سائنس، علم ۽ رسالا

ڪَڻي مان ڪيچَ

پروفيسر رشيده ڀٽي جو لکيل هي ڪتاب انتهائي ڪارائتو آهي. جيڪو عام ماڻهوءَ کي غذا جي فائدي ۽ علاج جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ ڏيئي ٿو. قدرت جو ڪارخانو عجيب آهي. هتي شين جو پاڻ ۾ مضبوط لاڳاپو آهي. اُهي چاهي گڏوگڏ هلنديون هجن يا بنهه هڪٻئي جي اُبتڙ هجن. گرمين جون ڀاڄيون ۽ ميوا مزاج ۾ معتدل ۽ جسم ۾ پاڻي جي مقدار کي گهٽ ٿيڻ نه ٿا ڏين. ساڳيءَ ريت سياري ۾ پيدا ٿيندڙ غذا گرم ۽ جسم جي مدافعتي مزاج کي فعال بڻائي ٿي. ساڳي وقت موسمي اثر ۽ بيمارين کان بچائي ٿي. رشيده پنهنجي هن ڪتاب ۾ ڪافي حد تائين غذا متعلق انيڪ پهلو واضع ڪيا آهن.
Title Cover of book ڪَڻي مان ڪيچَ

پيٽ درست ته توهان تندرست

قبض يا قبضي (Constipation) هڪ عام شڪايت آهي ۽ اُن جو مستقل طور تي موجود رهڻ هڪ اهڙي بيماري آهي، جنهن کي اسين ”اُم الامراض“ به سڏيندا آهيون، قبض جي شڪايت جي ڪري ماڻهو مختلف بيمارين ۾ مبتلا رهندو آهي. قبض جي معنيٰ آهي ”روڪاوٽ“، يعني پائخاني جي اخراج ۾ تڪليف ۽ رڪاوٽ، جيڪو معدي ۽ آنڊن جي عملِ هضم ۽ جذب کان پوءِ بچي پوندو آهي.
اهڙي بچيل مواد ۾ ڪابه غذائي خصوصيت نه هوندي آهي، آنڊي جي ور وڪڙ رهگذر تان ٿيندي غذا جو باقي حصو جڏهن وڏي آنڊي ۾ پهچندو آهي ته آنڊي جي ذريعي ”غذا“ وارو پاڻي جذب ٿيڻ ڪري، تمام گهاٽو ٿي ويندو آهي. جڏهن ته هِن مرحلي تائين غِذا جا مفيد جُزا بدن ۾ جذب ٿي چڪا هوندا آهن. آنڊي منجهه جذب جو عمل جاري رهندو آهي، جنهن جي ڪري هن ۾ سختي وڌندي ويندي آهي، وڏي آنڊي تائين پهچندي، هن ۾ بدبوءِ جو مخصوص عمل شروع ٿي ويندو آهي، ۽ جيڪڏهن گهڻي وقت تائين آنڊي ۾ رُڪيل رهي ته پوءِ هن ۾ زهريلا اثرات پيدا ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن، جن جي ڪري مختلف قسمن جا مرض لاحق ٿيڻ جو امڪان وڌي ويندو آهي. طبعي طور نارمل حالت ۾ پائخانو (Stool) جڏهن قولون (Colon) کان ٿيندو سڌو آنڊي ۾ پهچندو آهي ته ”حاجت“، جي ضرورت محسوس ٿيندي آهي. ڪجهه ماڻهن ۾ مختلف شيون هن احساس جو باعث بڻجنديون آهن. ڪجهه ماڻهن کي صبح جي وقت ننڊ منجهان بيدار ٿيڻ شرط حاجت محسوس ٿيندي آهي، ڄڻ ته ننڊ منجهان ”بيداري“ رفعِ حاجت جي احساس جو محرڪ هجي. طِبّي لحاظ کان اِهڙي شڪل يعني صورتحال ئي سڀ کان وڌيڪ بهتر سمجهي ويندي آهي. بعض ماڻهن ۾ وري چانهه پيئڻ ۽ سگريٽ ڇڪڻ کان پوءِ، ۽ ڪن ماڻهن منجهه وري ناشتو ڪرڻ کان پوءِ ”حاجت“ جي ضرورت محسوس ٿيندي آهي، ۽ پوءِ اهائي سندن ”عادت“ بڻجي ويندي آهي.
قبضيءَ (Constipation) جو بنيادي سبب آهي آنڊي جي قوت مدافعت جو ڪمزور ٿيڻ، يعني ته آنڊو ڪمزور ٿي وڃڻ ڪري پائخاني (Stool) کي ٻاهر ڌڪي ڪڍڻ جي طاقت گهٽ ٿي ويندي آهي، جنهن جي ڪري قبضي ٿي پوندي آهي. هن جو سبب، ٻڍاپو، موٽاپو، سُستي ۽ ڪاهليءَ واري زندگي گذارڻ وارو طريقو، خون جي ڪَمي، عُضون جي ڪمزوري، ريح جو دٻاءُ، جگر (جيري) جي خرابي، آنڊي جي بلغمي تهن جي سوڄ، بواسير، ۽ پراڻي پيچيش ٿي سگهي ٿو. قبضيءَ جون ٽي صورتون هونديون آهن.
1. دائمي قبض يعني ته حاجت آسانيءَ سان پوري نه ڪري سگهڻ، مثال طور گهڻي دير ويهڻ ۽ وڌيڪ زور لڳائڻ.
2. ٽائيم تي حاجت پوري نه ٿيڻ.
3. طبعي مقدار ۾ نه ٿيڻ ۽ حاجت پوري ٿيڻ کان پوءِ به تسلي نه ٿيڻ.
قبض جي ڪري معدو ايترو ته متاثر ٿي ويندو آهي، جو هن جي پنهنجي ڪارڪردگي به سست ٿي ويندي آهي. هاضمو خراب ٿي ويندو آهي، بک گهٽ يا وڌيڪ ٿي ويندي آهي. وڌي وڃڻ جي صورت اصل ۾ حقيقي بک نه هوندي آهي، بلڪه نظام هضم کي وڌيڪ خراب ڪرڻ جو باعث بڻجندي آهي.
سبب: قبض جا سبب، اِحتياط ۽ علاج کي سمجهڻ، قبضي منجهان جان ڇڏائڻ ۾ تمام گهڻو مددگار ثابت ٿيندا آهن. قبضيءَ جي شڪايت بڻجندڙ سبب هن ريت آهن:
1. خوراڪ ۾ ريشي دار جزن جي ڪمي.
2. سستي ۽ ڪاهلي واري روش رکندڙ زندگي.
3. جسماني محنت ۽ ورزش کان پري رهڻ.
جي ڪري پاڻيءَ جي ڪمي
روزانو جي معمولات ۾ سفر جي دوران، پاڻي گهٽ پيئڻ.
عمر وڌڻ ۽ حمل سان ٿيڻ جي صورت ۾ تبديلي.
دستن جي دوائون گهڻي انداز ۾ کائڻ (واپرائڻ).
ڪنهن به سبب جي ڪري ”حاجت“ جي ضرورت کي روڪي رکڻ ۽ ”غذا“ ۾ چڪنائي، پنير، انڊا، ۽ گوشت ضرورت کان وڌيڪ استعمال ڪرڻ، به شامل آهن. مٿي جو سور ۽ ٻيون جسماني تڪليفون، سور وغيره بلڊپريشر، ذيابطيس ۽ پارڪِنسنس جي بيماريءَ کي روڪڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ دوائون به قبضيءَ جو سبب بڻجي سگهن ٿيون.
احتياط: قبضيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ غذا يعني خوراڪ ۾ ريشي واري غذائي جزن کي شامل ڪرڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي. يعني ته ريشي دار غذا، جو استعمال، ڀاڄيون، تازو ميوو، ۽ موسمي ميوو ضرور استعمال ڪرڻ گهرجي.
* پاڻي جو استعمال تمام گهڻو ڪرڻ گهرجي. روزانو اٺ گلاس پاڻي پيئڻ گهرجي، جن منجهان ٻه گلاس صبح جو نيراني پيئڻ سان هاضمي جو سرشتو تمام بهتر نموني ڪم ڪري سگهي ٿو. گڏوگڏ ٻيا موسمي مشروبات به استعمال ڪرڻ گهرجن.
* تريل ۽ بادي شين کائڻ کان پرهيز ڪرڻ گهرجي.
* کير جو هڪ گلاس سمهڻ کان اڳ ضرور پيئڻ کپي. هيءُ رفع قبض لاءِ تمام ضروري آهي.
* روزانو ورزش ۽ گهٽ ۾ گهٽ ٻه مِيلَ چهل قدمي تمام ضروري آهي. ان کي پنهنجو معمول بڻائڻ گهرجي.
* حاجت جي ضرورت واري ٽائيم کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي.
* جڏهن به ڪنهن سبب جي ڪري روزاني معمول واري رفِع حاجت جي ٽائيم ۾ تبديلي محسوس ڪريو ته جلدي ۾ پنهنجي فيملي ڊاڪٽر سان ضرور رجوع ڪريو.
* رفِع حاجت جو ٽائيم ساڳيو هوندو ته سڀ کان بهتر ٿيندو ۽ اِهو ضروري طور تي هُجڻ به کپي.
* صبح جو نيرانو پاڻي پيئڻ سان قبض جي شڪايت ڪافي حد تائين دور ٿي سگهي ٿي.
* بحيثيت مسلمان جي اسان تي اِهو فرض عائد ٿيل آهي ته اسان پنهنجيءَ ”صحت“ جو خاص خيال رکون ڇو ته الله تعاليٰ جيڪا زندگي عطا ڪئي آهي، سا هڪ نعمت آهي ۽ ان نعمت جي حفاظت ڪرڻ به لازمي آهي.
چوندا آهن ته: ”يک تندرستي، هزار نعمت است“ يعني ته هڪ تندرستي هزار نعمتن جي برابر آهي، اهو بيت ته ننڍڙي هوندي سڀني پڙهيو هوندو ته:
”آهي تندرستي نعمت هڪ عجيب
جهڙي شاهوڪار لئه، تهڙي ڪاڻ غريب“.
اسان هن مضمون ۾ ذڪر ڪري رهيا آهيون ”صحت ۽ تندرستي“ جو، چوندا آهن ته ”علم دولت“ آهي، پر توهان اهو به ضرور ٻڌو هوندو ته ”Health is Wealth“ يعني ته ”صحت دولت“ آهي.
جيئن الله تعاليٰ ٻيا فرض اِنسانن مٿان مقرر ڪيا آهن، ساڳيءَ طرح اسان لاءِ اهو فرض ڪيو ويو آهي ته اسان پنهنجيءَ ”صحت“ جو خاص ۽ مڪمل خيال رکون. اِحساس ڪريون ۽ ”بيمار“ ٿيڻ جي صورت ۾ علاج ضرور ڪرايون ۽ شفايابي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهون. ڇو ته جسم کي اجايو تڪليف ۾ وجهڻ ۽ هروڀرو غير ضروري طور تي برداشت ڪرڻ وارو خيال بلڪل غلط آهي ۽ الله تعاليٰ ناراض ٿئي ٿو. ان ڪري اسان کي گهرجي ته پنهنجي زندگيءَ ۽ صحت جيڪا هڪ نعمت خداوندي آهي، اُن جي حفاظت ڪندا رهون. الله تعاليٰ اسان لاءِ بي شمار، اناج، ميوا، ڀاڄيون ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ”غذائيت“، بخشيندڙ نباتات، جمادات، گوشت، مڇي ۽ پکي وغيره پيدا ڪيا آهن. جن کي واپرائڻ سان اسان متوازن غذا حاصل ڪري پنهنجيءَ ”صحت“ کي برقرار رکي سگهون ٿا.
”صِحت“ کي صحتمند رکڻ جا چند اُصول ۽ مُکيه مسئلا هيٺ پيش ڪجن ٿا.
1. متوازن غذا جو استعمال.
2. روزمره جي زندگيءَ ۾ سادي غذا جو استعمال، جنهن ۾ اناج، ميوا ۽ ڀاڄيون وغيره اچي وڃن ٿيون.
3. صاف سٿرو ماحول، صفائي ۽ سُٺائي نه صرف ڪپڙن جي ضروري آهي پر دراصل پنهنجي بدن جي صفائي ۽ گڏوگڏ رڌڻي (بورچيخاني) ۾ موجود هر ٿانوَ ۽ ڀاڄي وغيره کي صاف پاڻيءَ سان ڌوئي صاف ڪرڻ ۽ بورچيخاني جي فرش ۽ ڪنڊ ڪڙڇ کي صاف سٿرو رکڻ.
4. فرج ۾ رکڻ کان اڳ ڀاڄيءَ کي ڌوئي، خشڪ ڪري رکجي. ساون پنن واري ڀاڄين کي ڇنڊي پاڻي کي سڪائي ڪري پوءِ صاف ٽشو پيپر ۾ ويڙهي ڪنهن پلاسٽڪ جي دٻي ۾ رکي ڍڪ ڏيئي ڇڏجي. بلڪل سائي ۽ تازي تواني رهندي. خاص طور تي ساوا پن، سلاد جا پن، ڌاڻا ۽ ڦودنو وغيره.
5. گوشت ۽ مڇيءَ کي ڌوئيءَ، صاف ڪري، ڍڪي پوءِ فريز (Freeze) ڪجي. ۽ پڻ مقرر ڪيل وقت لاءِ فريز ڪجي. فرج ۾ رکيل ڀاڄيءَ ۽ ميوي کي استعمال ۾ آڻڻ کان اڳ وري هڪ دفعو ٻيهر ڌوئي صاف ڪرڻ گهرجي.

ڪم جون ڳالهيون:
1. زيتون جي تيل ۾ ڇهاتر (76%) سيڪڙو، بيمارين جي خلاف شفائي خاصيتون موجود آهن.
2. آب زم زم ۾ هر بيماريءَ جو علاج موجود آهي.
3. سڄي ڏاڙهو منجهه، صرف هڪ داڻو ”جنت“ جو داڻو هوندو آهي.
4. شفا جا ٻه مظهر آهن هڪ ”قرآن“ ٻيو ”ماکي“.
5. جنهن گهر ۾ ”کارڪ“ هوندي، اهي گهر وارا ڪڏهن به ”فاقه زده“ نه رهندا.
6. آذان ٻُڌي لفظ ساڳيءَ طرح دُهرائيندا رهو. بيحد ثواب ملندو. جزاڪ الله
* * *