهو چئي سگهجي ٿو ته ٽماٽي ۾ موجود لائيڪوپين مادو، مردن ۽ عورتن، ٻنهي لاءِ فائديمند آهي.
ڪئناڊا ۾ هلندڙ تحقيق دوران معلوم ٿيو آهي ته پنهنجي روزاني غذا ۾ ٽماٽي کي وڌ ۾ وڌ شامل ڪري، توهان پنهنجي جسم جي هڏين کي ڪمزور ٿيڻ کان بچائي سگهو ٿا. هن تحقيق دوران ٻن قسمن جي خلين (Cells) تي لائيڪوپين (Lycopene) جي اثر جو جائزو ورتو ويو. هڪڙي قسم جا خليا آهي هئا، جيڪي هڏن جي مضبوطي کي قائم رکڻ لاءِ هوندا آهن، جن سان هڏا سخت يعني (ٺوس) (Solid) حالت ۾ رهي سگهندا آهن، ۽ ٻيا خليا آهي هئا، جيڪي اِن ٺوس پن کي گهٽائيندا آهن. هڏن جي ڪمزور ٿيڻ واري عمل دوران ظاهر آهي ته ٻئي قسم جا خليا وڌيڪ سرگرم ٿي ويندا آهن ۽ اُنهن جو عمل دخل وڌي ويندو آهي. مٿين تحقيق مان معلوم ٿيو ته ”لائيڪوپين“، ان قسم جي خلين جي ڪارڪردگيءَ کي ڪنٽرول رکي ٿي ۽ هڏين کي ڪمزور ٿيڻ کان بچائي ٿي. هڏن جي ڪمزوريءَ کي ”خاموش بيماري“ سڏيو ويندو آهي، ڇو ته جيستائين هن بيماريءَ جو صحيح انداز سان پتو لڳائجي، تستائين هيءَ بيماري ڪافي حد تائين وڌي چڪي هوندي آهي. عام طور تي ان کي ”پوڙهائپ“ جي بيماري ڪري سڏيو ويندو آهي. جيتوڻيڪ حقيقت اها آهي ته هڏن جو (ٺوس پن) يعني هڏن اندر موجود گودو جنهن کي ”مکُ“ به سڏيو وڃي ٿو، سو 35 سالن جي عمر تائين پنهنجي انتها تي پهچڻ کان پوءِ آهستي آهستي گهٽجڻ شروع ٿي ويندو آهي. انڪري جيڪڏهن ان عمر دوران هڏن جي (ٺوس پن) کي قائم ۽ ساڳي حالت ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪجي ته جيئن هڏن ۾ تڪڙي ڪمزوري نه ٿئي، ان لاءِ ٽماٽي جو استعمال هڪ بهترين غذا سان گڏ ”دوا“ مثل به ڪم ڪندو.
اڄ ڪالهه ڪئناڊا جا سائنسدان ان ڪم ۾ مشغول آهن ته جيڪڏهن ٽماٽي جي (ستَ) منجهان گوريون (Tablets) ٺاهيون وڃن ته هوند جيڪر، هڏن جي ڪمزوري وارن انسانن تي ڪهڙو اثر پوندو، يعني ته مريضن ۾ ڪهڙو فرق ايندو. هن مهل تائين سائنسدان ان نتيجي تي پهتا آهن ته جيڪڏهن روزانو ٽماٽي جو اٺ آئونس (عرق/جوس)، پيتو وڃي ته جسم ۾ ”لائيڪوپين“ جو مقدار مناسب سطح تي رهندو، جيڪو ”هڏن“ کي فائدو رسائيندو رهندو.
اها هڪ عجيب ڳالهه آهي ته اسان جو جسم تازي ”ٽماٽي“ منجهان ايتري سٺي مقدار ۾ ”لائيڪوپين“ نٿو حاصل ڪري سگهي، جيترو وري ڪيچپ / ساس وغيره منجهان حاصل ٿئي ٿو، يعني جذب ڪري سگهي ٿو. مطلب هيءُ آهي ته تازي ٽماٽي جي بنسبت يعني پروسيسڊ ٿيل ٽماٽي منجهان ”لائيڪوپين“ وڌيڪ حاصل ٿئي ٿي، جيڪا انساني جسم جي ضرورتن کي مڪمل ڪري ٿي.
ڪجهه عرصو پهرين ”مثاني جي ڪينسر“ متعلق ٿيل تحقيق دوران خبر پئي ته جيڪڏهن ٽماٽي جو ڪيچپ / ساس، هفتي ۾ ٻه دفعا اِستعمال ڪجي ته مردن منجهه مثاني جي ڪينسر جو خطرو هڪ حصو گهٽجي سگهي ٿو.
آمريڪا جي هڪ غذائي ماهر جي مطابق بيشڪ ٽماٽو ڪيچپ ”لائيڪوپين“ حاصل ڪرڻ جو هڪ بهترين ذريعو آهي.
هن جي تياريءَ جو عمل ڪجهه اهڙي نموني ٿيندو آهي جو ”ٽماٽي“ منجهان، وڌ کان وڌ ”لائيڪوپين“ جذب ڪري وٺندو آهي. توڙي جو صوف، هنداڻو ۽ گلابي رنگ جا چڪوترا پڻ ”لائيڪوپين“ ۾ ڀرپور آهن، پر ”ٽماٽو“ بهترين ذريعو آهي ڇو ته ٽماٽو هڪ عام جام ملندڙ ڀاڄيءَ طور استعمال ٿئي ٿو. ان ڪري آخر ۾ عرض آهي ته روزاني جي کاڌن ۾ ٽماٽي سان گڏوگڏ ڪيچپ جو استعمال به مناسب مقدار ۾ رکڻ گهرجي.
* * *