سائنس، علم ۽ رسالا

ڪَڻي مان ڪيچَ

پروفيسر رشيده ڀٽي جو لکيل هي ڪتاب انتهائي ڪارائتو آهي. جيڪو عام ماڻهوءَ کي غذا جي فائدي ۽ علاج جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ ڏيئي ٿو. قدرت جو ڪارخانو عجيب آهي. هتي شين جو پاڻ ۾ مضبوط لاڳاپو آهي. اُهي چاهي گڏوگڏ هلنديون هجن يا بنهه هڪٻئي جي اُبتڙ هجن. گرمين جون ڀاڄيون ۽ ميوا مزاج ۾ معتدل ۽ جسم ۾ پاڻي جي مقدار کي گهٽ ٿيڻ نه ٿا ڏين. ساڳيءَ ريت سياري ۾ پيدا ٿيندڙ غذا گرم ۽ جسم جي مدافعتي مزاج کي فعال بڻائي ٿي. ساڳي وقت موسمي اثر ۽ بيمارين کان بچائي ٿي. رشيده پنهنجي هن ڪتاب ۾ ڪافي حد تائين غذا متعلق انيڪ پهلو واضع ڪيا آهن.
Title Cover of book ڪَڻي مان ڪيچَ

احتياطِ لباس

ڪپڙي کي سبي پائجي ته اُن کي ”لباس“ سڏيو ويندو آهي. دراصل ”لباس“، جنهن کي عام زندگيءَ ۾ ڊريس، وڳو يا ڪپڙا ڪري سڏجي ٿو سو اسان پنهنجي بدن کي ڍڪڻ لاءِ، اِستعمال ڪريون ٿا. ۽ اِهائي بنيادي ۽ اولين ضرورت آهي. تنهن بعد اِهو خيال رکڻو پوندو آهي ته موسم جي شدت جي حساب سان ڪپڙن جو انتخاب ڪيو وڃي. گرمي ۽ سرديءَ مطابق موسم جي شدت کي ڏسندي، سياري ۾ گرم ۽ سوٽي ڪپڙن جو انتخاب ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته گرمين ۾ نرم، هلڪا ۽ ٿڌا ڪپڙا استعمال ڪيا ويندا آهن. هلڪا، نرم، ململ جا سوٽي ڪپڙا، گرمين ۾ جسم کي ڍڪڻ لاءِ استعمال ۾ آڻبا آهن. لباس ڪهڙي به موسم جو هجي، اُن کي سنڀالي رکڻ، ڌوئڻ ۽ وري اِستعمال ۾ آڻڻ، نهايت ئي اهم مرحلا آهن. هڪ دفعو ڪپڙا نوان جڏهن سِبي تيار ٿي ويندا آهن ته اُن کان پوءِ اُنهن جي سارسنڀال، ڌوئڻ، سڪائڻ، ۽ ويڙهي رکڻ کان وٺي وري ٻيهر اِستعمال تائين نهايت ئي ڌيان طلب ۽ محنت طلب ڪم آهي. ڪپڙا نه صرف جسم ”ڍڪڻ“ جو ذريعو آهن، پر گڏوگڏ اسان جي جسم جي ”حفاظت“ پڻ ڪن ٿا. جسم جي صفائيءَ ۾ اسان جي ”صحت“ لڪل هوندي آهي ۽ اسان کي خبر آهي ته ”صفائي نِصف ايمان“ آهي.
هر ماڻهو کي گهرجي ته ڪپڙا صرف ڏيکاءُ ۽ ظاهري شوبازي لاءِ نه پر خاص طور تي پنهنجي حفظانِ صحت جي اصولن پٽاندر اِستعمال ڪرڻ گهرجن. گرمين جي موسم ۾ پنهنجي علائقائي موسم جي مطابق ٿڌا، نرم ۽ هلڪا ململ جا ڪپڙا زيب تن ڪجن ۽ ساڳيءَ ريت وري سياري جي موسم ۾ وري گرم، ٿلها، اوني، سوٽي ۽ ريشمي ڪپڙن جو اِستعمال مناسب رهندو آهي. لباس جسم کي ڍڪڻ، موسم جي شدت کي برداشت ڪرڻ، شخصيت کي نِکارڻ ۽ سنوارڻ ۽ سوسائٽي ۾ اِنسان جي عزت ۽ وقار ۽ سماجي حيثيت کي اُجاگر ڪرڻ ۾ معاون ۽ مددگار ٿي ڪري نهايت ئي اهم ڪِردار ادا ڪري ٿو. ۽ اِن سان گڏوگڏ جيڪڏهن صحت و صفائي جي اُصولن کي به مدِ نظر رکيو وڃي ته ”لباس“ جي افاديت اڃان به وڌي وڃي ٿي.
مثال طور سڀ کان پهرين اِهو خيال رکڻ کپي ته لباس هميشه آرام ده ڪپڙي جو هئڻ گهرجي. جيئن ته خارش ۽ الرجي جو انديشو نه رهي ۽، جسم تائين هوا جو گذر ٿيندو رهي. اهڙي فيبرڪ جو اِستعمال ڪرڻ جنهن سان جسم منجهان نڪرندڙ، پگهر ۽ چڪنائي هوا جي رستي خارج ٿيندا رهن ٿا ۽ ڪنهن به اجائي قسم جي خارش کان اِنسان بچي پوي ٿو. ٻيون نمبر خاص احتياط آهي ته ماڻهو کي هروڀرو تمام گهڻا چُست ۽ سوڙها ڪپڙا بلڪل به نه پائڻ گهرجن. لباس تمام ننڍو ۽ سوڙهو ۽ نه وري ڊگهو ۽ ويڪرو هجي جو هروڀرو ڪٿي اٽڪنڊو وتي. موٽر سائيڪل جي ڦِيٿي ۾ ڦاسي پوي يا وري سائلينسر ۾ وڃي اٽڪي ۽ ٽنگ مڙي پوي. اِهڙي طرح قميص نه تمام گهڻي ننڍي هجي ۽ نه ئي وري ڊگهي هجي. بس درمياني هُجڻ گهرجي.
* * *