سائنس، علم ۽ رسالا

ڪَڻي مان ڪيچَ

پروفيسر رشيده ڀٽي جو لکيل هي ڪتاب انتهائي ڪارائتو آهي. جيڪو عام ماڻهوءَ کي غذا جي فائدي ۽ علاج جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ ڏيئي ٿو. قدرت جو ڪارخانو عجيب آهي. هتي شين جو پاڻ ۾ مضبوط لاڳاپو آهي. اُهي چاهي گڏوگڏ هلنديون هجن يا بنهه هڪٻئي جي اُبتڙ هجن. گرمين جون ڀاڄيون ۽ ميوا مزاج ۾ معتدل ۽ جسم ۾ پاڻي جي مقدار کي گهٽ ٿيڻ نه ٿا ڏين. ساڳيءَ ريت سياري ۾ پيدا ٿيندڙ غذا گرم ۽ جسم جي مدافعتي مزاج کي فعال بڻائي ٿي. ساڳي وقت موسمي اثر ۽ بيمارين کان بچائي ٿي. رشيده پنهنجي هن ڪتاب ۾ ڪافي حد تائين غذا متعلق انيڪ پهلو واضع ڪيا آهن.
Title Cover of book ڪَڻي مان ڪيچَ

اُسرندڙ ملڪ ۽ صحت لاءِ نقصانڪار گهريلو ٻارڻ

گهرن ۾ ”ٻارڻ“ طور استعمال ٿيندڙ شين مان پيدا ٿيندڙ زهريلين گئسن سبب موت جي شرح ٽئين دنيا جي ملڪن ۾ تمام گهڻي وڌيل آهي. ٽئين دنيا جا ڪِروڙين ماڻهو. جيڪي ڳوٺاڻن علائقن ۾ رهن ٿا، تِن جي صِحت ۽ زِندگي مُستقل طور تي گهريلو ٻارڻ مان پيدا ٿيندڙ زهريلي گئسن سبب خطري ۾ رهي ٿي. ڇو ته سندن کاڌي پچائڻ جو سرشتو ۽ گهرن کي گرم رکڻ جو طريقيڪار اڃا تائين پراڻي طرز جو آهي. جنهن ۾ اُهي عام طور تي ڪاٺ، ڪوئلو، ڇيڻا، ڪاٺيون اِستعمال ڪري پنهنجي گهريلو ضرورتن کي پورو ڪن ٿا. اُنهن شين جي استعمال سان مختلف قسمن جون زهريليون گئسون پيدا ٿين ٿيون. جيڪي صحت لاءِ هاڃيڪار آهن. گهرن ۾ رڌ پچاءُ ڪندڙ عورتون اُنهن زهريلي گئسن سبب هر وقت موت جي مُنهن ۾ رهن ٿيون، ڇو ته گهرن جي اندر اُهي زهريليون گئسون گهريلو آبهوا کي گندو بڻائينديون رهن ٿيون ۽ مستقل طور فِضا آلوده رهي ٿي. هڪ محتاط جائزي جي دوران ڊاڪٽر مصطفيٰ ڪي ٽولبا، جيڪو گڏيل قومن جي ماحولياتي پروگرام جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر آهي. تنهن پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته ٽئين دنيا جا ڪروڙين رهواسي ادنيٰ درجي جو ٻارڻ استعمال ڪرڻ جي ڪري پنهنجو زندگيون تباهه ڪري رهيا آهن، ماڻهن کي صرف ۽ صرف مفت ۾ هٿ آيل ٻارڻ کپي، پوءِ ڀلي اُن جا ڪيترائي مُهلڪ اَثرات سندن صحت تي ڇو نه مرتب ٿيندا هجن پڙهيل لکيل هر ماڻهو ڄاڻي ٿو ته اِن آلوده فِضا جي ڪري ڪهڙيون نه خطرناڪ بيماريون پيدا ٿين ٿيون، پر گهرن اندر آلوده فضا جي ڪري پيدا ٿيندڙ زهريلي گئس ۽ دونهاٽيل آبهوا کي يا ته ڪنهن سمجهڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي يا وري ڄاڻي ٻجهي نظر انداز ڪيو ويو آهي. غليظ ۽ آلوده گئسون ساهه اندر داخل ٿي صحت تي هاڃيڪار اثر وجهن ٿيون. اُنهن گئسن منجهان ڪي خطرناڪ زهريليون گئسون هي آهن: ڪاربان مونو آڪسائيڊ، سلفر آڪسائيڊ، نائٽروجن ڪلورائيڊ، امونيا، هائيڊروجن ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ وغيره. اُنهن خطرناڪ زهريلي گئسن جي ڪري ڪجهه خطرناڪ بيماريون پيدا ٿين ٿيون، جهڙوڪر: گهڻي مدت واري ڦِڦڙن جي بيماري، نڪ ۽ گلي جو ڪينسر وغيره. ڊاڪٽر ٽولبا جو اهو خيال آهي ته اُنهن علائقن ۾ جتي گهڻي ٿڌ ۽ ڄميل آبهوا آهي، اُتي کاڌو به اندر پچايو وڃي ٿو ۽ اِها به ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ته ٻار به هر وقت لازمي طور تي اندر ئي ويٺل رهن، اهڙي صورتحال ۾ اُنهن منجهه نڪ ۽ گلي جي ڪينسر جا امڪان تمام گهڻا پيدا ٿين ٿا. ۽ بيمارين ۾ مبتلا ٿي وڃن ٿيون. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته ناموزون ٻارڻ کي ٻاريندي اُهي گهريلو غريب عورتون پنهنجي ناياب صحت ان غليظ ٻارڻ جي حوالي ڪري ڇڏين ٿيون. پوءِ يا ته سندن جند اچي ”ملڪ الموت“ ڇڏائي ٿو يا وري پنهنجي نصيب ۾ لکيل سمجهي خاموشيءَ سان ڀوڳين ٿيون.
جڏهن اهي عورتون حامله ٿين ٿيون ته اِبتدائي مرحلا طئي ڪندي ڪجهه هفتن کان پوءِ ترت ئي ٻار مختلف بيمارين جو شڪار ٿي وڃن ٿا ۽ معصوم ٻارڙا ڄمڻ وقت اِبتدا ۾ ئي نمونيا، گلي ۽ ڦڦڙن جي خطرناڪ بيمارين ۾ مبتلا هجن ٿا. موجوده دور ۾ صنعتن جي ڦهلجڻ ڪري صنعتي علائقن ۾ آلوده هوا گهرن ۾ پڻ موجود رهڻ لڳي آهي ۽ اهو هڪ اِنتهائي تيزيءَ سان اُسرندڙ ناخوشگوار مسئلو آهي. تمام تيزيءَ سان وڌندڙ قيمتن واري رجحان سبب ترقي پذير ملڪن ۾ ٻارڻ جي قيمتن ۾ اڃا وڌيڪ اضافو ٿيو آهي. اُنهن قيمتن کي ڪنٽرول ۾ رکڻ لاءِ سخت اُپاءُ ورتا وڃن ته جيئن ٻارڻ جي قيمتن کي گهٽ ۾ گهٽ رکي سگهجي.
* * *