سائنس، علم ۽ رسالا

ڪَڻي مان ڪيچَ

پروفيسر رشيده ڀٽي جو لکيل هي ڪتاب انتهائي ڪارائتو آهي. جيڪو عام ماڻهوءَ کي غذا جي فائدي ۽ علاج جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ ڏيئي ٿو. قدرت جو ڪارخانو عجيب آهي. هتي شين جو پاڻ ۾ مضبوط لاڳاپو آهي. اُهي چاهي گڏوگڏ هلنديون هجن يا بنهه هڪٻئي جي اُبتڙ هجن. گرمين جون ڀاڄيون ۽ ميوا مزاج ۾ معتدل ۽ جسم ۾ پاڻي جي مقدار کي گهٽ ٿيڻ نه ٿا ڏين. ساڳيءَ ريت سياري ۾ پيدا ٿيندڙ غذا گرم ۽ جسم جي مدافعتي مزاج کي فعال بڻائي ٿي. ساڳي وقت موسمي اثر ۽ بيمارين کان بچائي ٿي. رشيده پنهنجي هن ڪتاب ۾ ڪافي حد تائين غذا متعلق انيڪ پهلو واضع ڪيا آهن.
Title Cover of book ڪَڻي مان ڪيچَ

سفرنامو: روهڙي سيمنٽ فيڪٽري کان رني ڪوٽ تائين جو سفر

بغير اجازت نامي ۽ دعوت جي شروع ڪيل هڪ اهڙو شوقِ سفر جنهن جي ڪابه پُڄاڻي/ ڪونهي.“
”سرتيون“ لاءِ مون کي چيو ويو ته ”آتم ڪٿا“ کپي. ته سچ پڇيو ته مون کي بي انتها خوشي ٿي هي هڪ اهڙو واحد رسالو آهي، جنهن ۾ وڌ کان وڌ عام پڙهندڙن کي بهترين مواد ملندو رهي ٿو. ”آتم ڪٿا“ هڪ اهڙو موضوع آهي جنهن ۾ هڪ انسان پنهنجي ”ياداشت“ منجهان حقيقت ۾ گذاريل ۽ واقعن کي اهڙي نموني بيان ڪري ٿو، ڄڻ ته ڪا سچ پچ اِسٽوري هجي جنهن جو عڪس ڪنهن فلم وانگر ذهن جي پردي تي ائين ڪو پڙلاءِ ۽ پڙاڏو بڻجي سامهون ايندو رهندو هجي جو ڀائنجي ته ڄڻ اُهي واقعا ڪالهه ٿي گذريا هجن. آتم+ ڪٿا = آتم ڪٿا، يا وري سوانح حيات، يا کڻي سولي لفظن ۾ چئجي ”يادگيريون“. (جيڪي سؤ سيڪڙو پاڻ سان وابسته هونديون آهن). جيڪي پنهنجو پاڻ سان وابسته هونديون آهن.
اُنهن جو مطلب ۽ مفهوم هوندو آهي، ”پنهنجي باري ۾“. هر انسان جي زندگيءَ ۾ ڪجهه نه ڪجهه واقعا، ڪنهن نه ڪنهن منزل تي اهڙا درپيش ايندا رهندا آهن، جيڪي خوشگوار به هوندا آهن ته وري ٻي طرف غمگين لمحا به هوندا آهن. ماکيءَ کان مِٺا، مِصري جهڙا ته ٻي طرف ٿوهر کان وڌيڪ ڪؤڙا، ڪڙواهٽ سا ڀرپور تلخ واقعا، ڪجهه ”دانسة“ غلطين جو مجموعو ”وقت“، ته وري ٻي طرف ڪجهه نادانسة ڪيل غلطين جو اِحساس ڏياريندڙ ظالم لمحا، هر انسان پنهنجيءَ طبيعت ۽ فطرت مطابق پنهنجن گذريل لمحات کي پنهنجين يادن ۾ محفوظ رکندو ايندو آهي. الله تعاليٰ انسان کي دماغ عطا ڪري، يادن کي محفوظ ڪرڻ جو مرڪز بڻايو ۽ عقلِ سليم عطا ڪيو آهي، جنهن جي بنياد تي انسان اشرف المخلوقات سڏجي ٿو. ورنه ”دماغ ته جانورن ۽ پکين وٽ به موجود آهي“. انسان جي ”زندگي“ يا وري ائين چئجي ته عمرِ عزيز ورهايل آهي، ٻاروتڻ، ننڍپڻ، نوجواني، جواني ۽ آخر ۾ ٻڍائپ (پوڙهائپ) اُهي سڀ مرحلي وار، هر انسان سان وابسته، مسئلا آهن. ۽ هر انساني زندگيءَ ۾ ايندا رهيا آهن، ۽ ايندا رهندا. هر انسان پنهنجين صلاحيتن، عقل ۽ شعور وسيلي سڀني گذريل واقعن کي ياداشت طور پنهنجي دماغ جي ياداشت واري حصي (Memory) ۾ محفوظ ڪري ٿو. گذريل سڀ/ ڪُل، واقعا ۽ ڇا ٿو وهي واپري سو ته ڪوبه ماڻهو ياد نٿو رکي سگهي. پر ڪجهه خاص ”منظر“ ۽ خاص ڳالهيون“، خاص طور تي جيڪي ”خوشي“ پهچائيندڙ لمحا يا وري ڪي اچانڪ ”غم“ پهچائيندڙ صورتحال کي هر انسان پاڻ وٽ ”دماغ“ ۾ محفوظ ڪري وٺندو آهي. پوءِ ڀلي ٻاروتڻ جو ڪو ذهن تي اُڀرندڙ هلڪو سايو هجي يا ڪا ننڍپڻ جي پرڇائي (عڪس) هجي يا وري ڪو نوجوانيءَ جو جوشيلو منظر هجي يا وري ”جواني“ جي ڪا ”ڀل“ يا ”غلطي“ هجي جنهن جو سڄي عمر ڪو پڇتاءُ ۽ افسوس رهجي وڃي يا وري ٻڍاپي ڏانهن ويندڙ قدمن جي آهٽ هجي. بهرحال الله تعاليٰ جتي ٻيا سڀ عضوا عطا ڪيا، ”دل“ ڏني ۽ جذبات عطا ڪيا اُتي ”دماغ“ ڏيئي انسان کي پابند بڻايو ته سوچيو، سمجهو ۽ پوءِ عمل ڪريو. ڇو ته ”زندگيءَ“ کي ان لاءِ پيدا ڪيو ويو ته ”موت“ ان جي حفاظت ڪري ٿو. اِنسان کي زندگي ان لاءِ عطا ڪئي وئي ته رب جي ”بندگي“ ڪري. بقول علامه اقبال رحه جي ته:
”زندگي آيد، برائي بندگي،
زندگي بي بندگي، شرمندگي.“
سو ڳالهه پي هلي ”دماغ“ جي جنهن کي سوچڻ، سمجهڻ ۽ ياد رکڻ جي صلاحيت سان مالا مال ڪيو ويو. هر انسان جي پنهنجي ”فطرت“ آهي. هر انسان ”فطرت“ جي عين مطابق هلندو آهي. الله تعاليٰ ڏک ۽ سک پيدا ڪيا آهن. جي ڏک نه هجن ها ته سک جو احساس ڪڏهن به نه ٿي ها. صرف سکَ هجن ها ته ”ڏک“ جو احساس نه ٿئي ها ۽ پوءِ ڪير رب! رب! ڪري ها. جي صرف ”ڏک“ هجن ها ته پو ”سک“ جي احساس کان دل و دماغ وانجهيل هجن ها. تڏهن ئي ته حضرت شاهه عبداللطيف رحه فرمايو ته: ”ڏک سُکن جي سونهن، گهوريا سُکَ، ڏکن رِيءَ تنهين جي ورونهن سڄڻ آيو پيهي.“
اڄ مان هن ”آتم ڪٿا“ ۾ صرف اُهي يادگيريون ورجائيندس، جن جو تعلق گهڻو تڻو خوشگوار موڊ ۽ ماحول سان آهي، ڇو ته ”غم جا ته پهاڙ هوندا آهن جن کي جيترو ”ياد“ ڪبو اوتروئي وڌندا ويندا، ۽ اذيت پهچائيندا پر خوشيءَ جا اُهي لمحا جن کي بيان ڪري ڪجهه پڙهندڙن کي به ”سير و سفر“ جو شوق ڏيارجي ۽ ساڳي وقت ڪجهه ”منظر ڪشي“ ذريعي پنهنجيءَ سِنڌ سڳوري جي زمين تي واقع بي شمار خوبصورت باغ و بهار ماڳن ۽ مڪانن جو ذڪر ڪجي ته وڌيڪ خوبصورت لڳندو.
”سرتيون“ سڀ ڪجهه ”سچ“ لکڻ ايترو آسان نه هوندو آهي. ”آتم ڪٿا“ اُها جيڪا بلڪل سچين حقيقتن تي مشتمل عڪس بند هجي. جنهن ۾ ذرو به ڪوڙ شامل نه هجي. يا وري ڪا قلمي ڪاروائي نه هجي نه ئي وري ڪا من گهڙت خبر، گهمڻ ڦرڻ جو شوق، ٿورو يا گهڻو هر اِنسان کي هوندو آهي، پر شايد مون کي ڪجهه وڌيڪ ئي رهندو آيو آهي. ٻاروتڻ کان وٺي ”بابا جي هنج“ جو سفر ته ياد ڪونهي، پر پوءِ آهستي آهستي ننڍپڻ ۾ پنڌ سِکڻ کان پوءِ، شايد ڪو لمحو هجي جنهن کي مون ضايع ڪيو هجي ۽ ڪجهه وقت بابا سان گڏ گهميو نه هجي.
شام جي گهمڻ ڦرڻ واري ”عادت“، وڏي ٿيڻ تي باقاعده پختگي اختيار ڪري ورتي ۽ مون کي ياد هو شوق هميشه کان وٺي رهيو ۽ هِن وقت (جڏهن مان رٽائرڊ زندگي پئي گذاريان)، به آهي. منهنجي ”سير و سفر“ جو آغاز باقاعده جيڪو منهنجي شعور ۾ محفوظ آهي ۽ مون ڄاڻي ٻجهي شعوري طور تي اختيار ڪيو سو آهي. ”بغير اجازت“ جي لِڪي لِڪي اسڪول جي طرفان ويندڙ اُنهن شاگردياڻين ۽ اُستادن جي گروپ ۾ زوري شامل ٿيڻ، جنهن جي وري اجازت ورتل هئي صرف پنهنجي ”والدين“ کان. مون پنهنجن گهر وارن کي اهو ٻڌايو ته مون کي ”ٽيچرز“ پيار سان ان ڪري گڏ وٺي وڃن ٿيون ڇو ته مان ڪلاس ۾ فرسٽ اچان ٿي ۽ مانيٽر آهيان. جڏهن ته اهو سير و تفريح سان گڏ مطالعاتي پروگرام رٿيل هو، صرف هائير ڪلاسز جي شاگردياڻين لاءِ ۽ مان ان وقت پڙهندي هيم پنجين جماعت ۾. اسان جو اسڪول جنهن جو نالو گورنمينٽ گرلس مين پرائمري اسڪول ان جي عمارت هيٺ ۽ مٿي هئي، هائر سيڪندري گرلس اسڪول جي عمارت جيڪي اندران ڏاڪڻ ذريعي ڳنڍيل هيون. رسيس ۾ اسين سڀ ڇوڪريون تقريباً گڏجي راند روند ڪنديون هيون سي. ۽ منهنجي دوستي ڪيترين ئي سِيئنرز ڇوڪرين ۽ ٽيچرزس سان ان ڪري به هوندي هئي جو ڪيتريون ڇوڪريون منهنجون دوست ٺهيل هُيون. ۽ ڪجهه پرائمري ٽيچرز به اِن ”ٽرپ“ ۾ اِنوائيٽڊ هيون.
بهرحال ڪجهه به هيو، جيئن ئي مون کي خبر پئي ته سڀ سينئر ڇوڪريون درس و تدريس جي سلسلي ۾ هڪ تفريحي مقام نه سهي پر فيلڊ ۾ پريٽيڪل طور تي سيمنٽ ڪيئن ٺهي ٿو؟ ڏسڻ لاءِ وڃي رهيون آهن ته مون کي پنهنجي گهمڻ ڦرڻ واري شوق واري حِس اُڪسايو ته ڪيئن نه ڪيئن مان به روهڙي شريف جي اُها مشهور معروف ”سيمنٽ فيڪٽري“ ضرور گهمڻ وڃان. جنهن جي اندر عام ماڻهو بغير اجازت نامي جي داخل نه ٿي سگهندو آهي. اسڪول وارن کي خاص اجازت ڏني وئي آهي. بس پوءِ مون پهريون ڀيرو پنهنجي زندگي جي ”پهرين پڪنڪ“ اُستادن جي بغير اجازت جي ڪئي. جڏهن ته حقيقت ۾ سيئنرز ڇوڪرين ۽ ڪلاس فيلوز جي مرضي شامل هُئي. مان ڪيئن اک بچائي ان ”ٽرڪ نما“ مزدا گاڏي ۾ ڪيئن چڙهيم سو پڻ هڪ دلچسپ منظرنامو آهي. هڪ ڳالهه ٻڌائيندي هلان ته مان ڪنهن به سواريءَ ۾ چڙهڻ وقت هميشه اڳ ۾ چڙهڻ ۾ هوشيار هوندي هيم. سو مون کي بلڪل هر ڳالهه ته ياد نه آهي پر ايترو ضرور ياد آهي ته گاڏيءَ ۾ چڙهي سيٽ هيٺان ويهي رهيم ۽ جيئن گاڏي هلڻ شروع ڪيو ۽ ٿورو اڳتي هلي ته مان ٻاهر نڪري سيٽ تي ويهي رهيم. سڀني ٽيچرز ڏٺو، حيران ٿيون پر منهنجي ان غلطيءَ کي معاف ڪيو ويو ته هاڻي ان مرحلي ۾ موڊ خراب نه ڪيو وڃي. بس اُها هئي منهنجي پهرين يادگار پڪنڪ ننڍپڻ جي شرارت ۽ پوءِ ان سير و تفريح دوران ۽ گائيڊ جي تفصيلات ٻڌائڻ دوران ته سيمنٽ ڪيئن ٺهي ٿو ۽ ڇا ڇا پوي ٿو ڪهڙن ڪهڙن مرحلن منجهان گذري ٿو، مشينن جي سنڀال، صفائي ڪيئن ٿئي ٿي؟ سيمنٽ جي تياريءَ جا ڪهڙا مرحلا آهن ۽ ڪيئن طيءَ ٿين ٿا. تن سڀني جي سوالن جوابن ۾ وڌي وڌي حصي وٺڻ دوران مون کي استادن طرفان الٽو شاباسي ملي. ۽ گڏوگڏ ڏنڊ طور هيڊ مسٽريس فرمايو ته سڀاڻي اسڪول ۾ سڄي رپورٽ نما مضمون ٺاهي لکي اچجانءِ ته خبر پوي ته صرف گهمڻ جو شوق آهي يا ڪا پڙهڻ پڙهائڻ جي دلچسپي به آهي. الله تعاليٰ جا احسان ته منهنجي رپورٽ/ مضمون کي بي حد ساراهيو ويو. اڳتي هلي ڪڏهن ڪٿي ذڪر ڪبو ته ڪيئن مون کي مضمون نويسيءَ سان شوق وڌيو ۽ مختلف مرحلن تي مصمون نويسي تي انعام حاصل ڪيا.
سيمنٽ فيڪٽري گهمڻ بعد پوءِ اسان سڀ ريلوي يارڊ ۽ ڪالوني گهمياسي، سيمنٽ فيڪٽري منجهان اسان ننڍا ننڍا مختلف چورس، ٽڪنڊا، گول، ڊگها، ۽ مستطيل نما ٽڪرا گهر کڻي آياسي ۽ مون ڪيترائي ڏينهن انهن کي سانڍي رکيو. سيمنٽ فيڪٽريءَ جي ڀرسان مشهور بزرگ شاهه مقصود شاهه جي ٽڪريءَ به ڏٺي ته بيدل بيڪس جي مزار به ڏٺي. اهڙي نموني اُها اسٽڊي ٽوئر (پڪنڪ) منهنجي زندگي جي پهرين پڪنڪ بڻي، هاڻي مون کي ڪجهه ”ٻاروتڻ“ جون ڪجهه هلڪيون يادگيريون ذهن جي پردي تي عڪس بڻجي اُڀرندي نظر اچن پيون. خوشگوار، معطر آهستي آهستي مَستيءَ ۾ لڏندڙ گل، ۽ پن گڏوگڏ ننڍڙيون ٽاريون، سخت گرميءَ باعث دٻيل هوا ۽ گهُٽ ۽ ٻوساٽ، پر حدِ نظر تائين ساوڪ ۽ سهڻو لان، رنگ برنگي گل ۽ ننڍا وڏا ٻوٽا. هيءَ هُيو اسان جي روهڙي شهر جو بهترين ”جِناح باغ“. قسمين قسمين رنگ برنگي گلن سان گڏوگڏ رنگين ڀنڀوريون ۽ اڏامندڙ، ننڍڙا جيت، رکي رکي جي هلڪو جهلڪو لڳي هوا جو ته ڄڻ عطر عنبر جهڙي خوشبوءَ سان فِضا معطر ٿيو وڃي. مون کي اهو منظر اڄ به چٽيءَ ريت ياد آهي ته بابا اسان سڀني ٻارن کي (يعني مون سميت ڀائر ۽ ڀينرن سان گڏوگڏ پڦيءَ جا ٻارڙا يعني (پڦاٽ) شام جو ٽيپهريءَ کان پوءِ سير ڪرائڻ لاءِ باغ ۾ وٺي ويندو هيو. اتان کان پوءِ وري نڪري ويندا هئاسي پري پري تائين پنڌ ڪندا بيدل بيڪس جي مزار ڏانهن ٿيندي پري پري تائين ننڍڙيون ٽڪريون ڏسندا، ٽرين کي سرنگهه مٿان گذرندي ۽ ننڍڙين سرنگن اندران ويندي ڏسندا هئاسي وري ٻي ٽرئفڪ ۽ ٽانگا وغيره سرنگ جي اندران ايندي ويندي ڏسبا هئا ۽ پوءِ مزي مزي سان سانجهيءَ تائين واپس گهر ايندا هئاسي.
مان پنهنجي بابا سان تڏهن کان وٺي گڏ گهمڻ شروع ڪيو، جڏهن شايد اڃان مون کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو هيو ۽ تيستائين گڏ گڏ گهميس جيستائين مون گڏ گهمڻ چاهيو. بابا سان گڏجي مون پنهنجي شهر جو ذرو ذرو گهميو. بابا پنهنجن دوستن وٽ ويندو هيو ته به مان گڏ هوندي هيس. سودو سلف وٺڻ وڃي، يا سبزي مارڪيٽ وڃي، گوشت ۽ مڇي وٺي، يا وري ڪو ٻيو گهر جو سامان، منهنجا ڪتاب ۽ اسٽيشنري وغيره هجي. هر هنڌ، هر جڳهه بابا جن سان گڏوگڏ هوندي هُيس.
افسوس صد افسوس جو اڄ پيارو بابا نه آهي ته نه ئي وري اُهو خوبصورت باغ و بستان آهي. شهر، ملڪ ۽ قومون ترقي ڪنديون آهن، پر اسان جي سنڌ سڳوري ڏينهون ڏينهن وڃي پئي پوئتي پوندي (هر ڳالهه ۾)
ننڍڙي هوندي جي يادن ۾ ڪجهه ”يادگيري“ اچي ٿي ته بابا جن تقريباً پڙهندا رهندا هئا، ننڍڙي ڪتاب نما بوڪ تي روزانو ڪجهه وقت لکندا به هئا. وڏي ٿيڻ کان پوءِ خبر پئي ته ان ”بوڪ“ کي ”ڊائري“ چئبو آهي. اهڙيءَ طرح تمام ننڍڙي هوندي کان وٺي پڙهڻ لکڻ وارو ماحول مليو. مون کي ياد ڪونهي ته اسڪول ۾ ڪيئن داخل ٿيم. پر پوءِ اهو سڀ ڪجهه ذهن ۾ محفوظ آهي ته اسڪول ۾ ”پهريون ڏينهن“ ڪيئن گذريو. مون کي منهنجي ٽيچر ”ڪچي پهرين“ جي ڪلاس ۾ زمين تي وهاريو ۽ مان سڄو وقت پنهنجن ڪپڙن کي بچائيندي، ڇنڊيندي رهيم ۽ مستقل شڪايت ڪيم ته مون کي مٿي بئنچ تي وهاريو. پر ائين نه ٿيو ۽ جڏهن گهر موٽيم ته روئندي مون پنهنجي پڦيءَ کي سڀ ڪجهه شڪايت واري انداز ۾ ٻڌايو ته ڪيئن منهنجو نئون سوئٽر ۽ ڪپڙا مٽيءَ ۾ خراب ٿيا آهن، پر ان زماني ۾ اهو اصول نه هُيو ته ڪو اسڪول جي معاملي ۾ مداخلت ڪئي وڃي. پوءِ آهستي آهستي مون کي ٽيچر ڪجهه ڏينهن بعد ”بئنچ“ تي ويهاريو. ”مائٽ“ هروڀرو اجائي مداخلت بلڪل به نه ڪندا هئا. حالانڪه اها ٽيچر اسان جي مائٽ پڻ هئي. ٽيچر جنهن کي اُن زماني ۾ اسان ’ادي‘ ڪري سڏيندا هُئاسي، سان مون شڪايت ڪئي ته ڪپڙا ميرا پيا ٿين پر اُلٽو سخت لفظن ۾ دڙڪا کاڌا ۽ روئي چپ ڪري ويٺم. تنهن وقت به اسڪولن ۾ فرنيچر جي کوٽ هُئي جيڪا اڄ تائين ڏينهن تائين برقرار آهي.
جيتوڻيڪ اسان گورنمينٽ جي اسڪول ۾ پڙهائيءَ جي شروعات ڪئي ۽ آخر تائين گورنمينٽ جي ادارن مان اعليٰ تعليم به ورتي. پر ڪڏهن به ائين نه ٿيو ته ڪو غير ضروري طور تي هروڀرو اسڪول بند ڪيا وڃن اسان جي زماني ۾ بهترين قسم جي پڙهائيءَ سان گڏوگڏ تمام بهترين اخلاقي تربيت به ٿيندي هئي. اسڪول ۾ ديني تعليم، درس و تدريس، اسلامي ڳالهيون ۽ ٻيون اهڙيون ڪيتريون ئي ”غير نصابي ۽ نصابي“ سرگرميون ڪرايون وينديون هيون. جن سان ذهن جي بهترين ”نشوونما“ ٿيندي هئي. بيشڪ تعليم لاءِ استاد لازمي طور تي بهترين هجڻ لازم آهي، پر گهر جو ماحول ۽ والدين جي توجهه پڻ انتهائي ضروري آهي. الله جي فصل و ڪرم سان مون کي گهر ۾ بهترين علمي ۽ ادبي ماحول ميسر آيو.
هڪ تمام پياري بلڪه انتهائي پياري ”ياد“ آهي، جيڪا شايد مرڻ گهڙيءَ تائين ياد رهندي ته پهريون ڀيرو قلم هٿ ۾ کڻي سليٽ تي جيڪو مون پهريون زندگيءَ جو لفظ اُچاريو ۽ لکيو سو هيو، بابا جي هٿ سان پڪڙيل منهنجو هٿ ۽ بابا جا لفظ جيڪي اڄ به ڪنهن سرگوشيءَ وانگر منهنجن ڪنن ۾ ٻُڌجن پيا ته:
”اُڀي ليڪ، سڌي ليڪ، سمهيل ليڪ، گول، اڌ گول، اُهي هئا اُهي ”اُچار“ جيڪي الف اک ۽ ب بلا کان اڳ ۾ بابا مون کي هٿ وٺي لکرايا ۽ سمجهايا ته هنن ليڪن منجهان لفظ ڪيئن ٺهندا. اڄ نه اُهي والدين توجهه ڏيڻ وارا رهيا آهن نه ئي وري ڪي اُستاد محنتي جيڪي پيار ۽ شفقت سان سيکاريندا هئا. ۽ نه ئي وري ٻار جيڪي وڏن جو چيو وٺن.
دراصل اڄ جي دور ۾ گذريل وقت سان گڏ، تبديلي نظر اچي رهي آهي. اسان جو ماحول، آس پاس جي فضا، ماحولياتي گدلاڻ، سائنسي ترقيءَ سان گڏوگڏ جتي آسائشون ميسر ٿيون آهن، اتي ڪيترو ئي نقصان پهچائيندڙ ماحول پڻ جڙيو آهي. اسان جي ننڍپڻ ۾ اسان وڏن کي ڪتاب پڙهندي ڏٺو ته شوق جاڳيو ته اسان به پڙهون. ننڍپڻ ۾ برزبان بيت ۽ سبق ياد ڪرڻ سان گڏوگڏ، ڪيتريون ئي آکاڻيون ۽ ٻيا دلچسپ معلوماتي ڪتاب پڙهبا هئا. مون کي باقاعده ياد آهي ته ڇهين درجي ڪلاس ۾ مون پنهنجي اسڪول لائبرري جي الماڙين ۾ سجايل جيترا به ڪتاب موجود هئا تن منجهان اڌ کان وڌيڪ پڙهي ورتا هئا. شايد ان جو هڪ سبب منهنجو مانيٽر هجڻ سان گڏوگڏ انچارج لائبرري هجڻ هيو ڇو ته منهنجي شوق جي پيش نظر منهنجي ٽيچر مون کي روزانو هڪ ڪتاب گهر کڻي وڃڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي هئي، ۽ مان باقاعده بغير ڪنهن ڪوتاهيءَ جي صبح جو باقاعده ياد سان ڪتاب واپس موٽائي آڻي، پنهنجي ٽيچر آپا انور شيخ صاحبه (حال حيات آهن) جي سامهون الماڙي ۾ رکندي هيم. ائين ڪرڻ سان مون کي مطالعي جو وڌيڪ شوق ٿيو ۽ مختلف موضوعن تي ڪتاب پڙهڻ جو موقعو مليو. (مختصر وقت لاءِ ڪتاب جو ملڻ ۽ شوق سان جلدي مختصر وقت ۾ پورو ڪرڻ پوءِ اڳتي هلي، جهڙوڪر منهنجو معمول بڻجي ويو.) اڄ به مان ڪتاب پڙهڻ لاءِ کڻندي آهيان ته تمام جلدي ختم ڪري وٺندي آهيان مون لکڻ جو سلسلو ڪلاس نائين کان شروع ڪيو. جيڪو هڪ مضمون نويسيءَ جي مقابلي ۾ حصي وٺڻ سان ابتدا ٿي ۽ انعام ملڻ تي اڃان به وڌيڪ اُتساهه مليو ۽ پوءِ اُهو سلسلو ڪاليج ۽ يونيورسٽي تائين جاري رهيو. اسڪول منجهان واپس اچڻ بعد اسان کي ڪڏهن به هروڀرو ڪنهن ٻي ماڻهو کان ٽيوشن ٽائيپ پڙهڻ جو ڪوبه خيال ڪڏهن نه آيو، ڇو ته اسڪول ۾ ٽيچرز ايڏي محنت سان پڙهائينديون هيون، جو جيڪو هوم ورڪ ملندو هيو، سو بغير ڪنهن جي مدد جي خودبخود مان پاڻ ڪري وٺندي هيم. باقي مشڪلات درپيش ايندي هئي ته پوءِ بابا ۽ امان کان مدد وٺبي هئي. پڙهڻ جو وقت به تمام گهڻو هوندو هيو. ڪجهه راند روند به ڪبي هئي. مون پنهنجي ننڍپڻ ۾ سموريون رائج الوقت رانديون کيڏيون جيڪي اڄ به گهڻي ڀاڱي ياد آهن. جن ۾ خاص طور تي اِيٽي ڏڪر، پنج ڪلا راند جيڪا ننڍڙن .... پٿرن سان ۽ بال سان کيڏبي آهي، چڌن راند ۽ لِڪ لڪوٽي راند اُهي سڀ منهنجون پسنديده رانديون هُيون. مٿانهين ڀتن تي چڙهي، پري تائين ٽپ ڏيڻ ڏاڍو وڻندو هُيو.
(منهنجي زندگي ۾ ڪوبه سبجيڪٽ مسئلو نه بڻيو، سواءِ هڪ Maths يعني حسابن جي. نه ڪڏهن جو ٽڪٽ سولي نموني سمجهه آئي نه ئي ڪڏهن جوڙ توڙ ڪرڻ سکيو. جنهن جو اثر منهنجيءَ زندگيءَ تي به پيو.)
”حساب“ جي مضمون ۾ مان شروع کان ڪمزور هيم. اڳتي هلي بابا ڪجهه ٻين ٽيچرز کان به مدد وٺرائي ڏني. ڪجهه وقت ٽيوشن لاءِ هڪ استاد پڻ رکيو ويو. پر جاميٽري ۽ الجبرا جي مدد سان بس ”حساب“ جو مضمون صرف پاس ئي ڪري سگهندي هيم. ان سبب ڪري ئي انٽر ڪلاس ۾ سٺيون مارڪون نه آيون. صرف هڪ پوائنٽ تان ميڊيڪل ۾ داخلا نه ٿي سگهي.
اڄ جي دور جي ٻار کي ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ ۽ اهڙي قسم جي Indoor يعني گهر ويٺي وندر ميسر آهي. تنهن ڪري هڪ طرف ٻار مطالعي جي عادت کان پري ٿيندا پيا وڃن ته ٻي طرف وري Out door يعني ميدانن ۾ گڏجي راند روند وارو Concept يعني خيال بلڪل ختم ٿيندو پيو وڃي. نتيجي طور ٻار ۾ نه سهپ رهي آهي نه رواداري، نه ئي وري ادب ۽ آداب. ”تعليم ۽ تربيت“ گڏيل طور هڪ لفظ سمجهيو ويندو رهيو آهي. پر اڄ ڪالهه جي دور ۾ صرف تعليم تي زور ڏنو وڃي ٿو، باقي تربيت نالي ڪوبه لفظ نه استادن جي لغت ۾ آهي ۽ نه ئي وري والدين وٽ گهرن ۾ ڪو ڌيان ڏنو وڃي ٿو. دنياوي تعليم شروع ڪرڻ سان گڏوگڏ، ديني تعليم ڏي به ڌيان ڏنو ويندو هيو. صبح جو سوير اٿڻ جي عادت، سبق ياد ڪرڻ، سليٽ تي لکڻ، ڪاري مس سان پٽيءَ تي لکڻ، لفظ معنيٰ ياد ڪرڻ سان گڏوگڏ، ”نماز“ کان پوءِ قرآني قاعدو پڻ باقاعدگيءَ سان پڙهيو ويندو هيو.
سچي ڳالهه ته اُها آهي ته اسان کي گهر کان علاوه اسڪول ۾ به شروع جا ٻه پيرڊ ديني تعليم ڏني ويندي هئي. گهر ۾ روزانو باآواز بلند پنهنجي امڙ کي تلاوت ڪندي ٻڌندي هيم. هلڪي آواز ۾ تلاوت ڪيل ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون آيتون صرف ٻڌندي ٻڌندي ياد ٿينديون ويون. سچي ڳالهه ته اها آهي ته اهو هڪ اُتساهه جو سبب بڻيو جو جڏهن امان مٺڙي آواز ۾ تلاوت ختم ڪرڻ کان پوءِ ضرور باقاعده درود تاج ۽ ٻيون ننڍڙيون وڏيون آيتون ۽ ٻيا ڪيترائي درود ۽ دعائون جڏهن آهستي آهستي پڙهندي هئي ته مون کي به رشڪ ٿيندو هيو. ۽ پوءِ الله تعاليٰ جي عنايت ٿي ۽ مون ”درود تاج“ ياد ڪري ورتو، ٻڌائڻ مقصد صرف هيءُ آهي ته ڪيئن نه گهرن ۾ تربيت جو اهتمام ڪيو ويندو هيو. اخلاقيات جو سبق هميشه گهر کان ملندو آهي. هڪ ٻار جو سلڇڻو ٿيڻ،گڻ اوگڻ سکڻ، وڏي ننڍي جي عزت ڪرڻ، نياز نوڙت سان هلڻ، سهپ ۽ روادري، اهو سڀ ڪجهه ”ٻار“ پنهنجي گهر منجهان ئي سکي ٿو. جڏهن ته اسڪول اُها جڳهه آهي جتي اُهي سڀ ڳالهيون اُستادن جي زير سايه وڌيڪ کلي سامهون اچن ٿيون ۽ اُستاد وڌيڪ سنواري سينگاري ٻار کي مڪمل بڻائڻ ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿا.
سرتيون مون ڳالهه پئي ٻڌائي پنهنجي پهرين پڪنڪ، ۽ ڪجهه سير و تفريح جي باري ۾ ۽ ڪجهه پاڇولا تري آيا ذهن تي، اسڪول جي زماني جا. پوءِ هاڻ ڪجهه چٽا عڪس ذهن تي تري آيا آهن ته مون پوءِ وري ٻي پڪنڪ ڪاليج جي طرفان ڪئي. گورنمينٽ گرلس ڪاليج سکر ۾ جڏهن مان انٽر سائنس ۾ پڙهي رهي هيم. اها پڪنڪ رٿيل هئي ڪوٽڏيجي جو قلعو جيڪو خيرپور ميرس ۾ آهي ۽ پوءِ وياسي گيسٽ هائوس ۾ ماني کائڻ ۽ ان جي آس پاس جيڪو باغ ۽ گهاٽا وڻ ٽڻ ۽ ڀرسان وهندڙ واهه جنهن کي ”سدا واه“ سڏجي ٿو. (مختصر اهو ته جهڙوڪر گهر ويٺي سڄي شهر جو نظارو ڪري وٺبو هيو. ڪارا ڪڪر جڏهن ڀرجي ايندا هئا ۽ وسڻ جو ويس ڪندا هئا ته شاهه صاحب جي بيتن کي جيڪي اسان پنهنجي ڪلاس ۾ پڙهيا هياسي ۽ ياد ڪيا هياسي تن کي تحت الفظ ۾ پڙهڻ بيحد وڻندو هيو. گڏوگڏ ڪيترائي نظم، بيت ۽ ٻيون ڪيتريون ڪافيون ۽ الميه توڙي طريبه غزل ۽ گانا پنهنجي منهن اڪيلي ۾ ڪاٺ جي ڏاڪڻ تي ويهي جهونگارڻ بيحد وڻندو هيو. گڏوگڏ کائڻ پيئڻ جو سلسلو هلندو هيو ۽ گڏ آندل ڪتابن جو مطالعو پڻ ٿيندو هيو.)
هر انسان جڏهن شعور جون منزلون طئي ڪري ٿو ته پوءِ لاشعوري طور تي گذريل وقت جا واقعات، ڪجهه منظر ڪجهه خوشگوار نظارن جان عڪس، ڪجهه اڻوڻندڙ ۽ ڏکوئيندڙ ڳالهيون سڀ ڪجهه هلڪو هلڪو ڪجهه، چٽو ۽ ڪجهه جهَڪوَ، ضرور بلضرور دماغ جي ياداشت واري حصي ۾ محفوظ رهن ٿا.
مون کي ڪجهه ڳالهيون ائين ياد آهن، جهڙوڪر ڪالهه گذريون هجن، پر گڏوگڏ باقي سڀ ائين وسري ويل آهي، جو ذهن تي زور ڏيڻ بعد به ياد نٿو ڪري سگهجي. اهڙين يادين منجهان هڪ ياد آهي ته ڪيئن نه اسان سان گڏ رهندڙ منهنجو سؤٽ جيڪو پڙهائي خاطر اسان سان گڏ رهندو هيو، سو هروڀرو تنگ ڪرڻ خاطر منهنجون لڪائي رکيل شيون کائي چٽ ڪري پوءِ مون کي ٻڌائيندو هيو ته مون سڀ ڪجهه کائي ڇڏيو آهي، ۽ منهنجي گوڙ ۽ شور مچائڻ تي ڌمڪي ڏيندو هيو ته مان توکي راند نه کيڏائيندم، گڏيون ڀڃي ڇڏيندم ۽ آخري زبردست ڌمڪي ڏيندو هيو ته تنهنجا ڪاغذ ڦاڙي اڇلائيندم. مون کي ننڍي هوندي کان شين کي سنڀالي رکڻ جي عادت هئي. ڪاغذن ۾ ساهه هوندو هيو. هلڪو عڪس اڀري ٿو، ياد ناهي ته ڪهڙي ڪلاس ۾ پڙهندي هيم. پر پنهنجي ڏاڏيءَ جي خراب طبيعت ۽ پوءِ تمام گهڻي خراب ٿي وڃڻ ۽ بار بار ڊاڪٽر جو اچڻ ۽ ان جو منع ڪرڻ ته طبيعت جيستائين ٿوري ٺيڪ نه ٿي ٿئي، توهان مريض کي پاڻي گهٽ پياريو. مون کي ياد آهي ته وڏا گهر ڀاتي جڏهن سامهون نه هئا ته منهنجي ڏاڏيءَ منهنجي سؤٽ کي سڏ ڪيو ته کيس پاڻي آڻي ڏي، جنهن تي هن منع ڪيس پر پوءِ مون کي چيائين ڪنهن کي نه ٻڌاءِ چپ چاپ دلي منجهان پاڻي کڻي اچي ڏاڏي کي پياريون ٿا. پوءِ تمام وڏو ۽ ڊگهو هڪ گلاس هيو جيڪو ڀري اچي پياريوسي. شايد ڏاڏيءَ جو ڪو آخري وقت هيو جو پوءِ هن بيحد دعائون پي ڏنيون ته هروڀرو ڊاڪٽر منع ٿو ڪري. ان ڳالهه تي اسان سخت دڙڪا به کاڌا.
مون کي پنهنجي پهرين روزي رکڻ جي عمر بلڪل به ياد ناهي، پر چٽيءَ طرح ياد آهي ته اها سخت گرم ترين موسم هئي. گرمين جا روزا هئا، شايد تڏهن ئي مان بار بار پاڻي جي دلن وٽ چڪر پي لڳايا. پر امان جي نظرن ڏسي پي ورتو. گهڻي واضع ياداشت ۾ ڪجهه به نه آهي، ان ڪري پڪ پئي ٿئي ته تمام ننڍيءَ عمر کان روزا رکڻ شروع ڪيا هئا. بقول پنهنجيءَ امڙ جي ته مان جڏهن به ڪنهن کي مُصّلي تي ويٺل ڏسندي هيم ته پاڻ به ڀرسان ويهي مٿو لوڏي الله هو الله هو شروع ڪري ڏيندي هيم. ڏاڏيءَ جي ڀرسان اڪثر ويهي ائين ڪرڻ سان شايد هوءِ ڊسٽرب ٿيندي هئي. ۽ منع ڪندي هئي پر مان پنهنجيءَ ڌُن ۾ مَڱن رهندي هيم.
ٻاروتڻ جون ڪجهه هلڪيون هلڪيون پرڇايون (عڪس) ذهن تي اُڀرن ٿيون ته مونکي ياد پوي ٿو ته ننڍڙي هوندي کان مان پنهنجي ڳالهه تي پختگيءَ سان قائم رهندڙ، ۽ مڃائيندڙ فطرت واري هيم. (اسان ماشاء الله ڪل ڇهه ڀائر ڀينر آهيون. (جنهن ۾ اسين ٻه ڀينر ۽ چار ڀائر آهن) گهر ڏانهن موڪليائون جتي منهنجي ماساتن مون مٿان کِلو ۽ مذاق اڏايو). پر ڳالهه اڃان اتي پوري ٿيندي نظر نه ٿي اچي شايد مون کي پنهنجي ڳالهه مڃرائڻ لاءِ ”لِڪي“ ڪري شامل ٿيڻ هڪ ايڊوينچر طور لڳندو هيو. تڏهن ته مون کي ياد آهي ته مون زندگيءَ ۾ پهرين فلم جيڪا سکر جي سينيما ۾ ڏٺي هئي، جنهن جو نالو ياد نه آهي شايد ڪا سنڌي فلم هئي يا وري اردو، پر اهو ”اولڙو“ منهنجي ذهن ۾ محفوظ آهي ته ڪيئن نه مغرب بعد امان ۽ ماسيءَ وارن پلان پي ٺاهيو فلم جو جيڪو مون ٻڌڻ شرط دل ۾ سوچي ورتو ته مان به ضرور ”فلم“ ڏسندم، ڪو وڃي نه وڃي مان ضرور ويندم. پوءِ امان جي منع ڪرڻ باوجود ۽ ماسيءَ جي دڙڪن کائڻ ۽ روڪڻ باوجود مان ٽانگي جي پويان سيٽ جي هيٺان تڪڙ ۾ ائين لڪي ويهي رهيم جو جيئن وڏيون سڀ ٽانگي تي چڙهيون ته ٽانگي هلڻ شروع ڪيو ۽ منهنجي ماسيءَ چيو ته: شڪر ٿيو جو رشيده گهڻو گوڙ نه ڪيو ۽ مٿي ڪمري ۾ ٻين ٻارن سان ڪاغذ جي رانديڪن ٺاهڻ ۾ مصروف ٿي وئي. پر تڏهن سندس حيرت منجهان رڙ نڪري ويس، جڏهن ٽانگو سينيما جي ٻاهران بيٺو ۽ مان به انهن سڀني جي پويان ٽپو ڏيئي لهي آيم، ته ماسيءَ مون کي ”چماٽ“ هڻي ڪري چيو ته تون ڪيئن هتي آئي آهين؟ توکي ته اسان مٿي ڪمري ۾ موڪليو هيوسي. مون کيس چيو ته: مون سان توهان ڊوڙ ۾ نٿا پڄي سگهو. سو ائين مون پنهنجي زندگيءَ جي پهرين فلم جيڪا گهڻو ڪري ”سنڌي“ هئي. شايد ”عمر مارئي“ يا ڪا ٻي مون سينيما ۾ ڏٺي. ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ڳالهه کي مڃرائڻ جي مون کي ننڍي هوندي کان شايد عادت ان ڪري پيل هئي جو مون ڪڏهن به اجايو سجايو گهڻا ضد نه ڪيا، نه ڪا اجائي فرمائش نه ڪو ڪڏهن ڪنهن رانديڪي وٺڻ جي خواهش ۽ نه ئي وري ٻين ٻارن وانگر وڙهڻ، جهيڙو ڪرڻ وغيره گهڻو تڻو مان خاموش رهڻ واري ادب و آداب سان ملڻ ۽ فضيلت جو مظاهرو ڪرڻ واري ٻارڙي سڏبي هيم. ان جو گهڻو سبب منهنجي ”پڦي“ هئي. جيڪا عام حالتن ۾ منهنجي ننڍي وڏي خواهش کي آرام سان پورو ڪري ڇڏيندي هئي ڇو ته مان تنگ ڪندڙ ۽ شرارتي نه هيم. بلڪه چيو مڃڻ واري صدوري ليکبي هيم: گهر ۾ کائڻ پيئڻ جون شيون هر وقت موجود هونديون هيون، پئسو پائي يعني هٿ ۾ خرچي ملڻ وارو رواج اسان وٽ بلڪل نه هيو. نه ئي وري دوڪان تي وڃڻ جي اجازت هوندي هئي. ان ڪري گهر ۾ هر وقت هر شيء ميسر هوندي هئي. منهنجو اسڪول گهر کان صرف ٽن منٽن جي پنڌ تي واقع هيو. ان ڪري رسيس ۾ مان گهر اچي پاڻي پيئندي هيم ۽ پڦي چوندي هئي ته ٻاهريون شيون مکين ويٺل ۽ خراب هونديون آهن. ان ڪري بلڪل نه کائڻ کپن.
مون کي ياد آهي ته مون ڪڏهن به گهر ۾ ڪنهن جي به مار نه کاڌي نه ئي ڪنهن سان جهيڙو ڪيو. بابا مون کي بي انتها پيار ڪندو هيو ۽ امان ته ڪڏهن به ڪجهه به نه چوندي هئي. امان ان ڪري خوش هوندي هئي جو مان پڙهڻ ۾ تنگ نه ڪندي هيم ۽ نه ئي ٻين ٻارن وانگر گوڙ مچائيندي هيم. بابا جن هميشه سڀني جي سامهون منهنجي تعريف ڪندا هئا ته منهنجي ڌيءَ سمجهدار آهي. سڀني ۾ وڏي هُئڻ جي حيثيت ڪري ننڍي هوندي کان مان پنهنجي ڀائرن ۽ ڀيڻ جو خيال رکندي هيم. مون کي پنهنجي ڳالهه مڃرائڻ هِڪڙو سبب اهو به نظر ايندو آهي جو مان گهر ۾ سڀني ٻارن ۾ وڏي هيم ۽ هر ماڻهو منهنجو چوڻ ضرور وٺندو هُيو. جڏهن مان سمجهدار ٿي ويم ۽ شايد ڪلاس پنجين ۾ هيم ته امان سخت بيمار ٿي پئي ۽ بلڪل ائين پي لڳو ته ڄاڻ ڪونه ڪو وڏو مسئلو پيش اچي سگهي ٿو ته انهن ڏينهن ۾ به مان ئي پنهنجن ڀائرن ۽ ڀيڻ کي سنڀاليندي هيم. شايد سڀني ۾ وڏي هجڻ جي احساس يا وري گهريلو تربيت ۽ والده کي پڻ ٻين جي مدد ڪندي ڏسي، مون پاڻ ۾ اهو احساس محسوس ڪيو ته ننڍن ڀائرن، ڀينرن توڙي جو ٻين سڀني سان سُٺيءَ طرح پيش اچجي ته جيئن ٻيا تعريف ڪن. مون ۾ ننڍپڻ کان اها عادت/ فطرت ۾ شامل هئي ته ڪنهن ٻي کي منهنجي ڪري ڪابه تڪليف درپيش نه اچي، ڪوبه ماڻهو ائين شڪايت (Complain) نه ڪري ته منهنجي ڪري هن کي ڪو مسئلو پيش آيو. شايد اهو ئي سبب هيو جو سواءِ ڪنهن تمام ذاتي اشو جي مون ڪڏهن به ڪنهن کي ڪجهه نه چيو. پنهنجي خلاف گهڻو ڪجهه ٻڌڻ جي باوجود ڪڏهن به ڪنهن سان ڪو جهيڙو نه ڪيو (شُڪر الحمد الله). اهو سڀ ڪجهه اسان سڀني ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ اسان جي امڙ کان منتقل ٿيل آهي. اسان جا والد پڻ ساڳي طبيعت جا مالڪ هئا پر آهي وري به غصو ۽ ڪاوڙ ڪندا هئا.
سرتيون اڄ مان عمر جي جنهن حصي ۾ پهتل آهيان اتي انسان وٽ بيشمار ”ياديون“، ستارن جي جهرمٽ وانگر، اڻ کٽ سلسلي وانگر دماغ جي پردي تي ڪنهن فلم وانگر هلنديون رهن ٿيون. ڪجهه هلڪا عڪس، ننڍڙا ننڍڙا منظر، اولڙا، پرڇايون ۽ ڪي جوانيءَ جون ياديون. ڪلاس نائين کان پوءِ جڏهن عمرِ عزيز اچي پندرهن کن سال ٿئي ٿي ته اها حقيقت ۾ هڪ اهڙي دور تي مشتمل هجي ٿي، جنهن کي اسان زندگيءَ جو سونهري دور ڪري سڏيون ٿا. منهنجي سڄي عمر جي سالن منجهان پندرهن سالن کان وٺي ايڪويهه سالن تائين وارو عرصو ڏاڍو يادگار رهيو. تمام خوشگوار لمحات به نقش ٿيل آهن، ته زندگيءَ جا بدترين لمحا به ڪڏهن وسري نٿا سگهن. مئٽرڪ ۾ هيم جڏهن مان ائين سمجهندي هيم ته انسان جي زندگي تمام بيحد وڻندڙ ۽ عطيه خداوندي آهي، جنهن کي الله تعاليٰ جي اطاعت، بندگي ۽ انسانن جي ڀلائي لاءِ وقف ڪري ڇڏڻ گهرجي. اهڙن جذبن جي اُڀرڻ ڪري منهنجي دل و دماغ ۾ پنهنجي مالڪ ربُ اُلعِزت جو خوف ۽ ان کان هر ڏک سک ۾ دعا گهرڻ وارو طريقو محفوظ رهيو. سڄو رمضان شريف جو مهينو بنا ڪنهن ظاهري رشتي ناتي ۽ نسبت جي مرحوم و مغفور ذوالفقار علي ڀٽي صاحب لاءِ دعائون گهريون ته هو قيد منجهان نجات حاصل ڪري. شايد هُن جي سحر انگيز شخصيت جو ئي ڪرشمو هيو. سال 1967ع ۽ 1968ع ۾ منهنجي اسڪولي زماني جا بهترين ڏينهن رهيا. بيشمار ڪاميابيون حاصل ٿيون. اسڪول ۾ ٿيندڙ هر قسم جي اڪيڊمڪ توڙي ايڪسٽراڪريڪيولر ايڪٽيوٽيز ۾ باقاعده حصو وٺندي هيم.
ميلاد شريف، توڙي تقريري مقابلو هجي، يا وري مضمون نويسي ۽ راندين جو ميدان هجي ٽيبلو ۽ ڊرامن ۾ پڻ حصو ورتو. ڪيترا يادگار لمحات تصويرن جي صورت ۾ جڏهن اڄ به ڪڏهن ڪڏهن ڏسندي آهيان ته ائين ئي تصور ۾ موٽي ان زماني ۾ پهچي ويندي آهيان. مون مئٽرڪ جو امتحان ڏنو ته پوءِ پهريون ڀيرو بابا ۽ امان سان گڏجي اسان پنهنجي ماسيءَ ڏانهن گهمڻ لاءِ ڪراچيءَ وياسي. سڄو مهينو خوب انجوائي ڪيو.
يادگيرين تي مشتمل فلم جي هڪ منظر ۾ اهو به ياد آهي ته اسان انٽر کان پوءِ جڏهن B.Sc ڪرڻ لاءِ اسلاميه ڪاليج سکر ۾ داخلا ورتي ته انهن ڏينهن ۾ اسان گهڻي ڀاڱي ٽرين ذريعي روهڙيءَ کان سکر ايندا ويندا هئاسي. هڪ ڀيري مون کي ياد آهي ته اسين سڀ ڇوڪريون گروپ جي صورت ۾ گڏجي ڪاليج کان سکر اسٽيشن ڏانهن وڃي رهيا هياسي. سخت گرمي جا ڏينهن هئا ۽ ڏينهن جو تقريباً ڏيڍ بجي جو ٽائيم هيو، اسان منجهان هر ڇوڪري کي برقعو پاتل هيو ۽ پگهرجڻ ڪري ذري گهٽ بيهوش ٿيڻ وارا هئاسي ته ڪنهن طرف هڪ ساهڙيءَ هٿ کڻي زوردار آواز ۾ دعا گهري ته اي الله اسان جي هنن پنڌن کي سجايو ڪجانءِ ۽ اسان جي محنت قبول ڪجان ۽ بخت بالا ڪجانءِ بيشڪ رب تعاليٰ ڪڏهن ڪڏهن اندر جي آواز کي قبول ڪرڻ ۾ بلڪل دير نٿو ڪري. نامساعد حالات جي باوجود پوءِ اسان ٻنهي الله جي حڪم سان اچي ڄامشورو وسايو. اڄ منهنجي اها ڪلاس فيلو منهنجي ڀرسان ئي ڄامشوري ۾ رهي ٿي.
سرتيون مون توهان سان پنهنجي ٻاروتڻ، ننڍپڻ کي ڪجهه ڪجهه شيئر ڪيو آهي، هاڻي اچو ته ڪجهه يادگيريون ڄامشوري جون توهان کي ٻڌائجن. مون يونيورسٽي ۾ داخلا ليٽ ورتي هئي، ڇو ته بابا جن انڪاري هئا ته رهائش وغيره ڪيئن ڪبي، ايڏو پري اڪيلو ڪيئن رهبو. پر پوءِ منهنجي دوست حميره ۽ منهنجي پڦيءَ جي تمام گهڻي ايلاز منٿن کان پوءِ بابا جن راضي ٿيا ۽ منهنجي امي جن منهنجي ماسيءَ ۽ وڏي مامي کي پابند بڻايو ته هو ٻئي ڄڻا هر هفتي اچي ملندا ۽ حال احوال پڇندا. بهرحال قدرت کي منظور هيو ۽ مان اچي خير سان مارئي هاسٽل ۾ پهتم.
اُتي رهڻ دوران بي انتها مصروفيت وارا ڏينهن ۽ رات گذريا. خير سان پڙهائي دوران ڪنهن قسم جي ڪابه پريشاني نه ٿي. اسان جي ڊپارٽمينٽ طرفان پڪنڪ پروگرام رٿيو ويو ته ڏاڍي شوق سان مان ۽ حميره شريڪ ٿياسي. اها منهنجيءَ زندگي جي ٽين پڪنڪ هُئي. 14 آگسٽ جو ڏينهن ۽ سال هيو 1974ع جو، موسم هئي جهڙالي ۽ پوءِ ڏسندي ڏسندي ڪارا ڪڪر آيا ۽ خوب تيز بارش پئي. هڪ بارش منهنجي ڪمزوري، ٻيو پهريون ڀيرو ٺٽو ۽ ڪينجهر ڏسڻ جو شوق سو خوب مزو آيو. اسان پنهنجين ٽيچرز سان گڏجي خوب گهميو ڦريوسي. ڪوئي خاص واقعو ته پيش نه آيو، پر هڪ يادگار طور گفٽ منهنجي هڪ ڪلاس فيلو جنهن کي اسان بيبي ڪري سڏيندا هئاسي، تنهن وٺي ڏنو ۽ جڏهن کولي ڏٺو ته هڪ پوني جنهن ۾ ٻه ننڍڙيون بدڪون لڳل هيون. ڪيتري عرصي تائين سنڀالي رکيو هيون. هاڻي شايد ڪٿي گم ٿي ويون آهن. اسان جي ڪلاس ۾ اسان جا ڪلاس فيلو ڇوڪرا بيحد خيال رکڻ وارا ۽ عزت ڪرڻ وارا هوندا هئا. مذاق به ڪندا هئا ته اهڙو جيڪو قابل برداشت هوندو هيو.
ڪجهه شاگرد منهنجين عادتن مطابق پاڻ ۾ هڪٻئي جا تمثيلي نالا رکندا هئا ۽ ڪجهه وڌيڪ تنگ به ڪندا هئا. اسان جي ئي گروپ جي هڪ ڪلاس فيلو وٽ ڪئميرا هئي. ان وقت تائين ڪئميرا ايڏي عام جام هر ڪنهن وٽ نه هوندي هئي، يا ته فوٽوگرافن وٽ هوندي هئي يا وري ڪنهن اميرزادي وٽ. سو اسان جي به ڪجهه ڪلاس فيلوز وٽ ڪئميرا هئي. ڪجهه ڪلاس فيلوز ڇوڪرن جي بي انتها ڪوشش هئي ته ڪجهه تصويرون ڇوڪرين جون به ڪڍون پر سڀني منع پي ڪيو ۽ پوءِ ائين ٿيو ته اوچتو ئي اوچتو اچانڪ فليش لائيٽ تي سڀني جا ڇرڪ پي نڪتا ۽ ائين اسان به ٿيو. مان ۽ منهنجي دوست حميره ٻئي ڄڻا، پاڻي منجهه پير پسائي بيٺا هئاسي جو اوچتو پري کان ڪئميره تي نظر پئي ۽ مون ٻئي هٿ منهن تي رکي ڇڏيا. تصوير نه نڪري وئي. پر پوءِ ٻي صبح جو ڊپارٽمينٽ ۾ پهچڻ شرط خبر پئي ته اسان جي سينئر ٽيچر مئڊم سلمه دراني ڪاوڙ منجهان منهنجو پڇاڻو پي ڪيو ۽ جيئن مان سندس آڏو حاضر ٿيم ته خوب دڙڪا پيا ۽ چيائين ته اها ڪهڙي تميز هئي تنهنجي سزا اها آهي ته اها تصوير مون نوٽيس بورڊ تي ٻين تصويرن سان گڏ لڳرائي آهي ته جيئن توکي آئينده لاءِ ايٽيڪيٽس سمجهه ۾ اچي سگهندو. اها تصوير اڄ به مون وٽ آهي. هونئن به تصويرن کي جمع ڪرڻ جو مون کي بي انتها شوق آهي ۽ تمام گهڻي تعداد شايد هزارن منجهه موجود آهن. پر ائين يادگار لمحن جون ڪيتريون ئي خوبصورت يادگيريون تصويرن جي صورت ۾ جمع آهن ۽ ڪيترين کي ته مون V.C.R تي ڏسڻ خاطر ڪيسٽ ۾ رڪارڊ ڪرايو آهي. منهنجي Hobby تصويرن کي جمع ڪرڻ آهي تصويرن سان گڏ مليل ننڍا ننڍا تحفا، پنهنجين ڪلاس فيلوز کان ورتل آٽوگراف ۽ مليل ٽائيٽل ۽ ٻيون ننڍيون وڏيون شيون سڀ جمع آهن مون کي شين کي سنڀالي رکڻ جي عادت آهي. ننڍن کان ننڍڙو گفٽ به سنڀالي رکندي آهيان.
پياريون سرتيون پنهنجين بهترين ”يادگيرين“ کي مون شروع ڪيو آهي پنهنجي ”فطري شوق“ يعني ته سير و تفريح سان ۽ ان حوالي سان مون ذڪر ڪيو آهي. پنهنجي سڀ کان پهرين ”پڪنڪ“ جي يادگيري سان، جيڪا منهنجي ننڍپڻ جي شرارت ۾ هئي.جنهن جو ذڪر مون اڳ ۾ تفصيل سان ڪيو آهي. ٻي طرف ماڳ ۽ مڪان ڏسڻ جو شوق ۽ بيحد تَجسّس به هُيو. اِهو سير و تفريح مون کي الله تعاليٰ مهيا ڪيو هيو، پنهنجي ئي سهڻي شهر روهڙي شهر جي خوبصورتي کي پنهنجين يادين ۾ جمع ڪرڻ سان، جيڪا ابتدا مون شروع ڪئي درياءَ سنڌ ۾ ٻيڙي ۾ چڙهي روهڙي کان سکر وڃڻ ۽ درياءَ جو سير ڪرڻ (هتي اهو ٻڌائيندي هلان ته مون کي درياءَ ۾ ٻيڙي تي چڙهي سير ڪرڻ بيحد وڻندو آهي) ساڌ ٻيلو، ٻاهران ڏسڻ، خواجه خضر جي آستاني وٽان لنگهڻ ۽ گڏوگڏ لئنسڊائون پل جي هيٺان لنگهندي آس پاس کان لئنسڊائون پل ڀرسان ساڌ ٻيلي جي ديوارن تي ويٺل مختلف پکي ۽ گڏوگڏ مورن کي ٽلندي ڏٺو. ننڍڙي هوندي کان مون تمام گهڻو سفر ڪيو روهڙي کان سکر ڏانهن ٻيڙين وسيلي، ٽرين وسيلي ۽ پوءِ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ جڏهن ٻيڙيون عام جام هلڻ بند ٿي ويون ته پوءِ ڪڏهن ٽانگي تي چڙهي وڃبو هيو ۽ وري پوءِ آخر ۾ جڏهن جوانيءَ ۾ قدم رکيو ۽ سکر اسلاميه ڪاليج ۾ داخلا ورتي تڏهن وري پيادل پل کي ڪراس ڪري سکر ڪاليج ڏانهن پنهنجو تعليمي سفر جاري رکيو. پيرن پنڌ گهر کان سکر اِسلاميه ڪاليج وڃڻ لاءِ روزانو لئنسڊائون پل کي ڪراس ڪرڻو پوندو هُيو ۽ اِن دوران پُل ۽ آس پاس جي منظرن کي چڱيءَ طرح ڏسڻ جو موقعو مليو. روهڙيءَ جي ڀرسان وهندڙ سنڌو ڪناري تي ”ستين جو آستان“ موجود آهي، جنهن کي اسان ڪڏهن به نه ڏٺو ايستائين جو جڏهن 72-1973ع ۾ سيلاب آيو ۽ تمام وڏي تباهي ٿي، ان زماني ۾ ٻوڏ جي ڪري تمام گهڻي تباهي مچي وئي هئي. ۽ ڪيترن ئي ڳوٺن منجهان لڏپلاڻ ڪندڙ خاندان درياءِ جي مٿانهين واري ايراضيءَ جي آس پاس اچي ويٺا هئا ۽ ان ئي زماني ۾ ڪيترا ماڻهو گڏجي روز شام جو لئنسڊائون پل ۽ درياءِ ڪناري ڏانهن وڃي ڪجهه فلاحي ڪم ڪار ۾ مشغول ٿيندا هئا. ڪافي ڏينهن گذرڻ بعد مان به پنهنجي گهروارن سان گڏجي اوڏانهن وئي هيم ۽ ائين پهريون دفعو پري کان ستين جو آستان ڏٺو هيم. بعد ۾ تمام گهڻي عرصي بعد اسان وٽ ڪجهه مهمان آيل هئا ۽ انهن کي ”ستين جو آستان“ ڏيکارڻ بهاني اسان به اهو ماڳ ڏسڻ ويا هئاسي. ورنه عام طور تي بابا جن جي اجازت نه هوندي هئي ته ڪو هروڀرو هيڏانهن هوڏانهن وڃجي ۽ منهنجي اها عادت هوندي هئي ته جڏهن بابا جن منع ڪندا هئا ته پڪ سان اهو ڪم نه ڪبو هيو. جيستائين پاڻ اجازت ڏين. اسان جي پرائمري اسڪول جي هيڊمسٽريس جنهن جو اسم شريف، هيو بيبي جئيل، ان جو تعلق ڪوٽائي سيدن سان هيو. پاڻ بيحد محنتي، ۽ اسڪول جي هر ٻار ۽ استاد جي سار سنڀال لهڻ واري ۽ پردي دار خاتون هيون. جڏهن به اسڪول ۾ انسپيڪشن ٿيندي هئي ته مرد حضرات به خواتين سان گڏ ايندا هئا. ڊائريڪٽر يا وري ٻي ڪنهن عهدي تي فائز انهن مرد حضرات سان پاڻ برقعو پهري پنهنجيءَ ڪرسي تي ويهنديون هيون ۽ آفيشيل گفتگو ۾ حصو وٺنديون هيون. اسان اسڪول ۾ انهن کي ”ادي وڏي“ سڏيندا هئاسي. جڏهن ته ٻي نمبر تي فائز ننڍي هيڊمسٽريس کي پڻ ”ادي ننڍي“ سڏيو ويندو هيو.
سرتيون ٻاروتڻ هجي، يا ننڍپڻ يا وري جوانيءَ جون ڳالهيون. جڏهن يادن جا عڪس ۽ اولڙا، ذهن جي اسڪرين تي هلڻ شروع ڪندا آهن ته ائين محسوس ٿيندو آهي، جيئن اجهو سڀ ڪجهه هينئر وقوع پذير ٿي رهيو هجي يا وري ٿيو هجي. جتي کجين جو ذڪر اچي ٿو ۽ باغات جي ڳالهه نڪري ٿي ته ياد اچي ٿو ته ننڍڙي هوندي، گرمين جي ڏينهن ۾ نيرن تي هميشه اسان مکڻ، لسيءَ (ڏهي) (ڌونئرو) ۽ ماني سان گڏ مختلف قسمن جون تازيون کارڪون پڻ کاڌيون. بيحد ذائقيدار، (مٺيون ۽ کاريون،) نالا اڄ به ڪيترائي ياد آهن، ۽ ڪجهه ياد نه آهن. بابا جن ٻڌائيندا هئا، هيءَ وڻ جي پڪل کارڪ آهي، هلڪي مٺي، هيءَ ڪُپڙو کارڪ آهي تمام تيز مٺي، هيءَ نمڪين کارڪ آهي بيحد لذيذ، ۽ ها هي ڏنگ ڏوڪا آهن، اڌ سخت ۽ اڌ نرم بيحد مزيدار، ڪي ڊگهائي ۾ ته ڪي ويڪريون ۽ ڪي بيضوي شڪل جون ۽ ڪي وري گولائي مائل، مطلب ته تمام گهڻي ورائٽي ۽ مختلف قسمن جون، جن جو ذائقو اڄ به ياد آهي. گل ٻوٽن جو ذڪر ڪبو ته مون کي تمام چٽيءَ طرح ياد آهي ته باغ جو نالو هيو، جناح باغ، گيٽ تي وڏن اکرن ۾ لِکيل ۽ ننڍڙو در هر وقت عام ماڻهن لاءِ کليل رهندو هيو. سَرِ شام ٽيپهريءَ کان پوءِ اسين سڀ ڀائر ڀينر گڏجي بابا جن سان باغ جو سير ڪرڻ ويندا هئاسي. خوبصورت رنگ برنگي گل، ٻوٽا، وڻ ٽڻ، گهاٽو ۽ چُهٽيل سائو لان خوبصورت ڳاڙها گلاب جا گل، جن جي خوشبو اڄ به منهنجي دماغ ۾ ائين رچيل بسيل آهي ڄڻ ته ڪو ڪالهه جي ڳالهه هجي. لان ۾ قلابازيون ڏيندي ڏيندي ۽ بيدل بيڪس ۽ شاهه مقصود شاهه جي ٽڪريءَ تائين واڪ/ پنڌ ڪندي ڪندي، بعد مغرب جي ڪڏهن ڪڏهن ريلوي اسٽيشن جي پل مٿان بيهي هيٺ ايندڙ ويندڙ تيزگام، ۽ تيزرو گاڏيون ڏسندي ڏسندي، ڪڏهن وري ٽڪري مٿان اڏيل پاڪستان جي بهترين ويٽنگ روم کان سڄي روهڙي شهر جو نظارو ڪندي ڪندي خبر ئي نه پئي ته مون ڪهڙي وقت شعور جون منزلون طيءَ ڪيون ۽ جوانيءَ ۾ قدم رکيو.
ريلوي اسٽيشن تي بابا جن سان انتظار ڪندي، جڏهن اسان پنهنجي پڦي کي ملڻ لاءِ اچي بيهندا هئاسي. جڏهن منهنجي پڦي پنهنجي گهرواري سان گڏجي شڪارپور کان ڪراچيءَ ڏانهن ويندي هئي ته ان وقت مهراڻ ايڪسپريس بيحد پياري لڳندي هئي. ڇو ته منهنجي پياري ترين پڦي جو ان ۾ سوار هوندي هئي مون کي منهنجي پڦي جو گهروارو يعني پڦڙ اسٽيشن تي واٽر سوڍا جي بوتل پياريندو هيو. مون کي ذرو ذرو ياد آهي. ۽ پوءِ هي تلخ يادون به منهنجي بهترين يادن سان گڏوگڏ مون کي ياد رکڻيون پيون، جڏهن پڦيءَ جي گهرواري جا اختلاف وڌندا ويا ۽ جڏهن ڪراچيءَ ڏانهن ويندو هيو. ته اسٽيشن تي بيٺل ٽرين وٽ مان به بابا جن سان گڏجي ساڻن ملڻ ايندي هيم، بابا سمجهائيندو هين ته گهر ڏانهن هل، پنهنجي ٻارن سان مل، پر هن ته پنهنجو اڍائي سالن جو ننڍڙو ڪاڪو به نه ڏٺو هيو ڄائي ڄم کان پوءِ ڪڏهن به نه ڏٺو، تان جو هڪ ايڪسيڊنٽ ۾ ڪراچيءَ ۾ وفات ڪري ويو. اُهو سال 1965ع جي تاريخ 22 نومبر هئي ۽ مان شايد ڪلاس ستين درجي ۾ هيم. منهنجي پڦيءَ سان ڇا وهيو واپريو اهو هڪ مڪمل ۽ الڳ حقيقت تي ٻڌل سچ آهي. بس يادن منجهه ياديون موجود هونديون آهن. اهڙا ڪيترائي واقعا ۽ منظر ذهن ۾ چٽن وانگر چٽيل آهن جو ڪنهن به لمحي ڪا ڳالهه ياد اچي وڃي ته پوءِ ڪنهن فلم وانگر اسڪرين جي پردي تي هلڻ شروع ڪري ڇڏين ٿا. تلخ به ۽ خوشگوار به، 1974ع ۾ يونيورسٽي ۾ اچي ڄامشوري جي پر لطف ماحول ۾ جڏهن مون پنهنجي پهرين ۽ (هونئن ٽئين) پڪنڪ ڪينجهر ڪناري ۽ ٺٽيءَ جي بادشاهي مسجد ۽ مڪليءَ جي قبرستان سان گڏوگڏ ڪراچي ڪلفٽن ۽ پيرڊائيز پوائنٽ وغيره تي ملهائي ته پوءِ ايندڙ سالن ۾ هر سال پنهنجي ڊپارٽمينٽ طرفان پڪنڪ تي وڃڻ جو موقعو مَيسّر ايندو رهيو. 1976ع ۾ بطور ليڪچرار جي منهنجي مقرري ڊپارٽمينٽ آف فزيالاجي ۾ ٿي. اُن وقت اسان جي ڊپارٽمنٽ ۾ ليڊي ٽيچرس گهٽ ۽ شاگردياڻين جو انگ شاگردن کان وڌيڪ هجڻ باعث هيڊ آف دي ڊپارٽمينٽ هميشه پڪنڪ تي وڃڻ لاءِ پابند بڻائيندا هئا ۽ مون به ڪڏهن انڪار نه ڪيو ٻارڙن جي پيدائش بعد مان پنهنجن ٻارڙن سميت هميشه پڪنڪ لاءِ ويندي رهندي هيم. ڪيترائي يادگار لمحا ۽ منظر ياد آهن. سرتيون هينئر مان توهان کي پنهنجي سروس جي آخري پڪنڪ جيڪا رٽائيمينٽ کان اڳ ملهائي سا هئي رني ڪوٽ ۽ سيوهڻ شريف هونئن ته سيوهڻ شريف اڳ ۾ به ڏٺل هيو. پر پنهنجن اُستاد ساٿين ۽ شاگردن سان بحثيت هيڊ آف دي ڊپارٽمينٽ اها منهنجي ڪريئر جي آخري پڪنڪ هئي شروعات جيڪا ڄامشوري ۾ وسندڙ بارش ۾ اچي (14 آگسٽ 1974ع ۾ هڪ برسات وسندڙ صبح جو) ڪينجهر ڪناري کان ڪئي هئي تنهن جو دنگ ٿيو وڃي. ڪارونجهر جي جبلن ڀرپاسي رني ڪوٽ تي. تاريخ هئي شايد 28- مارچ 2013ع هيءَ هڪ تاريخي ۽ قديمي قلعو آهي. جيڪو هڪ وڏي ايراضيءَ تي مشتمل آهي. هيءُ قلعو ڪوٽ ڏيجي قلعي وانگر نه آهي، بلڪه مختلف آهي. ٻنهي ۾ واضع فرق موجود آهي. اڄ جڏهن مان گذريل لمحا قلمبند ڪري رهي اهيان ته لڳي ٿو ته انسان جي زندگي جا خوشگوار لمحا هجن يا غمگين ۽ غمخوار منظر پر ذهن ۾ ته سڀ ڪجهه باقاعده ياد هجي ٿو جيڪو نه ئي وسارڻ سان ڪجهه وساري سگهجي ٿو ۽ نه ئي چاهيندي به سڀ ڪجهه ياد رکي سگهجي ٿو. اهو ئي قدرتي قانون آهي.
اهو ئي سبب آهي جو بحيثيت هڪ ڇوڪريءَ جي جڏهن شادي ذريعي زندگيءَ ۾ ”اهم“ تبديلي نروار ٿئي ٿي ته اُهي لمحا ۽ پوءِ اڳتي ٻن ساٿين منجهان ڪو هڪ جڏهن رب جي رضا سان موڪلائي وڃي ٿو ته باقي پويان بچيل ساٿي پنهنجي زندگي کي ڪيئن گذاري ٿو. گڏ گذاريل ”لمحا“ ڪيئن ياد رکي ٿو ۽ ڪيئن وسارڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. ”آتم ڪٿا“، ياديون، يادگيريون، سوانح حيات، پنهنجي باري ۾ گذريل لمحو لمحو جي ياد نه آهي ته گهڻو ڪجهه ته ياد به آهي. گهڻو ڪجهه ياد آهي. پر هينئر هتي هن موضوع کي ختم ڪجي ٿو. ڪيترائي اهڙا لمحا آهن جن کي وري ڪنهن ٻي دفعي ذڪر ڪبو. ڪنهن ٻي هنڌ تي، ٻي موضوع سان ”يادن“ کي ”ياد“ ڪبو. ڪنهن ٻي هنڌ تي، ٻي موضوع سان ”يادن“ کي ”ياد“ ڪبو.
* * *