انتساب سنڌ جي انهن لکين ٻوڏ متاثرين جي نانءُ جيڪي وس وارن جي بي حسي ۽ سياست جي بي رحم راند ۽ چالبازين سبب پنهنجي پڊن تان دربدر ٿي پنهنجي ئي ديس ۾ ڪئمپن حوالي ٿيا ۽ اڄ 10 مهينا گذرڻ جي باوجود هو جنگي قيدين وانگر اذيتون، مصيبتون، ڏک، اهنج، ايذاءُ ۽ تڪليفون برداشت ڪري رهيا آهن ۽ پنهنجن وستين ۽ واهڻن ۾ واپس ورڻ لاءِ واجهائي رهيا آهن، ۽ سنڌ جي انهن هزارين ٻيڙيءَ وارن ملاحن، مهاڻن، ميربحرن (ناکئائن) جي نانءُ جن هن انتهائي ڏکي گهڙيءَ ۾ لوڀ، لالچ، دڙڪي ۽ دهمان کان مٿانهون ٿي پنهنجي ديس واسين کي پاڻيءَ جي سمونڊ مان ڪڍي محفوظ هنڌن تي پهچايو ۽ تاريخ جي سڀ کان وڏي بوٽ ريسڪيو آپريشن کي لڳاتار ڇهه مهينا ڪچي، ڪاڇي ۽ پڪي ۾ جاري رکي هڪ عالمي رڪارڊ قائم ڪيو. ڪاوش گروپ جي سرواڻ علي قاضيءَ جي نانءُ به جنهن جوسگهارو آواز ٻوڏ متاثرين جي حقن، مدد ۽ سهائتا لاءِ ميديا ذريعي ڏيهه پرڏيهه گونجندو رهيو. اڃان رڃ مان رڙ اچي پئي متان سمجهين ويا مور سارا مري - عزيز رانجهاڻي