سائنس، علم ۽ رسالا

ڪَڻي مان ڪيچَ

پروفيسر رشيده ڀٽي جو لکيل هي ڪتاب انتهائي ڪارائتو آهي. جيڪو عام ماڻهوءَ کي غذا جي فائدي ۽ علاج جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ ڏيئي ٿو. قدرت جو ڪارخانو عجيب آهي. هتي شين جو پاڻ ۾ مضبوط لاڳاپو آهي. اُهي چاهي گڏوگڏ هلنديون هجن يا بنهه هڪٻئي جي اُبتڙ هجن. گرمين جون ڀاڄيون ۽ ميوا مزاج ۾ معتدل ۽ جسم ۾ پاڻي جي مقدار کي گهٽ ٿيڻ نه ٿا ڏين. ساڳيءَ ريت سياري ۾ پيدا ٿيندڙ غذا گرم ۽ جسم جي مدافعتي مزاج کي فعال بڻائي ٿي. ساڳي وقت موسمي اثر ۽ بيمارين کان بچائي ٿي. رشيده پنهنجي هن ڪتاب ۾ ڪافي حد تائين غذا متعلق انيڪ پهلو واضع ڪيا آهن.
Title Cover of book ڪَڻي مان ڪيچَ

ڏند جي حفاظت لاءِ گهرو ٽوٽڪا

بازار ۾ وڪامجندڙ ٽوٿ پيسٽ (Tooth paste) مختلف ڪيميڪلز کي ملائي ٺاهيا وڃن ٿا. انهن منجهان ڪيترائي ڪيميڪلز اهڙا به آهن، جيڪي انساني صحت لاءِ بي انتها هاڃيڪار آهن. ڪجهه عرصو پهريان آغا خان يونيورسٽي ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ هڪ تحقيق جي دوران ملندڙ نتيجن جي روشني ۾ اها ڳالهه سامهون آئي ته ڪيترن ئي ٽوٿ پيسٽ جي برانڊز منجهه اسٽيرائڊس(Steroid)جو استعمال ٿيل هجي ٿو. اسٽيرائڊس ڪيميڪلز جي ڪري وقتي طور تي ته ڪيترين ئي بيمارين کي فائدو پهچي ٿو ۽ فوري طور تڪليف کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي، پر انهن جو مستقل طور تي استعمال انساني صحت لاءِ تمام هاڃيڪار ثابت ٿي سگهي ٿو.
اڄ مان توهان کي ڪجهه اهڙيون ترڪيبون ٻڌايان ٿي، جن تي عمل ڪرڻ سان توهان پنهنجي روزمره واري استعمال ٿيندڙ ٽوٿ پيسٽ تي گهٽ ڀاڙي، پنهنجن ڏندن جي ڪيترن ئي عام مسئلن کي آرام سان حل ڪري سگهو ٿيون.
اسٽرابيري سان علاج: اسٽرابيري اصل ۾ ميوو آهي، ان ۾ صحت لاءِ بي انتها فائده موجود آهن. پر ان سان گڏوگڏ توهان جي ڏندن کي چمڪائڻ لاءِ به بي انتها مفيد آهي. هن ميوي ۾ اها هڪ خصوصيت موجود آهي. ڏندن تي موجود داغ، خاص طور تي جيڪي گهڻي چانهه يا ڪافي پيئندڙن جي ڏندن تي ظاهر ٿي پوندا آهن. قدرت هن ميوي ۾ اها اضافي خصوصيت رکي آهي ته ان جي واهپي سان داغ مٽجي وڃن ٿا. اسٽرابيري کي هٿن سان مهٽي هڪ قسم جي ”محلول“ پنهنجن ڏندن تي مهٽيو، توهان ڪجهه عرصي ۾ ئي واضع فرق محسوس ڪندا.
کاڌن سان علاج: ڀينرون! توهان کي خبر آهي ته جهڙي طرح ڪجهه کاڌن کائڻ سان ڏندن تي نشان، ڪاراڻ ۽ داغ پيدا ٿي پوندا آهن، ساڳيءَ ريت الله سائينءَ ڪجهه کاڌا اهڙا به پيدا ڪيا آهن. جن ۾ اها خصوصيت آهي ته اهي ”داغن“ کي مٽائي صاف ڪري ڇڏين. مثال طور توهان کي خبر آهي ته ”چانهه“ يا ”ڪافي“ گهڻي استعمال ڪرڻ سان ڏندن تي ڪارسرا داغ ۽ نشان ٿي پوندا آهن ۽ ڏند ميرا ميرا لڳندا آهن، پر ٻئي طرف اهڙيون غذائون جيڪي توهان کي چٻاڙي کائڻيون پون، تن سان وري ڏند اڇا اجرا شفاف ٿي پون ٿا. يعني ته انهن منجهه الله تعاليٰ اهڙي خاصيت رکي آهي. مثال طور ڪمند کي چوسڻ صحت ۽ وات لاءِ ئي نه پر ڏندن جي صفائيءَ لاءِ به بهترين آهي. اهڙيءَ طرح صوف، گجر ۽ ناسپاتي وغيره به ڏندن کي چمڪائڻ ۾ مدد ڏين ٿا. برگ ڪاهو، گوبي ۽ پالڪ اهڙيون ڀاڄيون آهن، جيڪي ڏندن تي هڪ خاص قسم جو ”تهه“ چاڙهي ڇڏينديون آهن. اهڙي قسم جو ”تهه“ ڪجهه وقت تائين موجود رهندو آهي ۽ حفاظتي ڀت جهڙو ڪم ڏيندو آهي.
زبان تي برش ڪريو: ڏندن تي برش ڪرڻ جو عمل تيستائين مڪمل نه ٿو ٿئي جيستائين توهان پنهنجي ”زبان“ تي به برش نه هڻو. توهان جي زبان تي به اهڙي قسم جا جيوڙا موجود هوندا آهن، جيڪي اتي پلجندا آهن ۽ توهان جي ساهه کڻڻ دوران بدبوءِ پيدا ڪرڻ جو باعث بڻبا آهن. هميشه ياد رکو ته برش ڪرڻ مهل ڏندن سان گڏوگڏ زبان تي به برش لڳائڻ جي عادت هجڻ گهرجي.
گهرو مائوٿ واش: ڀينر! توهان سڀني کي خبر آهي ته ”ڦودنو“ هڪ بي مثال شيءَ آهي. جنهن کي اسين پنهنجي روزمره جي غذا ۾ شامل رکندا آهيون. ”ڦودني“ جو ”ست“ يعني عرق، بدبوءِ ختم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هڪ طرف ڏندن کي به صفائي بخشي ٿو. ڦودني کي پاڻيءَ ۾ وجهي اوٻاري وٺو.
پوءِ ان ”محلول“ کي ٿڌو ڪري آهستي آهستي پيئو. ”صحت“ کي بهترين ”ٽانڪ“ جهڙو ڪم ڏيندو. ان کي ڪجهه ڏينهن استعمال ڪريو. بازار ۾ وڪامجندڙ ڪنهن به ”مائوٿ واش“ کان گهٽ نه آهي ۽ بهترين نتيجو حاصل ٿي سگهي ٿو.
لونگ سان گُرڙا ڪرڻ: پاڻيءَ ۾ لونگ اوٻاري عرف ڪڍي وٺو. ”قهوي“ جي رنگ جهڙي پاڻيءَ سان آهستي آهستي ”گرڙيون“ ڪريو ۽ آهستي آهستي ”گُرڙن“ جي صورت ۾ ”نڙيءَ“ کان هيٺ تائين کڻي وڃو، ائين ڪرڻ سان نه صرف ”ساهه“ واري بدبوءِ جيڪا وات منجهان ايندي آهي. سا ختم ٿي ويندي، پر گڏوگڏ ”ڏندن“ جا به ڪيترائي مسئلا حل ٿي ويندا.
* * *