سائنس، علم ۽ رسالا

ڪَڻي مان ڪيچَ

پروفيسر رشيده ڀٽي جو لکيل هي ڪتاب انتهائي ڪارائتو آهي. جيڪو عام ماڻهوءَ کي غذا جي فائدي ۽ علاج جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ ڏيئي ٿو. قدرت جو ڪارخانو عجيب آهي. هتي شين جو پاڻ ۾ مضبوط لاڳاپو آهي. اُهي چاهي گڏوگڏ هلنديون هجن يا بنهه هڪٻئي جي اُبتڙ هجن. گرمين جون ڀاڄيون ۽ ميوا مزاج ۾ معتدل ۽ جسم ۾ پاڻي جي مقدار کي گهٽ ٿيڻ نه ٿا ڏين. ساڳيءَ ريت سياري ۾ پيدا ٿيندڙ غذا گرم ۽ جسم جي مدافعتي مزاج کي فعال بڻائي ٿي. ساڳي وقت موسمي اثر ۽ بيمارين کان بچائي ٿي. رشيده پنهنجي هن ڪتاب ۾ ڪافي حد تائين غذا متعلق انيڪ پهلو واضع ڪيا آهن.
Title Cover of book ڪَڻي مان ڪيچَ

صبح جو تڪڙ ۾ کاڌل اڻ پوري نيرن ننڍڙن ٻارڙن جي ذهني صلاحيت ۽ ڪارڪردگيءَ کي متاثر ڪري ٿي

”صبح جو، تڪڙ ۾، هلڪي ڦلڪي نيرن ڪرڻ وارا ٻار اسڪول ۾، ڪلاس روم اندر سيٽن تي ويٺل، تقريباً ننڊ اکڙا ۽ منجهيل نظر ايندا آهن.“
اها هڪ حقيقت آهي ته غير متوازن ۽ تڪڙ ۾ ڪيل نيرن (صبح جي) ننڍڙن ٻارڙن جي ذهني صلاحيت ۽ ڪارڪردگي کي بي انتها متاثر ڪري ٿي.
ڀينرو! اڄ اسين توهان کي هڪ سائنسي کوجنا تي مبني حقيقت کان آگاهه ڪنداسين ته، توهان جا ننڍڙا گلن جهڙا ٻارڙا، جن جو توهان سڄو ڏينهن ڏاڍو خيال رکنديون آهيو ۽ هر وقت سندن سار سنڀال سان گڏوگڏ سندن کاڌ خوراڪ جو پڻ خاص اهتمام ڪنديون آهيو. پر جيڪڏهن توهان پنهنجن ننڍڙن ٻارڙن جو خاص خيال ناشتي جي ٽائيم تي نٿيون رکو ته پوءِ يقينن اهو توهان جو ۽ توهان جي ٻار جو تمام وڏو نقصان ليکبو. ننڍڙا ٻار جيڪي صبح جو اسڪول وڃڻ لاءِ تيار ٿي رهيا هوندا آهن، انهن منجهان اڪثريت اهڙن ٻارڙن جي هوندي آهي، جيڪي آرام سان ويهي مڪمل ناشتو نه ڪندا آهن ۽ نتيجي طور اهڙن ٻارن جي جسماني واڌ ويجهه توڙي ذهني صحت ۽ صلاحيت گهٽجي وڃڻ جا امڪان وڌيڪ هوندا آهن.
هڪ تحقيقي جائزي دوران اهو مشاهدو ڪيو ويو آهي ته، جيڪي ٻار صبح جو ڊوڙندي ڊڪندي تڪڙ ۾، هڪ بسڪٽ يا چاڪليٽ کائي، مٿان ڪو هلڪو ڦلڪو مشروب جو گلاس پي اسڪول وڃن ٿا ته انهن جي دماغي ۽ ذهني صلاحيت تي اثر پوي ٿو. ڇو ته ننڍڙي عمر جي اسڪولي ٻارڙن لاءِ ناشتي ۾، نشاستي سان ڀرپور مڪمل ۽ متوازن غذا جو هئڻ بي انتها لازمي آهي. ننڍڙا ٻار جيئن ته رات جو ماني کائي، سوير سمهي پون ٿا ۽ سڄي رات جيڪا تقريباً اٺن (8) ڪلاڪن تي سراسري طور مشتمل هوندي آهي، تنهن دوران رات واري کاڌل ماني تقريباً هضم ٿي چڪي هوندي آهي ۽ نئين ڏينهن کي شروع ڪرڻ لاءِ ٻارن کي ”مڪمل ۽ متوازن غذا“ جي ضرورت هوندي آهي.
سائنسي کوجنا ۾ اهو ثابت ٿيو آهي ته صبح جو سوير اٿي تمام هلڪي ۽ سادي نشاستي واري غذا، ڪنهن به طرح سان هڪ متوازن غذا جهڙو رول ادا نه ٿي ڪري سگهي.
ٻار، صبح جو اٿي نيرن (ناشتي) ۾ صحيح نموني کائڻ پيئڻ جو خيال نٿا رکن ۽ نيراني يا وري اڌورو ناشتو ڪري، تيار ٿي اسڪول هليا وڃن ٿا، تن (سڀني ٻارن شاگردن تي ٿيل تحقيق) ثابت ڪيو آهي ته اهڙا ٻار نئين ڄاڻ ۽ علم کي سمجهڻ، ٻڌڻ ۽ سکڻ مهل، اهڙي نموني جو مظاهرو ڪن ٿا، جهڙي طرح هڪ 70 سالن جو وڏي ڄمار وارو ماڻهو اظهار ڪندو آهي. يعني ته اهڙن ٻارن جو ذهني لاڙو نئين ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ بلڪل اهڙو هوندو آهي، جهڙوڪر وڏي ڄمار جي ماڻهو جو هوندو آهي.
اهڙا ٻار، جيڪي اڃان ننڍڙا آهن ۽ اسڪول نه پيا وڃن ته جيڪي وري اسڪول وڃن پيا، انهن ٻنهي قسم جي ٻارن جون ضرورتون ۽ گهرجون به مختلف آهن، پر اڄ اسان هتي خاص طور انهن ٻارن جي ضرورتن جو بيان ڪنداسين، جيڪي اسڪول وڃن ٿا.
اسڪولي ٻارن لاءِ صبح جو ناشتي ۾ نشاستي سان ڀرپور غذا جو شامل هجڻ بي انتها لازمي آهي. مثال طور هڪ پيالو سيرل(Cereal)جو کائڻ چاق و چوبند ذهن لاءِ نهايت لازمي قرار ڏنو ويو آهي. سائنسدانن هڪ کوجنا ۾ 13 کان 16 سالن واري عمر جي ٻارن ۾، ڳالهه تي ڌيان ڏيڻ ۽ سمجهڻ يعني (Attention)۽ ياداشت يعني(Memory)تي ريسرچ ڪئي آهي، جن هڪ گلاس گلوڪوز، هڪ پيالو سيرل(Cereal)وغيره استعمال ڪيو ۽ ٻي طرف اهي ٻار جن ناشتي ۾ ڪجهه به نه استعمال ڪيو. سائنسي تحقيق ۾ ثابت ٿيو آهي ته اهي ننڍڙا ٻار ۽ نوجوان، جن ڀرپور ناشتو ڪيو، تن پنهنجن ڪلاسن ۾ ۽ پنهنجي ڪلاس ٽيسٽ ۾ ٻيڻ(Double)تي سٺو رزلٽ ڏنو، جن ناشتو صحيح نموني نه ڪيو. انهن جي اهڙن رضاڪار ٻارن جي گروپ کي چئن گروپن ۾ ورهايو ويو هو ۽ چئن ڏينهن تي مشتمل تجربا ۽ تجزيا ڪيا ويا.
هڪ گروپ کي صرف سادو گلوڪوز جو هڪ گلاس پياريو ويو. ٻئين ۽ ٽئين نمبر گروپ کي سيرل(Cereal) ۽ چوٿين نمبر گروپ کي ناشتي ۾ ڪجهه به نه ڏنو ويو. ان بعد انهن چئن گروپن جي ٻارن کي ٽيسٽ ڪيو ويو. سندن ڦڙتي ۽ حاضر جوابي،(Speed & accuracy)جي بنياد تي کين آزمايو ويو. مثال طور کانئن انگن جي تسلسل جي باري ۾ سوال ڪيو ويو.
(Recalling & sequence of numbers)
هڪ ٻيءَ تحقيق ۾ ريڊنگ يونيورسٽي جي جرنل (Journal appetite) ۾ ٻڌايو ويو ته ٻارن تقريباً ساڍن ٽن ڪلاڪن کان پوءِ جن سادي قسم جي ڪاربو هائيڊريٽ واري غذا کاڌي، انهن اهڙي نموني پنهنجين صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو، جهڙيءَ طرح هڪ نارمل ستر (70) سالن جو وڏي ڄمار وارو ماڻهو ڪندو آهي.
جوهانا هگنيٽ(Johanna hignett)نالي هڪ غذائي ماهر(Nutritionist) پنهنجي هڪ دوست سيرل پارٽنر، .(Cereal partner UK) جي مدد سان جنهن هن تحقيق لاءِ رقم فراهم ڪئي، پنهنجي مطالعاتي کوجنا کان پوءِ ٻڌايو ته،”جڏهن اسين کاڌو کائون ٿا، تڏهن اسان پنهنجي دماغ کي هڪ قسم جو ٻارڻ (Fuel) مهيا ڪريون ٿا، طاقت يعني (Energy) جي صورت ۾. “
هن مطالعي تي کوجنا جي ذريعي اهو ثابت ٿيو آهي ته نشاستي سان ڀرپور يعني(Complex Carbohydrate rich breakfast) صبح جو ناشتو، ٻن پهرن (منجهند) جي مانيءَ تائين اسان جي دماغ لاءِ مستقل ۽ آهستي آهستي توانائيءَ پيدا ڪندو رهي ٿو، جنهن جي ڪري انساني دماغ پوري توجهه ۽ يڪسوئي سان پنهنجو ڪم ڪرڻ جي سگهه رکي ٿو. تحقيق ڪندڙ سائنسدانن ٻڌايو ته هيءَ کوجنا پنهنجي نوعيت جي بلڪل پهرين تحقيق آهي، جنهن ۾ مڪمل ۽ ڀرپور نشاستي واري غذا حاصل ڪندڙ ٻارن جو اڀياس ۽ تجزيو سادي نموني تي مشتمل نشاستي واري غذا کائيندڙ ٻارن سان ڪيو ويو.
(Effects of complex carbohydrates with simple carbohydrates consists of just one or two sugars, complex carbohydrates are chain-like structures which take longer to be digested releasing energy slowly through out the morning)
سادي نشاستي واري غذا مان مراد کنڊ جو هڪ يا ٻه جزو آهي ۽ پيچيده ڳتيل نشاستي مان مراد آهي اهڙي زنجير، جنهن ۾ کنڊ جا جزا ٻن کان وڌيڪ موجود هجن. ڳتيل ”جزن“ ماليڪيول(Molecules) جي زنجير (Poly-saccharine) هضم ٿيڻ لاءِ گهڻو وقت وٺندي ۽ توانائي(Energy) به لڳاتار آهستي آهستي فراهم ڪندي رهندي، جيستائين وڃي ٻن پهرن جي مانيءَ (Lunch) جو ٽائيم ٿئي.
استادن جي شڪايت اڳ ۾ ئي موجود آهي ته اهڙا ٻار، جيڪي ناشتو صحيح نموني نٿا ڪري اچن، سي پنهنجي اسڪولن ۾، ڪلاس دوران سبق ٻڌڻ ۽ سمجهڻ ۾ دماغي طور يڪسوئي ۽ ڦڙتيءَ جو مظاهرو نٿا ڪري سگهن. يعني ته منجهن نئون سبق ٻڌي ان کي سمجهڻ ۽ ياد رکڻ جي قوت گهٽجي وڃي ٿي. تحقيق دوران اهو به ڏٺو ويو ته (9) نون سالن جي عمر کان (16) سورهن سالن جي عمر تائين وارا ٻار ڇهن ڏينهن منجهان هڪ ڏينهن ناشتو نٿا ڪرڻ پسند ڪن. جيتوڻيڪ باقي ڏينهن ناشتو ڪن ٿا، ته به اهو صرف فقط هڪ چاڪليٽ ۽ هلڪي قسم جي جوس جي گلاس (مشروب) تي مشتمل هجي ٿو.
تازو، هڪ تحقيقي جائزي دوران فِن لينڊ ۾(Fin-land)نوجوانن کي ڏٺو ويو ته اهي جيڪي ناشتي ۾ دلچسپي نٿا رکن، سي سگريٽ نوشي وڌيل ڪن ٿا ۽ گڏوگڏ الڪوحل به گهڻي واپرائين ٿا ۽ ورزش گهٽ ڪن ٿا. ان صورتحال ڪري اهي وزن ۾ وڌيل ۽ تعليم ۾ پوئتي پيل آهن.
فِن لينڊ ٽيم(Fin-land Team)پنهنجي تحقيقي کوجنا دوران اهو معلوم ڪيو ته نئين ڏينهن جي ابتدا ڀرپور ناشتي سان ڪرڻ گهرجي.
کوجنا فن لينڊ جي تحقيقي ٽيم جي سربراهه پنهنجي مطالعاتي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته، نئين ڏينهن جي ابتدا مڪمل ۽ متوازن نشاستي واري ناشتي سان ڪجي ته جيئن معدو(Stomach)ڀريل رهي ۽ هر هر بک نه محسوس ٿئي. ڀريل پيٽ (معدو) هوندو ته اجائي بک جو احساس يعني (Hunger & appetite) نه وڌندي ۽ وزن يعني(Weight)به گهٽيل ۽ ڪنٽرول ۾ رهندو.
(It was concluded that starting the day with a full stomach helped control appetite and keep weight down)
ٻيءَ تحقيق دوران اهو ثابت ٿيو ته مڪمل ۽ ڀرپور نشاستي وارو ناشتو، ٻارن جي ذهني ۽ جسماني نشوونما ۾ ڀرپور حصو وٺي ٿو ۽ ٻارن جي ذهني صلاحيتن کي وڌيڪ اُڀاري، اجاگر ڪري ٿو. ڪارڪردگي نه صرف بهتر ٿئي ٿي. پر وڌي به ٿي. دماغي ۽ ذهني صلاحيتون، حسابن ڪرڻ جو ڏانءُ(Arithmetic i.e. Skills) وڌي ٿو. دماغي طور تي گهڻي دير تائين گنڀير ڪم ڪرڻ جي صلاحيت وڌي ٿي، ۽ گڏوگڏ ٻار جي موڊ(Mood)تي به خوشگوار اثر مرتب ٿين ٿا.

(تحقيقي مقالي تان ورتل جائزو)
* **