ٻوڏ ڪٿي دنگ ڪندي؟ محمد ادريس راجپوت
بندن ۾ کنڊ پوڻ جا 89 سبب بند مينوئل ۾ ڄاڻايل آهن. اهي آهن درياهه جي پاڻيءَ جو بند مٿان ورڻ، يعني اوور ٽاپنگ روڻ پوڻ، بلو آئوٽ، ڇولين ڪري بند جو کاڄڻ درياهه جي کاڌ بندن جو سيمو ڪرڻ، بندن جو ويهي وڃڻ ۽ بند سلوس جو فيل ٿيڻ انهيءَ ۾ سڀني کان وڌيڪ خطرناڪ روڻ آهي. بند مينوئل ۾ روڻ پوڻ جا سبب هن ريت ٻڌايل آهن. پهري ڏيندڙ بيلدار جي لاپرواهي. ليڪ کي بند ڪرڻ لاءِ ضروري سامان جي گهٽتائي اڻ سڪيل بند تي پاڻي جي تڪڙي چاڙهه، سيمي ٿيندڙ لائين مٿان مٽي گهٽ هجڻ، خراب مٽي واري بند ۾ حفاظت لاءِ Sand diapharm core جو نه هجڻ، بند مينوئل ۾ اهو به لکيل آهي ته جيڪڏهن نگراني ڪندڙ عمل جهجهو آهي. هوشيار رهي ٿو ۽ سڀ شيون اٿن ۽ اهي روڻ ڳولهي وٺن ٿا، انهيءَ جو رخ ڳولي وٺن ٿا ۽ روڻ بند ڪري وٺن ٿا ته کنڊ پوڻ کي ڪاميابي سان روڪي سگهجي ٿو، هن سال آيل ٻوڏ ۾ بند اڻ سيڪيل آهن ۽ پاڻيءَ جو چاڙهه تمام تڪڙو آهي. تنهن ڪري خطرناڪ آهي. انهيءَ کي سٺي بندوبستن ۽ صحيح پهري سان ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو.
ٻوڏ جي وقت ۾ ٻين شين جو فڪر رهندو آهي. هڪڙو پاڻي گهڻو ٿو پاس ٿئي. يعني اخراج ٻيو گيج يا ليول گهڻي رهي. بيراجن جي پاڻي پاس ڪرڻ جي لحاظ کان اخراج اهم آهي. جڏهن ته بندن جي لحاظ کان گيج يا ليول اهم هجي ٿي. جيئن بندن تي پاڻي جي ليول مٿي. تيئن بند کي وڌيڪ خطرو، ڪوٽڙي بيراج کان هيٺين بندن لاءِ ڪوٽري گيج اهم آهي. 16 فوٽ گيج تائين حيدرآباد جي بندن تي ڪو خطرو ناهي، جو انهيءَ گيج تي پاڻي جي ليول ۽ زمين جي ليول هڪ ٿئي ٿي. انهيءَ کان مٿي گيج معنيٰ پاڻي جو عميق، بندن تي جيترو گيج هجي، انهيءَ مان 16 فوٽ ڪٽي باقي عميق ليکبو. 21 آگسٽ تي ڪوٽري گيج 20.2 فوٽ هيو، معنيٰ ته بندن تي لڳل پاڻي 4.2 فوٽ جو زور ڏيون بيٺو آهي. تاريخي رڪارڊ موجب وڌ ۾ وڌ ڪوٽري گيج سال 1956ع ۾ 26.4 فوٽ هيو. ٻيو نمبر سال 1973ع ۾ 25.4 فوٽ ۽ ٽيون نمبر سال 1976ع ۾ 25.3 فوٽ هيو هينئر هي 1956ع واري 26.4 کان 4.2 فوٽ گهٽ آهي. معنيٰ اڃان بندن تي پاڻيءَ جو دٻاءُ گهٽ آهي. پر پوءِ به تمام خطرناڪ آهي. جو ڪيترن سالن کان بندن کي پاڻي نه لڳو آهي ۽ بند اڻ سيڪيل آهن.
ڪوٽڙي کان هيٺ سمنڊ تائين جي بندن لاءِ 5 سببن ڪري نقصان ٿي سگهي ٿو. هڪڙو روڻ سبب ٻيو بلو آئوٽ ڪرڻ، ٽيون سيمي ڪرڻ، چوٿون Wave wash ڪرڻ، ۽ پنجون چانڊوڪي راتين ۾ سمنڊ جي وير چڙهي اچڻ ڪري روڻ ۾ ميرو پاڻي بند مان زمين واري پاسي نڪري ايندو آهي. بلو آئوٽ ۾ بند کان پري زمين واري پاسي پاڻي ٻڙڪا ڏئي نڪري ايندو آهي. سيمي سبب پاڻي بند کي زمين واري پاسي ڪمزور ڪري ڇڏيندو آهي. هوا جي ڪري ڇوليون پيدا ٿينديون آهن. جيڪي بند جي مٽيءَ کي کائن ٿيون. وير چڙهڻ جي ڪري سمنڊ درياهه جي پاڻي کي روڪي بيهي ٿو. جنهن ڪري بندن تي پاڻيءَ جو دٻاءُ وڌي وڃي ٿو ۽ بندن تي پاڻي ليول چڙهي وڃي ٿي. روڻ کي منهن تان بند ڪبو آهي، بلو آئوٽ لاءِ يا ڊرم رکي ڇڏبو آهي يا وري پويان مٽيءَ جي منگلي ڏبي آهي. سيمي لاءِ بند تي زمين واري پاسي مٽي چاڙهبي آهي. ڇولين جي کاڌ لاءِ مهاڙيون ٺاهبيون آهن. سامونڊي وير جي ڪري بندن کي اوورٽاپ ٿيڻ کان بچائبو آهي. يعني يا مٽي جو ٻنو ڏبو آهي يا ڳوڻيون مٽي سان ڀري رکبيون آهن.
الله جي فضل ۽ ماڻهن جي ڪوششن سان ٻن کنڊن کان پوءِ (جن جي ڪري وڏي تباهي آئي آهي) باقي سنڌ محفوظ رهي آهي. اميد آهي ته هيءَ ٻوڏ باقي وارو سفر به بنا ڪنهن نقصان ڪرڻ جي سمنڊ ۾ لهي ويندي.
ٽوڙي واري کنڊ جا هاڃا:
ٽوڙيءَ واري کنڊ ملڪ ٻوڙي ڇڏيا آهن ۽ اڃان انهيءَ جو سفر جاري آهي. کنڊ بند نه ٿيو آهي ۽ انهيءَ مان پاڻي هينئر به وهي پيو ۽ انهيءَ وقت تائين وهندو رهندو، جيستائين کنڊ بند نٿو ڪيو وڃي. بند مينوئل ۾ 1942ع واري کنڊ ٻڏڻ جو ذڪر آهي. اهو تڏهن بند ڪرڻ شروع ڪيو ويو هيو، جڏهن درياهه جو وهڪرو گهٽجي اڍائي لک ڪيوسڪ ٿيو هو، اهو ايف پي بند کان مٿي ورايل پاڻي وري حمل ڍنڍ ۾ گڏ ٿي ايم اين وي ڊرين وسيلي منڇر ڏي روانو ٿيو. جنهن ايم اين وي ڊرين کي ٽوڙي ڇڏيو. وري باقي بچيل پاڻي هيٺ هليو ۽ گهاڙ مين ڊرين ۽ ڌامراهه برانچ ڊرين کي ڪٽي ميهڙ سامهون سپريو بند کي اچي لڳو. سپريو بند ميهڙ ۽ خيرپور ناٿن شاهه کي بچائي ٿو. سپريو بند کان هيٺ هليل پاڻي ايم اين وي ڊرين کي ٽوڙيو، جيڪو جوهي برانچ تي پهچي ويو، پر ان کي اتي روڪيو ويو ۽ جوهي شهر ٻڏڻ کان بچي ويو. اهو پاڻي منڇر کان مٿي اٿلي پيو ۽ منڇر جي زيرو پوائنٽ تائين ڀريل رهيو ۽ نيٺ منڇر ۾ ويو.
شهدادڪوٽ کان هيٺ زمين جو سلوپ ايف پي بند سان لڳو لڳ منڇر ڏي آهي. ٽوڙي بند جو پاڻي به ساڳيو رستو وٺندو ۽ منڇر ۾ ڇوڙ ڪندو. ڏسڻو اهو آهي ته منڇر تائين پهچڻ تائين انهيءَ کي ڪيترو گهٽايو وڃي ٿو، جيئن سال 2007ع ۾ ڪيو ويو هو، جو ڪجهه پاڻي ايف پي بند کي ڪٽ هڻي حمل ڍنڍ ۾ اماڻيو ويو هو، پر ڀلي پاڻي ايف پي بند کان مٿان وڃي يا هيٺ انهيءَ جو پڇاڙيءَ وارو ڇوڙ جو هنڌ منڇر آهي. جنهن تي دٻاءُ وڌندو، هينئر منڇر جي ليول 111 فوٽ آهي ۽ درياهه جي ليول 120 فوٽ. هينئر منڇر جو پاڻي درياهه ۾ ڇوڙ نٿو ڪري سگهجي. ٽوڙي واري پاڻي اچڻ ڪري منڇر جي ليول وڌندي، پر درياهه جي ليول گهٽبي. درياهه جي ليول اٽڪل 110 فوٽ تڏهن ٿئي ٿي. جڏهن سکر بيراج کان هيٺ وهڪرو اٽڪل 2 لک ڪيوسڪ ٿئي ٿو، منهنجي خيال ۾ 15 ڏينهن تائين ته سکر بيراج تي وهڪرو 2 لک ڪيوسڪ ٿيڻ ڏکيو آهي. جيڪڏهن ٽوڙيءَ جو پاڻي پندرهن ڏينهن ۾ منڇر پهچي وڃي ٿو ۽ منڇر جي ليول وڌي ٿي ۽ اهو پاڻي درياهه ۾ ڇوڙ نه ڪري سگهجي ته منڇر جو بند ٽٽي سگهي ٿو، جنهن ڪري ڀر وارا علائقا ٻڏي سگهن ٿا.
چوندا آهن ته مارڻ واري کان بچائڻ وارو وڌيڪ طاقتور آهي. جيڪڏهن هو ٻاجهه ڪري ته سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي سگهي ٿو، ائين به ٿي سگهي ٿو ته منڇر جي ليول ايتري نه چڙهي ۽ درياهه تڪڙو لهي وڃي ۽ منڇر جو پاڻي درياهه ۾ ڇوڙ ڪري سگهي.
جي ليلائي نه لهين ته پڻ ليلائيج،
آسرو نه لاهيج سڄڻ ٻاجهارو گهڻو!
(شاهه)