تاريخ، فلسفو ۽ سياست

مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

ڪتاب ” مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو) “ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ عزيز رانجهاڻي آهي. 07 آگسٽ 2010 تي سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي ٽوڙيءَ واري هنڌ تان سنڌوءَ جي بچاءُ بند کي گهارو ڇا لڳو، ڄڻ سنڌ ۾ قيامت اچي وئي. شير درياهه سنڌو مستيءَ ۾ اچي سنڌ جي ميدانن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪاهجي پيو ۽ ٻوڙان ٻوڙ ڪري ڇڏي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي بلوچستان جي حدن کان وٺي سنڌي سمونڊ تائين هڪ ٻيو سمونڊ ڪري ڇڏيو. جتي 10 کان وٺي 16 فوٽن تائين ڪيترائي ڏينهن اڌ سنڌ پاڻيءَ هيٺ رهي ۽ اڌ سنڌ جي آبادي سر ۽ مال متاع بچائڻ لاءِ سرگردان رهي ۽ پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي صدين کان آباد هي ڌرتي ڌڻي بي گهر ٿي ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ ڪئمپن جي حوالي ٿيا. سنڌوءَ جو پاڻي سندن پويان ائين پئجي ويو جيئن ڪو حمله آور لشڪر اوچتو ڪنهن علائقي ۾ ڪاهجي پوي ۽ ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وڃي ۽ هو ساهه بچائڻ لاءِ برمنهن ڪندا هجن. ڪٿي جيڪب آباد، ڪشمور، ٺل، شهدادڪوٽ، ڳڙهي خيرو ۽ ڪٿي ڪراچي، سانگهڙ، ٽنڊو باگو، نئون ڪوٽ ۽ حيدرآباد، ساهه بچائڻ لاءِ هي ڌرتي ڌڻي، سنڌ جي هڪ ڪنڊ کي ڇڏي ٻئي ڪنڊ تي وڃي ڪئمپن ۾ پهتا ۽ دربدر ٿي مصيبتن ۽ عذاب ۾ اچي ويا.
Title Cover of book مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)

ٽائٽانڪ بڻجي ويل منهنجو ڳوٺ….دودو چانڊيو

”تو ٽائٽانڪ فلم ڏٺي آهي؟“ ڪراچي جي مروت باغ واري علائقي ۾ هڪڙي نوجوان مون کان اهو سوال ان وقت ڪيو، جڏهن آئون ڪي ٽي اين جي مائيڪ هٿ ۾ کڻي انتهائي بي رحم انداز ۾ ٻوڏ متاثرين کان ”ٻوڏ ڪيئن آئي؟“ وارو سوال ڪري رهيو هئس. مون ان نوجوان طرف ڏسي ڪنڌ ”ها“ ۾ لوڏيو، منهنجو ڪنڌ ”ها“ ۾ لوڏڻ ڇا هو، ڄڻ هن کي پنهنجي اندر جو سمورو درد اوڳاڇڻ جي اجازت ملي وئي. ”اسان جو ڳوٺ بلڪل ٽائٽانڪ وانگي ٻڏو، اسان پنهنجو مال پاڻي ۾ ٻڏندي، مرندي اکين سان ڏٺو، اسان پنهنجو سامان لڙهندي ڏٺو، هر شيءِ اکين آڏو وهڪرن ۾ وهندي ڏٺي، اسان چاهيندي به ڪجهه به بچائي نه سگهياسين ڪو بکيا ماڻهو ناهيون. الله پاڪ سڀ ڪجهه ڏنو هو، هتي رات کان ڪجهه ناهي کاڌو.“ هو ڳالهائيندو رهيو. آئون ٻڌندو رهيس، ”هاڻي الاءِ ڳوٺ وڃي سگهنداسين يا نه. پر پاڻي ته ڳوٺ ۾ نقشو ئي تبديل ڪري ڇڏيو هوندو.“ هو مون سان ڳالهائيندو به رهيو ۽ پنهنجي ڳوٺ جون حسين يادون به بيان ڪندو رهيو. مون کي اهو نوجوان ميلي ۾ وڃائجي ويل ان ٻار وانگر لڳو. جيڪو ماڻهن کي پنهنجي مائٽن جون نشانيون ٻڌائيندو هجي. اوچتو، ”ٺا ٺا ٺا ٺا“ فائرنگ شروع ٿي وڃي ٿي. هو پنهنجي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽي ڊوڙي وڃي ٻه پٿر هٿ ۾ کڻي ٿو، سامهون فائرنگ ڪندڙن کي سنڌي گاڏڙ اردو ۾ چوي ٿو ”هي به منهنجي ڌرتي آهي، مجبورن پنهنجا ويڙها ڇڏيا اٿئون هتان ڪو نه لڏينداسين.“
آئون رڪارڊنگ اڌ ۾ ڇڏي آفيس ڏانهن روانو ٿيان ٿو، ڪجهه هٿيار ۽ ڪجهه گوليون منهنجو به پيڇو ڪن ٿيون آئون پنهنجي اداري سان گڏ حڪومتي اختيارين کي به صورتحال جي آگاهي ڏيڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو، ٻئي هنڌان ته ڪٿان به ڪا موٽ نٿي ملي. پر اوچتو ذوالفقار مرزا جو فون اچي ٿو وڃي، ”دودا انهن ماڻهن کي منهنجو نياپو ڏي ته اوهان لاوارث ۽ ننڌڻڪا ناهيو، ڪراچي به اوهان جي ڌرتي آهي. ڪنهن جي پيءُ جي ناهي. آئون ٺٽي جي سجاول بند تي آهيان. سڌو اوهان ڏي اچان ٿو، ”ذوالفقار مرزا جي انهيءَ ڳالهه تي منهنجون همٿون وڌي وڃن ٿيون. مٿان وري علي قاضي ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي اسٽوڊيو ڏانهن اٿي ٿو ته منهنجي همتن کي چار چنڊ لڳي وڃن ٿا. آئون ٻيهر مروت باغ جي انهن گهٽين ڏانهن رخ ڪريان ٿو، جتي چند گهڙيون اڳ گوليون انهن ٻوڏ متاثر ماڻهن سان گڏ منهنجي به ڳولا ڪري رهيون هيون.
مروت باغ ڪراچيءَ ۾ ٻوڏ متاثرن جي پهرين ڪيمپ هئي، جيڪا ڳوٺاڻن پاڻمرادو مڙسي ڪري قائم ڪئي هئي. رات جي 12 وڳي ٻوڏ متاثر ۽ آئون فائرنگ واري واقعي بابت ڳالهيون ڪري رهيا هئاسين ته ذوالفقار مرزا به اچي پهتو. ڪراچي ۾ ٻوڏ متاثرن کي اهو پهريون سهارو هو، جنهن کان پوءِ ڏسندي ڏسندي صورتحال وڃي اها بيٺي آهي ته هڪڙي صحافي چيو ”ڪراچي ۾ ماڻهو بلڪل ائين اچي رهيا آهن جيئن 1947ع کان پوءِ آيا هئا. هن وقت ڪئمرائون رنگين آهن. ان وقت بليڪ اينڊ وائيٽ هيون. هاڻوڪن فٽيجز تان ڪلر هٽرائي ڏسو ته بلڪل هڪ جهڙي صورتحال نظر ايندي. اهي ئي ٽرينون ڀريل، اهي ئي قافلا، اها ئي دربدي، اهي ئي لٽجڻ جون ڪهاڻيون ۽ اهائي اجهي جي ڳولا.“ بلڪل صحيح آهي. بس فرق رڳو اهو آهي ته اهي واقعي پناهگير هئا. هي ڌرتي ڌڻي آهن، پر هنن کي به پناهه گيرن وانگي پنهنجي ڌرتي تي ڪيمپن ۾ رهڻو پيو آهي. ڄڻ هن شهر ۾ رهندڙ ماڻهو دلي طور خوش ناهن ته ٻوڏ متاثر وٽن اچي رهن. اهو ئي سبب آهي ته ذوالفقار مرزا ۽ جميل سومري کي ڪئمرائن آڏو شڪايتي انداز ۾ چوڻون پيو ته ”ڪراچي جا رهواسي هنن ٻوڏ متاثرن لاءِ پنهنجي دلين ۽ گهرن جا دروازا ائين کولين، جيئن 1947ع ۾ کان پوءِ اسان جي وڏن هنن لاءِ دلين ۾ گهرن جا دروازا کوليا هئا. ڪراچي جي اڪثريتي رهواسين دلين ۽ گهرن جا در الاءِ کوليا يا نه، پر ڪراچي جي سنڌين جهڙي ريت ڪراچي شهر ۾ پنهنجي ٻڌي ۽ سجاڳي جو ثبوت ڏنو آهي. وقت جو ڪو به مورخ انهيءَ کي وساري نٿو سگهي. آئون ڪنهن ڪنهن جا نالا کڻان، ڪهڙا ڪهڙا حوالا ڏيان؟ رات ڏينهن ڪيمپن ۾ انهن جي سار لهندڙ ڊاڪٽر نجمه طارق جو نالو کڻان يا ابراهيم حيدري، ڀٽائي آباد، سچل، چڪرا ڳوٺ، ڀٽائي ڪالوني، ڪيٽل ڪالوني، پپري، گلشن حديد، جوهر، سفوران چورنگي، ماڙي پور کان ملير تائين انهن گمنام هيرن جو ذڪر ڪريان، جن انساني سمنڊ آڏو خدمت جون ٻانهون کولي رات ڏينهن هڪ ڪري ڇڏيو آهي. مون کي ته شهيد فاضل راهو جي ان ننڍڙي ڏهٽي جو به نالو ياد ناهي. جنهن ويسٽ پوائنٽ ٽاور جي هڪ هڪ فليٽ تي وڃي هزارين رپين جو سامان گڏ ڪيو ۽ نه وري مون کي ميڊم ممتاز ڀٽو جي ان ڌيءَ جو نالو ياد آهي. جنهن ڏينهن رات هڪ ڪري ڪراچي ۾ ٻوڏ ستايل ڀينرن لاءِ ڪپڙا گڏ ڪيا. اکين جو نور وڃائي ويٺل بشير چانڊيو به جڏهن سامان کڻي امدادي ڪيمپن تي پهتو ته دل باغ بهار ٿي وئي.
مون ڪراچي جي قديمي سنڌين (ڪڇين، ميمڻ، گجراتين) کي پنهنجي ڀائرن جي مدد ۾ مصروف ڏٺو ته مون سڌير ميراڻي، ممتاز ڪنڌر، شبير سنجراڻي جهڙا کوڙ نوجوان رات ڏينهن پنهنجي ڀائرن جي مدد ۾ پنهنجا سمورا سک قربان ڪندي ڏٺا، ڪراچي ۾ رهندڙ سمورن سنڌين جي عجيب ڪيفيت آهي.
هو ٻوڏ جي تباهين تي ته ڏکارا آهن. پر ڪراچي ۾ لکين سنڌين جي آمد تي خوش آهن. مون هر سنڌيءَ جي زبان مان اهو لفظ ٻڌو ته ”ٻيلي هاڻي واپس نه وڃجو، هتي ئي رهجو، “ مون ۽ نور جوکئي ڪي ٽي اين آفيس جي هيٺان هڪ ٽيبل رکي جڏهن امدادي ڪئمپ هنئين ته چند ڪلاڪن ۾ اسان کي ايترو سامان مليو. جنهن جو اسان تصور به نه ڪيو هو، ڄڻ ڪراچي جو هر سنڌي چاهي پيو ته هو پنهنجو سمورو الهه تلهه انهن ٻوڏ متاثرن کي ڏيڻ لاءِ تيار آهن، پر اهي ٻوڏ متاثر رڳو هڪڙو واعدو ڪن ته هو واپس نه ويندا. هتي ئي رهندا مون کي نثار احمد کهڙي جا مذاق ۾ چيل اهي لفظ ياد اچن ٿا ته: ”آئون امداد ان کي ئي ڏيندس، جيڪو هتي گهر ٺاهيندو.“ مون خوش نه ڏٺو ته رڳو باچا خان جي پيروڪارن ۽ اسان جي جديد سنڌين کي نه ڏٺو، باقي ڪراچي جي هر ماڻهو هن وقت پنهنجون ٻاهون کولي ڇڏيون آهن. هڪ هفتي کان آئون امدادي ڪيمپن تي ويٺو آهيان. انتهائي ذميواري سان اها ڳالهه ڪندي نٿو ڊڄان ته ڪراچي جي سنڌين جي وس ۾ جيڪو آهي. اهو هو ٻوڏ متاثرن لاءِ ڪري رهيا آهن. ڀلي اهو آفيسر هجي، پوليس وارو هجي، دڪاندار هجي، عورت هجي يا ٻار هجي، هر ڪو هن وقت ان ڪوشش ۾ آهي ته ٻوڏ متاثرن جي جيترو ڪم اچي سگهجي ٿو، اوترو اچجي. مون ننڍڙن ٻارن کي پنهنجون خرچيون ڪيمپن تي جمع ڪرائيندي ڏٺو آهي، مون رضوان ميمڻ کان وٺي ممتاز شاهه تائين سيڪريٽري سطح جي ڪامورن کي ماڻهن جا هٿ ڌوئاريندي ڏٺو آهي. ٻيو ته ٺهيو، پر ڪراچي ۾ اسان جي قومپرست جماعتن جي ڪارڪنن تي هميشه تنقيد ٿيندي آهي، انهن جي محنتن جو جيڪڏهن ذڪر نه ڪبو ته ناانصافي ٿيندي. سنڌ ترقي پسند پارٽي، جسم، عوامي تحريڪ، سنڌ نيشنل پارٽي جا ڪارڪن رات ڏينهن انهن ٻوڏ متاثرن جي پرگهور لهڻ ۾ مصروف آهن.
ڏک ماڻهن کي گڏيندا آهن، ڏک ماڻهن ۾ برداشت ۽ سهپ پيدا ڪندا آهن. سنڌ ۾ آيل ٻوڏ سنڌ جي ماڻهن کي هڪ ڇٽي هيٺ گڏ ڪري ڇڏيو آهي. آئون جڏهن ڪراچي جي ڪيمپن ۾ ڏسان ٿو ته مهر هجي يا جتوئي، اڄڻ هجي يا ڪليري، لنڊ هجي يا پتافي، اوڳاهي هجي يا تيغاڻي، هڪ ئي شامياني هيٺ نه رڳو پڻ ويٺو آهي. پر پنهنجي مائرن، ڀينرن سوڌو امداد لاءِ آيل ڀت به گڏجي کائي ٿو، ڪيڏانهن ويو قبيلائي جهيڙن جو زهر، ڪيڏانهن ويو نام نهاد غيرت جو تصور، ڪنهن کي به ڪنهن کان ڪا شڪايت ناهي. مون جڏهن اڪثر ڪيمپن تي وڃي ماڻهن سان ڪچهريون ڪيون ته اڪثر ماڻهن جي اهائي راءِ هئي ته هاڻي واپس ڪجهه به ناهي رهيو، وڃي ڇا ڪينداسين؟
سنڌ سرڪار جيڪڏهن ڪرڻ چاهي ته ڪراچي ۾ پهتل لکين ماڻهن لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري سگهي ٿي. هن شهر ۾ 10 هزار وڏيون فيڪٽريون آهن. هزارين ملٽي نيشنل ڪمپنيون آهن. لکين دڪان، هوٽلون ۽ ٻيا ڪاروباري مرڪز آهن. ڪنسٽرڪشن جون ڪمپنيون آهن. سيڪيورٽي گارڊ ڀرتي ڪرڻ جون ڪمپنيون آهن. 18 ٽائونز آهن. جيڪڏهن واقعي رٿا بندي ڪجي نه ته 3-4 لک ماڻهن کي روزگار مهيا ڪري ڏيڻ ڪو ڏکيو ڪم ناهي. ڪراچي جي اڳوڻي ناظم مصطفيٰ ڪمال 15 ڏينهن ۾ هڪ لک کوکا ٺهرائي هڪ لک ماڻهن کي روڊن جي ڀر ۾ روزگار کولي ڏنو. ان کانسواءِ انهن ماڻهن کي ڪورنگي، بلديه ٽائون، گلشن حديد، اورنگي ۽ ٻين صنعتي علائقن جي ويجهو رهائڻ گهرجي، جيئن هو خود به روزگار هٿ ڪري سگهن. تنهنڪري سنڌ حڪومت کي، سمورن وزيرن کي ذوالفقار مرزا وانگر ڦڙتيءَ جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. جيئن مورڙي جي ماڳ تي مورڙا موٽي ٻيهر آباد ٿي سگهن.