سائنس، علم ۽ رسالا

ڪَڻي مان ڪيچَ

پروفيسر رشيده ڀٽي جو لکيل هي ڪتاب انتهائي ڪارائتو آهي. جيڪو عام ماڻهوءَ کي غذا جي فائدي ۽ علاج جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ ڏيئي ٿو. قدرت جو ڪارخانو عجيب آهي. هتي شين جو پاڻ ۾ مضبوط لاڳاپو آهي. اُهي چاهي گڏوگڏ هلنديون هجن يا بنهه هڪٻئي جي اُبتڙ هجن. گرمين جون ڀاڄيون ۽ ميوا مزاج ۾ معتدل ۽ جسم ۾ پاڻي جي مقدار کي گهٽ ٿيڻ نه ٿا ڏين. ساڳيءَ ريت سياري ۾ پيدا ٿيندڙ غذا گرم ۽ جسم جي مدافعتي مزاج کي فعال بڻائي ٿي. ساڳي وقت موسمي اثر ۽ بيمارين کان بچائي ٿي. رشيده پنهنجي هن ڪتاب ۾ ڪافي حد تائين غذا متعلق انيڪ پهلو واضع ڪيا آهن.
Title Cover of book ڪَڻي مان ڪيچَ

موسم ۽ صحت

”موسم ۽ صحت“، اِهڙو موضوع آهي، جنهن تي ڄاڻ هجڻ ۽ پوءِ مٿس ٿوري گهڻي دسترس هجڻ هر انسان لاءِ تمام ضروري آهي، چوندا آهن ته هر انسان حقيقت ۾ پنهنجو پاڻ ئي پنهنجي لاءِ اڌ حڪيم/ طبيب جو درجو رکي ٿو. چوندا آهن ته ”اِنسان“ جڏهن پهريون ڀيرو ”بيمار“ ٿي پوندو ۽ پوءِ علاج ذريعي جڏهن شفايابي جي حاصل ڪري وٺندو آهي ته کيس اِها ”ڄاڻ“ ضرور يلفرور حاصل ٿي ويندي آهي ته سندس جسماني ساخت ڪيئن آهي ۽ ڪيئن پنهنجي حفاظت موسم ۽ حالات مطابق ڪري سگهي ٿو. ڇو ته هر اِنسان واقعي به پنهنجو پاڻ لاءِ ”اڌ حڪيم“ ضرور هوندو آهي. پنهنجي جسماني ساخت جي معلومات ۽ زندگيءَ کي روان دوان رکڻ لاءِ اندروني عضوا ڪيئن ڪم ڪن ٿا ۽ اُن سان گڏ اُن کي ڪيئن صحيح نموني، بهتر انداز ۾ ڪم ڪرڻ ڏجي، اهو هڪ اهڙو علم آهي، جنهن کي اسان سائنسي ٻوليءَ ۾ ”فزيالاجي ۽ هائيجن“ (Physiology and Hygiene) سڏيون ٿا. جنهن ۾ اسان پنهنجي جسماني ساخت، اُن ۾ موجود عضون جو ڪم ڪار، نشو نما ۽ پنهنجي اردگرد ماحول منجهان حاصل ٿيل ڪجهه اهڙا جزا ۽ جاندار، جيڪي مختلف موسمن تي اثر هيٺ، جسماني عضون تي حملو ڪري اسان جي اندروني عضون جي ڪارڪردگيءَ کي متاثر ڪري بيماري واري صورتحال پيدا ڪري وجهن ٿا ۽ پوءِ اسان جي ”صحت“ متاثر ٿي پوي ٿي، ته اهڙي علم جو هجڻ، ڄاڻڻ ۽ پوءِ اُن تي عمل پيرا ٿيڻ هر انسان لاءِ لازمي آهي. جڏهن انسان کي ”بدني علم“ جي ڄاڻ هوندي، ”جسماني جوڙجڪ ۽ ساخت“ جي معلومات هوندي، تڏهن ئي هو پنهنجي ”صحت“ کي قائم دائم رکڻ جو سوچيندو ۽ پنهنجي اِردگرد جي ماحول ۾ صفائي ۽ سٿرائي تي ڌيان ڏيندو ۽ بيماريءَ کان بچاءُ جو تدارڪ ڪندو. اهو سڀ ڪجهه اسان کي سائنسي انداز ۾ سوچڻ ۽ اُن تي عمل ڪرڻ لاءِ پنهنجي دماغ کي آماده ڪرڻو پوندو.
اهڙي قسم جي معلومات لاءِ هروڀرو ڪنهن ڊگري جي ضرورت نه آهي پر پنهنجي طور علم ۾ اضافي لاءِ ”علم بدن ۽ علم صحت“ جنهن کي انگريزيءَ ۾ اسان (Physiology and Hygiene) سڏيون ٿا، جو مطالعو ڏاڍو ضروري آهي. اڄ جو دور ترقي يافته، اليڪٽرانڪ ميڊيا جو دور آهي ۽ حالتون پڻ ساڳيون ناهن رهيون.
ماحول جي گدلاڻ جو جيترو ذڪر هينئر ٿئي ٿو، ان کان اڳ ڪڏهن به ايڏي وڏي پيماني تي مسئلو نه رهيو آهي. حقيقت هيءَ آهي ته وقت جي رفتار سان گذريل سال ۽ صديون، اُنهن جون مندون ۽ موسمون، ماحول وغيره هاڻوڪين حالتن کان ڪافي حد تائين مخلتلف ٿي چڪا آهن. اسان جي ڏکڻ ايشيا ۾ سڄي سال ۾ چار مندون باقاعدگيءَ سان ظهور پذير ٿينديون رهيون آهن. باقي ڪجهه ملڪ سال جا ڪافي مهينا سرد ته وري ڪٿي گرم ترين رهن ٿا. پر اسان جي ملڪ ۾ ائين نه آهي. اسان وٽ سرءُ، سيارو، بهار ۽ اونهارو باقاعده طور تي مشاهدي ۾ ايندا رهن ٿا ۽ مندن جي حوالي سان احتياطي تدابير به ڪجن ٿا.
اهوئي سبب آهي ته هر موسم جي حساب سان جسم جي سارسنڀال لهڻ ۽ صحت ۽ صفائي جو خاص خيال رکڻ نهايت ئي ضروري آهي.
اڄ مان توهان کي ٻڌائينديس ته گرمين جي مند ۾ اسان کي ڪيئن رهڻ کپي؟
جون جو مهينو گرمين جي مند ۾ تيز اُس ۽ تپيل/ گرم هوائن جو مهينو سڏبو آهي. جيڪڏهن گهر ۾ ويهي رهجي ۽ ڇانوَ واري جڳهه کي ڳولهجي ته اُهو سٺو لڳندو آهي، پر جي گهر کان ٻاهر ڪنهن ڪم سانگي نڪربو ته رڙ نڪري ويندي آهي، ته اُف ”قيامت جهڙي گرمي آهي“ يا وري چئبو ته هاءِ دوزخ جي باهه جا اُلا پيا نڪرن وغيره وغيره.
پر سڀني ڳالهين جي باوجود انسان کي ڪم ڪار سانگي ٻاهر ته ضرور نڪرڻو پوي ٿو ۽ هر انسان کي ڪنهن نه ڪنهن ضروري ڪم لاءِ ضرور نڪرڻو پوندو آهي. ان ڪري هن شديد گرم موسم ۾ رهڻي ڪهڻيءَ جا بنيادي اصول هرهڪ کي ضروري طور معلوم هئڻ گهرجن.
اسان جي جسم جو اندروني نظام الله تعاليٰ رب العزت اهڙي نموني ٺاهيو آهي، جو اهو هڪ خاص ۽ مخصوص درجهء حرارت (Temperature) تي ڪم ڪندو رهي ٿو. هيءُ مستقل درجه حرارت، ”ابتدائي حيات“ جي نمائندگي ڪرڻ وارن ٻوٽن ۽ جانورن ۾ ايتريقدر اعليٰ درجي جو موجود ڪونهي، جيتري پيماني تي ارتقا ڪري مٿانهين منزل تي پهچڻ وارن جانورن ۽ جاندارن ۾ موجود آهي.
جسم انساني ۾ اندروني درجهء حرارت، هڪ مستقل درجي تي موجود آهي، اهڙو انڪشاف سڀ کان پهرئين هڪ فرانسيسي فزيالاجسٽ، ڪلاڊي برنارڊ، تقريبن اڻويهين صدي جي وچ ڌاري ڪيو هو. جسم جي اندروني درجهء حرارت جي مستقل طور تي هڪ ئي درجي قائم رهڻ واري کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته اسان کي جسم جي بناوت ۽ اُن جي عضون جي بناوتي ڪم ڪار متعلق بنيادي معلومات ۽ ڄاڻ جو هجڻ لازمي آهي.
اسان جي جسم جا سڀ عضوا ننڍن ننڍن جيو گهرڙن يعني خلين جي مدد سان ٺهيل آهن، انهن عضون جا ڪم اُنهن ۾ موجود خلين جي قسم ۽ ڪمن تي ٻڌل آهن، عضوا جيڪڏهن فيڪٽري آهن ته پوءِ خليا ان جا ورڪر آهن. مثال طور جگر/ جيري جا ڪم، ان ۾ موجود هر ننڍڙي کان ننڍڙو خليو به سرانجام ڏيندو رهي ٿو ۽ ساڳيءَ طرح دماغ جا ڪم دماغي خليه سرانجام ڏيندا رهن ٿا، اِهو ئي حال سڀني ٻين عضون سان لاڳو آهي.
هاڻ هتي هيءُ سمجهڻ نهايت ضروري آهي ته هن جيو گهرڙن يعني خلين جي ڪارڪردگيءَ وري منجهن موجود جزن جي ڪيميائي عمل تي منحصر آهي ۽ ڪيميائي ردعمل تڏهن صحيح حالت ۾ ٿيندو جڏهن انهن خلين (Cells) ۾ موجود انزائيم (Enzyme) مادو پنهنجي صحيح حالت ۾ هو. هيءُ اينزائيم درجه حرارت (Body Temperature) جي گهٽ وڌ ٿيڻ واري صورت ۾ تمام جلدي متاثر ٿي ويندا آهن ۽ ڪم ڪرڻ جي صلاحيت وڃائي ويهندا آهن. اينزائيم جي ناڪاره ٿيڻ جي صورت ۾ خلين جو فعل يعني ڪم (Function) بند ٿي ويندو آهي ۽ جڏهن خليه ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندا ته ان جو سڌو سنئون اثر اُنهن عضون تي پوندو، جنهن عضوي ۾ اُهي ورڪر طور ڪم ڪري رهيا هئا. ائين سمجهو ته عضوي جو ڪم معطل (جهڙي نموني ورڪرز جيڪڏهن هڙتال تي هليا وڃن ته فيڪٽريءَ جو ڪم ڪار ۽ ڪاروبار ٺپ ٿي وڃي.) ٿي ويندو. جيئن ته اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته اسان جو واسطو هر قسم جي موسم سان پوندو رهي ٿو. پنهنجي ملڪ ۾ الله تعاليٰ جي فضل و ڪرم سان اسان کي هر قسم جي موسم ميسر آهي ۽ اسان کي هن ڪائنات ۾ گهمڻ ڦرڻ جا وسيلا به عطا ڪيا آهن. جن جي ذريعي اسان هڪ ئي ڏينهن ۾ برفاني علائقا ڇڏي، گرم اُس وارن حصن ۾ وڃي پهچندا آهيون ۽ هوڏانهن وري گرمين جي موسم ۾ گرم تيز و تند هوائن جي اثراتن کان بچڻ لاءِ وري ٿڌن علائقن جو رُخ ڪندا آهيون.
ٻاهرين موسم ۽ درجه حرارت ۾ تبديليءَ باوجود اندروني طور تي اسان کي ڪا خاص شڪل درپيش نه ايندي آهي. اِن جو ڪهڙو سبب آهي؟
جڏهن ته اسان اهو پهرئين سمجهي چڪا آهيون ته اسان جو اندروني نظام درجهءِ حرارت تمام وڏي پيماني تي تبديلي جو نعم البدل نه ٿو ٿي سگهي. سبب هيءُ آهي ته جسم جي اندر ٽيمپريچر ڪنٽرول ڪرڻ جو هڪ اهڙو نظام قائم ٿيل آهي. جيڪو هڪ خاص حد کان اڳيان وڌڻ نه ڏيندو آهي. گرميءَ ۾ جڏهن اسان جي آس پاس جو ماحول ۽ گرمي پد تمام گهڻو وڌي ويندو آهي ته جسم اُن وڌيل گرميءَ کي پنهنجي اندر داخل ٿيڻ نه ڏيندو آهي، بلڪ پنهنجي اندر پيدا ٿيل فالتو توانائي کي به خارج ڪرڻ چاهيندو آهي. اهڙي طريقي سان اسان کي ”پگهر“ ايندو آهي. جيئن جسم جي بيروني سطح آلي رهي ۽ اُن جي ذريعي فالتو حرارت بيروني ماحول ۾ منتقل ٿي وڃي. ان کان علاوه دماغي حڪمن اِحڪامن ذريعي اسان هلڪي قسم جا ڪپڙا پائيندا آهيون، هر هر وهنجندا آهيون، پاڻي ۽ ٻيا مشروب وڌ کان وڌ واپرائيندا آهيون، ڇانوَ ۾ ويهڻ پسند ڪندا آهيون، پکن ۽ ايئرڪنڊيشن وغيره جو استعمال پڻ وڌائي ڇڏيندا آهيون. مطلب ته هر اُهو ڪم ترجيحي بنيادن تي ڪندا آهيون، جنهن مان اسان کي ٿڌاڻ جو احساس ملي.
ڀينرون، هاڻي اچو ته ڏِسون ته اُنهن سڀني جي استعمال جو صحيح طريقو ڪهڙو آهي ۽ اهي احتياطي تدبيرون اختيار نه ڪرڻ ڪري ڪهڙا نقصان ٿي سگهن ٿا.

[b]گرمين جي موسم ۾ صحتمند رهڻ جا چند بنيادي اصول
[/b]1. تيز اُس کان بچڻ گهرجي: گرمين جي موسم ۾ تمام تيز اُس ۾ بغير ڪنهن احتياطي تدبير اختيار ڪرڻ جي ٻاهر نڪرڻ انتهائي خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو. تيز اُس ۾ هوا به تمام گهڻي گرم ٿي 'لوءَ' (جهولي) جي شڪل اختيار ڪري وٺندي آهي. ان کان علاوه اُس جو پنهنجو گرمي پد پڻ تمام وڌي ويندو آهي ۽ هن جي راه ايندڙ هر شيءِ جڏهن ته زمين به تپي لوهه مثل ٿي ويندي آهي. اهڙيءَ صورتحال ۾ اُگهاڙي مٿي ۽ بدن جي جيڪڏهن ٻاهر نڪربو ته جسم جي اندروني گرمي ٻاهر نڪري نه سگهندي، اُلٽو ٻاهر جي گرمي جسم جي اندر داخل ٿيڻ شروع ٿي ويندي آهي. انسان جي دماغ کي گرمي لڳڻ ڪري هن ۾ موجود ”ٽيمپريچر ڪنٽرول سينٽر“ (Temperature Control Centre) جيڪو عام طور تي جسم جو گرمي پد وڌڻ نه ڏيندو آهي، سو ناڪارا ٿي وڃڻ جي صورت ۾ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندو آهي ۽ اهڙي طرح جسم جو درجه حرارت (گرمي پد) ماحول جي مطابق وڌڻ شروع ٿي ويندو آهي. ان ڪري شديد گرميءَ واري موسم جي ڏينهن ۾ مٿي تي ٽوپي يا ڪپڙو رکي ٻاهر نڪرجي ۽ حتيٰ الامڪان ڪوشش ڪجي ته اُس کان پاسيرو ٿي هلجي. پاڻي وغيره گهڻي مقدار ۾ واپرائجي ۽ اهڙيون ٻيون به احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ ضروري ٿي پون ٿيون.
ايئرڪنڊيشن استعمال ڪرڻ وارن لاءِ شديد گرمي منجهان هڪدم سردي ۽ تيز ٿڌي جڳهه کان هڪدم گرمي ۾ ٻاهر وڃڻ کان پرهيز ڪرڻ لازمي آهي.
2. پاڻي ۽ ٻيا مشروب وڌيڪ واپرائڻ گهرجن: گرميءَ ۾ اسان جي جسم جو درجه حرارت مستقلاً نارمل رکڻ لاءِ اسان جي چمڙي هر وقت گهميل يعني آلي رهندي آهي. اهو سڀ ڪجهه پگهر وسيلي ممڪن ٿيندو آهي، جنهن جي وسيلي جسم جي اندروني گرمي ٻاهر منتقل ٿيندي رهي ٿي. اهڙي ريت اسان جي جسم جو درجهءِ حرارت (گرمي پد) ته پنهنجي جڳهه نارمل قائم رهي ٿو، ليڪن پاڻي ۽ نڪميات ڪجهه قدر جسم ۾ گهٽجي ويندا آهن. اُن ڪميءَ کي پوري ڪرڻ لاءِ اسان کي دماغي حڪم ”اُڃ لڳڻ“ جي صورت ۾ ملندو رهندو آهي، جيڪو اسان ڪڏهن ته پوري طرح پورو ڪندا آهيون ۽ ڪڏهن اِن ”اُڃ“ کي اُجهائڻ لاءِ پورو ردِعمل نه ڏيکاريندا آهيون، ڪڏهن گهٽ ۽ ڪڏهن وڌ، پاڻي پيئندا آهيون پر اسان ”نمڪيات“ (Salts) کي قطعي وساري ڇڏيندا آهيون، اهڙي شديد موسم ۾ وڌ کان وڌ پاڻي پيئڻ گهرجي ۽ وچ واري وقفي ۾ ڪجهه شربت وغيره جن ۾ لوڻ ۽ کنڊ جي آميزش هجي ضرور استعمال ڪرڻ گهرجي. مثال طور لسي، اسڪواش ۽ مِيوي جو نڪتل رسُ يعني جوس وغيره ضرور شامل رکڻ گهرجي. لوڻياٺي شيءِ جي استعمال سان اسان جي جسم ۾ ضايع شده لوڻ وري واپس ايندو رهي ٿو ۽ پوءِ ڪمزوريءَ جو احساس نه ٿو رهي. اهڙي قسم جي شڪايت اُنهن ماڻهن ۾ ضرور ڏسڻ ۾ ايندي آهي، جيڪي مٿي ذڪر ڪيل تدبيرون اختيار نه ڪندا آهن. ”کنڊ“ جو هجڻ ان ڪري ضروري آهي جو اُن جي موجودگيءَ ۾ ”نمڪيات“ کي جسم ۾ سٺي نموني جذب ٿيڻ جو موقعو ملي ويندو آهي. ليڪن بلڊپريشر ۽ ذيابيطس جي مريضن کي پهرئين پنهنجي ڊاڪٽر سان ضرور مشورو ڪرڻ گهرجي ته جيئن اُنهن جي مرض مطابق، ”کنڊ ۽ لوڻ“ جي استعمال ۾ مقدار مقرر ڪري سگهجي.
3. فروٽ، ميوو ۽ ڀاڄيون وڌيڪ کائو: ميوي ۽ ڀاڄين جو استعمال هونئن ته هر موسم ۾ لازمي طور تي وڌيڪ ڪرڻ کپي. پر خاص طور تي گرمين جي موسم ۾ ته خاص طرح تي انهن شين جو بندوبست ڪرڻ گهرجي. اسان جي جسم ۾ 80 سيڪڙو پاڻيءَ جو ئي مقدار موجود آهي. ۽ قدرتي طور تي حاصل ٿيندڙ غذا يعني ڀاڄين ۽ ميون ۾ به پاڻي جو ايترو ئي مقدار موجود آهي. ان طرح وڌيڪ پاڻي نه پيئڻ جي صورت ۾ به ڪافي مقدار پاڻيءَ جو انهن ڄاڻايل خوراڪ جي ذريعي جسم اندر پهچي وڃي ٿو. هن موسم ۾ اهڙيون ڀاڄيون جيڪي پنهنجي اندر پاڻيءَ جو وڌ کان وڌ ذخيرو رکن ٿيون، مثال طور ڪدو، توريون، مِيها، کيرو، ونگا وغيره ۽ ميوي ۾، هِنداڻو، گِدرو، گرمو، آلو بخارا، آڙو، انگور وغيره اهڙي غذا جي لسٽ ۾ شامل آهن، انهن شين جو استعمال وڌ کان وڌ ڪرڻ گهرجي.
پروٽين يعني گوشت ۽ بيضا وغيره جو استعمال هن موسم ۾ گهٽائي ڇڏڻ گهرجي. ڇو ته پروٽينز جو فالتو مادو يعني ”يوريا“ جسم لاءِ انتهائي خطرناڪ آهي ۽ نارمل ڏينهن ۾ انساني جسم پنهنجي گڙدن يعني ”بڪين“ (Kidneys) وسيلي ان فالتو مادي کي پيشاب ذريعي فوراً خارج ڪري ڇڏيندو آهي پر اسان سڀني کي خبر آهي ته گرمين ۾ پيشاب جو مقدار به گهٽجي ويندو آهي. ان طرح پيدا ٿيندڙ ”يوريا“ جو جسم مان خارج ٿيڻ به گهٽجي ويندو آهي، جڏهن ته انساني جسم ۾ ان تبديلي جو تدارڪ ڪرڻ لاءِ صلاحيت موجود آهي، پر پوءِ به احتياط ڪرڻ لازمي آهي.
4. سهولت جي مطابق وهنجڻ جو خاص خيال رکڻ کپي: انساني جسم جي اندر مختلف ڪمن کي سرانجام ڏيڻ لاءِ عضوا هر وقت ڪم ۾ مصروف رهن ٿا ۽ گڏوگڏ (توانائي) گرميءَ جي صورت ۾ پيدا ٿيندي رهي ٿي. سردين ۾ ان ”توانائي“ يعني ”گرميءَ“ کي بچائي/ سنڀالي رکڻ جي ضرورت هوندي آهي، ان ڪري اسان اوني/ گرم ڪپڙا استعمال ڪندا آهيون. پر ان جي اُبتڙ گرمين ۾ اسان ان اضافي گرميءَ کان بچڻ جو رستو ڳوليندا آهيون، جئين اندروني گرمي پد وڌي نه سگهي. ان ڪري هيءَ حرارت اسان جي چمڙي، پيشاب ۽ ساهه جي ذريعي ٻاهر خارج ٿيڻ جي ڪوشش ۾ لڳل هوندي آهي.
حرارت جي منتقلي جو اُصول آهي ته ”هيءَ وڌيڪ گرم شين کان گهٽ گرم شين ڏانهن منتقل ٿيندي آهي.“ جيڪڏهن اسان جي چمڙي ٿڌي هوندي ته اندروني گرمي هن ڏانهن آسانيءَ سان منتقل ٿي سگهندي. ان ڪري چمڙي کي ٿڌو رکڻ لاءِ ڇانوٰ ۾ ويهڻ، پکي جو استعمال ڪرڻ ۽ ايئرڪنڊيشن واري ڪمري جي استعمال کان سواءِ به هڪ آسان نسخو موجود آهي ۽ اهو آهي ”وهنجڻ“. ان سان انساني چمڙي آلي رهي ٿي ۽ آلي هجڻ ڪري ٿڌي رهي ٿي. اهڙيءَ طرح جسم جي اندروني فالتو گرمي، بيروني ماحول ۾ منتقل ٿيندي رهي ٿي.
ايئرڪنڊيشنڊ ۽ زندگي: ايئرڪنڊيشنر هڪ نعمت به آهي ته زحمت به آهي. دور جديد جو طرزِ تعمير، ڪجهه اهڙي نموني جو آهي، جنهن ۾ سِرون، سِيمنٽ، سريا ۽ ٻيا ڪيترائي ڌاتو اهڙي نموني ته گهرن ٺاهڻ دوران استعمال ڪيا وڃن ٿا. اهي سڀئي گڏجي بيروني گرميءَ کي گهر جي اندر منتقل ڪرڻ جو ذريعو بڻجي پون ٿا. ساڳي وقت ڇتيون وغيره به هيٺ رکجن ٿيون ته جيئن تعمير تي پئسي جو خرچ گهٽجي، ان ڪري به گهرن جو اندريون ماحول گرم رهي ٿو. پوءِ وري انهن سڀني مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ ايئرڪنڊيشنرز استعمال ڪيا وڃن ٿا. جن مان اندريون ماحول ته ڪجهه ٿڌو ٿي وڃي ٿو. پر وري ساڳي وقت ڪجهه ٻيا مسلا ڪرُ کڻن ٿا. انهن منجهه وڏو مسئلو آهي، هڪ ته ٻاهريون گرم ۽ آلوده ماحول ڇو ته جيڪو به گهر اندر هوندو، يقيناً ڪنهن نه ڪنهن وقت ته ضرور ٻاهر نڪرندو، باقي جيڪي مستقل ٻاهر رهن ٿا، تن لاءِ ته هيءُ عذاب مفت جو ۽ مستقل آهي.
ساڳيو مسئلو ايئرڪنڊيشنڊ گاڏين سان به آهي. جيڪي بلڊنگون، عمارتون سينٽرلي ايئرڪنڊيشنڊ (Centrally Air-conditioned) هونديون آهن، اُنهن ۾ هوا جون ناليون (Ducts) وقت سان گڏوگڏ مٽيءَ ۽ جراثيم وغيره سان آلوده ٿي وينديون آهن ۽ ان سبب ڪري، اُنهن عمارتن ۾ رهندڙن ۽ ڪم ڪندڙن کي ساهه جي تڪليف عام ٿيڻ جا امڪان وڌي ويندا آهن انهن سڀني مسئلن جو حل اهو آهي ته طرز تعمير اهڙي نموني ڪجي جو قدرتي طور تي هوا جي آمدورفت مستقل رهي ۽ گهر ٿڌي رهڻ جا امڪان وڌيڪ پيدا ٿي پون ۽ مصنوعي ٿڌ حاصل ڪرڻ جي طريقن تي گهڻو انحصار نه ڪجي ته بهتر ٿيندو.
جيڪڏهن هروڀرو ايئرڪنڊيشنرز استعمال ڪرڻ جو شوق هجي ته پوءِ ٿرمواسٽيٽ جي ذريعي ٿڌ کي گهٽ کان گهٽ رکيو وڃي، جيئن ته توانائي به بچي ۽ آلودگي به نه ٿئي. فل اي. سي هلائي ۽ پوءِ سوَڙ/ ڪمبل ويڙهي سمهڻ ۾ ڪابه عقلمندي نه آهي.
* **